جواب: محترم اعجاز مهر جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔
صدر مشرف جي سياسي اڪيلائي ۽ مخدوم صاحب!
اڱارو 12 آگسٽ 2008ع
صدر جنرل (ر) پرويز مشرف جي مواخذي جون تياريون آخري مرحلي ۾آهن، پر هن اڃا استعيفيٰ ناهي ڏني ۽ اڃا به هو وسوسي ۾ آهي ته شايد سندس بچاءُ ٿي وڃي. هاڻي ته ڀڳت ڪنور به ڪونهي جو سندس لاءِ ڳائي ها ته، ”نالي الک جي ٻيڙو تار منهنجو“ اخباري اطلاعن موجب هن 3 دفعا صدر بش کي فون ڪئي، پر هن سندس فون نه ٻڌي ۽ مصروفيت جو بهانو ڪري ساڻس ڪو نه ڳالهايو ۽ نه ئي کيس ڪال بيڪ ڪئي آهي. آمريڪي سفير اين پيٽرسن جيڪا واشنگٽن هئي، تنهن موٽڻ سان ساڻس ملاقات ڪئي آهي ۽ کيس ”ڀيڻ“ جي حيثيت ۾ اطلاعن مطابق مشورو ڏنو آهي ته ادا هاڻي خدا حافظ، پر تڏهن به هو مواخذي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته تازو وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني جڏهن آمريڪا ويو ته هن آمريڪي انتظاميا سان کلي طرح ڳالهايو ته سندن حڪومت کي بدنام ڪرڻ ۽ ان کي ناڪام ڪرڻ لاءِ ايوانِ صدر سازشون ڪري رهيو آهي، پاڪستان ۾ جمهوريت جي مضبوطي ۽ پارلياماني بالادستي لاءِ ضروري آهي ته ”آر يا پار“ ڪرڻ گهرجي.
ظاهر آهي ته حڪومت وارا ٻار ته آهن ڪو نه، ان لاءِ هنن مڪمل هوم ورڪ ڪري آمريڪا ۽ آرمي جو موڊ ڏسي ڪري الله توهار ڪئي آهي. ٻه مهينا اڳ جڏهن پنجاب هائوس ۾ ميان نواز شريف ۽ آصف علي زرداري جي ملاقات ٿي هئي ته کانئس اهو سوال ڪيو ويو هو ته صدر مشرف جو مواخذو ڪڏهن ٿا ڪريو ته ميان صاحب کلي چيو هو ته ”مان ته چاهيان ٿو ته اڄ ئي ٿئي، پر آصف علي زرداري چوي ٿو ته ڪجهه وقت ترسو ۽ وقت جو انتظار ڪريو“ ظاهر آهي ته اهو وقت اچي ويو آهي ۽ 90 سيڪڙو امڪان آهي ته صدر جو تقريبن 9 سالن وارو دور پڄاڻي تي پهچڻ وارو آهي ۽ هن جي اها حسرت ئي رهندي ته هو ماڊرن جنرل هوندي به هڪ قدامت پسند جنرل جي 11 سالن واري اقتدار واري مدت جو رڪارڊ ٽوڙي نه سگهيو. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته صدر مشرف آمريڪي سفير کي چيو آهي ته ڪجهه هفتا معاملي کي ٽاريو ۽ هو هوا ختم ٿيڻ بعد پاڻ ئي استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندو ۽ موجوده حالتن ۾ استعيفيٰ ڏيڻ هڪ ڪمانڊو صدر جي لاءِ ٺيڪ نه آهي. آمريڪي سفير کيس ڪا خاطري ته ناهي ڪرائي، پر مڙئي آسرو ڏنو آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو هن ڪالهه رات هي سٽون لکجڻ تائين استعيفيٰ نه ڏني هئي. صدر صاحب سان هن مشڪل وقت ۾ حقيقي طور تي مسلم ليگ (ق) وارا گڏ ناهن، ايم ڪيو ايم وارا ته دلي طرح گڏ اٿس ۽ شاباس هجي هالا جي پير سائين مخدوم امين فهيم جن کي، جنهن پنهنجي دوستي جو فرض نڀائيندي سندس ساٿ ڏنو آهي. هو هڪڙي فون ڪال تي اسلام آباد پهتا ۽ ٻه ٽي ڏينهن روزانو ٽي وي چئنلز تي باهه ٻاري ڏني ته، ”ملڪ کي خطرو آهي، صدر جو مواخذو غلط آهي، مان صدر جي خلاف ووٽ نه ڏيندس“ وغيره وغيره. مخدوم صاحب سان جيڪو ٿيو، اهو بحث جوڳو معاملو آهي ۽ مان سندس حق ۾ راءِ رکان ٿو، پر هي موقعو نه هو جنهن تي هو ذاتي انتقام خاطر صدر مشرف جو حامي ٿي پيو. جڏهن پوري ملڪ ۾ اتفاق راءِ آهي ته صدر مشرف جو مواخذو ٿيڻ گهرجي ۽ خاص ڪري جڏهن آمريڪي صحافي آمريڪا جي نيشنل سيڪيورٽي ايجنسي جي اها ٽيپ سامهون آندي، جنهن ۾ صدر پرويز مشرف ۽ محترمه جي ڳالهه ٻولهه رڪارڊ ٿيل هئي، جنهن ۾ صدر مشرف محترمه کيس چيو ته اوهان جي سيڪيورٽي مون سان سياسي تعلقات تي منحصر هوندي، ان وقت ۾ مخدوم صاحب صدر مشرف جي حمايت ڪئي. صدر مشرف جو محترمه کي اهو چوڻ ته ”اوهان جي سيڪيورٽي جو دارومدار مون سان سياسي تعلقات تي آهي“ بقول پيپلز پارٽي وارن جي ته اهو قتل جي اقرار برابر آهي ۽ اهڙي موقعي تي پنهنجي شهيد ليڊر جي پارٽي بدران مخدوم صاحب پاران صدر مشرف جو ساٿ ڏيڻ عجيب ٿو لڳي. مسلم ليگ (ق) وارا ته صدر صاحب چون ٿا ته مواخذي جو مقابلو ڪري ۽ ميدان نه ڇڏي. مون مسلم ليگ (ق) جي هڪ سينيئر اڳواڻ کي فون ڪيو ۽ چيو ته اوهين صدر کي مقابلي جي صلاح ڏئي ساڻس دشمني ٿا ڪريو، يا مڪمل پڪ پڪاڻي ٿا ڪريو ته وڃي ته ائين وڃي جو مسلم ليگ (ق) جي قيادت سنڀالڻ جهڙو ئي نه رهي. ڪجهه ڏينهن کان صدر پرويز مشرف مسلم ليگ (ق) جي قيادت تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪامياب نه ٿي سگهيو. چوڌري برادران ٺهيل ٺڪيل پارٽي سندس حوالي ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيا ۽ اتان ئي خرابيءَ جي شروعات ٿي. صدر جي کليل حمايت ايم ڪيو ايم وارا ڪري رهيا هئا، پر ٻن ڏينهن کان هنن به پنهنجي موقف ۾ تبديلي آندي آهي. هنن کي خبر آهي ته جيڪڏهن هو صدر جو ساٿ ڏين ٿا ته کين گورنري، ناظمي ۽ سنڌ حڪومت ۾ حصيداريءَ جي قرباني ڏيڻي پوندي ۽ هنن کان 1994ع وارو زمانو اڃا وسريو ناهي.
