محترم ذوالفقار قادري جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

'سنڌي ادب' فورم ۾ عبدالوهاب طرفان آندل موضوعَ ‏7 آگسٽ 2010۔

  1. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ڀٽو ڪنهن لاءِ قربان ٿيو؟



    خميس 5 جنوري 2006ع

    سنڌ هونئن ته هن ملڪ جي قيام لاءِ ڪئين قربانيون ڏنيون آهن. تحريڪ پاڪستان هجي يا قرارداد پاڪستان، ملڪ ٺهڻ بعد سرڪاري ملازمن لاءِ آفيسن، ٽيبلن، ڪرسين کان ويندي پگهارن تائين جو بار به سنڌ ئي پئي سٺو آهي، پر سنڌ پاڪستان کي پنهنجي مٽيءَ مان ڪئين املهه ماڻڪ به پيدا ڪري ڏيندي رهي آهي. سنڌ، ملڪ کي محمد علي جناح ڏنو. اهو جناح جيڪو 14 آگسٽ 1947ع تي ڪراچي جي ماڙي پور اڏي تي لٿو، ته لکين ماڻهو سندس جهاز کي وڪوڙي ويا. پر وقت جي ستم ظريفي، جو اهو ئي جناح جڏهن هڪ سال بعد بيماريءَ جي حالت ۾ زيارت کان ماڙي پور پهتو، ته هوائي اڏو سنسان لڳو پيو هو. کيس هڪ پراڻي ايمبولينس ۾ نيو پئي ويو، جيڪا به اڳتي هلي پئٽرول ختم ٿيڻ سبب هڪ ويراني ۾ بيهي رهي. ڪافي دير کان پوءِ ملڪ جي بانيءَ کي گهر پهچايو ويو ۽ ان ئي رات هن سان زندگي به بيوفائي ڪري وئي .

    دنيا جي قديم تهذيبن جي مرڪز موهن جي دڙي جي مٽيءَ کان ڪجهه ڪوهن تي، سنڌو درياهه جي ساڄي ڪپ تي آباد زمينن جي مالڪ ڀٽوز نوابن مان شاهنواز خان جي گهر جنم وٺندڙ ذوالفقار جي ذهانت ۽ حاضر جوابي ته هندستان جي برطانوي گورنر ايڊن برو کي به حيران ڪري ڇڏيو هو، جڏهن هو سندس پيءُ جي دعوت تي سندن گهر آيو هو. ذلفي جي وڏي ڀاءُ گورنر جي تعريف ڪندي چيو ته، اوهان ڏاڍا خوبصورت لڳي رهيا آهيو. تنهن تي ستن سالن جي ذلفيءَ چئي ڏنو هو، ته ”ڇو نه خوبصورت لڳندا، ڪروڙين غريب هندستانين جو خون جو پيئن ٿا“. ذوالفقار علي ڀٽو نه صرف ذهين هو، پر حَسين به هو. بمبئي کان برڪلي تائين ڪئين اکيون زلفي ڀٽو جي ديدار لاءِ آتيون هونديون هيون. هو گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هو. جتي هو پاڻ عاشق هو، اتي گهڻن جو معشوق به هو. هو عشق ۾ پاڻ رنو به، ته گهڻن کي وري رئاريائين به. سندس ننڍپڻ جي دوست پيلو مودي چواڻي ته زندگيءَ جي پهرئين عشق ۾ جيڪو هن بمبئي جي اسڪول ۾ پڙهڻ دوران پنهنجي هم ڪلاسي حسينه سان ڪيو هو، تنهن جي وڇوڙي ۽ يادگيري ۾ ڀٽي جي اکين ۾ مون ڪئين دفعا لڙڪ ڏٺا. ڀٽو ته ان وقت به لاهور ۾ رنو هو، جڏهن 1965ع واري کٽيل جنگ تاشقند جي ٽيبل تي هارائي وئي هئي. لاهورين ڀٽي جي لڙڪن هاڻو اهو رومال ڏهين هزارين ۾ هٿو هٿ ورتو هو. سياست ۾ نيپولين کان متاثر ذوالفقار علي ڀٽو هميشه مهم جُو رهيو. پيرس جي ان رات کي اها عرب به شهزادي ڪڏهن نه وساري سگهي، جنهن رات هوءَ لکين ڊالرن جو قيمتي هار پايو ڀٽي سان رات جي مانيءَ تي گڏ هئي ۽ ڀوڳن ئي ڀوڳن ۾ زلفيءَ کي چيو هيائين ته، ”جيڪڏهن تون پاڪستان جو صدر ٿي وئين، ته مان هيرن جو هيءُ قيمتي هار توکي ڏئي ڇڏينديس“- ۽ جڏهن 1972ع ۾ پاڪستان جي صدر ٿيڻ بعد پهريون دورو ڀٽي ساڳئي عرب ملڪ جو ڪيو، ته شاهي محل ۾ اها شهزادي هار کنيو ڀٽي جي منتظر هئي. پر ڀٽي کانئس اهو هار نه ورتو. کيس فقط ايترو چيائين، ”توکي خبر آهي، ته مان ڪهڙي مٽيءَ جي خمير مان ٺهيل آهيان.“ ڀٽي ته ان آمريڪي صدر کي به حيران ڪري ڇڏيو هو، جنهن سندس ذهانت جي تعريف ڪندي، کيس چيو هو ته”مسٽر ڀٽو! جي تون آمريڪي هجين ها، ته يقينن منهنجي ڪابينا ۾ هجين ها.“ ذوالفقار علي ڀٽي کيس ورندي ڏيندي چيو هو ته، ”مسٽر پريزيڊنٽ! جي آئون آمريڪن هجان ها، ته توهان بجاءِ آمريڪا جو صدر مان هجان ها“. پر ڀٽي پاڪستان جو اعليٰ اقتدار قبولي، پنهنجي لاءِ مشڪلاتن جون راهون کولي ڇڏيون. تاريخ جي شاگردن کان اڄ به اهي ڏينهن ڪو نه وسريا آهن، جڏهن ڍاڪا، چٽاگانگ، جيسور، راجشاهيءَ تي ڀارتي ٽينڪن چڙهائي ڪري مشرقي پاڪستان ۾ موجود ٽيانوي هزار ملڪي فوجين کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو الٽيميٽم ڏنو هو ۽ هٿياربند فوج جي تڏهوڪي ايسٽرن ڪمانڊر ميانوالي واسي ليفٽيننٽ جنرل امير عبدالله نيازي اٺيتاليهن ڪلاڪن اندر جنرل جگجيت سنگهه اروڙا آڏو هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا هئا. ۽ پوءِ هندستاني ٽينڪن جا رخ لاهور، قصور، سيالڪوٽ، گجرات ۽ گجرانوالا طرف هئا. هٿياربند فوج جي جونيئر آفيسر پنهنجي اعليٰ عملدارن کي سخت جملا چيا. پشاور ۾ ته ماڻهن جنرل يحيٰ خان جي گهر کي باهه ڏئي ڇڏي. ملڪ ٽٽي ٻه اڌ ٿي چڪو هو.

    بلوچ، پختون ۽ سنڌي اڳ ئي ڪاوڙيل هئا، پر اهو ڀٽو هو، جنهن 20 ڊسمبر 1971ع تي اقتدار سنڀاليندي ئي هندستان کي چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن مغربي محاذ تي جنگ ڇيڙي وئي، ته اسان آخري گولي ۽ آخري شخص تائين ويڙهاند جاري رکنداسين. اڄ ڀٽي تي ملڪ ٽوڙڻ جو الزام هڻندڙ فردن ڪڏهن اهو سوچيو آهي، ته پنجاب ۽ فوج کي مضبوط ڪرڻ وارو شخص ذوالفقار علي ڀٽو ئي هو.1970ع واريون چونڊون ته ڇهن نڪتن جي بنياد تي مجيب الرحمان جي عوامي ليگ ئي کٽي آئي هئي. جنهن الڳ ڪرنسي ۽ دفاع تائين جون ڳالهيون به ڪيون هيون. ذوالفقار علي ڀٽي ته ملڪ کي گڏائي هلائڻ خاطر سڀ ڪجهه سَٺو. ذوالفقار علي ڀٽي هن ملڪ جي نان سول قوتن لاءِ ڇا نه ڪيو. هو شمله ۾ عاليشان بسترو ڇڏي، هيٺ فرش تي سمهي رهيو. اندرا گانڌيءَ جي پڇڻ تي کيس چيائين، ”مان ڪيئن مٿي سمهان. هن سر زمين تي اڄ منهنجا هزارين جنگي قيدي سپاهي فرش تي ستل آهن“. صلي طور کيس جنرل ضياءَ ۽ سندس ساٿين ڪئين مهينا جيل جي ڦاهي گهاٽ واري کوليءَ ۾ فرش تي سمهاريو.

    ڀٽي جڏهن پاڪستان کي ايٽمي طاقت پئي بڻايو، تڏهن ان وقت ايٽمي توانائي ڪميشن جي لاهوري چيئرمين ان منصوبي جي مخالفت پئي ڪئي. پر ڀٽي ڪوششون وٺي، ڊاڪٽر قدير کي آڻي، اهو ادارو قائم ڪرايو. فوجي حوالي سان اهم ٽينڪن توبن ۽ وڏن هٿيارن جي تياريءَ لاءِ هٿياربند فوج کي دفاعي حوالي سان مضبوط ڪرڻ لاءِ هيوي ريبلڊ ميڪنائيز ڪمپليڪس ٽيڪسلا، جنگي جهازن لاءِ ايئروناٽيڪل ڪمپليڪس ڪامره، ميزائل ٽيڪنالاجي لاءِ چين، فرانس ۽ ٻين ملڪن سان معاهده به ڀٽي ئي ڪيا. جنگي قيدي ۽ والاريل علائقا به هندستان کان سندس ئي ڪوششن سان واپس ٿيا. شيخ مجيب الرحمان جڏهن ضد ڪري بيهي رهيو، ته مشرقي پاڪستان مان گرفتار ٿيل ڍول سپاهين تي بنگال اندر قتل عام، عورتن سان ڏاڍائي ۽ ڦرلٽ وارن الزامن هيٺ ڪيس هلايو وڃي، تڏهن اهو ڀٽو هو، جنهن مجيب کي مڃرايو ۽ سمورا فوجي آفيسر بنا ڪنهن ڪيس هلڻ جي واپس وطن وريا. پنجاب کي سرسبز رکڻ لاءِ چشما ۽ جهلم لنڪ ڪئنالن جي توسيع جا منصوبا به سندس ئي جوڙيل هئا. اهو ذوالفقار علي ڀٽو ئي هو، جنهن”لاهورين“ جو مان مٿانهون ڪرڻ لاءِ شاهه فيصل کان وٺي عرفات تائين، قذافي کان ويندي بومدين تائين جا عالمي اڳواڻ لاهور ۾ گڏ ڪيا. دنيا جي اسلامي ملڪن جو سربراهه ٿيندڙ ڀٽو فقط ٽن سالن بعد انهيءَ شهر لاهور ۾ جوابدار بڻيو. ڪوٽ لکپت جيل جي بيرڪ ۾ واڙيو ويو. عالم اسلام جي سربراهيءَ واري ڪرسيءَ تي ويهندڙ ڀٽي کان لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ اهو ڏينهن ڪيئن وسريو هوندو، جڏهن چيف جسٽس مولوي مشتاق پنهنجي چيمبر ۾ پيش ٿيڻ وقت لاهور جي ايس پي کي ته ڪرسيءَ تي ويهڻ ڏنو هو، پر جوابدار ڀٽي کان ڪرسي کسي ورتي هئي. دنيا جي مسلمانن پاران چونڊيل ذوالفقار علي ڀٽي کي ”نالي جو مسلمان هئڻ“ جا طعنا پئي ڏنا ويا. ذوالفقار علي ڀٽي ته1973ع جو آئين منظور ڪرائي قانوني طور پنجاب جي بالادستيءَ کي تسليم ڪرايو. آباديءَ جي بنياد تي نه صرف اسيمبليءَ اندر، پر ملڪي وسيلن جي ورڇ ۾ به وڏي صوبي کي وڌيڪ نوازيو ويو. اها ڳالهه ناهي ته ڪو ذوالفقار علي ڀٽي سنڌين جي خدمت نه ڪئي. وس آهر هن سنڌين لاءِ به گهڻو ڪجهه ڪيو. هن جي حڪمرانيءَ دوران پهريون ڀيرو سنڌي ايڏي تعداد ۾ اعليٰ وفاقي ۽ صوبائي نوڪرين ۾ داخل ٿيا. سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ کي اسلام آباد ۾ عزت ملي. مشرق وسطيٰ ۽ ٻين ملڪن ڏانهن سنڌين لاءِ روزگار جون راهون کليون. ڪراچيءَ ۾ سنڌين جي آباديءَ ۾ واڌارو آيو. ڀٽي جيڪو ٿورو گهڻو سنڌين کي ڏنو، تنهن جي موٽ ۾ سنڌي اڃا تائين سندس نالي سان نڀائيندا پيا اچن. پنجاب جي شهر راولپنڊيءَ واري ڊسٽرڪٽ جيل ۾ دال، ڀينڊيون ۽ مانيءَ تي گذارو ڪندڙ ڀٽي بابت سندس سيڪيورٽي انچارج ڪرنل رفيع جو اهو به چوڻ آهي ته ”ڀٽي جيل جي فرش تي ويهي سختين کي سٺو، پر مون کيس ڪڏهن ٽٽندي نه ڏٺو“. نيويارڪ، لنڊن ۽ پيرس جي پرفيوم ۽ آفٽر شيوِلوشن هڻندڙ ڀٽي آخري ڏينهن ۾ وڏا وار رکي ڇڏيا هئا ۽ صوفين وانگر رهڻ لڳو هيو. اڄ سندس سالگرهه جي موقعي تي صرف ايترو عرض آهي، ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن بينظير ڀٽو ۽ سندس پارٽيءَ کي هاڻ هن ملڪ اندر سياست ڪرڻ لاءِ اهڙيون پاليسيون ۽ پروگرام جوڙڻا پوندا، جن جي نتيجي ۾ وري ٻيو ڪو سنڌي اڳواڻ ڀٽي جيان قربانيءَ جو کاڄ نه بڻجي.

    zulfiqarqadri@hotmail.com
     
  2. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم ذوالفقار قادري جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    شهيد ڀٽو جي سياست ۽ اڄوڪي پيپلز پارٽي



    اڱارو 4 اپريل 2006ع

    اتر سنڌ جي روايتي نوابي گهر ۾ سر شاهنواز خان ڀٽي جي حويلي ۾ جنم وٺندڙ ذوالفقار علي ڀٽي ته ڇٺيءَ کان وٺي سونن چمچن ۾ سُتيون پيتيون، پر غريب ماءُ خورشيد جي هنج ۾ مليل لولين سبب زلفي ڀٽي کي جتي شاهي شان شوڪت پلئه پئي، اتي کيس غربت واري محرومي جي به پروڙ هئس. هونئن ته زلفي جي امڙ سر شاهنواز خان ڀٽي جي وني بڻجڻ بعد ڀٽو خاندان جي حويلين، المرتضيٰ هائوس، 70 ڪلفٽن ۽ بمبئي جي اعليٰ بنگلن کان علاوه جهونا ڳڙهه جي محلن ۾ به رهي، پر سنڌ جي روايتي ڀٽو جاگيردارن جي نظر ۾ خورشيد وري به ”ڌاري“ رهي. خورشيد، ڀٽوز جي جاگيردارانه روايتن جي پاسداري ڪندي ڳڙهي خدابخش، عزت جي وانڍ ۽ نئين ديري ۾ هميشه پاڻ ته برقعو پاتو، پر انهن روايتن کي برقرار رکندي هن پنهنجي پياري پٽ ذوالفقار جي پريم مان پرڻيل ايران ڄائي وني نصرت کي به برقعو پارايو. اهو ته ذوالفقار هو، جنهن پنهنجي ونيءَ کي هڪ ڏينهن لاڙڪاڻي ويندي چيو ته ”نصرت! عورت جو اصل حجاب سندس حياءُ هوندو آهي، توکي هاڻي مون سان گڏ برقعو پائڻ ضروري ناهي.“

    زلفي ڀٽو مزاج ۾ ڏاڍو حساس هو، هو ڪئين ڀيرا غريب ماڻهن سان گڏ رنو به ۽ ڪيترن کي روئاري به ڇڏيائين. ڀٽو جتي پاڻ حسين هو، اتي کيس حسن سان به لڳاءُ هو. بمبئي جي فلم نگري جا ڪئين پري چهرا سندس ديدار لاءِ آتا هوندا هئا. ڀٽو جتي لتا، آشا ڀوسلي، طلعت محمود، رفيع ۽ مهدي حسن کي ٻڌندو هو، اتي هو فقير عبدالغفور، ڍول فقير، مصري فقير جوڳي ۽ لاڙڪاڻي واري ديدار اسراڻ کان يڪتاري چپڙي تي ”سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو، سهندو ڪير ميار هو يار،“ ”منهنجي راڻل کي ڪو روح ۾ رحم پوي“ جهڙا قومي ۽ صوفياڻه راڳ ٻڌي جهومندو به هو. ذوالفقار علي ڀٽي جي دوستن جي حلقي ۾ جتي شاهه فيصل، فيڊل ڪاسترو، مائوزي تنگ، چو ان لائي، ياسر عرفات، قذافي ۽ شيخ زيد جهڙا دوست هوندا هئا، اتي لاڙڪاڻي جو الله لوڪ، گڏهه تي پنندڙ جمعو فقير حجم، خدمت معصومان وارو انور کوکر ۽ ٻيا به شامل هئا.

    سياست واري ميدان ۾ ڀٽي جي شخصيت تڪراري رهي، جنريلن سان گڏ ويهي اسڪندر مرزا جي اقتدار کان پنهنجي سياست جي شروعات ڪندڙ ذوالفقار علي ڀٽو اهو واحد فرد هو، جڏهن جنرل ايوب خان رات جي اونداهيءَ ۾ اسڪندر مرزا کي پسٽل جي زور تي گرفتار ڪرائي سندس اقتدار جو تاج لاهي ڦٽو ڪيو ته پختون خواهه پرڳڻي جي ”ريحانه“ ڳوٺ جي جنرل ايوب خان ڀٽي صاحب کي پنهنجي ٽيم ۾ شامل ڪري ڇڏيو. ڀٽو صاحب مهم جو به هو، چون ٿا ته 1965ع جي پاڪ ڀارت جنگ جو سبب بڻجندڙ ڪشميري ”آپريشن غرناط“ ۽ ”آپريشن جبرالٽر“ جو ماسٽر پلانر به ذوالفقار علي ڀٽو ئي هو، پر جڏهن حڪمرانن تاشقند واري ٽيبل تي سڀ ڪجهه هندستان حوالي ڪيو ته ڀٽي ۽ جنريلن جون واٽون الڳ ٿي ويون. ذوالفقار علي ڀٽي، پاڪستان جي اقتداري کيل ۽ کلاڙين سان گڏ رهي اهو سمجهي ورتو ته اصل نقص ڪٿي آهي، کيس پروڙ پئجي چڪي هئي ته ڪجهه جنريل، سرمائي دار ۽ جاگيردار هن ملڪ جي ڪروڙين ماڻهن کي يرغمال بڻايو ويٺا آهن. ذوالفقار علي ڀٽي کي سياست ۾ تاريخ جا شاگرد اڄ به ان لاءِ ياد رکيو پيا اچن ته پاڪستاني سياست ۾ ڀٽو اهو پهريون شخص هو، جنهن پنهنجي روايتي طبقي سان بغاوت ڪري پٺي ۽ پيرين اگهاڙي ماڻهن کي پنهنجا حق ڇني وٺڻ جي ترغيب ڏني، کين اهڙي فرسوده نظام خلاف بغاوت ڪرڻ تي آماده ڪري، نه فقط کين باغي بڻايو پر پيپلز پارٽي جهڙي پارٽي بڻائي کين هڪ جهنڊي هيٺ به گڏ ڪيو. ڀٽي لاءِ اهي ڏينهن ڏاڍا ڳرا هئا، جڏهن سندس ڏسڻا وائسڻا دوست به ڇڏي ويا. مير، پير، جاگيردار وڏيرا ته ڀٽي تي ٺٺوليون به ڪندا هئا ته ڀٽي ٽانگي ۽ گڏهه گاڏي وارن جي پارٽي جوڙي آهي، پر راتو رات ذوالفقار علي ڀٽو ۽ سندس پارٽي جڏهن ملڪ جا ”مقبول ۽ محبوب“ بڻجي ويا. تڏهن هن ملڪ جي ميرن، پيرن، جاگيردارن ۽ وڏيرن ڏٺو ته هاڻي ڀٽي ۽ سندس پارٽي تي قابو پائڻ سولو ڪم ڪونهي ته وڏا وڏا نواب ۽ پير به پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي سوشلسٽ بڻجي ويا.

    پيپلز پارٽي بنيادي طور اٽي، لٽي ۽ اجهي وارو پروگرام کڻي آئي ۽ اڳتي هلي ملٽي ڪلاس پارٽي بڻجي وئي. جاگيردارن ۽ غريب ورڪرن کي هڪ ئي وقت هلائڻ ائين هو جيئن شينهن ۽ ٻڪريءَ کي هڪ ئي گهاٽ تان پاڻي پيئارڻ ۽ اها ذوالفقار علي ڀٽي جي شخصيت ئي هئي، جنهن انهن سڀني کي هڪ ئي هنڌ هلايو پئي. جنريلن سان گڏ پنهنجي سياست جو آغاز ڪندڙ ڀٽو هاڻي سندن جي نفسيات کي سمجهي چڪو هو. ذوالفقار علي ڀٽي جي لائبريري جتي انيڪ موضوعن جي ڪتابن سان ڀريل هئي، اتي هو جنرل ڊيگال، نيپولين بوناپارٽ ۽ منٽگمري کان پڻ متاثر هو. هن جا اهي ڏينهن يادگار هئا، جڏهن جنرل کيس پرچائڻ لاءِ المرتضيٰ جا ڪشالا ڪڍندا هئا. جنرل يحيٰ کان جنرل ضياءَ تائين لاڙڪاڻي جا پنڌ نه ڪيا. ڀٽي هميشه ساڻن مهاڏا اٽڪايا. جنهن ڪري اهي ڀٽي کان خائف به هئا. چڱا ڀلا سندس آڏو ڳالهائي ڪو نه سگهندا هئا، ڇوته کين خبر هئي ته ڀٽي پٺيان پيپلز پارٽي جي صورت ۾ هن ملڪ جي ڪروڙين ماڻهن جي طاقت آهي، پر جڏهن پيپلز پارٽي تي ورڪرن بجاءِ وڏيرا قابض بڻجي ويا ته هنن پنهنجو پراڻو وير پاڙيندي ذوالفقار علي ڀٽي کي اقتدار اعليٰ تان هٽائي زندان ۾ وجهي ڇڏيو.

    جنرل ضياءَ پاران ذوالفقار علي ڀٽي جي حوصلي کي ٽوڙڻ لاءِ جيڪي اذيتون ڏنيون ويون، اهو ڀٽو ئي هو، جنهن انهن اذيتن کي ته سَٺو، پر حوصلو نه هاريو. ڀٽي کي هر آڇ ڪئي وئي، پر ڀٽو جيئن ته تاريخ جو شاگرد هو، ان ڪري هن تاريخ هٿان مرڻ بجاءِ جنرل ضياءَ هٿان موت قبوليو ۽ امر بڻجي ويو.

    اڄ ماڻهو وري به ڪنهن ذوالفقار علي ڀٽي جهڙي قيادت جا منتظر آهن. پيپلز پارٽي جي جلاوطن چيئرپرسن بينظير ڀٽو اڄ جڏهن پنهنجي شهيد والد جي شهادت جو ڏينهن جلاوطنيءَ ۾ ملهائيندي هوندي، ان وقت کيس اها گذارش ڪري سگهجي ٿي ته هنن مان اها توقع ڪرڻ ته اهي کيس گهرائي اقتدار سندس حوالي ڪندا، خام خيالي آهي. سندس پيءُ ۽ کيس به اقتدار تڏهن مليو هو، جڏهن هڪ ڀيرو 71ع ۾ ملڪ ٻه ٽڪر ٿي ويو ۽ جنريلن وٽ ڀٽي صاحب کي اقتدار ڏيڻ کان سواءِ ڪو چارو نه هو ۽ 1988ع ۾ به پ پ کي تڏهن وزارت عظميٰ ملي، جڏهن يارهن سالن تائين عوام آمريت جو زندان ڀوڳيو ۽ آمر هڪ هوائي حادثي جو شڪار ٿيو. عوام ۽ پ پ ورڪرن کي اميد آهي ته بينظير ڀٽو جدوجهد جو نعرو هڻي جلد ڏيهه پهچي پنهنجي والد جي ڏسيل واٽ تي هلندي.
    zulfiqarqadri@hotmail.com
     
  3. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم ذوالفقار قادري جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    ڇا پ پ ۽ بينظير تاريخ جي سڏ کي به ورنائيندا؟


    سومر 8 جنوري 2007ع

    هيءَ پارٽي ڪو واٽر ڪورس يا شاخ ناهي بلڪه هيءَ ته هڪ درياهه رهي آهي، جنهن مان رئيس غلام مصطفيٰ خان جتوئي، سردار ممتاز علي ڀٽي، نواب صادق حسين قريشي، ملڪ غلام مصطفيٰ کر، نواب احمد سلطان چانڊيو، نواب سيف الله مگسي جهڙا نواب ۽ سردار ته وري مخدوم طالب الموليٰ، پير غلام رسول شاهه جيلاني، پير عبدالقادر شاهه جيلاني جهڙا گادي ڌڻي، مولانا ڪوثر نيازي، مولانا احتشام الحق ٿانوي جهڙا مذهبي اڳواڻ ته طارق عزيز ۽ محمد علي جهڙا اداڪار به سيراب ٿيندا رهيا. پاڪستاني سياست جي ڪهڙي سياستدان، نواب يا سردار هن پارٽيءَ جي ٻيڙيءَ ۾ سواري ناهي ڪئي. خان آف قلات مير احمد يار خان، چيف آف ساراوان غوث بخش رئيساڻي، چيف آف جهالاوان سردار دودا خان، ڄام يوسف جي والد بزرگوار ڄام مير غلام قادر، آفتاب شير پائو ۽ سندس ڀاءُ حيات محمد خان شير پائو کان ويندي کيتلاريءَ جي اربابن کان ويندي گجرات جي چوڌري شجاعت جي مرحوم پيءُ ظهور الاهيءَ تائين، پ پ جي ان ٻيڙيءَ جا مسافر رهيا.

    ملڪ ٺهڻ کان پوءِ قائد اعظم محمد علي جناح جي راهه رباني وٺڻ بعد مسلم ليگ جڏهن اصل حاڪمن ۽ جاگيردارن جي جماعت بڻجي وئي ته ملڪ جي عام مظلوم ماڻهن وٽ آواز بلند ڪرڻ لاءِ ڪو موثر سياسي فورم نه رهيو هو. اهڙي وقت ۾ اتر سنڌ جي هڪ روايتي جاگيردار گهراڻي ۾ جنم وٺندڙ ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي روايتي جاگيردار طبقي خلاف بغاوت ڪندي، ملڪ جي مسڪين ماڻهن جي ڏکن جي علاج لاءِ آواز بلند ڪيو. ذوالفقار علي ڀٽي محل ۾ جنم ورتو هو، سونن چمچن ۾ سُتيون پيتيون هئائين. هو بمبئي جي گرامر اسڪولن کان ويندي آڪسفورڊ، برڪلي، ڪيليفورنيا تائين دنيا جي وڏين درسگاهن ۾ پڙهيو هو ۽ علم، ادب، سياست، قانون ۽ فلسفي جي ڪيئي ڪتابن جو ورد ڪيو هئائين. سياست ۾ اسڪندر مرزا، ايوب خان، نواب امير محمد خان آف ڪالاباغ جهڙن ماڻهن سان ڪم ڪيو هئائين. کيس پروڙ پئجي چڪي هئي ته طاقتور ڌريون ۽ جاگيردار محض ڏنڊي جي زور تي ملڪي تخت تي قابض آهن. اصل طاقت ته هن ملڪ جا مسڪين ۽ غريب ماڻهو آهن، جيڪي هن طبقاتي ناهمواريءَ واري نظام خلاف اندر ۾ پچي رهيا آهن. هونئن ته ملڪي سياسي وايو منڊل ۾ ڀٽي کان به سينئر سياستدان ويٺا هئا، پر ذوالفقار علي ڀٽي هڪ نبض شناس جيان عوام جي ڏکندڙ رڳ تي هٿ رکندي، سندن درد جي مداوي لاءِ اٽي، لٽي ۽ اجهي جي نعري هيٺ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي نالي ۾ هڪ پارٽيءَ جو بنياد وڌو. ان کان اڳ سندس پيءُ سر شاهنواز ڀٽو به پيپلز پارٽي جي نالي سان جماعت جوڙي چڪو هو، پر جيڪا مڃتا ذوالفقار علي ڀٽي واري پيپلز پارٽي کي ملي، اها سندس والد جي جوڙيل پارٽيءَ کي نصيب نه ٿي هئي. پ پ جي شروعاتي ڏينهن ۾ جي اي رحيم،خورشيد حسن مير، معراج محمد خان، شيخ رشيد جهڙا کاٻيءَ ڌر واري سوچ رکندڙ ماڻهو ئي ان جي ڪل ميراث هئا. ڀٽي جا پنهنجا سنگتي ساٿي مٿس ٽوڪون ڪندا هئا، پر جلد ئي پ پ ذوالفقار علي ڀٽي جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ طوفان جيان سياسي وايو منڊل تي ڇانئجي وئي. ڀٽو هن ملڪ جي مسڪين ماڻهن جو هر دلعزيز اڳواڻ ٿي اڀريو. پوءِ ته جيڪي وڏا ماڻهو ڀٽي تي ٽوڪون ڪندا هئا، سي به پ پ ۾ شموليت لاءِ لائين ۾ اچي بيٺا. ڏسندي ئي ڏسندي چڱا ڀلا نواب، سردار ۽ جاگيردار پ پ ۾ شامل ٿي سوشلسٽ بڻجي ويا.

    ڀٽي پنهنجي پارٽيءَ جو آغاز هيٺئين ڪلاس سان گڏجي ڪيو هو، پر پوءِ جلد ئي پ پ ملٽي ڪلاس پارٽي بڻجي وئي. پارٽيءَ ۾ جتي وڏا ماڻهو هئا، اتي غريب ورڪر به هئا. اها ذوالفقار علي ڀٽي جي طلسماتي شخصيت ئي هئي، جنهن هڪ مياڻ ۾ ٻن تلوارن جيان وڏيرا به پئي رکيا ته غريب ورڪر به. ذوالفقار علي ڀٽي جي اها جستجو ئي هئي، جو پيپلز پارٽي اڄ ايشيا جي وڏين پارٽين ۾ شمار ٿئي ٿي. پر بدقسمتيءَ سان پنهنجي قيام جي چئن سالن اندر پاڪستان جو اقتدار ملڻ سبب پ پ کي انيڪ بيروني ۽ اندروني دٻائن کي منهن ڏيڻو پيو. اقتدار ملڻ بعد ڀٽي جلد ئي عالمي معاملن کي ڏيڻ شروع ڪيو ۽ هو هڪ غير جانبدار مسلم بلاڪ ٺاهڻ وارين ڪوششن ۾ لڳي ويو. نتيجي ۾ پارٽي معاملن تان سندس ڌيان هٽي ويو. هوريان هوريان پارٽيءَ جا اصل وارث وڏيرا ٿيندا ويا، جن پارٽيءَ جا مک مورچا پنهنجي قبضي هيٺ آڻي ڇڏيا. پاڪستان جي سياسي تاريخ ۽ ذوالفقار علي ڀٽي جي سياسي سفر تي نظر وجهبي ته ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومتي ۽ سياسي وهنوار ۾ آمد اسڪندر مرزا جي وقت ۾ ذهانت جي آڌار تي ورديءَ وارن ۽ اسٽيبلشمينٽ سان ويجهڙائيءَ سبب ٿي، پر جڏهن ڀٽي انهن کي سڃاڻي ورتو ته هو انهن جو مخالف ٿي بيٺو. ملڪي تاريخ ۾ جيترا جنرل ۽ بيورو ڪريٽ راتو واهه ڀٽي گهر ڀيڙا ڪيا، اهو هڪ رڪارڊ آهي. انهيءَ ڪري پ پ ڪڏهن به اسٽيبلشمينٽ جي پسنديده پارٽي نه رهي آهي، پر پ پ کي انهن مجبوريءَ ۾ قبول ڪيو آهي.

    ذوالفقار علي ڀٽي طاقتور هٿن ۽ جاگيردارن خلاف عوام کي سجاڳ ڪرڻ جو ڪم ڪيو، ته ان جو پلئه ڀٽي کي ڦاهيءَ تي چاڙهي ورتو ويو. ڏکڻ ايشيا جي تاريخ ۾ پيپلز پارٽي مسلسل آمريت خلاف جدوجهد ڪندي رهي آهي. ذوالفقار علي ڀٽي جي ڦاسيءَ بعد پ پ جا ڪئين ورڪر ماريا ويا. هزارين ورڪرن جيل جون صعوبتون برداشت ڪيون. ڀٽي کي ڦاسيءَ چاڙهڻ بعد اسٽيبلشمينٽ جو خيال هو ته پ پ وٽ هاڻ اها سحر انگيز شخصيت ئي نه رهي آهي، تنهنڪري اها جلد پنهنجو نالو نشان وڃائي ويهندي. اهڙي وقت ۾ جڏهن بينظير ڀٽو صاحبه جي عمر اڃا پڙهڻ ۽ سهيلين سان گهمڻ ڦرڻ واري هئي، تڏهن مٿس پيءُ جي سياسي ورثي ۽ پارٽيءَ کي سنڀالڻ جا بار پئجي ويا. هڪ طرف سندس پيءُ کي ڦاسي ملي هئي، ته ٻئي طرف بيمار ماءُ ۽ جلاوطن ڀائر، سڀ کان وڏي ڳالهه ته پ پ جهڙي ڇپ جهڙي پارٽي سنڀالڻي پئي هيس. بينظير کي حادثاتي طور اهي سڀ شيون سنڀالڻيون پيون. مارشل لا جي سختين، جيلن ۽ نظربندين باوجود بينظير عوام سان گڏ رهي. ماڻهن به سندس ساٿ نه ڇڏيو. جيئن ڀٽي کي ڏکئي وقت ۾ چڱا ڀلا طاقتور ماڻهو ڇڏي ويا ۽ ورڪر ساڻس گڏ بيٺا رهيا، ايئن ئي بينظير جي طاقت به اهي پيرن ۽ پٺيءَ اگهاڙا ڪارڪن ئي بڻيا. اها ذوالفقار علي ڀٽي جي قرباني، بينظير جي ثابت قدمي ۽ عوام جو اعتماد ئي هو، جو ضياءَ جي مرڻ بعد پهريون چونڊون ٿيون ته عوام پير صاحب پاڳاري، رئيس غلام مصطفيٰ جتوئي، محمد خان جوڻيجي، نواب احمد سلطان چانڊئي، غلام محمد مهر، عبدالمجيد خان جتوئيءَ جهڙن وڏن نالن جي مقابلي ۾ پ پ جي عام اميدوارن کي ڪامياب ڪيو. سدائين ايئن ٿيندو آهي ته جڏهن پ پ کي اقتدار ملڻ جو آسرو هوندو آهي ته ڏکئي وقت ۾ پ پ کي ڇڏي ويندڙ وڏيرا ٻيهر اچي پ پ جو پاسو جهليندا آهن. بينظير هر دفعي اعلان ڪندي آهي ته ”لوٽا پارٽيءَ ۾ واپس نه کنيا ويندا“، پر پ پ ۾ ويٺل لوٽن جا ساٿاري هر دفعي بينظير کي مجبور ڪري، کين معافي ڏياري وٺندا آهن ۽ اهي ٻيهر پ پ ۾ شامل ٿي ويندا آهن. ان حساب سان اهڙن ماڻهن جون ٻارهوئي آڱريون گيهه ۾ آهن. ضياءَ جو دور هجي ته به انهن جا مزا، ڄام صادق جي ڏينهن ۾ به انهن جا جاوا، جنرل پرويز مشرف جي وقت ۾ به کين ئي سهولتون ۽ فائدا حاصل ۽ جيڪڏهن پ پ جي حڪومت اچي ته به ساڳيا ئي ماڻهو مسند نشين.

    اڄ جڏهن پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجي عمر جا اڻيتاليهه ورهيه پورا ڪري چاليهين سال ۾ داخل پئي ٿئي، تڏهن بينظير ڀٽو کي سوچڻو پوندو ته وقت ۽ تاريخ ڏاڍا بي رحم ٿين ٿا. پارٽيءَ جو باني ۽ سندس والد ڦاسيءَ چاڙهيو ويو، سندس ڀائر پراسرار طور قتل ٿي ويا، هزارين ماڻهن پ پ جي ڪري صعوبتون سٺيون، هوءَ پاڻ به گذريل ڪيترن سالن کان خود جلاوطنيءَ جا ڏينهن پئي گهاري. ان ڪري اڃا به وقت ناهي ويو. اڄ به تاريخ بينظير ۽ پ پ کي ڪنهن تاريخي ڪردار لاءِ سڏي رهي آهي. اڄ به پاڪستان جي سياست ڀٽو ۽ اينٽي ڀٽو عنصرن جي چوڌاري پئي ڦري. ماڻهو اڃا ٿڪا ناهن، پر اهي پ پ ۽ ان جي قيادت جي وقتائتي ڪردار جا منتظر آهن.

    zulfiqarqadri@hotmail.com
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم ذوالفقار قادري جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    نواز ليگ واري اي پي سي پ پ کي سڏرائڻ کپندي هئي؟



    خميس 25 جنوري 2007ع

    بيگم نصرت ڀٽو انهيءَ ڏينهن 70 ڪلفٽن واري گهر ۾ اوڇنگارون ڏئي رني هئي، جنهن ڏينهن ايشيا جي ماڊل ڊڪٽيٽر ۽ سندس ور جي قاتل جنرل ضياءَ جي آمريت خلاف ۽ ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت جي قيام لاءِ ملڪ جي ڏهن کان وڌيڪ سياسي جماعتن جا اڳواڻ هڪ نئين سياسي اتحاد ايم آر ڊي (جمهوريت جي بحاليءَ واري تحريڪ) لاءِ گڏ ٿيا هئا. انهيءَ ڊرائنگ روم واري ڪمري ۾ جتي ذلفي ڀٽي پنهنجي پياري وني نصرت کان وٺي غريب ڪارڪنن، وڏيرن، سردارن، غير ملڪي سفيرن کان ويندي شهنشاهن، بادشاهن، صدرن، وزير اعظمن سان ڪچهريون ڪيون هيون، پنهنجي شاديءَ جا ابتدائي يادگار ڏينهن گهاريا هئا، ان ئي ڪمري ۾ ان ڏينهن ٿيندڙ اجلاس ۾ اهڙيون جماعتون به شامل هيون، جيڪي ڀٽي جون سخت مخالف رهيون هيون. مولانا مفتي محمود مرحوم ذوالفقار علي ڀٽي خلاف مارچ 1977ع ۾ شروع ٿيندڙ نون ستارن واري پاڪستان قومي اتحاد جي سرواڻي ڪئي هئي. تحريڪ استقلال جي سربراهه ايئر مارشل اصغر خان ته اهو به مطالبو ڪيو هو ته ذوالفقار علي ڀٽي کي پاڪستان ۽ ڪشمير کي ملائيندڙ ڪوهالا پل تي ڦاهيءَ چاڙهيو وڃي. انهيءَ اجلاس ۾ اڳوڻي نئپ ۽ ان وقت جي اين ڊي پي به شامل هئي، جنهن جي سرواڻ سرحدي گانڌي خان عبدالغفار جي فرزند خان عبدالولي خان حيدرآباد سازش ڪيس واري ٽربيونل ٽٽڻ بعد آزادي ماڻي، اهو نعرو هنيو هو ته ”انتخاب کان اڳ احتساب“. ان بعد جنرل ضياءَ چونڊون ملتوي ڪري، ذوالفقار علي ڀٽي خلاف ڪيس قائم ڪيا هئا. ان ئي 5 فيبروري 1981ع تي پاڪستاني حڪمران ڪشميرين سان يڪجهتيءَ وارو ڏينهن پيا ملهائين، ته ٻئي طرف ڀٽي سان هٿ ملائڻ کي گناهه سمجهندڙ جماعتون ذلفيءَ جي خاص ڪمري ۾ ئي جمهوريت لاءِ گڏ ٿيل هيون. تاريخ جي انهيءَ جبر کي بيگم نصرت ڀٽو ڀنل اکين سان قبول ڪيو هو.