صورتحال کي ڏسجي ٿو ته ائين پيو لڳي ته حڪومت وٽ صدر جو مواخذو ڪرڻ لاءِ گهربل انگ کان وڌيڪ ميمبر موجود آهن. مواخذي جي تحريڪ ڪامياب ٿي ويندي، اهڙي صورت ۾ ايم ڪيو ايم ووٽ نه به ڏنو ته به تحريڪ ڪامياب ٿيندي ۽ هو سڀ ڪجهه وڃائي ويهندا. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته مسلم ليگ (ق) کان وڌيڪ ايم ڪيو ايم پريشان آهي ۽ الطاف حسين واحد ليڊر آهي، جنهن جي صلاح تي صدر استعيفيٰ ڏئي هنن کي بچائي سگهي ٿو. صدر مشرف کي هاڻي اهو احساس شدت سان ٿي رهيو آهي ته شوڪت عزيز سيزن ڪمائي ٻاهر هليو ويو ۽ پنهنجي بئنڪ کولي رهيو آهي، چوڌري شجاعت حسين کي وزير اعظم بنايو، ظفرالله خان جمالي کي به وزير اعظم بڻايو، پر مشڪل وقت ۾ سڀ کيس ڇڏي ويا آهن. ٻيو ته ٺهيو شيخ رشيد جهڙو ماڻهو به کيس چوي پيو ته، استعيفيٰ ڏيو، جو نه آمريڪا اوهان سان گڏآهي، نه آرمي. پوءِ به صدر صاحب بلڪل ائين غيبي مدد جو انتظار پيو ڪري، جيئن بنگلاديش ۾ 71ع جي جنگ وقت پاڪستان فوج ڪري رهي هئي. هنن کي نه اهو آسرو هو ته آمريڪا جو ستون ٻيڙو رستي ۾ آهي ۽ اجهو آيو، پر ان آسري ۾ ملڪ ٽٽي ويو. جن ماڻهن جي اڪثريت ڪالهه صدر مشرف سان گڏ هئا، اڄ اهي ڳوليا نٿا لڀن. شايد تڏهن ئي چوندا آهن ته ”سياست جي سيني ۾دل ناهي هوندي“ وڏن قبيلن جا پاڻ کي سردار سڏائڻ وارا وزير، مشير ۽ ناظم انهن مان ڪو هڪ ڄڻو به صدر جي حق ۾ بيان ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. ڪالهه تائين صدر جي اشاري تي ڪالا باغ ڊيم جي حق ۾ مظاهرا ڪرڻ وارا وڏيرا، جيڪي سنڌ جي عوام کان به نه ڊڄندا هئا، اڄ اهي به هن کان پري آهن. ڪالهه صدر صاحب جي سالگرهه هئي ۽ هو هاڻي 65 سالن جو ٿي ويو آهي. هن سالگرهه به ڪو نه ملهائي، نه ئي کيس ڪنهن ڪو تحفو ڏنو. پاڪستان ۾ هي تاريخي لمحا آهن، انهن لمحن ۾ جيڪڏهن ڪنهن سياسي پارٽي، سياسي گروهه يا ڪنهن فرد ان مواخذي جي مخالفت ڪئي ته مورخ انهن جي ڪردار کي به تاريخ ۾ جمهوريت دشمن طور تي رقم ڪري ڇڏيندو. بظاهر ڊيموڪريسي ۽ ڊڪٽيٽرشپ جي هن لڙائي ۾ پهريون ڀيرو ڊيموڪريسي جي جيت نظر اچي رهي آهي. ان جا سبب کڻي ڪهڙا به هجن، پر ان جو ڪريڊٽ محترمه بينظير ڀٽو ڏانهن به وڃي ٿو، جنهن هن ملڪ ۾ جمهوريت جي مضبوطي لاءِ پنهنجي والد، ٻن ڀائرن ۽ پنهنجي جان قربان ڪري ڇڏي. اڄ جڏهن آمريت جي جهولي ۾ پليل پريشان آهن، ته انهن لاءِ به اهو پيغام آهي ته هو پنهنجي ڪردار تي نظرثاني ڪن.
ahmahar@yahoo.com