    بينظير جي دل ۽ دماغ انهن لمحن کي ڪيئن قبول ڪيو هوندو، جڏهن سندس پياري پيءُ کي ڦاهي گهاٽ پهچائيندڙ يا ان معاملي کي شهه ڏيندڙ جماعتن جا اڳواڻ اجلاس دوران انهن ئي پيالن ۽ ڪوپن ۾ ڪافيون پي رهيا هئا، جن ڪوپن ۽ پيالن ۾ ڪڏهن ذوالفقار علي ڀٽي چانهه جون چسڪيون ورتيون هيون. بينظير ايم آر ڊي ۽ جمهوريت لاءِ ٿيندڙ انهيءَ اجلاس ۾ اهڙيون تقريرون به برداشت ڪيون، جيڪي سندس پيءُ جي گهر ۾ پيءُ ئي خلاف هيون. بينظير کان پنهنجي پيءُ کان ڦاهي گهاٽ ۾ آخري ملاقات دوران هميشه لاءِ وڇوڙي وارو روئي موڪلائڻ وارو منظر ئي نه وسريو هو، ته مٿان ڀٽي جي موت تي مٺائي ورهائيندڙ ماڻهو سندس ئي گهر ۾ ڀٽي تي تنقيد ڪري رهيا هئا. اهو سڀ گرم خون واري بينظير لاءِ ناقابل برداشت هو، پر بينظير جي سياڻين سهيلين ياسمين، امينه ۽ سمعيه جي هوشياريءَ کي جس ڏجي يا سندن فهم فراست جي تعريف ڪجي، جن پنڪيءَ کي آٿت ڏيندي چيو هو ته ”ڏس بينظير! تاريخ ۾ مائوزي تنگ به چيانگ ڪائي شيڪ سان اتحاد ڪيو هو، جڏهن جاپانين چين تي حملو ڪيو هو. ڪالهه جيڪي ماڻهو ڀٽي جي چانئٺ تي اچڻ کي حرام سمجهندا هئا، اڄ اهي پاڻ انهيءَ در تي هلي آيا آهن، اها اوهان جي شڪست ناهي، پر اها تنهنجي پاپا جي نظرين، قربانيءَ ۽ حوصلي جي فتح آهي. تنهنجو پاپا هن ملڪ جي ماڻهن ۾ سجاڳي، آجپي ۽ آزاديءَ جو اهڃاڻ هو، جمهوريت جو سالار هو، اڄ توکي به رضيه سلطانه، چاند بيبي، جهانسيءَ جي راڻيءَ جيان ميدان ۾ لهڻو پوندو. هن ملڪ جي مسڪين ماڻهن جي سرواڻي ڪرڻي پوندي“. پوءِ نيٺ بيگم نصرت ڀٽو ۽ بينظير جي سرواڻيءَ ۽ ميزبانيءَ هيٺ ايم آر ڊي جهڙو اتحاد جڙيو. پاڪستان پيپلز پارٽي جي عوامي مقبوليت ۽ سگهه کي ٻين جماعتن به قبوليو.

    انهيءَ ايم آر ڊي دوران ضياءَ جي سخت ترين آمريتي ڏينهن ۾ اهي لمحا به آيا، جو بيگم نصرت ڀٽو کي اجلاسن ۾ به لڪي ڇپي، ريلن ۽ بسن ذريعي سفر ڪري شريڪ ٿيڻو پيو هو. خود بينظير کي جمهوريت لاءِ جڙيل انهيءَ اتحاد جي ڏوهه ۾ اهي ڏينهن به ڏسڻا پيا، جو روپوشيءَ دوران کيس پنجاب جي هڪ چوڌريءَ جي زمينن تي واقع هڪ بنگلي تي پارٽي اڳواڻن سميت پناهه وٺڻي پئي هئي ۽ رات جو اڍائي وڳي کيس گهر ڌڻي اچي چيو هو ته اوهان جي گرفتاريءَ لاءِ ڇاپو لڳڻ وارو آهي، مهرباني ڪري هتان هڪدم هليا وڃو. پوءِ جڏهن بينظير ڪراچيءَ مان ڊاڪٽر بيگم اشرف عباسيءَ جي بنگلي مان گرفتار ٿي سينٽرل جيل سکر پهتي، ته کيس جيل جي پاڻيءَ جهڙي دال تي به گذر ڪرڻو پيو. بينظير ته هن ملڪ ۾ جمهوري آزاديءَ خاطر جون، جولاءِ ۽ آگسٽ جي قيامت خيز گرميءَ وارا ڏينهن به سينٽرل جيل سکر جي کولين ۾ گذاريا، پر جمهوريت لاءِ جدوجهد کان منهن نه موڙيائين. مون کي ته اهي ڏينهن به ياد آهن، جڏهن بينظير 70 ڪلفٽن ۾ غازي صلاح الدين، لالا اسد شهيد ۽ اياز سومري واري باڊي جوڙڻ لاءِ سپاف جو اجلاس پئي ڪيو. اوچتو سپاف اڳواڻن جي گرفتاريءَ لاءِ پوليس 70 ڪلفٽن جو گهيرو ڪيو ته بينظير انهن اڳواڻن کي بچائڻ خاطر گاڏيءَ جي ڊگيءَ ۾ ٻه ٽي نوجوان کڻي، 70 ڪلفٽن مان ڪڍي مختلف ماڳن تي رسائيندي رهي. ماضيءَ جي بينظير جمهوريت لاءِ ايڏا ڪشالا ڪڍيا ۽ عوامي حقن لاءِ ٿيندڙ هر جدوجهد جي سرواڻي ڪئي.

    اڄ جڏهن ٻيهر هي ملڪ جمهوريت کان محروم آهي، عام ماڻهو انصاف جي اوسيئڙي ۾ ڪشالا پيو ڪاٽي، اٽو، لٽو، اجهو مشڪل بڻجندو پيو وڃي، اهڙي وايو منڊل ۾ جمهوريت لاءِ جيڪو ڪٺ ميان نواز شريف ڪٺو ڪري رهيو آهي، اهو بينظير کي ڪوٺرائڻ کپندو هو. هڪ ڳجهي اداري جي ڊائريڪٽر جنرل طور خدمتون انجام ڏيندڙ ۽ ضيا دور ۾ گورنر پنجاب رهندڙ جنرل جيلانيءَ جي نظرِ ڪرم سبب صنعتڪاريءَ مان سياست ۾ ايندڙ ميان صاحب اڄ جڏهن جمهوريت جي ويڙهه ۾ علم کنيو بيٺو آهي، تڏهن ان جو نظر اچڻ فطري آهي. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو موجوده سرڪار خلاف ڪنهن به تحريڪ جي حوالي سان مشڪوڪ رويي ئي سنڌ جي وڏي وزير ارباب غلام رحيم کان ويندي اطلاعات واري وزير محمد علي درانيءَ جي عجيب و غريب وارن بيانن به پ پ لاءِ مذاق جهڙو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو آهي. هاڻ به وقت ناهي ويو. ميان صاحب جي اي پي سي بعد بينظير پنهنجيءَ قيادت ۽ ميزباني هيٺ جيڪڏهن ملڪ جي جمهوري قوتن کي آواز ڏيندي ته يقينن کيس هن ملڪ جون جمهوري قوتون مايوس نه ڪنديون ۽ نه وري هن ملڪ جا ماڻهو کيس نااميد ڪندا.

    zulfiqarqadri@hotmail.com
     
  5. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم ذوالفقار قادري جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    پ پ ڪارڪن بدران بي وفا وڏيرن کي اهميت ڇو ڏيندي رهي؟



    سومر 5 مارچ 2007ع

    جڏهن ايشيا جي ماڊل ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَ جي حادثاتي موت بعد پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ اهو طئي ڪري ورتو ته هاڻي طاقت جي زور تي وڌيڪ حڪومتي وهنوار هلائڻ سندن وس کان ٻاهر آهي، ان ڪري عام چوندون ڪرائي اقتدار چونڊيل پارٽي حوالي ڪري پس پرده رهي پنهنجي ايجنڊا تي عمل ڪرائجي. پوءِ صدر غلام اسحاق خان آڪٽوبر 1988ع وارين عام چونڊن جو اعلان ڪري ڇڏيو. پ پ ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت بعد پهريون دفعو بينظير صاحبه جي قيادت ۾ عام چونڊن ۾ حصو وٺي رهي هئي، ساڳي طرح طويل عرصي بعد عوام کي آزادانه طور پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري پنهنجا نمائندا چونڊڻ جو موقعو ملي رهيو هو. ذوالفقار علي ڀٽو کي اڪيلو ڪري ڦاسي ڏيڻ، عوام جي تحرير، تقرير ۽ تدبير کي ڦاهين، ڦٽڪن ۽ قيد خانن جي تابع ڪرڻ، اٽي لٽي ۽ اجهي لاءِ پريشان ٿيڻ وارن آمريتي طريقن سبب عوام ۾ فوجي راڄ ۽ ان جي ساٿاري سردارن ۽ وڏيرن خلاف هڪ ڪاوڙ جو ماحول بڻيل هو، ان سان گڏ ڀٽو کي ڦاسيءَ تي چڙهندي ڏسي ۽ کيس نه بچائي سگهڻ جو هڪ ارمان عوام پنهنجي مٿان بار محسوس ڪري رهيو هو. مٿان وري بينظير صاحبه کي ڀٽو شهيد جي مظلوم ۽ يتيم نياڻي سمجهي به ماڻهو پ پ سان گڏ هئا. خود بينظير به جيل، نظربنديون، ڪشالا سهي عوام آڏو پنهنجي ثابت قدمي جي شاهدي ڏني هئي. انهن مڙني مامرن سياسي، عوامي ۽ انتخابي ماحول پ پ جي حق ۾ بڻائي ڇڏيو هو.

    پ پ جڏهن عام چوندن ۾ حصو وٺڻ لاءِ متوقع اميدوارن کان درخواستون گهرايون ته قومي ۽ صوبائي جي هر تڪ لاءِ ڪئين درخواستون پ پ کي مليون، ٿر کان وٺي سکر تائين، ڪاڇي کان ڪارونجهر تائين ڪهڙي نواب، سردار، جاگيردار، وڏيري يا گادي ڌڻي بينظير وٽ ٽڪيٽ جي صدا نه هنئي؟ ڀٽو کي بي يارو مددگار ڦاهي گهاٽ ۾ ڇڏي ضياءُ الحق جا ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺل ماڻهو به اچي پ پ جا بڻيا. ٽڪيٽ جي حاصلات لاءِ ڀٽي مرحوم کي ته ڇڏيو، پر بينظير جي ڏاڏي مرحوم سر شاهنواز ڀٽي سان به پنهنجا خانداني اٿڻ ويهڻ جا رستا پئي بيان ڪيائون. ورڪرن ويچارن به درخواستون موڪليون، انهن جا ته ڪنهن سان به واسطا نه هئا، اهي صرف ڀٽو جي محبت جا ماريل ۽ آمريت خلاف سچائي، بهادري ۽ ارڏائپ سان مهاڏو اٽڪائڻ وارا پروانا هئا. انهن جي ميرٽ صرف اها هئي ته هنن هر ڏکئي وقت ۾ بينظير ۽ پ پ جو ساٿ ڏنو. خير سان پ پ جي پارلياماني بورڊ پاڪستان جي مختلف قومي ۽ صوبائي تڪن تي اميدوارن جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ ٽڪيٽون غلام مصطفيٰ بوزدار، ڊاڪٽر اسماعيل اڍيجي ۽ هڪ اڌ ٻين ورڪرن کي مليون، باقي اڪثر ٽڪيٽون وڏن ماڻهن کي ئي مليون. ڪجهه تڪن تي اختلاف هئا، ان لاءِ بينظير صاحبه فيصلو ڪيو ته ضلعي لاڙڪاڻي ۽ باقي اختلافي تڪن جو فيصلو المرتضيٰ هائوس لاڙڪاڻو ۾ ڪيو ويندو. نامنيشن فارم جي آخري تاريخ به اچي سوڙهي ٿي، سو بينظير صاحبه ڪراچي، اسلام آباد ۽ لاهور ۾ هنگامي طور اجلاس ڪري اچي لاڙڪاڻي پهتي ته باقي معاملا اتي طئي ڪبا. مون کي اهي ڏينهن اڃا ياد آهن، بينظير صاحبه جيئن ئي لاڙڪاڻي پهتي ته المرتضيٰ هائوس تي ميلو مچي ويو. بي بي سي، وائس آف آمريڪا، وائس آف جرمني، اي ايف پي سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن سان واسطو رکندڙ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جا مرد ۽ گوريون منڍمون اچي المرتضيٰ تي ڪڙڪيا. ميڊيا جا ماڻهو پنهنجي جاءِ تي، پر جيڪي پارٽي ٽڪيٽ جا خواهشمند ۽ اقتداري سياست جا کيڏاري لينڊ ڪروزر، پيجارو ۽ ٻين وڏين قيمتي گاڏين ۾ اچي اتي پهتا. پوءِ ته پارڪنگ به مسئلو بڻيل هئي. المرتضيٰ هائوس جا لان، آڳر ۽ ورانڊا سائلن سان ايئن سٿيا پيا هئا، جيئن ميلي جي موقعي تي ميدان سٿيا پيا هوندا آهن. مون پنهنجي اکين سان ڪئين نوابن، سردارن ۽ وڏيرن کي ايئن ڏٺو ته صبح جو اٺين وڳي کان جو المرتضيٰ ۾ اچي ويهن ته اڌ رات تائين المرتضيٰ جو در نه ڇڏين. آخر جڏهن المرتضيٰ جا چوڪيدار بينظير صاحبه جي موڪلائي وڃڻ بعد مين گيٽ بند ڪرڻ لاءِ اٿن ته اهي ٽڪيٽن جا طالب به انهيءَ آس ۾ اٿن ته شل سڀاڻي ڪا مهر ٿئي.

    مون ايئن به ڏٺو ته هڪڙن وڏن ماڻهن ضياءَ جو ساٿ ڏنو، هر سرڪار ۾ به رهيا، ورڪرن ويچارن کي به پوليس، ڪمدار ڪاراون کان مار ڪٽ ڪرايائون، هاڻ اليڪشن واري موقعي تي پ پ ۾ شامل ٿي ٽڪيٽ جا اميدوار به بڻيا. جيالن ويچارن مخالفت ڪئي، پارٽي آڏو سڀ ظلم جا داستان به بيان ڪيائون، اتي وري اندروني اجلاس ۾ بينظير صاحبه جي چوڌاري ويٺل پارٽي عهديدارن مان ٻه چار خاص ماڻهو بينظير صاحبه کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهن ته ڦلاڻي تڪ تي پارٽي خلاف جيڪو اميدوار بيٺل آهي، اهو وڏي ڇپ آهي، جيڪڏهن پارٽيءَ کي اها سيٽ کٽڻي آهي ته فلاڻي خان کي ٽڪيٽ ڏيو، ڇپ پاڻهي وڃي پٽ پوندي. بينظير صاحبه کي اهڙو قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ته بيبي اوهان جي وزارت عظميٰ لاءِ هڪ هڪ سيٽ قيمتي آهي، سو اهڙي ماڻهو کي هٿن مان نه وڃايو. پوءِ آخر ٿيندو اهو آهي جيڪي اقتداري چڱا مڙس ۽ خفيه هٿ چاهيندا آهن.

    تازو بينظير جي اباڻي ضلعي ۾ جنرل مشرف جي آجيان ڪندڙ ڇا اهي ساڳيا فرد نه هئا، جن پ پ ۾ به مزا ماڻيا ۽ هاڻي جنرل مشرف جي دور ۾ به موجن ۾ آهن. پ پ به ورڪرن ۽ عوام جي راءِ کي خاطر ۾ نه آڻي کين وزارتن، اسيمبلين ۽ ناظمين تائين پهچايو. ڪئين سياسي ورڪر اهڙا به آهن، جن گهر لٽايا، پنهنجا ڪونڌر ڪهايائون، پر پ پ پاران صدمن ملڻ بعد رس ۾ راند ڇڏي گوشا نشيني اختيار ڪيائون. اڄ اهي سڀ بينظير ۽ پ پ خلاف بيٺا آهن. ڪوئي ڇا به چوي، پر اهي سڀ شيون پ پ جون پنهنجون ڪيل آهن، جن جو فصل اڄ پچي راس ٿيو آهي. پ پ کي وقت ۽ تاريخ موقعا ڏنا، پ پ اهي موقعا وڃايا، عوام پ پ تي اعتبار ڪندي پنهنجو ووٽ پ پ جي جهولي ۾ ڦٽو ڪندي پير صاحب پاڳاري جي مقابلي ۾ پرويز علي شاهه، رئيس غلام مصطفيٰ جتوئي جي مقابلي ۾ رحمت الله بهڻ، غلام محمد خان مهر جي مقابلي ۾ ميان مٺو، محمد خان جوڻيجي جي مقابلي ۾ شاهنواز جوڻيجي، نواب احمد سلطان چانڊئي جي مقابلي ۾ ڊاڪٽر بيگم اشرف عباسي سميت ڪئين ماڻهن کي ڪامياب ڪيو، پر پ پ قيادت وري اقتداري کيڏارين ۽ بيوفا وڏيرن تي اعتبار ڪيو. هاڻ اهي ئي وڏيرا ۽ اقتدار جا کيڏاري بينظير ۽ پ پ جا وڏا مخالف بڻيا بيٺا آهن.

    پ پ قيادت کي ان ڳالهه جو اعتراف ڪرڻو پوندو ته ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاسي کان پوءِ عوام جي يارنهن سالا جدوجهد جي نتيجي ۾ جيڪو جاگيرداڻو ۽ وڏيرڪي سياست جو بت ڪرڻ تي هيو پ پ ان ئي لڏي کي پارٽي ۾ شامل ڪري ٽڪيٽون، ميمبريون ۽ وزارتون ڏئي ساڳي بت کي زندهه ڪري ڇڏيو آهي. هاڻ بينظير ڀٽو کي تمام مصلحتن کان بالاتر ٿي تاريخي فيصلو ڪرڻو پوندو. اهي ساڳيا وزير، جن ڪالهه جنرل صاحب جي آجيان ڪندي لاڙڪاڻي ۾ بينظير ڀٽو کي للڪاريو، اهي سڀاڻي وري پ پ جا چڱا مڙس ته نه هوندا؟

    zulfiqarqadri@hotmail.com
     
  6. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم ذوالفقار قادري جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    جسٽس منير کان جسٽس افتخار چوڌري تائين



    ڇنڇر 10 مارچ 2007ع

    ملڪ ٺهڻ کان اڳ وچ پنجاب مان سول سروس سانگي بدلي ٿي بلوچستان جي گاديءَ واري هنڌ ڪوئيٽه پهتل پنجاب سان تعلق رکندڙ هڪ آفيسر جي گهر ۾ جنم وٺندڙ جسٽس افتخار محمد چوڌري پرائمريءَ کان وٺي، لا جي اعليٰ ڊگري حاصل ڪرڻ تائين بلوچستان ۾ ئي پڙهيو. هن خانگي ملازمت کان سرڪاري ملازمت به ڪئي ته وڪالت کان سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جهڙي عدليه جي سڀ کان وڏي عهدي تائين به پهتو. جيتوڻيڪ پاڻ نسلي طور پنجاب سان تعلق رکي ٿو، پر سندس سڀاءَ تي بلوچستان جي ماحول ۽ ڪلچر جو اثر به رهيو آهي. نواب خير بخش خان مري ۽ نواب اڪبر بگٽيءَ جهڙن بلوچ قومپرست اڳواڻن سان به سندس واسطا وڙا رهيا. بلوچستان جا ڪيترا ئي نواب ۽ سردار ته هن سان گڏ پڙهيا به آهن. جسٽس افتخار محمد چوڌري جڏهن بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس ٿيو هو، ته هن نه فقط ڪيئي اهم فيصلا ڪيا، پر انهن تي عمل به ڪرائي ڏيکاريو. فيصلي تي عمل ته هن ان وقت به ڪرايو هو، جڏهن بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي هڪ جج جي ڪوئيٽه کان قلات انسپيڪشن تي ويندي فرنٽيئر ڪور جي هڪ ميجر تلاشي ورتي هئي. جسٽس افتخار چوڌري ان واقعي جو ايترو ته سخت نوٽيس ورتو هو، جو آخرڪار فرنٽيئر ڪور جي ڪمانڊنٽ کي عدالت عاليه کان معذرت ڪرڻي پئي هئي، پر جسٽس افتخار چوڌريءَ کي ڪهڙي خبر هئي ته خميس 8 مارچ تي سندس عدالتي ڪيريئر جي آخري سماعت ٿي رهي آهي، جڏهن هن انساني حقن واري ڪميشن پاران داخل انهيءَ آئيني درخواست جي سماعت پئي ڪئي، جنهن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان مان پراسرار طور گم ٿيل ڪئين قومپرست اڳواڻن کي ظاهر ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي هئي. گم ٿيل ماڻهن جي وارثن اهڙي پراسرار گمشدگيءَ جو شڪ ڏيکاريو آهي ۽ جسٽس افتخار اهڙي درخواست منظور ڪندي، اٽارني جنرل آَف پاڪستان کي جواب داخل ڪرڻ جا نوٽيس جاري ڪرڻ جو حڪم به ڏنو هو.

    هڪ طرف جسٽس افتخار چوڌري اهڙو نوٽيس جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي رهيو هو ته ٻئي طرف سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي بلند و بالا عمارت کان چند منٽن جي پنڌ تي واقع وزير اعظم هائوس ۽ ايوان صدر ۾ جسٽس چوڌريءَ خلاف ريفرنس وارا فائيل جاچيا پئي ويا. نيٺ جمع واري ڏينهن پاڪستان جي اعليٰ ترين عدالت جو سربراهه جسٽس چوڌري پنهنجي عهدي تان هٽائي، غير فعال بڻايو ويو. سندس برطرفيءَ جي خبر سنڌ جي هاري منو ڀيل سميت انهن تمام متاثرن جي دلين کي سخت تڪليف رسائي هوندي، جن جو آسرو رڳو الله تعاليٰ جي ذات ۽ جسٽس افتخار چوڌريءَ جي سربراهيءَ ۾ ڪيس ٻڌندڙ بئنچ جو فيصلو ئي هو. ملڪي تاريخ ۾ هي ڪو پهريون دفعو نه ٿيو آهي ته حڪومت ڪنهن جج کي پنهنجي عهدي تان هٽائي ڇڏيو هجي. پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اسان جي عدليه حڪومتي ۽ نه نظر ايندڙ قوتن جي سڌي اڻ سڌي دٻاءَ هيٺ رهي آهي.

    جسٽس افتخار محمد چوڌري پاڪستان جي عدالتي تاريخ جو ايڪيهون چيف جسٽس هو. قيام پاڪستان کان هن وقت تائين جيڪي جج صاحبان پاڪستان جي سپريم ڪورٽ جا چيف جسٽس رهي چڪا آهن، سي هن ريت آهن:
    [​IMG]
    اسان جي عدالتي تاريخ به سياسي تاريخ جيان مختلف حربن وسيلي دٻاءَ جي تاريخ رهي آهي. ڪن جج صاحبن جي عدالتي فيصلن کي ملڪي تاريخ ۾ يادگار سڏيو ويو ته ڪن جي فيصلن پاڪستان ۾ آمريت ۽ فوجي راڄ جا در به کوليا. پاڪستان ۾ آمريت جي باني طور مشهوري ماڻيندڙ گورنر جنرل غلام محمد جڏهن 24 آڪٽوبر 1954ع تي پاڪستان جي آئين ساز اسيمبليءَ کي برطرف ڪيو ته اسپيڪر مولوي تميزالدين اهڙي فيصلي کي سنڌ چيف ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو. سنڌ چيف ڪورٽ جي فل بينچ جيڪا چيف جسٽس جسٽس ڪونسٽنٽائن، جسٽس حسن علي آغا، جسٽس ويلاني، جسٽس محمد بچل ۽ جسٽس محمد بخش تي مشتمل هئي، تنهن مولوي تميز الدين ڪيس جي سماعت 6 سيپٽمبر 1954ع کان 1 2 مارچ 1955ع تائين ڪئي. آخر عدالت سڳوري گورنر جنرل جي اسيمبليءَ کي برطرف ڪرڻ واري فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. وفاقي سرڪار اهڙي فيصلي خلاف فيڊرل ڪورٽ يعني سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي. وفاقي سرڪار ان اپيل کان اڳ ئي جسٽس منير کي، جيڪو سنڌ چيف ڪورٽ (هاءِ ڪورٽ) ۾ هڪ جونيئر جج هو، تنهن کي ٻين سينيئر ججن کي اورانگهيندي، سپريم ڪورٽ موڪلي ڇڏيو. نه فقط اهو، پر کيس جلد وري سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس به بڻائي ڇڏيو. ايئن مولوي تميز الدين ڪيس جي اپيل به جسٽس منير جي سربراهيءَ ۾ جڙيل بينچ ٻڌي. چيف جسٽس منير جي سربراهيءَ ۾ جڙيل بئنچ ۾ ٻيا جج صاحبان جسٽس اي ايس ايم اڪرم، جسٽس محمد شريف، جسٽس ايس اي رحمان ۽ جسٽس ڪارنئلس شامل هئا. ان بينچ جي فيصلي ئي ملڪ اندر مارشل لا جا دروازا کوليا. آڪٽوبر 1958ع ۾ جڏهن ايوب خان ملڪ تي مارشل لا مڙهي، ته هٿياربند فوج جي ڪمانڊر انچيف جي اهڙي قدم کي به سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويو. انهيءَ موقعي تي به چيف جسٽس منير مارشل لا کي تحفظ ڏيندي، اهڙي فوجي قدم کي انقلاب سان تشبيهه ڏني ۽ ”نظريه ضرورت“ تحت فوج جي اهڙي قدم کي تحفظ ڏنو. ڀٽو سرڪار ۾ 16مارچ 1972ع تي غلام جيلانيءَ جي ڌيءُ عاصمه جيلاني پنهنجي پيءُ جي مارشل لا ضابطن هيٺ نظر بنديءَ کي چيلينج ڪيو. سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس جسٽس محمود الرحمان جي اڳواڻيءَ ۾ جسٽس يعقوب علي خان، جسٽس سجاد احمد جان، جسٽس وحيد الدين احمد ۽ جسٽس صلاح الدين احمد يحيٰ خان جي زوال بعد ڀٽو سرڪار جي ڏينهن ۾ انهيءَ ڪيس جي سماعت ڪئي. پاڪستان جي عدالتي تاريخ ۾ اهو ڪيس عاصمه جيلاني ڪيس جي نالي سان مشهور ٿيو، جنهن ۾ سپريم ڪورٽ جي فل بينچ مارشل لا کي غير قانوني قرار ڏنو. ڪجهه سالن بعد جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي جي سرڪار کي برطرف ڪري هٿياربند فوج جي سربراهه پاران ملڪ ۾ مارشلا نافذ ڪئي وئي ته ڀٽي سميت پارٽي اڳواڻن جي نظر بنديءَ کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلنج ڪيو ويو. تڏهوڪي چيف جسٽس جسٽس يعقوب علي خان بيگم نصرت ڀٽو جي اهڙي رٽ پٽيشن سماعت لاءِ منظور ڪندي، سرڪار کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. جنرل ضياءَ کي ڊپ هو ته جسٽس يعقوب علي خان سندس مارشل لا خلاف فيصلو ڏيندو. ان لاءِ ان ڪيس جي باضابطه سماعت کان اڳ ئي جسٽس يعقوب علي خان کي هٽائي، جسٽس انوارالحق کي چيف جسٽس بڻايو ويو. ضياءَ پاران مارشل لا هڻڻ واري قدم جي پيروي مشهور قانوندان ۽ پ پ سنڌ جي موجوده صدر قائم علي شاهه جي سالي ۽ نامور قانوندان اي ڪي بروهيءَ ڪئي. اهو ڪيس بيگم نصرت ڀٽو ڪيس جي نالي سان مشهور ٿيو. جسٽس انوار الحق نه فقط ضياءَ جي مارشل لا کي جائز قرار ڏنو، پر ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاهي ڏيڻ واري لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي به توثيق ڪئي. عدليه کان مرضي جا فيصلا وٺڻ جي ڪوشش ڪرڻ جي اها روايت هلندي ئي پئي اچي. جڏهن جنرل پرويز مشرف اسيمبليون برطرف ڪيون ته اهڙي قدم کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويو، پر چيف جسٽس ارشاد حسن خان اهڙو فيصلو ڏنو، جنهن جنرل پرويز مشرف جي حڪمرانيءَ لاءِ وڌيڪ آساني پيدا ڪري ڇڏي. اهڙو فيصلو ڏيندڙ جسٽس ارشاد حسن خان کي رٽائرمينٽ کان پوءِ چيف اليڪشن ڪمشنر بڻايو ويو.

    هلندڙ سال سياسي تاريخ جي حوالي سان ان ڪري به اهم آهي، جو چونڊون به هن سال ئي ٿيڻيون آهن. صدر جنرل پرويز مشرف پاڻ توڙي سندس ٽيم جا ماڻهو کيس موجوده اسيمبلين مان ئي ٻيهر صدر چونڊرائڻ واري ڳالهه بار بار ڪري چڪا آهن، پر نين جڙندڙ حالتن مان لڳي ايئن ٿو ته موجوده حڪومت هن سال اليڪشن ڪرائڻ نٿي گهري. صدر پاڻ کي هن ئي اسيمبليءَ مان ٻيهر چونڊرائي، ملڪ جي ايندڙ حڪومتي سيٽ بابت پنهنجي مرضيءَ جو ڪوبه اهم فيصلو ڪري سگهي ٿو، جن ۾ هڪ آپشن ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو به گردش ۾ آهي. صدر مشرف جيڪي به قدم کنيا پئي، لڳي ٿو ته سي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ٿيڻا هئا، ان ڪري ئي ڪنهن دور ۾ غزلن جي راڻيءَ طور مشهوري ماڻيندڙ ملڪه پکراج جي ڌيءُ طاهره سيد جي اڳوڻي مڙس نعيم بخاريءَ سميت بينظير جي وڪيل ۽ پارٽي جي مرڪزي خزانچي بابر اعواڻ ۽ ٻين پاران موجوده چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري خلاف صدر ۽ پريس کي لکيل خطن هن ڪارروائيءَ کي بهانو مهيا ڪيو. چيو وڃي ٿو ته صدر مشرف کي پڻ اهڙا خدشا هئا ته جيڪڏهن موجوده چيف جسٽس وٽ سرڪار خلاف ڪي رٽ پٽيشنون وڃن ٿيون ته ڪهڙي به قسم جو فيصلو اچي سگهي ٿو. ان ڪري ئي خميس ڏينهن وڏي عرصي کان گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ واري ڪيس جي آخري سماعت ڪندڙ جسٽس افتخار حسين کي غير فعال بڻايو ويو. ڏٺو وڃي ته گريڊ جي لحاظ کان هٿياربند فوج جي سربراهه جو اسڪيل هڪ وفاقي سيڪريٽريءَ جي برابر آهي، پر پاڪستان ۾ اهو عهدو چيف جسٽس آف پاڪستان، صدرن ۽ وزيراعظمن جي قسمت جا فيصلا به ڪندو رهيو آهي. بهرحال ڇا به هجي، ان ڳالهه تي ته سمورا تجزيي نگار متفق آهن ته ملڪ جي چيف جسٽس خلاف ٿيل تازي ڪارروائي، تمام جلد ڪنهن سياسي طوفان جو اهڃاڻ آهي.

    zulfiqarqadri@hotmail.com
     
  7. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم ذوالفقار قادري جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    وڪيلن جي تحريڪ ۾ عوامي شموليت جو سوال!



    آچر 18 مارچ 2007ع

    1965ع جي پاڪ-ڀارت جنگ جي نتيجي ۾ وڏين طاقتن جي مداخلت بعد جڏهن پاڪستان جي فوجي حڪمران جنرل ايوب خان ۽ هندستاني وزير اعظم لال بهادر شاستري روس جي ميزباني هيٺ تاشقند ۾ جنگ بندي واري معاهدي تي صحيحون ڪيون هيون ته ايوب خان جي اهڙي معاهدي کي چڪوال کان وٺي جهلم تائين، سرگوڌا کان ميانوالي تائين جي جٽن، گجرن، اعواڻن ۽ آرائين پسند نه ڪيو هو، پر لاهورين جون نگاهون ڪنهن قيادت ڏانهن پئي نهاريو. ذوالفقار علي ڀٽو اهو واحد سياستدان هو، جنهن پنجاب جي نبض تي هٿ رکي سندن مرض کي تپاسي ورتو. ايوب خان جي وزارتِ خارجه کي ڇڏي اقتدار جي ايوان مان ٻاهر نڪري آيو. 7 6 9 1 ع وارو سال جنرل ايوب خان لاءِ ڳرو گذريو. راولپنڊي گجرات، گجرانوالا، لاهور، ملتان ٻري پيو ۽ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو بنياد رکي دوري تي نڪري پيو ته پنجاب ڀٽو جي اکين مان نڪرندڙ ڳوڙهن کي جذب ڪندڙ رومال کي به هزارين رپين ۾ هٿون هٿ ورتو، ذوالفقار علي ڀٽي جي نئين جوڙيل جماعت کي پنجاب پنهنجي اکين تي کڻي ويهاريو.

    هونئن به پاڪستان جي وحدت ۾ شامل صوبن ۾ پنجاب جي سياسي، اقتداري ۽ فوجي جوڙجڪ اهڙي رهي آهي، جو قيام پاڪستان کان وٺي هن وقت تائين ملڪ ۾ حڪمرانن جي تقدير جا فيصلا پنجاب ئي ڪندو آيو آهي. حڪمرانن خلاف تحريڪ هجي، يا چونڊ نتيجا هجن، پنجاب جي حيثيت ويٽو واري رهي آهي، باقي ماضي ۾ هلندڙ تحريڪن تي نظر وجهون يا چونڊ نتيجن کي ڏسجي ته ماضيءَ ۾ تحريڪ جي حوالي سان بلوچن، سنڌين ۽ پختونن تحريڪون هلايون، ماڻهو مئا، شهر سڙيا، پر اقتدار جا ايوان نه لڏيا. ايم آر ڊي جون 2 دفعا تحريڪون هليون، سنڌين ڪونڌر ڪسايا، جيل ڀريائون، پر اسلام آباد نه لڏيو. ايوب خان کي لاهڻ ۾ به فيصلا ڪن ڪردار پنجاب ادا ڪيو. ان بعد 1970ع جي چونڊ نتيجن ۾ پ پ پنجاب اندر جڏهن وڏي اڪثريت سان کٽي آئي، تڏهن به نان سويلين حاڪمن مجيب-ڀٽو تضاد کڙو ڪيو، جنهن جا نتيجا پاڪستان ٽٽڻ جي نتيجي طور سامهون آيا ۽ 3 9 ع هزار فوجين کي هندستان جي جنرلن آڏو هٿيار ڦٽا ڪرڻا پيا، انهيءَ ڏينهن پنجاب جي اڪثر گهرن ۾ سوڳ سبب چلها ئي ڪو نه ٻريا هئا. عام ماڻهن ۽ جونيئر فوجي آفيسرن پنهنجي سينيئر آفَيسرن جي درن تي وڃي جڏهن احتجاج ڪيا ته اقتدار ذوالفقار علي ڀٽي حوالي ڪيو ويو. ذوالفقار علي ڀٽي پاڪستان ۽ پنجاب واسطي ڇا نه ڪيو؟ شڪست خورده فوج کي حوصلو ڏئي دنيا جي مضبوط فوجن جي صف ۾ آڻي ڇڏيو، آئين کان وٺي اقتصادي شعبي تائين پنجاب کي نوازيو، انهن سڀني سهوليتن ملڻ باوجود اهو ساڳيو لاهور جنهن 1967ع ۾ ڀٽي کي اقتدار تائين رسايو، اهي ساڳيا لاهوري 1977ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي خلاف کڙا ٿي بيهي رهيا. ڀٽي خلاف هليل پي اين اي واري تحريڪ ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد اندر هنگاما ٿيا، پر ان جو اثر نه نڪتو، پر جڏهن راولپنڊي، لاهور ۽ ملتان ۾ مظاهرين تي گولي هلي ۽ پنجاب جي ٽنهي ڄاڻايل شهرن ۾ فوج طلب ڪري جزوي مارشل لا هنئي وئي ته پاڪستان جي هٿياربند فوج جي ٽن برگيڊيئرن اشتياق علي خان، محمد اشرف ۽ نياز احمد احتجاج طور پنهنجا اسٽار لاهي ڦٽا ڪيا. آخرڪار 5 جولاءِ 1977ع ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج جي سربراهه جنرل ضياءُ الحق ذوالفقار علي ڀٽي جي سرڪار جو تختو اونڌو ڪري کيس اقتدار تان لاهي ملڪ ۾ مارشل لا مڙهي ڇڏي. جنرل ضياءَ يارهن سال هن ملڪ جي اڇي ڪاري جو مالڪ رهيو، سنڌ يارهن ڀوڳيو. ان جو مطلب اهو ڪونهي ته ڪو پنجاب وارن قربانيون ڪو نه ڏنيون. شاهي قلعي لاهور، قلعه بالاثار، اٽڪ قلعي، ميانوالي جيل سميت ڪيترن ئي هنڌن تي پنجاب جا ورڪر ته ڇا شاهده جبين، ريحانه سرور سميت ڪيتريون ئي خواتين ورڪر به ابهم ٻارن سميت شاهي قلعي جي اذيت گاهن ۾ رهيون. پر مجموعي طور انهن يارهن سالن دوران پنجاب اندر ڪا ڀرپور تحريڪ نه هلي سگهي. اسان کي ته پنجاب جا اهي 6 ڪارڪن به اڃا ياد آهن، جن ڀٽي صاحب جي محبت ۾ سرعام پاڻ کي ساڙي ماري ڇڏيو. بهرحال 7 7 9 1 ع کان بعد اڄ ٽيهه سال گذري چڪا آهن، اکيون آتيون هيون ته پنجاب ڪڏهن ٿو روڊن رستن تي نڪري.

    اڄ صدر جنرل مشرف جي فوجي سرڪار کي اٺون سال هلي رهيو آهي، جيتوڻيڪ انهيءَ دور ۾ جنرل ضياءَ جيان نه ئي اهي سمري ملٽري ڪورٽون ٺهيون، جن اياز سمون، ناصر بلوچ، حميد بلوچ، رزاق جهونا، ادريس طوطي جهڙن معصوم ماڻهن کي ڦاهي ڏئي ڇڏي، نه ئي وري سڪرنڊ، موري، ميهڙ، خيرپورناٿن، برهماڻي ڳوٺ جيان زندگيون ۽ڳوٺ تاراج ٿيا، پر ان باوجود سياسي پارٽيون جنرل مشرف خلاف ڪا موثر تحريڪ هلائڻ کان عاري آهن. جيڪو ڪم پاڪستان پيپلز پارٽي، نواز ليگ ۽ ٻيون جماعتون نه ڪري سگهيون، اڄ اهو ڪم غير فعال بنايل چيف جسٽس چوڌري افتخار محمد بابت کنيل حڪومتي قدم جي جواب ۾ ملڪ جا وڪيل ۽ صحافي سر انجام ڏئي رهيا آهن. ملڪ اندر حڪومت خلاف جيڪو نفرت جو ماحول جڙيو يا جوڙايو ويو آهي، پ پ حلقن جو خيال آهي ته اهو سڀ ڪجهه ايمرجنسي ۽ چونڊون ملتوي ڪرائڻ لاءِ ماحول پيو جوڙايو وڃي. هلو مڃيوسين ته سرڪار چونڊن کان فرار چاهي ٿي، پر جن حالتن، قانونن ۽ ضابطن هيٺ جنرل مشرف چونڊون ڪرائڻ چاهي ٿو، ان ۾ ته جنرل صاحب واضح ڪري ڇڏيو آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ بينظير جو ڪو ڪردار نه هوندو.

    پ پ اليڪشني ميدان ۾ لهڻ بعد جيڪڏهن بينظير کانسواءِ واري اقتداري پيڪيج کي رد ڪندي ته اقتداري سياست جي ٻاڙ ۾ ويٺل ڪئي پکي وري اڏامي ويندا. انهن سڀني دردن جو درمان ان ۾ آهي ته مشرف سرڪار جي موڪلاڻي ٿئي. هي جيڪو ماحول جڙيو آهي، ويچارا وڪيل ۽ صحافي ڪيترو مهاڏو اٽڪائيندا، اصل قوت ته عوامي آهي. جيڪڏهن هلندڙ تحريڪ ۾ عام ماڻهو به شامل ٿي ويا ته چار چنڊ لڳي ويندا، ڇو ته مهانگائي ۽ بدامني عام ماڻهن جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون آهن. سياسي تجزيه نگارن جون نگاهون بينظير صاحبه ۽ پ پ ۾ آهن ته ٽيهن سالن بعد وري پنجاب ۾ ڪو اينٽي گورنمينٽ ماحول پيو جڙي. پ پ ان کي پنهنجي حق ۾ تبديل ڪندي، يا هي گاڏي به مس ڪندي؟ اهو فيصلو ته پ پ قيات کي ڪرڻو آهي، وڌيڪ ڏسجي ته ڇا ٿو ٿئي؟

    zulfiqarqadri@hotmail.com
     
  8. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم ذوالفقار قادري جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    ججن جو احتجاج ۽ ضمير سان انصاف ڪرڻ وارو سوال



    اربع 21 مارچ 2007ع

    انسان هميشه کان تحفظ جو متلاشي رهيو آهي، هي جيڪي انسان ڪشالا ڪڍيا آهن، اهي تحفظ خاطر ئي رهيا آهن. انسان جي هميشه ڪوشش رهي آهي ته کيس جاني، مالي، تحفظ حاصل رهي پر ڪڏهن ڪڏهن انسان پنهنجي ”ضمير“ جي تحفظ لاءِ گهڻو ڪجهه قربان ڪري ويهي ٿو. قرباني ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس جواد ايس خواجا سميت سنڌ جي پنجن ججن اشرف يار خان، غلام مصطفيٰ صفوي، الهه بچايو گبول ۽ پير اسد الله شاهه راشدي به ڏني آهي. هڪ اهڙي دور ۾، جڏهن ان عهدي لاءِ ماڻهوءَ کي وڏا ڪشالا ٿا ڪڍڻا پون، پوءِ ماڻهو وڃي ان منصفيءَ واري ڪرسيءَ تي رسي ٿو. هن وقت به اسان جي ڊسٽرڪٽ ڪورٽن ۽ ماتحت عدالتن جو اهو حال آهي ته روزانو جاري ٿيندڙ ڪاز لسٽ ۾ سئو کان مٿي ڪيس ٻڌڻ لاءِ رکيا ٿا وڃن ۽ هڪ ئي جج صاحب کي اهي سڀ ڪيس هلائڻا به پون ٿا. ڪم جو دٻاءُ پنهنجي جاءِ تي پر جڏهن جج صاحبان ئي پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪن ته پوءِ عام ماڻهن جو ڪهڙو حال هوندو.

    تاريخ ۾ اهڙا به لمحا آيا، جو ڪن جج صاحبان حالتن سان سمجهوتو ڪيو ته ڪن وري عدل ۽ انصاف جو مان مٿانهون ڪيو. هينئر هن دنيا ۾ نه چوڌري غلام محمد آهي ۽ نه وري ايوب خان، پر جسٽس منير، مولوي تميز الدين ڪيس ۽ دوسو ڪيس ۾ تاريخي فيصلا ڏنا. وري جيڪڏهن ڏسجي ته ماڻهو وقت سان گڏ تبديل به ٿئي ٿو. جسٽس حمود الرحمان کي جڏهن بنگلاديش جي قيام وارن سببن جي تحقيقات لاءِ مقرر ڪيو ويو ته هن بنگلاديش جي قيام جي ذميواري ان وقت جي جنرلن مٿان عائد ڪئي. اها رپورٽ حمود الرحمان ڪميشن رپورٽ جي نالي سان مشهور ٿي. ساڳئي جسٽس حمود الرحمان يحيٰ خان جي معزوليءَ بعد غلام جيلانيءَ جي نظر بنديءَ خلاف پٽيشن تي فوج جي سياسي معاملن ۾ مداخلت ۽ مارشل لا خلاف فيصلو ڏنو پر جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ بلوچستان ۾ مينگل سرڪار ٽوڙي پختون ۽ بلوچ قوم پرست اڳواڻن ولي خان، ارباب سڪندر خليل، عطاءُ الله مينگل، غوث بخش بزنجو، نواب خير بخش مري، مير شير محمد مري، گل خان نصير ۽ ٻين کي جيل موڪلي نيشنل عوامي پارٽي (نعپ) خلاف سپريم ڪورٽ ۾ ريفرنس موڪليو ويو ته ساڳئي جسٽس حمود الرحمان جي سربراهيءَ ۾ جڙيل سپريم ڪورٽ جي فل بينچ نعپ کي خلاف قانون پارٽي قرار ڏنو، جڏهن ته پختون ۽ بلوچ اڳواڻن خلاف ڀٽو سرڪار جي فيصلي جي توثيق ڪئي. اسان جي عدليه جي تاريخ ۾ جسٽس ڪياني جهڙا جج به ملن ٿا، جن کي اڄ تائين ياد رکيو پيو وڃي. پاڪستان جي سياسي ۽ عدالتي تاريخ ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس مولوي مشتاق کي به هميشه ياد رکيو ويندو.

    ايوب خان سرڪار نقص امن واري قانون هيٺ ذوالفقار علي ڀٽي کي گرفتار ڪري کيس نظر بند ڪيو. بيگم نصرت ڀٽو پاران اهڙي نظر بنديءَ کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو. ان وقت جسٽس مشتاق لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مقرر هو. جسٽس مولوي مشتاق بيگم نصرت ڀٽو جي اهڙي پٽيشن منظور ڪندي ذوالفقار علي ڀٽي جي نظر بنديءَ کي ڪالعدم قرار ڏئي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. اڳتي هلي جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو وزير اعظم ٿيو ته هن چاهيو پئي ته مولوي مشتاق کي لاهور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس بڻايو وڃي، جڏهن ته جسٽس انوار الحق ۽ جسٽس سردار اقبال کانئس سينئر هئا. ان باوجود ڀٽي صاحب جي مرضي هئي ته مولوي مشتاق کي چيف جسٽس بڻائجي، پر چون ٿا ته ان وقت جي گورنر پنجاب غلام مصطفيٰ کر ۽ جسٽس مولوي مشتاق جي پاڻ ۾ ڪا رنجش هئي. آخر ڀٽي صاحب، کر جي ڳالهه رکندي مولوي مشتاق ۽ جسٽس انوار الحق بجاءِ جسٽس سردار اقبال کي لاهور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس بڻائي ڇڏيو پر جڏهن جلد ئي جسٽس سردار هڪ معاملي ۾ نامياري قانوندان ايس ايم ظفر جي حمايت ڪئي ته کيس به عهدي تان هٿ ڌوئڻا پيا. اهڙي طرح جسٽس اسلم رياض حسين لاهور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس بڻجي ويو. مولوي مشتاق هاءِ ڪورٽ ۾ جج طور ئي فرض سرانجام ڏيئي رهيو هو، ته جنرل ضياءُ 5 جولاءِ 1975ع تي ملڪ تي مارشل لا مڙهي ڇڏي. اهو عجيب اتفاق چئجي ته ذوالفقار علي ڀٽي تي داخل نواب محمد احمد خان قصوري قتل ڪيس جي سماعت ساڳئي جسٽس مولوي مشتاق کي ڪرڻي پئي. آخر 18 مارچ 1975ع تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس مولوي مشتاق جي سربراهيءَ ۾ جڙيل فل بينچ، جنهن ۾ جسٽس آفتاب حسين، جسٽس ذڪي الدين پال، جسٽس گل باز خان ۽ جسٽس ايم ايڇ قريشي شامل هئا، انهن قصوري ڪيس ۾ ڀٽي صاحب کي ڦاسيءَ جي سزا ٻڌائي. پر جڏهن ان کان اڳ 3 سيپٽمبر 1977ع تي ڀٽي صاحب کي 70 ڪلفٽن مان گرفتار ڪري لاهور نيو ويو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ڪي ايم همداني، ڀٽي صاحب جي ضمانت منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جنرل ضياءَ جسٽس ڪي ايم همداني جي فيصلي تي خوش نه هو. ان ڪري کيس لاهور هاءِ ڪورٽ مان هٽائي ان وقت جي وزير قانون اي ڪي بروهي جي وزارت ۾ لا سيڪريٽري مقرر ڪري ڇڏيو. چون ٿا ته هڪ دفعي جنرل ضياءَ حڪومت پاڪستان جي سمورن وفاقي سيڪريٽرين جي ميٽنگ طلب ڪئي، جنهن ۾ اي ڪي بروهي ۽ شريف الدين پيرزادو به موجود هئا. جنرل ضياءَ وفاقي سيڪريٽرين کي دٻائيندي ڪاوڙ ۾ چيو ته مان سيڪريٽرين کي ٽنگي ڇڏيندس. ويچارا سرڪاري ملازم خاموشيءَ سان جنرل ضياءَ جو ڀاشڻ ٻڌندا رهيا، پر جسٽس ڪي ايم همداني، جيڪو قانون واري وزارت جي سيڪريٽريءَ طور فائز هو، ان ڀري ميٽنگ ۾ جنرل ضياءَ کي چئي ڏنو ته، جناب صدر! پهرين اسان ڏسون ته اوهان ڪيترن جنرلن کي ٿا ٽنگيو، سيڪريٽرين جو وارو ته بعد ۾ ايندو. چون ٿا ته ضياءُ فوري طور ميٽنگ برخاست ڪئي وئي. اي ڪي بروهي جسٽس ڪي ايم همداني تي ڪافي زور ڀريو ته اهو جنرل ضياءَ کان معذرت ڪري پر جسٽس همداني انڪار ڪري ڇڏيو.

    چيف جسٽس يعقوب علي خان جڏهن جنرل ضياءَ جي منشا مطابق ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته کيس عهدي تان هٽايو ويو. جسٽس انوار الحق کي سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس مولوي مشتاق کي مقرر ڪيو ويو. جنرل ضياءُ ٻنهي جج صاحبان کان مارشل لا کي جائز قرار ڏيڻ ۽ ذوالفقار علي ڀٽي جي ڦاهي وارا ڪم وٺڻ بعد جڏهن پي سي او تحت ججن جي ٻيهر حلف کڻڻ جو وقت آيو ته ٻئي جج عدليه مان ٻاهر ڪيا ويا.

    ڀٽي صاحب جي موت واري سزا خلاف جڏهن سپريم ڪورٽ ۾ اپيل پئي هلي ته هلندڙ اپيل دوران جسٽس قيصر خان کي رٽائر ڪيو ويو، جڏهن ته جسٽس وحيد الدين کي بيمار ڄاڻائي بينچ مان الڳ ڪيو ويو. باقي چيف جسٽس انوار الحق، جسٽس نسيم حسن شاهه، جسٽس اڪرم ۽ جسٽس ڪرم الاهي چوهاڻ ڀٽي صاحب کي موت جي سزا واري هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي توثيق ڪئي، جڏهن ته جسٽس صفدر شاهه، جسٽس حليم ۽ جسٽس دراب پٽيل ڀٽي صاحب کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. پاڪستان جي عدالتي تاريخ ۾ اڄ جڏهن جسٽس دراب پٽيل، جسٽس ڪياني، جسٽس ڪي ايم همداني، جسٽس صفدر شاهه، جسٽس فخر الدين جي ابراهيم سميت ڪئين جج صاحبان جا نالا عدليه جي عزت ۽ ناموس جي حوالي سان ورتا پيا وڃن، انهيءَ لسٽ ۾ جسٽس جواد ايس خواجا ۽ سنڌ جي پنجن ججن اشرف يار خان، غلام مصطفيٰ صفوي، الهه بچايو گبول ۽ پير اسد الله شاهه راشدي جي نالن جو به اضافو ٿي چڪو آهي.

    zulfiqarqadri@hotmail.com
     
  9. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم ذوالفقار قادري جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    ملڪ جي عدالتي تاريخ ۽ جسٽس راڻا ڀڳوان داس



    خميس 29 مارچ 2007ع

    قمبر جي شيوا منڊلي جيڪا لاڙڪاڻي جي هندن ۾ سائين ولايت راءِ صاحب جي نالي سان مشهور هئي، ان ۾ ساليانو ڀڳت جو پروگرام ٿيندو هو. سنڌ هند جا ڀڳت سائين ولايت راءِ واري شيوا منڊليءَ تي اچي حاضري ڀريندا هئا. حاضري ته قمبر واري درٻار تي سوڀي گيانچنداڻي، هري دلگير ۽ جسٽس ڀڳوان داس جي وڏڙن به ڏني هئي. لاڙڪاڻي جا جيسراڻي، گيمچنداڻي، گيانچنداڻي اچي ڀگت ڪنور ۽ چندر جي چوياريءَ ۾ گڏبا هئا. ڪلهوڙا دور جي حاڪم نصير خان ڪلهوڙي جي نالي پويان اڏيل شهر جو اوج اڄ ڏينهن تائين جهونڙن کان ناهي وسريو. ڏياري هجي يا هولي، هندو مسلم هڪ رنگ ۾ رنگيل هوندا هئا. 1947ع واري ورهاڱي ڪيترن ئي شهرن جو اهو جوڀن اجاڙي ڇڏيو.

    واڻيا ويچارا ته ويا، پر يو پي، بِهار ۽ اتر پرديش مان جيڪي اسان جا ڀائر آيا، تن شهرن جون اصلوڪيون رونقون ئي مٽائي ڇڏيون. ورهاڱي دوران سموريءَ سنڌ ۾ ڪنهن ايڪڙ ٻيڪڙ واقعي کان سواءِ ڪو وڏو هندو مسلم فساد ڪو نه ٿيو هو، پر ان هوندي به خوف ۾ اڪثريتي هندو آبادي پنهنجا اباڻا جهڳا ڇڏي هندستان هلي وئي، ان جي باوجود نصير آباد ڄائي مکي جيتي مل پرٿياڻيءَ نصير آباد ڪو نه ڇڏي. ڊسمبر 1942ع ۾ مکي جيتي مل پرٿياڻيءَ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ڀڳوانداس پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم نصير آباد مان ئي ورتي. انهن ڏينهن ۾ اتر سنڌ ۾ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ٻه ئي امتحاني سينٽر هئا، هڪ لاڙڪاڻو، ٻيو قمبر. ڀڳوان داس امتحان سانگي قمبر به ايندو رهيو. سندس والد مکي جيتومل ته اڳئي ولايت راءِ صاحب جي درٻار تي ايندو رهندو هو. ڀڳوان داس وڪالت جو امتحان پاس ڪرڻ بعد قائد اعظم جي سوانح حيات لکندڙ تحريڪ پاڪستان جي سرگرم ڪارڪن ۽ مشهور وڪيل عبدالغفور ڀرڳڙي ۽ لاڙڪاڻي ۾ پ پ جي باني رڪن ۽ نامياري قانوندان عبدالرزاق سومري جي صحبت ۾ اچي رهيو، پر وڪالت واري حساب سان هو عبدالغفور ڀرڳڙيءَ سان ئي سلهاڙيل رهيو. سٺ واري ڏهاڪي ۾ هو سول جج جي حيثيت ۾ عدليه ۾ داخل ٿيو، جتان ٿيندو سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جج جي عهدي تائين پهتو. جڏهن صدر جنرل پرويز مشرف 25 جنوري 2000ع تي اعليٰ عدالتن جي ججن متعلق نئين حلف کڻڻ جو صدارتي فرمان PD NO:1/2000 جاري ڪيو ته ملڪ جي سپريم ڪورٽ ۽ چئني صوبن جي ان وقت 102 ججن مان 89 ججن صدر مشرف جي نئين فرمان تحت حلف کنيو. ان وقت سپريم ڪورٽ ۾ ڪل ججن جو تعداد 3 1 هو، جن مان چيف جسٽس سعيد الزمان صديقيءَ سميت جسٽس خليل الرحمان، جسٽس ناصر اسلم زاهد، جسٽس مامون قاضي، جسٽس وجيهه الدين احمد ۽ جسٽس ڪمال منصور عالم سميت مختلف هاءِ ڪورٽن جي ستن جج صاحبن حلف نه کنيو. اهڙيءَ طرح هو گهر ڀيڙا ڪيا ويا.

    سپريم ڪورٽ آف پاڪستان مان ايتري انگ ۾ جج صاحبن جي وڃڻ ڪري خال پيدا ٿي پيو. ملڪ جي مختلف هاءِ ڪورٽن مان سينئر جج صاحبن کي سپريم ڪورٽ موڪلي، صدر جنرل پرويز مشرف جي جاري ڪيل فرمان تحت کانئن حلف ورتو ويو. بلوچستان هاءِ ڪورٽ مان جسٽس افتخار محمد چوڌري ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ مان جسٽس رانا ڀڳوان داس سپريم ڪورٽ ۾ مقرر ڪيا ويا. جڏهن ته جسٽس سعيد الزمان صديقيءَ جي جاءِ تي جسٽس ارشاد حسن خان کي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو چيف جسٽس مقرر ڪيو ويو. ان کان اڳ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ 12 آڪٽوبر 1999ع تي جنرل پرويز مشرف واري قدم ۽ وزير اعظم نواز شريف جي برطرفيءَ واري قدم کي اسپيڪر قومي اسيمبلي الاهي بخش سومرو، چيئرمين سينيٽ وسيم سجاد، ظفر علي شاهه۽ ٻين پاران چئلنيج ڪيو ويو هو. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس اهڙين اپيلن تي سرڪار کي جواب داخل ڪرڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. جنرل پرويز مشرف ۽ سندس ساٿي رفقاءِ ڪار جو خيال هو ته سپريم ڪورٽ جا جج صاحبان ممڪن آهي ته سندن منشا مطابق فيصلو نه ڏين، ان لاءِ کين ٻيهر حلف لاءِ چيو ويو. بهرحال جن جج صاحبن حلف نه کنيو، اهي عدليه کان الڳ ڪيا ويا. چيف جسٽس ارشاد حسن خان جي سربراهيءَ ۾ هڪ لارجر بينچ جوڙي وئي، جنهن جنرل پرويز مشرف جي 12 آڪٽوبر واري فوجي قدم خلاف داخل اپيلن کي ٻڌو. سپريم ڪورٽ جي اها لارجر بينچ چيف جسٽس ارشاد حسن خان، جسٽس محمد بشير جهانگيري، جسٽس اعجاز نثار، جسٽس عبدالرحمان خان، جسٽس شيخ رياض احمد، جسٽس چوڌري محمد عارف، جسٽس منير اي شيخ، جسٽس ناظم حسين صديقي، جسٽس قاضي محمد فاروق، جسٽس افتخار محمد چوڌري ۽ جسٽس راڻا ڀڳوان داس سميت ٽوٽل ٻارهن جج صاحبن تي مشتمل هئي. سپريم ڪورٽ جي ان ئي بينچ 12 مئي 2000ع تي پنهنجو فيصلو ٻڌايو، جنهن تحت صدر جنرل پرويز مشرف جي سرڪار کي آئيني ۽ قانوني سرٽيفڪيٽ ملي ويو. اهڙو فيصلو ڏيندڙ جج صاحبان ۾ غير فعال بڻايل هاڻوڪو چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري ۽ قائم مقام چيف جسٽس راڻا ڀڳوان داس به شامل هئا.

    اهو ڪو پهريون دفعو ڪو نه ٿيو آهي، پر اهو سلسلو چوڌري غلام محمد، اسڪندر مرزا ۽ ايوب خان جي دور کان هلندو پيو اچي. هونئن به ڪنهن رياست ۾ عدليه، پارليامينٽ، فوج ۽ انتظاميه بنيادي ٿنڀ شمار ٿيندا آهن، اسان جي ملڪ جا حڪمران چاهي سولين هجن يا نان سولين، هر ڪنهن فوج، عدليه ۽ انتظاميه کي پنهنجي مرضيءَ مطابق هلائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي. مرحوم لياقت علي خان جڏهن وزير اعظم هو ته هن سينئر آفيسرن کي نظر انداز ڪري، ايوب خان کي ڪمانڊر انچيف بڻايو. بعد ۾ جڏهن لياقت علي خان کي پنڊيءَ ۾ گولي هڻي ماريو ويو ته حڪومت ان جي اصل قاتلن تائين رسائي به حاصل ڪري نه سگهي. گورنر جنرل غلام محمد آئين ساز اسيمبلي ٽوڙي جونيئر جج جسٽس منير کي سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس بڻائي، پنهنجي حق ۾ فيصلو ورتو. اسڪندر مرزا مارشلا هڻي ايوب خان کي مارشلا ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ته سپريم ڪورٽ اهڙي قدم کي جائز قرار ڏنو. يحيٰ خان جيستائين حڪمران رهيو، سندس ڪنهن وار به ونگو نه ڪيو. نيٺ ملڪ ٽوڙائي بيهي رهيو. جنرل نيازيءَ هٿيار ڦٽا ڪيا ته کانئس ڪنهن به پڇا ڳاڇا نه ڪئي، پر جڏهن گذاري ويو ته احترام ۽ اعزاز سان دفنايو ويو. ذوالفقار علي ڀٽي شهيد به پنهنجي مرضيءَ جا جج اعليٰ عدالتن ۾ مقرر ڪيا. نه فقط جج، پر ليفٽيننٽ جنرل محمد شريف، ليفٽيننٽ جنرل محمد اڪبر خان، ليفٽيننٽ جنرل آفتاب احمد خان، ليفٽيننٽ جنرل عظمت بخش اعواڻ، ليفٽيننٽ جنرل آغا علي ابراهيم اڪرم، ليفٽيننٽ جنرل ملڪ عبدالمجيد ۽ ليفٽيننٽ جنرل غلام جيلاني خان جهڙن سينئر جنريلن کي باءِ پاس ڪري، موسٽ جونيئر ليفٽيننٽ جنرل ضياءُ الحق کي آرمي چيف بڻايائين، پر اڳتي هلي ڀٽي صاحب کي اها ڳالهه ڳچيءَ ۾ پئي ۽ ساڳئي ضياءُ الحق کيس ڦاسيءَ تائين پهچايو. جنهن جسٽس مولوي مشتاق کي هن چيف جسٽس بڻائڻ پئي چاهيو، ٻين جي چوڻ تي ارادو تبديل ڪيائين ته تقدير کيس وري اتي اچي بيهاريو، جو ان ئي شخص جي فيصلي سبب کيس ڦاهي آئي. بينظير کي جڏهن پهرئين ڀيري صدر اسحاق خان گهر ڀيڙو ڪيو ته اهڙي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو. سپريم ڪورٽ صدر جي قدم جي تائيد ۾ فيصلو ڏنو. جڏهن وري نواز شريف جي سرڪار پهريون دفعو صدر اسحاق هٿان برطرف ٿي ته اهڙو قدم به سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو. چيف جسٽس نسيم حسن شاهه صدر جي اهڙي فيصلي کي آئين جي خلاف سڏيندي، نواز شريف سرڪار جي حق ۾ فيصلو ڏئي ڇڏيو، پر سپريم ڪورٽ جي جسٽس سيد سجاد علي شاهه اختلافي نوٽ لکيو ته ”جڏهن ڪنهن سنڌي وزير اعظم کي لاٿو ٿو وڃي ته اهڙي قدم کي جائز قرار ڏنو ٿو وڃي، ان جي ابتڙ پنجاب سان واسطو رکندڙ وزير اعظم ساڳين الزامن مان بري ڪيو ٿو وڃي“. اڳتي هلي جڏهن محترمه ٻيو دفعو وزير اعظم بڻي ته سندس نظر سيد سجاد علي شاهه تي پئي ۽ هن سينئر ججن کي نظر انداز ڪندي، کيس چيف جسٽس بڻائي ڇڏيو. اڳتي هلي محترمه هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ جج مقرر ڪرڻ چاهيا ته جسٽس سجاد علي شاهه ئي سندس اهڙي عمل جو مخالف ٿي بيٺو. بعد ۾ جڏهن صدر فاروق لغاري هڪ صدارتي حڪم هيٺ بينظير جي سرڪار ختم ڪئي ته جنهن سجاد علي شاهه کي بينظير ٻين سينئر ججن کي نظر انداز ڪري سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس بڻايو هو، ان ئي اسپيڪر يوسف رضا گيلانيءَ جي داخل ڪيل پٽيشن تي صدارتي قدم کي جائز قرار ڏنو هو. نواز شريف جڏهن هٿياربند فوج جي ليفٽيننٽ جنرل علي قلي خان، ليفٽيننٽ جنرل خالد نواز ۽ ليفٽيننٽ جنرل رحمدل ڀٽيءَ کي سپر سيڊ ڪندي جنرل پرويز مشرف کي چيف آف آرمي اسٽاف بڻايو ته کيس دلجاءِ ٿي، پر جنهن جنرل پرويز مشرف کي هن ترقي ڏني هئي، بعد ۾ ان ئي کيس اقتدار تان لاهي پهرين جيل ۽ بعد ۾ جلاوطني ڏيکاري. هن وقت غير فعال بڻايل چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري، جسٽس ارشاد حسن خان سان گڏجي، مشرف سرڪار کي قانوني رستو ڏنو هو، پر هاڻ ان ئي جنرل پرويز مشرف سندس خلاف ريفرنس موڪلي، کيس غير فعال بڻائي ڇڏيو.

    صدر جنرل پرويز مشرف پاران ريفرنس موڪلڻ کان پوءِ غير فعال چيف جسٽس سان جيڪو رويو رکيو ويو، تنهن کي ملڪ جي وڪيلن ۽ قانوندانن چڱيءَ نظر سان ناهي ڏٺو. سموري ملڪ جي بار ڪائونسل عدليه جي آزادي ۽ وقار لاءِ آواز بلند ڪيو آهي. هاڻ جڏهن جسٽس راڻا ڀڳوان داس سپريم ڪورٽ جي قائم مقام چيف جسٽس جي عهدي جو حلف کڻي چڪو آهي، سموري ملڪ جي قانوندانن ۽ سڄاڻ ماڻهن جون نظرون هن نصير آباد ڄائي جسٽس طرف کنيل آهن. هاڻ ڏسجي ته جسٽس راڻا ڀڳوان داس پاڪستان جي عدالتي تاريخ جو ڪهڙو باب ٿو رقم ڪري.

    zulfiqarqadri@hotmail.com
     
  10. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم ذوالفقار قادري جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    بينظير خلاف ريفرنسن جو ٻورين ۾ بند ٿيڻ ڇا ٿو ٻڌائي؟



    جمع 6 اپريل 2007ع

    حڪمران(ق) ليگ جي اڳواڻن جي دل تي ڇا گذريو هوندو، جڏهن بينظير ۽ آصف زرداريءَ خلاف داخل مبينه بدعنوانين وارن ڪيسن جي فائيلن کي گذريل ڏينهن نيب آفيس وارن ٻورن ۾ بند پئي ڪيو، البته اها ڳالهه ته سمجهه ۾ اچي ٿي ته هاڻ ملڪ جي سياسي منظر نامي تي تبديليءَ جا ڪڪر ڀرجي آيا آهن. بينظير ۽ آصف خلاف ريفرنس ٻورين ۾ بند ڪرڻ سان گڏ محترمه ۽ آصف زرداريءَ وارن ڪيسن جي پوئواري ڪندي، صدارتي تمغو حاصل ڪندڙ آفيسر کي گورنر پنجاب ليفٽيننٽ جنرل(رٽائرڊ) خالد مقبول جو پرنسپل اسٽاف آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي. بينظير ۽ آصف زرداريءَ تي جيڪي مشترڪه ڪيس داخل ڪيا ويا هئا، تن جي شروعات ان ڏينهن کان ٿي چڪي هئي، جنهن ڏينهن صدر فاروق لغاري 96ع ۾ بينظير سرڪار کي برطرف ڪيو هو. معراج خالد جي نگران سرڪار ۾ صدر لغاريءَ هڪ احتساب آرڊيننس جاري ڪيو هو، جيڪو 1986ع کان عمل ۾ اچڻو هو، پر جڏهن ميان نواز شريف صدر فاروق لغاري ۽ نگران وزير اعظم معراج خالد پاران ڪرايل چونڊن ۾ ڀاري مينڊيٽ کڻي وزير اعظم بڻيو ته هن ان آرڊيننس کي قانوني شڪل ڏيندي، ان آرديننس کي 1985ع بجاءِ 1990ع کان عمل ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪرايو. ان سان گڏ هن پنهنجي هڪ وزير سيف الرحمان جي نگرانيءَ ۾ احتساب سيل پڻ جوڙايو. سيف الرحمان پاران بينظير ۽ آصف خلاف پهريون ايس جي ايس ريفرنس ڪيس 24 جنوري 1997ع تي داخل ٿيو هو. ايس جي ايس ريفرنس داخل ٿيڻ بعد محترمه ۽ زرداريءَ تي ڪيسن داخل ڪرڻ جو هڪ اڻ کٽ سلسلو شروع ٿي ويو. بينظير ۽ آصف تي جيڪي مشترڪه ريفرنس داخل ٿيا، تن ۾ ايس جي ايس ريفرنس، پولو گرائونڊ ريفرنس ۽ سئز بينڪن ۾ اڪائونٽن وارو ريفرنس شامل آهن. جڏهن ته آصف زرداريءَ تي جيڪي فوجداري ڪيس داخل ٿيا، تن ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس، عالم بلوچ قتل ڪيس، جسٽس نظام قتل ڪيس، منشيات ڪيس، اسٽيل ملز ڪيس ۽ ڪينٽيز ڪيس شامل آهن. انهن سمورن ڪيسن مان ڪجهه ڪيسن ۾ احتساب عدالتن سزائون ٻڌايون، پر اعليٰ عدالتن ۾ اپيلون داخل ڪرڻ بعد اهي سزائون معطل ٿي ويون. ڪجهه ڪيسن ۾ عدالتن کين بري ڪيو يا سندن ضمانتون منظور ڪيون. ميان نواز شريف واري وزارت اعظميٰ وارن ڏينهن ۾ بينظير کي ڪيسن ۾ايترو ته منجهايو ويو، جو کيس هڪ ڏينهن ڪراچي ته ٻئي ڏينهن لاهور وڃڻو پوندو هو. راولپنڊي تائين جو سفر ۽ ڪيسن جي حاضري ڄڻ بينظير کان آرام کسي ورتو. محترمه، نواز شريف سرڪار مان ڇوٽڪاري لاءِ ڪنهن معجزي جي انتظار ۾ ئي هئي ته 12 آڪٽوبر 1999ع تي پاڪستان جي هٿياربند فوج پنهنجي چيف جي برطرفيءَ واري عمل خلاف تحرڪ ۾ آئي ۽ وزير اعظم نواز شريف کي گرفتار ڪري، حڪومتي اختيار پنهنجي هٿ وس ڪيا ويا. اهڙيءَ طرح نواز شريف جو مقرر ڪيل آرمي چيف جنرل پرويز مشرف ملڪ جو چيف ايگزيڪيوٽو بڻجي ويو. اهڙي تبديليءَ تي بينظير سک جو ساهه کنيو ۽ هٿياربند فوج جي اهڙي کنيل قدم جي آجيان پڻ ڪئي. کيس اميد هئي ته نئين پرويز مشرف سرڪار نواز شريف حڪومت ۾ ساڻس ٿيل ناانصافين جو ازالو ڪندي، پر جلد ئي محترمه جا اهي خواب سچ ثابت ٿيندي نظر نه آيا، جڏهن نئين فوجي سرڪار سيف الرحمان واري احتساب سيل کي ختم ڪرڻ بجاءِ ان کي وڌيڪ سگهارو ڪيو ۽ هڪ حاضر سروس ليفٽيننٽ جنرل کي احتساب سيل جو سربراهه بڻائي ڇڏيو. بينظير ۽ آصف خلاف داخل ڪيسن جي نه صرف پاڪستان پر لنڊن ۽ سئيرزلينڊ تائين به پوئواري ڪئي وئي ۽ ان تي وڏو خرچ ڪيو ويو. ان سان گڏ صدر پرويز مشرف وقت بوقت اهڙن خيالن جو اظهار به ڪندو رهيو آهي ته بينظير ۽ نواز شريف جو هاڻ ملڪي سياست ۾ ڪو ڪردار نه آهي. ان سان گڏ صدر هڪ آرڊيننس به جاري ڪيو، جنهن کي پارليامينٽ مان به منظور ڪرايو ويو. ان آرڊيننس تحت ڪو به ٻه ڀيرا وزير اعظم رهندڙ شخص ٽيون ڀيرو وزير اعظم نه ٿي سگهندو. بينظير سرڪار کي برطرف ٿئي يارهن سال گذري چڪا آهن. پ پ کي اقتدار مان آئوٽ ٿئي يارهون سال هلي رهيو آهي. اهو اتفاق آهي ته ٻارهين سال پ پ پاور ۾ هوندي آهي. ماضيءَ ۾ به ذوالفقار علي ڀٽي جي سرڪار ختم ڪري، جنرل ضياءَ يارنهن سال حڪومت ڪئي ۽ ٻارهين سال جنرل ضياءَ هڪ هوائي حادثي ۾ موت جو شڪار ٿيو ته ان کان پوءِ پ پ اقتدار ۾ آئي هئي. هن ڀيري به لڳي ٿو ته ٻارهون سال پ پ لاءِ اهڙي ڪا خبر کڻي ايندو. بينظير هڪ ماهر رانديگر جيان آمريڪا، فوج، اسٽيبلشمينٽ، ايم ايم اي ۽ عوام وچ ۾ پنهنجا پتا کيڏي رهي آهي، جنهن سان گهڻين ئي ڌرين کي ڳڻتي ورائي وئي آهي. نئين صورتحال بعد خاص طور بينظير لاءِ ميڊيا ۾ جارحاڻو رويو رکيو پيو وڃي. بهرحال ٻورا ته ٻڌجي چڪا آهن، پر هن موقعي تي الائي ڇو اميتاڀ بچن جي جڳ مشهور فلم ”شعلي“ جو اهو ڊائلاگ ور ور ڪري ٿو ياد اچي، ته ”تيرا ڪيا بني گا ڪاليه؟.“

    مشرف- بينظير مفاهمت بعد حڪمران ق ليگ جو ڪهڙو رول هوندو؟ اها خبر ته دهلي ڄائي کي ئي آهي، پر معاملن جي ڪجهه خبر پير سائين پاڳاري کي به آهي، تڏهن ئي ڪنگري هائوس اڄڪلهه گجرات ۽ کيتلاريءَ کان پري پري نظر اچڻ لڳو آهي.

    سنڌ هند ۾ پير ڳوٺ جي درگاهه راشديه ۽ ملتان جي گيلانين جا وقت جا حاڪم به مريد رهيا آهن. اوچ شريف جي گادي، موسيٰ پاڪ پنجاب ۽ ملتان جي گيلانين جو سلسلو به گڏيل ئي رهيو آهي. اهي برصغير ۾ سهروردي، اجميري ۽ چشتي سلسلي ۾ پاڻ ۾ گڏيل آهن. هندستان جي بادشاهن سڪندر لوڌي، شير شاهه سوري ۽ همايون پڻ انهن درگاهن تي حاضريون ڏنيون. پير سائين پاڳاري جي فرزند صدر الدين شاهه عرف يونس سائين ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي وائيس چيئرمين يوسف گيلانيءَ جي پاڻ ۾ رشتيداري ڪا نئين ڪونهي. پنجاب جي رحيم يار خان ضلعي ۾ جمال الدين والي واري درگاهه جي گادي ڌڻي مخدوم الملڪ سيد غلام ميران شاهه جو سنڌ هند جي روحاني بزرگن ۾ وڏو مقام رهيو آهي. مخدوم الملڪ سيد غلام ميران شاهه جي هڪ نياڻي سيد مخدوم علمدار حسين گيلاني جي شريڪ حيات بڻي، جنهن مان سيد يوسف رضا گيلاني پيدا ٿيو. جڏهن ته سيد غلام ميران شاهه جي ٻي نياڻي سنڌ ۾ پير سائين پاڳاري جي شريڪ حيات بڻي. اهڙيءَ طرح يونس سائين ۽ سيد يوسف رضا گيلاني پاڻ ۾ ماسات به ٿين. وري پير صدرالدين شاهه عرف يونس سائين ۽ سيد يوسف رضا گيلاني جو مامون مخدوم زادهه حسن محمود پنجاب جو وڏو وزير به رهيو. اسڪندر مرزا ۽ ايوب خان جي دور ۾ مخدوم زاده حسن محمود ئي هو، جنهن حڪمران ق ليگ جي صدر چوڌري شجاعت جي پيءُ چوڌري ظهور الاهيءَ کي سياست ۾ آندو ۽ گجرات ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو کيس چيئرمين ڪيائين. وڏڙن جي اها روايت ته مخدوم زاده حسن محمود جي فرزندن احمد محمود ۽ اڪبر محمود به زندهه رکي، جو پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي ۽ آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل اختر عبدالرحمان جي فرزند همايون اختر کي پنهنجي اباڻي ضلعي رحيم يار خان مان نه فقط اليڪشن ۾ بيهاريائون، پر ٻنهي کي چونڊ کٽرائي تخت لاهور تي به ويهاريائون.

    چوندا آهن ته ميرن کي به گهر مان لڳي هئي. ميرن کي گهر مان لڳي يا نه لڳي، پر موجوده حاڪمن کي لڳي ٿو ته گهر مان ئي لڳي آهي. اسلام آباد واري سڄي فلم جا ڊائريڪٽر چون ٿا ته ان پٺيان اصل ڪردار چڪوال ۽ گجرات وارن جو ئي هو. ڇاڪاڻ ته صدر جنرل پرويز مشرف جڏهن چيف جسٽس واري معاملي تي دفاعي جنگ وڙهي رهيو هو ته وڏو چوڌري صاحب آمريڪا جي سير سپاٽي تي نڪتل هو. جڏهن ڀٽي صاحب جي شهادت واري ڏهاڙي تي سندس نياڻيءَ خلاف تيار ڪيل ڪاغذ پٽ ٻورن ۾ وڌا ئي ويا، تڏهن وڏو چوڌري صاحب به اچي اسلام آباد پهتو آهي. چوڻ وارا ته ايئن به چون ٿا ته حڪمران ليگ ۾ ويٺل ڪيترن وزيرن، مشيرن ۽ ميمبرن ڪالهه کان ئي پ پ ۾ واپسيءَ لاءِ هالا ۽ ملتان وارن پيرن سان رابطه شروع ڪري ڇڏيا آهن. چوڻ وارا ته اهو به چون ٿا ته ڪنگري ۽ ملتان وارن وچ ۾ رشتيداري دراصل مستقبل ۾ پ پ ۽ فنڪشنل ليگ جي گڏيل سرڪار جوڙڻ طرف هڪ پيش قدمي به آهي.

    zulfiqarqadri@hotmail.com
     
  11. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم ذوالفقار قادري جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    مشرف- محترمه وچ ۾ فائينل رائونڊ واشنگٽن ۾ ٿيندو؟



    اربع 18 اپريل 2007ع

    اطلاع آهن ته پاڪستان جو صدر جنرل پرويز مشرف ۽ پ پ چيئرپرسن بينظير ڀٽو ايندڙ مهيني آمريڪا ۾ گڏ هوندا. هونئن ته ٻنهي اڳواڻن جي آمريڪا ياترا جا مقصد جدا جدا آهن، پر پوءِ به ٻنهي اڳواڻن جي هڪ ئي وقت آمريڪا ۾ موجودگيءَ کي ڪافي بامعنيٰ تصور ڪيو پيو وڃي. عالمي حالتن جي پسمنظر ۾ پاڪستان اڃا تائين آمريڪين لاءِ پسنديده ملڪ آهي. جڏهن ته روشن خيال هجڻ جي دعويٰ سبب صدر جنرل پرويز مشرف ۽ محترمه بينظير آمريڪا وٽ دلپسند شخصيتون بڻيل آهن. هونئن به اسان جهڙن ملڪن جا فوجي حڪمران آمريڪا جي اکين تي هوندا آهن. جنرل ايوب خان ڏهه سال آمريڪين جي اکين جو ٺار رهيو ته مٿان جنرل ضياءَ يارهن سال سندن منٺار بڻيو رهيو. صدر جنرل پرويز مشرف به گذريل اٺن سالن کان آمريڪين جو دلدار لڳو پيو آهي. رهي ڳالهه بينظير ڀٽو جي، ته هن ته پنهنجا جوهر انهن ڏينهن ۾ ئي آمريڪا کي ڏيکاريا هئا، جڏهن 1971ع واري پاڪ ڀارت جنگ دوران هوءَ پنهنجي پيءُ ذوالفقار علي ڀٽي سان گڏ سلامتي ڪائونسل واري اجلاس ۾ پولينڊ واري قرار داد ڦاڙڻ دوران سندس سيڪريٽري جا فرض سرانجام ڏئي رهي هئي. آمريڪين کان بينظير جا اهي ڏينهن به نه وسريا آهن، جڏهن هن آڪسفورڊ اسٽوڊنٽس يونين جي صدر هئڻ سبب واشنگٽن آڏو ويٽنام جنگ خلاف مظاهري جي قيادت ڪئي هئي. آمريڪين جون نظرون ان وقت به ڀٽي جي پنڪيءَ تي هيون، جڏهن ڀٽو ۽ اندرا گانڌي هندستان جي خوبصورت ۽ مشهور شهر شمله ۾ ڍاڪا ۾ هٿيار ڦٽا ڪندڙ سپاهين جي آزاديءَ لاءِ ڳالهيون پئي ڪيون. پنڪيءَ پاڻ کي لباس ۾ اندرا گانڌيءَ جهڙو رکڻ لاءِ پنهنجي امڙ نصرت ۽ ساهيڙي سميعه جون ساڙهيون پهري، جڏهن شمله مذاڪرات ۾ شرڪت ڪئي ته نه فقط هندستاني ميڊيا پر واشگنٽن تائين اخبارن کيس پهرين صفحن ۾ جاءِ ڏني.

    آمريڪي ٿنڪ ٽينڪ هر شيءِ کي ڪنهن ماهر جوهريءَ جيان جاچيندي آهي. ڀٽي کي پنهنجي ڌيءُ پنڪي اندر لڪل صلاحيتن جي ڀليءَ ڀت ڄاڻ هئي، پر واشنگٽن وارن به پنڪيءَ کي پنهنجي نظر ۾ پئي رکيو. هونئن ته ذوالفقار علي ڀٽو به نڪسن کان وٺي ڪينيڊي تائين جي نظرن ۾ هو ۽ واشنگٽن جي هميشه اها خواهش رهي ته ڀٽو سندن لاڏلو ٿي رهي، پر ڀٽي جي ارهه زورائين، مائو سان محبت، روس سان ويجهڙائي، مسلم امه ۽ ٽين دنيا واري هلچل واشنگٽن کي چيڙائي وڌو. سو جيڪا ڇيڙي نبيري واشنگٽن ڀٽي کان ڪرائڻ پئي چاهي، سا ذميواري فرح پهلوي جي ڀاءُ رضا پهلويءَ حوالي ٿي، پر ان وقت تائين دير ٿي چڪي هئي. ذلفي جي سحر عرب اڳواڻن کي پنهنجو اسير بڻائي ڇڏيو هو. ڀٽو گهڻو اڳتي نڪري چڪو هو. جڏهن ڪسنجر جي چيتاوڻي به اثر نه ڏيکاريو ته واشنگٽن وارن ڀٽي مان هر حال ۾ جند ڇڏائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. ڀٽي جي شهادت پاڪستاني عوام ۾ واشنگٽن لاءِ نفرت پيدا ڪري ڇڏي. پوءِ پاڪستاني حزب اختلاف خاص طور پ پ جو ڪو اهڙو جلسو جلوس نه هو، جنهن ۾ آمريڪا خلاف نعرا نه لڳا هجن. آمريڪي جهنڊا به ساڙيا ويا. پيءُ جي قتل ۽ جنرل ضياءَ جي يڪطرفه حمايت ڪرڻ تي محترمه کي به آمريڪي رويي تي ڪاوڙ هئي، پر اها برف انهن ڏينهن کان ڳرڻ شروع ٿي وئي، جڏهن بينظير مسلسل نظر بندين کان ٿيندي، ڪراچي ۽ سکر سينٽرل جيل ۾ جون جولاءِ جي قيامت خيز گرميءَ وارا ڏينهن قيد ۾ ڪٽي، ستر ڪلفٽن واري اباڻي گهر ۾ نظر بند ٿي. ان دوران بينظير جو هڪ ڪن ٻڌڻ جي سگهه وڃائي ويٺو. اها ٻي ڳالهه آهي ته اڪثر ڀٽا اڃا تائين هڪ ڪن کان ڳالهه ٻڌي ٻئي ڪن مان ڪڍيو ڇڏين. عالمي انساني حقن جي تنظيمن جي دٻاءَ هيٺ آخر هڪ ميڊيڪل بورڊ محترمه جي ڪن جو معائنو ڪري، رپورٽ ڏني ته جيڪڏهن سندس ڪَن جو ٻاهرئين ملڪ جي ڪنهن اسپتال ۾ آپريشن نه ٿيو ته محترمه جي ٻڌڻ جي قوت هميشه لاءِ متاثر ٿي سگهي ٿي. ضيا نه پئي چاهيو ته ڪو بينظير ملڪ کان ٻاهر وڃي، پر چون ٿا ته اهو واشنگٽن جو ئي دٻاءُ هو جو هڪ ڏينهن زون سي جو مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ليفٽيننٽ جنرل ايس ايم عباسي بينظير جي گهر ستر ڪلفٽن تي اچي نڪتو ۽ محترمه کي چيائين ته اوهان ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي تياري ڪريو. سرڪار علاج لاءِ اوهان کي ٻاهر موڪلي رهي آهي. اهڙيءَ ريت محترمه واشنگٽن وارن جي مهربانيءَ سان طويل عرصي بعد پاڪستان کان ٻاهر واري دنيا ڏٺي.

    هونئن پنهنجي طور تي ڀٽي خاندان سان حافظ الاسد ۽ ڪرنل قذافي به گهڻو ئي نڀايو. ٻنهي اڳواڻن ڀٽي صاحب جي ڪري آخري وقت تائين ضياءَ سان هٿ نه ملايو. هڙان وڙان جيڪو کانئن پڳو، ڀٽي خاندان جي پئي مدد ڪيائون، پر ڪرنل قذافي کان اهو ڏک ڪڏهن نه وسريو، جڏهن محترمه ضياءَ جي مرڻ بعد پاڪستان جي وزير اعظم بڻي ته هن رياض کان ويندي واشنگٽن تائين جا دورا ڪيا، پر قذافيءَ کي ڏکئي وقت ۾ مدد ڪرڻ تي”ٿينڪس“ چوڻ به ليبيا نه وئي. اتفاق سان انهن ڏينهن ۾ يوگو سلاويه جي گاديءَ واري هنڌ بلغراد ۾ غير وابسته ملڪن جي ڪانفرنس ٿي رهي هئي. ڪانفرنس ۾ ليبيا جو سربراهه ڪرنل قذافي به شريڪ هو. پاڪستاني وفد جي اڳواڻي وزير اعظم جي امڙ ۽ سينئر وزير بيگم نصرت ڀٽو پئي ڪئي. بلغراد سرڪار ڪرنل قذافي ۽ بيگم نصرت ڀٽو واري وفد جو هڪ ئي محل ۾ رهڻ جو بندوبست ڪيو. هڪ ڏينهن ڪرنل قذافي بيگم نصرت ڀٽو ۽ پاڪستاني وفد جي دعوت ڪئي. قذافيءَ جي رهڻ ڪرڻ جو پنهنجو ئي هڪ انداز آهي. هن بلغراد واري محل کي به ليبيا جو ريگستان سمجهي وڏا طنبو طولان هڻايا، طرابلس مان خصوصي اڏامن ۾ ڏاچيون گهرايون، جيڪي محل ۾ اوڳر ڪري رهيون هيون. مقرر ٽائيم تي بيگم نصرت ڀٽو وفد سميت شامياني ۾ پهتي. ڪرنل قذافي مخصوص ڪمانڊو وردي پاتل خواتين باڊي گارڊن جي پهري ۾ بيگم صاحبه جي آجيان ڪئي. بيگم ڀٽو ۽ ڪرنل قذافي آمهون سامهون هئا. قذافي روايتي طور ڏاچيءَ جي کير جو پيالو وفد کي پيش ڪيو. مينهن جي کير تي هريل پاڪستاني وفد مٿينءَ دل سان ڏاچيءَ جي کير جو وٽو منهن تي چاڙهيو. انهيءَ لمحي ڪرنل قذافي شڪايتي لهجي ۾ بيگم نصرت ڀٽو کي چيو ته مان بينظير سان ناراض آهيان. بينظير سڄيءَ دنيا جا دورا ڪيا، پر کيس مون سان ملڻ لاءِ ٽائيم ڪونهي. بيگم نصرت به آخر زندگيءَ جا ڏينهن ڀٽي شهيد سان گهاريا هئا، سو ڳالهه سمجهي وئي. قذافيءَ کي چيائين ته اوهان جي ڪاوڙ بجا آهي، پر بينظير وري به اوهان جي نياڻي آهي. ڪرنل قذافيءَ کڻي بس ڪئي، پر قذافيءَ کي ڪير سمجهائي ته بينظير هاڻ تريپولي بجاءِ واشنگٽن ڏانهن پئي واجهائي.

    محترمه جڏهن 8 8 ع ۾ پهريون دفعو وزير اعظم بڻي ته سعودي عربيه جي هڪ عالم فتويٰ ڏئي ڇڏي ته عورت حڪمران بڻجي نٿي سگهي. اهو ئي سبب هو جو سڄيءَ دنيا محترمه کي مبارڪن جا نياپا موڪليا، پر سعودي بادشاهه اهڙي رسمي پيغام موڪلڻ کان به لنوائيندا رهيا. چون ٿا ته جڏهن محترمه وزير اعظم ٿيڻ بعد عمري جي ادائيگيءَ لاءِ سعودي عرب پئي وئي ته سعودي بادشاهه جي محل طرفان ٻڌايو ويو ته بادشاهه سلامت وٽ پاڪستاني وزير اعظم سان ملڻ جو ٽائيم ڪونهي. هاڻ پاڪستان جي وزارت خارجه اچي ڦاٿي ته ڇا ڪجي. محترمه سعودي عرب به وڃي ۽ سعودي بادشاهه ساڻس ملاقات نه ڪري ته يقينن مخالف ان ڳالهه کي ڳالهوڙو ڪري پيش ڪندا. تنهنڪري هر قسم جون ڪوششون ڪيون ويون. بهرحال جڏهن ياسر عرفات سعودي جي بادشاهه سان ڳالهايو، تڏهن وڃي محترمه ۽ شاهه فهد جي ملاقات ٿي سگهي. چوڻ وارا چون ٿا ته ان مرحلي تي به واشنگٽن وارا ئي وچ ۾ پيا هئا. هاڻ ان جو مطلب اهو به نه وٺجي ته ڪو آمريڪا وارا محترمه تي ايترا مهربان آهن.

    جڏهن 5 جولاءِ 1977ع تي جنرل ضياءَ وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي جي سرڪار جو تختو اونڌو پئي ڪيو ته ڀٽي سان آخري ملاقات ڪندڙ به آمريڪي سفير ئي هو. جنرل ضياءَ يارهن سال آمريڪي مفادن لاءِ رات ڏينهن هڪ ڪري ڇڏيا، پر جڏهن 7 1 آگسٽ 1988ع تي بهاولپور ويجهو بستي لال ڪمال وٽ فضائي حادثي ۾ مارجي ويو ته آمريڪا جي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ڪو ذڪر جوڳو رد عمل به ظاهر نه ڪيو. جڏهن ته ان حادثي ۾ سندن سفير ۽ ملٽري اتاشي به مارجي ويا هئا. 1990ع ۾ جڏهن صدر اسحاق خان بينظير سرڪار کي برطرف ڪيو، تڏهن به صدر اسحاق سان آخري ملاقات ڪندڙ شخص آمريڪي سفير ئي هو. ان ڪري ماضيءَ جي تجربن مان پڌرو آهي ته آمريڪين کي هميشه پنهنجا مفاد ئي عزيز رهيا آهن. جيستائين روسي افغانستان ۾ هئا، پاڪستان ۾ جنرل ضياءَ جو رهڻ آمريڪا جي مجبوري هئي. هينئر به جيستائين آمريڪا عراق ۽ افغانستان ۾ آهي، جنرل مشرف جو پاڪستان ۾ هئڻ سندن مجبوري آهي. البته اها ڳالهه صحيح آهي ته مشرف ۽ محترمه وچ ۾ وڇوٽي واشنگٽن وارن کي نٿي وڻي. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته آمريڪا هڪ مياڻ ۾ٻه تلوارون ڪيئن ٿو رکي. پر باوجود ان جي هي پاڪستان آهي، جتي ڪجهه به ممڪن آهي. ڳجهن ادارن پاران ناپسنديده قرار ڏنل مرحوم ڄام صادق سنڌ جو وڏو وزير ٿي سگهي ٿو، جنرل آصف نواز جنجوعه جي ڏينهن ۾ هٿياربند فوج جي شعبه تعلقات عامه آءِ ايس پي آر پاران متحده قومي مومينٽ ۽ الطاف حسين بابت جاري ڪيل بيان وساري سگهجن ٿا، آصف زرداريءَ کي جيل مان آڻي وزارت جو حلف کڻائي سگهجي ٿو، آفتاب شير پائو، فيصل صالح حيات، لياقت جتوئي ۽ ٻين کي نيب ڪيسن باوجود پاور فل وزارتون ڏئي سگهجن ٿيون ته هتي مشرف -محترمه جو تضاد به ڪو چانڊئي -مگسيءَ جي ڀونگاهه واري جنگ جهڙو ته ڪونهي، جنهن جو حل نه نڪري. جڏهن ته اڳتي هلي چانڊيه -مگسي به پاڻ ۾ ٺهي ويا هئا. شيخ رشيد ته چوي ٿو، ڳالهيون فائينل رائونڊ ۾ آهن. ان ڪري اهو بلڪل به ممڪن آهي ته اهو فائينل رائونڊ مئي مهيني ۾ ئي ٿي وڃي، جڏهن مشرف ۽ محترمه واشنگٽن ۾ هوندا.

    zulfiqarqadri@hotmail.com
     
  12. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم ذوالفقار قادري جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    پاڪستان ۾ ورديءَ وارو سوال ڪيئن حل ٿيندو؟



    اڱارو 24 اپريل 2007ع

    وزير اعظم شوڪت عزيز ان ڳالهه کي ٻيهر ورجايو آهي ته صدر جنرل پرويز مشرف کي ٻيهر به ورديءَ ۾ ئي صدر چونڊرايو ويندو. ان کان اڳ پنجاب جو وڏو وزير پرويز الاهي به صدر صاحب کي ڏهه دفعا ورديءَ ۾ قبول ڪرڻ جا اعلان ڪري چڪو آهي. مجموعي طور سنڌ جي وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم سميت پوري حڪمران قائد ليگ صدر جي ورديءَ ۾ مستقل طور صدر رهڻ واري معاملي تي متفق آهي. ٻئي طرف صدر کان ويندي وزيرن تائين سڀ ان ڳالهه جو وڏي واڪي اظهار ڪن ٿا ته موجوده اسيمبليون پنهنجو قانوني مدو پورو ڪري رهيون آهن. ماضيءَ ۾ ايئن ٿيندو آيو آهي ته اسيمبليون اڃا ”بيبي فيڊر“ ۾ هونديون آهن يا مس بانبڙا پائيندڙ ٻار جيان هلڻ لڳنديون آهن ته مٿن آڱريون کڄڻ شروع ٿي وينديون آهن ۽ پوءِ جلد گهر ڀيڙيون به ٿي وينديون آهن. سنڌيءَ ۾ چوندا آهن”اڳياڙي ته خير سان گذري، پر شل پڇاڙي خير سان گذري.“ آخرت ته مرحوم محمد خان جوڻيجو به پنهنجي سنواري ويو هو، جو جنرل ضياءَ جي ورديءَ هيٺ قائم ٿيل اسيمبلين مان وزير اعظم چونڊجڻ باوجود هن فاتح افغانستان جي نالي سان مشهوري ماڻيندڙ هڪ پاور فل جرنل سان مهاڏو اٽڪايو هو. جنرل ضياءَ به تڏهن هڪو ٻڪو ٿي ويو هو، جڏهن ان وقت جي سيڪريٽري دفاع سليم عباس جيلانيءَ هڪ ڏينهن کيس چيو هو ته وزير اعظم پڇي رهيو آهي ته صدر صاحب ڪڏهن پنهنجي وردي لاهيندو. اها الڳ ڳالهه آهي ته جوڻيجو مرحوم به جنرل ضياءَ کان وردي لهرائي ڪو نه سگهيو، پر پاڻ وزيراعظم جي ڪوٽي لاهي اچي سنڌڙي وسايائين.

    پاڪستان ۾ ورديءَ وارو بحث ڪو نئون ڪونهي. متحده هندستان ۾ پهرين مهاڀاري جنگ کان پوءِ سموري متحده هندستان ۾ هٿيار بند فوج جو تعداد اٽڪل هڪ لک پنجويهه هزار هو، جنهن ۾ اٽڪل ويهه هزار گورا ۽ ٽيهن هزارن جي لڳ ڀڳ مسلمان هئا. جڏهن ٻي عالمي جنگ لڳي ته متحده هندستان جي فوج وڃي اٽڪل پنجويهن لکن کي پهتي. جنگ جي خاتمي بعد ان جي سائيز گهٽجي وڃي چئن لکن جي لڳ ڀڳ بيٺي. جڏهن ورهاڱو ٿيو ته اٽڪل ڏيڍ لک نفري پاڪستان جي حصي ۾ آئي. حصي ۾ مليل اڍائي هزار آفيسرن ۾ فقط 5 3 ڄڻا ڪميشنڊ آفيسر هئا، جن کي برٽش آرمي ۾ 0 2 9 1 ع کان 4 3 9 1 ع جي وچ ۾ ڪميشن ملي. ان فوج ۾ اڪثريت پنجاب سان تعلق رکندڙ آفيسرن ۽ سپاهين جي هئي، ٻئي نمبر تي سرحد، ٽئين نمبر تي بنگالي ۽ بهار، يو پي، سي پي سان واسطو رکندڙ اردو ڳالهائيندڙ مسلمان هئا. جڏهن ته سنڌين ۽ بلوچن ۾ ڪو اڙيو ٿڙيو سپاهي هو. ورهاڱي وقت پاڪستان جي حصي ۾ آيل ٽنهي هٿياربند فوجن ۾ ڪو مسلمان سينئر فوجي آفيسر ڪو نه هو، جو هو ڪمانڊ سنڀالي. اهو ئي سبب هو جو ورهاڱي بعد پاڪستان جي بري فوج جي ڪمانڊ جنرل سر فرينڪ ميزوري، نيوي ريئر ايڊمرل جيمس ولفرڊ جئفرڊ ۽ فضائيه جي ڪمانڊ ايئر وائيس مارشل اي ايل پيري جي حوالي ڪرڻي پئي، جيڪي ٽئي برطانوي انگريز هئا. ٻئي نمبر جي فوجي قيادت ۾ جيڪي سينئر ترين آفيسر هئا، انهن ۾ برگيڊيئر اڪبر خان، برگيڊيئر نذير احمد، برگيڊيئر آغا رضا، برگيڊيئر منير ٽوانه، برگيڊيئر ايم اي لطيف، برگيڊيئر شاهد حامد، برگيڊيئر افتخار خان، برگيڊيئر يوسف، ڪرنل فضل الرحمان، ڪرنل ايوب خان، ڪرنل حياءُ الدين، ڪرنل شير علي، ڪرنل ناصر علي، ڪرنل افضل شيخ، ڪرنل خالد مسعود شيخ، ڪرنل آدم خان ۽ ٻيا شامل هئا. جڏهن ته ڪجهه ميجر رينڪ ۽ ڪيپٽن رينڪ جا آفيسر هئا. ايوب خان کي هڪ انگريز فوجي آفيسر سينيارٽي سزا طور 1944 ۾ ڪرنل مان ميجر بڻائي ڇڏيو. ڇو ته هو گڏيل پنجاب ۾ تقرري دوران پنهنجا فرض صحيح طور ادا ڪري نه سگهيو، پر پوءِ جلد پاڪستان ٺهي ويو. وري 48-1947ع ۾ ڪشمير اندر پهرين پاڪ ڀارت ويڙهه ٿي، ته ڪرنل، ميجر ۽ ڪيپٽن رينڪن تي فائز آفيسرن کي ترقيون مليون. بانيءِ پاڪستان قائد اعظم محمد علي جناح هٿياربند فوج اندر سينئر فوجي عهدن جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ هڪ هنگامي اسپيشل پروموشن سيل جوڙيو ۽ خاص رينڪن جي پروموشن واسطي پاڻ انٽرويو ڪرڻ لڳو. قائد اعظم برگيڊيئر اڪبر خان، برگيڊيئر نذير، برگيڊيئر افتخار، برگيڊيئر يوسف ۽ ٻين کي ميجر جنرل رينڪ تي پروموشن ڏنو. جڏهن ته ايوب خان جي فائيل تي لکيو ويو، ته کيس عسڪري معاملن کان وڌيڪ سياسي معاملن ۾ دلچسپي آهي. ان ڪري کيس مشرقي پاڪستان ۾ تعينات ڪيو ويو.

    جيستائين قائد اعظم زندهه رهيو، معاملا ٺيڪ نموني هلندا رهيا، پر قائد اعظم جي وفات بعد صورتحال ساڳي نه رهي. ايوب خان جا شروع کان وٺي برطانوي ۽ آمريڪي فوجي عملدارن سان وڏا واسطا رهيا. هن پنهنجي راهه هموار ڪرڻ شروع ڪئي. جنرل گريسيءَ جي ڏينهن ۾ ئي 1950ع ۾ ايوب خان پنهنجي پوسٽنگ بطور ايڊجونينٽ جنرل جي ايڇ ڪيو ۾ ڪرائي چڪو هو. جنرل گريسي جي رٽائرمينٽ تي وزير اعظم لياقت علي خان 1951ع ۾ کيس پاڪستان جي هٿياربند فوج جو ڪمانڊر انچيف بڻائي ڇڏيو. پاڪستان جي اقتدار تي فائز ٿيڻ کان پوءِ پاڪستان ۾ ٽرڪن، بسن ۽ ڪوچن ٺاهڻ وارو وڏي ۾ وڏو ادارو گنڌارا نسان موٽرز ۽ گاڏين جا ٽائر ۽ پرزا ٺاهيندڙ ادارا جنرل ٽائرز ۽ جنرل موٽرز ايوب خان ۽ سندس سيڻ جنرل حبيب الله جي خاندان جي ملڪيت بڻجي ويا. جنهن وزير اعظم ايوب خان کي ان عهدي تي پهچايو، اهو پنڊيءَ جي ڇانوڻي واري علائقي ۾ قتل ٿيو ته آخر تائين ان جي قاتلن جو پتو پئجي نه سگهيو. وري اسڪندر مرزا کيس وزير دفاع بڻائي سول ڪابينا ۾ سندس شرڪت ممڪن بڻائي ته ڪجهه ڏينهن ۾ انهيءَ اسڪندر مرزا کان رات جي اونداهي ۾ پسٽل جي زور تي استعيفيٰ وٺي کيس جلاوطن ڪيو ويو. پر هڪڙا اهي ڏينهن به هئا، جڏهن خانبهادر محمد ايوب کهڙو وزير دفاع هو ته ايوب خان ساڻس ملڻ ويو. چوڻ وارا چون ٿا ته ايوب کهڙي ٻه ڪلاڪ کيس در ٻاهران ويهاري ڇڏيو هو. ايوب خان وري پنهنجي نالي ڀائي عاقل واسي ايوب تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هو.

    ملڪ جي پهرئين وزيراعظم لياقت علي خان جي ڏينهن کان وٺي اسان جي سياست، معيشت ۽ خارجه پاليسيءَ تي آمريڪا ۽ نان سولين عنصر غالب رهيا آهن. ايوب خان جيستائين ورديءَ ۾ رهيو، چڱا ڀلا سندس سلامي رهيا. جنهن ڏينهن هن اها شينهن واري کل لاٿي، ان ڏينهن هر ڪو شينهن ٿي ويو. آخر عوامي تحريڪ جي نتيجي ۾ ايوب خان اختيار وري به هڪ ٻئي جرنل يحيٰ خان حوالي ڪيا، جنهن جي ڏينهن ۾ پاڪستان ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو. ذوالفقار علي ڀٽي جڏهن اقتدار سنڀاليو ته هن فوري طور ليفٽيننٽ جنرل حميد، ليفٽيننٽ جنرل ايس جي ايم پيرزاده، ليفٽيننٽ جنرل خداداد، ليفٽيننٽ جنرل ڪياني، ميجر جنرل عمر، ميجر جنرل عثمان مٺا ۽ ٻين سينئر فوجي آفيسرن کي رٽائر ڪري، 73ع جو آئين ٺاهي ورتو ۽ اهو سمجهي ورتائين ته هاڻ پاڪستان فوجي بغاوتن، نان سولين حڪومتن يا مارشلائن کان بچي ويندو، پر کيس پاڻ به ٻن فوجي بغاوتن کي منهن ڏيڻو پيو. نيٺ نان سولين قوتن ئي سندس اقتدار کي پڄاڻي تي پهچايو. جوڻيجو، بينظير ۽ نواز شريف سرڪار جي برطرفين پويان پڻ اهي ئي قوتون ۽ انهن جا سربراهه رهيا. آمريڪا ۽ نان سولين قوتن طرفان پاڪستان جي سياسي مامرن ۾ گهري مداخلت جو هڪ سبب سياستدان پڻ آهن. جڏهن سياستدان معاملن کي سياسي طور حل نه ٿا ڪن ته نان سولين قوتن کي مداخلت جو موقعو ملي ٿو. ڀٽي خلاف فوجي ايڪشن تي اصغر خان کان ويندي ولي خان تائين، مولانا مفتي محمود مرحوم کان ميان طفيل تائين سڀئي خوش ٿيا هئا. بينظير جي برطرفيءَ تي ميان صاحب مٺايون ورهايون ته وري جنرل پرويز مشرف ميان نواز شريف کي موڪل ڪرائي ته محترمه کيس ڀليڪار چيو. پاڪستان ۾ جيستائين ننڍين قومن کي برابريءَ جي بنياد تي اهم ادارن ۽ معاملن ۾ حصو پتي نه ملندو، سياسي ڌريون مسئلن جي سياسي حل تي متفق نه ٿينديون، اقتصادي ۽ معاشي انصاف وارو سماج نه جڙندو، ان وقت تائين ورديءَ جو مسئلو به موجود رهندو. اڄ دهلي ڄائو ويٺو آهي، سڀاڻي ڪو ٻيو ”پياري هم وطنو“ چئي اسان سان مخاطب ٿيندو، پر حالتون ساڳيون ئي رهنديون.
     
  13. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم ذوالفقار قادري جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    عدليه سان تڪرارن جي تاريخ ۽ اسان جا سياستدان!



    اربع 9 مئي 2007ع

    پنجاب جي طويل ترين شاهراهه گرانڊ ٽرنڪ روڊ، جنهن کي عام طور جنريلي شاهراهه به چيو وڃي ٿو، اها طويل شاهراهه شير شاهه سوري هندستان جي راجپوتي لشڪر کي شڪست ڏئي فاتح هندستان بڻجڻ بعد جوڙائي هئي. ملتان کان راولپنڊي ۽ دهلي تائين ويندڙ ان رستي جي هميشه خاص اهميت رهندي آئي آهي. رنجيت سنگهه به اهو دڳ وٺي پنجاب تي پنهنجي حڪمراني کي مستحڪم ڪيو. ورهاڱي بعد وري جڏهن 65ع ۽ 71ع ۾ هندستان-پاڪستان جنگيون لڳيون ته هندستاني جنريلن جي اها ڪوشش رهي ته ڪيئن به ڪري جي ٽي روڊ تي هندستاني ٽينڪون ڪاهي اچجن، ڇو ته جي ٽي روڊ کي اسان جا فوجي جوان پنجاب جي شهه رڳ ان لاءِ چون ٿا، جو جهلم، گجرات، گوجر خان، گجرانوالا، سيالڪوٽ، وزير آباد، لاله موسيٰ، پتوڪي، لاهور، اوڪاڙه، ساهيوال جهڙا وڏا صنعتي شهر هئڻ کان علاوه پاڪستان جي هٿياربند فوج جا اڪثر ڪور هيڊ ڪوارٽر، فارميشن ۽ ڊوهيڊ ڪواٽر ۽ دفاعي لائين کان علاوه ستلج، راوي، جهلم، بياس، چناب دريائن جا ڊيم، هيڊ ورڪس ۽ پنجاب جا مکيه نهري سرشتا انهيءَ علائقي ۾ واقع آهن. اهو ئي سبب آهي جو انهيءَ علائقي جي دفاع لاءِ آخري حربي طور پاڪستان جي هٿيار بند فوج جا جوان علائقي جي نهري نظام تي اڏيل پلين کي ڌماڪن سان اڏائڻ کان علاوه جسم سان ڌماڪيدار مادو ٻڌي دشمن جي ٽينڪن هيٺان ليٽيو پون. گهمسان جي جنگ جي حوالي سان مشهوري ماڻيندڙ ڇمب جوڙيان، کيمڪرن، سليمانڪي سيڪٽر به جي ٽي روڊ سان لاڳاپيل آهن، ۽ ذوالفقار علي ڀٽي به ايوب خان خلاف تحريڪ جي آغاز تي ساڳيو دڳ ورتو هو.

    چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري هونئن ته بلوچستان جي پاڻي تي پلجي وڏو ٿيو آهي، پر هو نسلي طور راجپوت آهي، جنهن جا وڏا راجپوتانا مان پنجاب لڏي اچي حڪمران ليگ جي صدر چوڌري شجاعت واري ضلعي گجرات ۾ آباد ٿيا. عرفِ عام ۾ هو هڪ ٻئي جا ”گرائين“ به ٿين. ڪنهن دور ۾ شير شاهه سوري جي ٽي روڊ تي فاتح جي حيثيت ۾ پنهنجا گهوڙا ٿي ڊوڙايا، پر پنجين مئي تي انهيءَ جي ٽي روڊ تي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جو استقبال به ڪنهن فاتح کان گهٽ نه هو. لاهور ۾ ساڳي ڏينهن سندس ”گرائين“ وزير اعليٰ چوڌري پرويز الاهي، ”دهلي ڄائي“ جي حمايت ۾ ريلي جو ته اعلان ڪيو، پر عين وقت تي پنهنجي بجاءِ صوبائي وزيرن کي روانو ڪري ڇڏيائين. گجراتي چوڌري کان ته اسان وارو وڏو وزير چڱو جو ساڳئي ڏينهن تي سنڌي چواڻي ته، ”گهر سڙيو ته خير آ پر ڪئا ته مئا“ جيان سڄي سنڌ ٻه ڏينهن ٽرانسپورٽ جي کوٽ کي ته ڀوڳيو، پر صدر صاحب ته راضي ٿي ويو. نئون ڪوٽ واري جلسي جي ميزبانن ته پنجن ڇهن لکن ماڻهن جي ڳالهه پئي ڪئي، پر معزز مهمان اسٽيج تي تقرير ۾ ئي هڪ لک جي ڳالهه ڪري ڇڏي. دهليءَ وارو تڪليف ۾ هجي ۽ يوپي، سي پي ۽ بهار وارا بس ڪري ويهن، سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. عزيز آباد وارن به چڱي نڀائي، پر اليڪٽرانڪ ميڊيا تي جي ٽي روڊ وارا ڇانيل رهيا. سو سنڌ جي اڪثر شهرن ۾ انهيءَ ڏينهن چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي لائيوِ ڪوريج ڏيندڙ اڪثر چينل جام رهيا. پاڪستان جي عدالتي تاريخ ۾ پهريون دفعو ايئن ٿيو آهي جو ملڪ جي وڪيل برادري نه صرف شديد احتجاج ڪيو آهي، پر ايڏي پيماني تي متحد به ٿي آهي. چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جو حيدرآباد، سکر، پشاور، راولپنڊي ۽ پشاور ۾ جيڪو ڀرپور استقبال ٿيو آهي، ان ۾ وڪيل برادري مختلف سياسي جماعتن جي مرڪزي اڳواڻن، عام ماڻهن کان سواءِ حاضر سروس جج صاحبان شرڪت سرڪار کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. ماضي ۾ اقتدار تي ويٺل سول ۽ نان سول قوتن عدليه کي پنهنجي مرضيءَ سان هلائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر خود عدليه اندر اختلاف پيدا ڪرڻ جون ڪوششون ٿينديون رهيون آهن. پاڪستان ۾ سڀ کان پهرين گورنر جنرل غلام محمد آئين ساز اسيمبليءَ کي ٽوڙيو ته سنڌ چيف ڪورٽ جي سڀ کان جونيئر جج جسٽس منير کي ٻين سينئر جج صاحبن جي حق تلفي ڪندي فيڊرل ڪورٽ جو جج مقرر ڪري ڇڏيو. اسپيڪر مولوي تميز الدين پاران داخل پٽيشن جي سماعت سنڌ چيف ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس ڪونسٽائن، جسٽس آغا حسن علي، جسٽس ويلاڻي، جسٽس محمد بچل ۽ جسٽس محمد بخش تي مشتمل فل بينچ ڪئي، جنهن گورنر جنرل جي اهڙي قدم کي غير آئيني قرار ڏنو. مرڪزي سرڪار جلد ئي جسٽس منير کي چيف جسٽس بڻائي ڇڏيو ۽ سنڌ چيف ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل داخل ڪئي. چيف جسٽس منير جي سربراهي ۾ جسٽس اي، ايس ايم اڪرم جسٽس محمد شريف جسٽس ايس اي رحمان ۽ جسٽس ڪرنيلس تي مشتمل سپريم ڪورٽ جي فل بينچ سرڪار جي حق ۾ فيصلو ڏئي پاڪستان ۾ آمريت جا در کولي ڇڏيا. اڳتي هلي ايوب خان جي مارشل لا خلاف جڏهن آئيني درخواستون داخل ٿيون ته جسٽس منير انهن کي به نظريهءِ ضرورت تحت رد ڪندي مارشلا جي حق ۾ فيصلو ڏنو. حڪمرانن نه فقط عدليه کان مرضيءَ جا فيصلا وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، بلڪه پنهنجي مرضيءَ سان ججن جي مقرري به پئي ڪئي آهي. ايوب خان جي دور ۾ جڏهن ون يونٽ وارا ڏينهن هئا ۽ نواب ملڪ امير محمد خان آف ڪالاباغ مغربي پاڪستان جو گورنر هو، انهن ڏينهن ۾ مغربي پاڪستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي مقرريءَ جو مسئلو ٿيو ته سينيارٽيءَ جي لحاظ کان جسٽس يعقوب علي خان ٽاپ موسٽ سينئر جج هو، پر ملڪ امير محمد خان نه پئي چاهيو ته جسٽس يعقوب علي خان چيف جسٽس مقرر ٿئي. آخر يعقوب علي خان کي سپريم ڪورٽ بطور جج موڪلي، جسٽس انعام الله خان کي مغربي پاڪستان هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس مقرر ڪيو ويو. ايوب خان جي حڪومتي ڏينهن ۾ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي کي نظر بند ڪيو ويو ته بيگم نصرت ڀُٽو لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ اهڙي نظر بندي کي چيلينج ڪيو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس مولوي مشتاق اهڙي نظر بندي کي غير قانوني قرار ڏيندي ڀُٽي صاحب کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. وري جڏهن ڀٽو صاحب ملڪ جو حاڪم بڻيو ته هن لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس انوارالحق ۽ جسٽس سردار اقبال کان جونيئر مولوي مشتاق کي لاهور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس بڻائڻ پئي چاهيو، پر غلام مصطفيٰ کر جي چوڻ تي ڀُٽي صاحب ارادو بدلائي ڇڏيو، ۽ سردار اقبال کي لاهور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس بڻايائين. جسٽس انوارالحق کي سپريم ڪورٽ موڪليو ويو ۽ مولوي مشتاق هاءِ ڪورٽ ۾ ئي رهيو. اڳتي هلي جڏهن لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سردار اقبال ڪنهن معاملي ۾ ايس ايم ظفر جي طرفداري ڪئي ته کيس وقت کان اڳ رٽائرڊ ڪري جسٽس اسلم رياض کي لاهور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس مقرر ڪيو ويو. قسمت جي ڳالهه ته هاءِ ڪورٽ ۾ رهيل مولوي مشتاق کي اڳتي هلي ضياءُ الحق چيف جسٽس بڻائي ڇڏيو، جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس يعقوب علي خان جڏهن جنرل ضياءَ جي مارشل لا کي قبولڻ کان انڪار ڪيو ته کيس وقت کان اڳ گهر موڪلي جسٽس انوارالحق کي سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس بڻائي ڇڏيو. چيف جسٽس مولوي مشتاق ڀُٽي صاحب کي موت جي سزا ٻڌائي ته وري سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس انوارالحق ڀُٽي صاحب جي اپيل رد ڪندي هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي توثيق ڪئي. ان کان اڳ لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ڪي ايم صمداني ڀُٽي صاحب کي ضمانت تي آزاد ڪيو هو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي ٻين جن ججن ڀُٽي صاحب کي موت جي سزا ٻڌائي، انهن ۾ جسٽس آفتاب حسين، جسٽس ذڪي الدين پال، جسٽس گل باز خان ۽ جسٽس ايم ايڇ قريشي شامل هئا. وري سپريم ڪورٽ ۾ ڀٽي صاحب جي اپيل تي اختلافي فيصلو آيو. نون ججن تي مشتمل فل لارج بينچ ۾ هلندڙ اپيل دوران جسٽس قيصر خان کي رٽائر ڪيو ويو، ٻئي جج جسٽس وحيد الدين کي بيماري سبب بينچ کان الڳ ڪيو ويو، باقي چيف جسٽس جسٽس انوارالحق، جسٽس نسيم حسن شاهه، جسٽس اڪرم ۽ جسٽس ڪرم الاهي چوهاڻ ڀُٽي صاحب جي موت جي سزا جي توثيق ڪئي، جڏهن ته جسٽس صفدر شاهه، جسٽس محمد حليم ۽ جسٽس دراب پٽيل ڀُٽي صاحب کي بري ڪري ڇڏيو. اڳتي هلي جڏهن جنرل ضياءَ پي سي او نافذ ڪري اعليٰ عالتن جي ججن کي ٻيهر حلف کڻايو ته سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس انوارالحق ۽ مولوي مشتاق سميت جسٽس فخر الدين جي ابراهيم ۽ ٻيا جج عدليه کان ٻاهر ڪيا ويا.

    جڏهن بينظير سرڪار آگسٽ 1990ع ۾ برطرف ڪئي وئي ته ان کي چئلينج ڪيو ويو. عدالت سڳوري صدر جي اسيمبلي ٽوڙڻ واري حڪم جي حق ۾ فيصلو ڏنو، پر جڏهن ميان نواز شريف کي وزارتِ اعظميٰ کان برطرف ڪيو ويو ته چيف جسٽس نسيم حسن شاهه جي سربراهيءَ ۾ جوڙيل بينچ ان کي وزارتِ اعظميٰ تي بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو. بينچ ۾ شامل جسٽس سجاد علي شاهه اختلافي نوٽ لکندي چيو ته پنجاب جي وزير اعظم کي ته بحال ڪيو ٿو وڃي، پر سنڌ واري کي بحال نٿو ڪيو وڃي. پوءِ جڏهن بينظير صاحبه ٻيهر وزير اعظم مقرر ٿي ته هن سيد سجاد علي شاهه کي سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس مقرر ڪيو، پر جلد ئي اعليٰ عدالتن ۾ ججن جي مقرري تان وزير اعظم بينظير ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان سيد سجاد علي شاهه درميان اختلاف تيز ٿيندا ويا. ان عرصي ۾ بينظير سرڪار مختلف هاءِ ڪورٽن ۽ سپريم ڪورٽ ۾ جج صاحبن جي ترقي ۽ مقرري ڪري چڪي هئي، پر 20 مارچ 1996ع تي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس سجاد علي شاهه جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي فل بينچ ججن جي تقرري ۽ سينيارٽي بابت فيصلو ٻڌايو. انهيءَ فيصلي جي روشني ۾ بينظير سرڪار طرفان مقرر ڪيل لاهور هاءِ ڪورٽ جا 9 ، سنڌ هاءِ ڪورٽ جا 5 ۽ سرحد هاءِ ڪورٽ جا 3 جج فارغ ڪيا ويا. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس مامون قاضي ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ارشاد حسن خان کي پنهنجا عهدا ڇڏي سپريم ڪورٽ وڃڻو پيو. آخر بينظير سرڪار کي به صدر لغاري طرفان برطرف ڪيو ويو. چيف جسٽس سجاد علي شاهه جي سربراهي ۾ جوڙيل سپريم ڪورٽ جي فل بينچ بينظير سرڪار کي بحال ڪرڻ لاءِ داخل درخواستن کي به رد ڪري ڇڏيو. وري ميان نواز شريف ٻيهر وزير اعظم مقرر ٿيو. 20 آگسٽ 1997ع تي چيف جسٽس سجاد علي شاهه وفاقي سرڪار کي خط لکيو ته، سپريم ڪورٽ ۾ پنج جج صاحبان جون جايون خالي آهن، انهن کي ڀريو وڃي. ان سان گڏ هن لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس منير اي شيخ کي سپريم ڪورٽ ۾ موڪلڻ جي پڻ سفارش ڪئي. نواز شريف سرڪار جسٽس منير اي شيخ کي سپريم ڪورٽ ۾ موڪلڻ لاءِ تيار نه هئي، ڇو ته هن نواز شريف جي صنتعي ادارن خلاف ڪجهه فيصلا ڏنا هئا. نواز سرڪار چيف جسٽس جي خط جي جواب ۾ 21 آگسٽ 1997ع تي هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪري سپريم ڪورٽ ۾ جج صاحبن جي 7 1 واري انگ کي گهٽائي 12 ڪري ڇڏيو، پر سيد سجاد علي شاهه 21 سيپٽمبر 97ع تي اهڙي نوٽيفڪيشن کي معطل ڪري ڇڏيو. آخر عدليه ۽ وزير اعظم درميان اختلاف ايترا وڌيا، جو چيف آف آرمي اسٽاف جنرل جهانگير ڪرامت کي مداخلت ڪرڻي پئي. ان بعد سرڪار وري 17 ججن وارو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو. اهڙي طرح 5 نومبر 97ع تي جسٽس شيخ رياض، جسٽس مامون قاضي، جسٽس منير اي شيخ، جسٽس محمد عارف ۽ جسٽس عبدالرحمان کي سپريم ڪورٽ موڪلي کانئس حلف ورتو ويو. ٻئي طرف ڪجهه وڪيلن پاران سپريم ڪورٽ ۾ ميان نواز شريف خلاف توهين عدالت جون درخواستون دائر ڪيون ويون. چيف جسٽس سيد سجاد علي شاهه اهڙين درخواستن کي منظور ڪندي نواز شريف کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. وزير اعظم ۽ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس درميان هلندڙ ان تڪرار ۾ اهڙو موقعو به آيو، جو لاهور ۽ گجرات کان ڏنڊا بردار ماڻهو گهرائي سپريم ڪورٽ تي حملو پڻ ڪيو ويو، جنهن ۾ جج صاحبان بچاءَ ۾ عدالتي ڪمرا ڇڏي پنهنجي چيمبرن ۾ هليا ويا. ايئن چيف جسٽس سجاد علي شاهه کي گهر ڀيڙو ڪيو ويو.

    جڏهن جنرل پرويز مشرف 12 آڪٽوبر 1999ع تي وزير اعظم نواز شريف کي برطرف ڪيو ته هٿياربند فوج جي اهڙي قدم کي به سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو، هر فوجي حاڪم جيان صدر جنرل پرويز مشرف به 25 جنوري 2000ع تي اعليٰ عدالتن جي ججن جي نئين حلف بابت صدارتي فرمان جاري ڪيو. سپريم ڪورٽ ۾ چئني هاءِ ڪورٽن جي 102 جج صاحبن مان 89 ڄڻن ٻيهر حلف کنيو، جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس سعيد الزمان صديقي، جسٽس خليل الرحمان، جسٽس اسلم ناصر زاهد، جسٽس مامون قاضي، جسٽس وجيهه الدين احمد ۽ جسٽس ڪمال منصور سميت مختلف هاءِ ڪورٽن جي ستن ججن حلف نه کنيو ۽ گهر ڀيڙا ٿي ويا. جسٽس ارشاد حسن خان کي نئون چيف جسٽس مقرر ڪيو ويو، جنهن جي سربراهي ۾ لارجز بينچ جوڙي وئي، ان لارجر بينچ ۾ جسٽس افتخار محمد چوڌري ۽ جسٽس راڻا ڀڳوان داس به شامل هئا، جن صدر پرويز مشرف جي سرڪار کي قانوني دڳ ڏنو. هاڻ چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري خلاف سرڪار جيڪو قدم کنيو آهي، ان ملڪي ماحول کي گرم ڪري ڇڏيو آهي.

    پ پ ۽ نواز ليگ ست سال پرويز مشرف سرڪار جو ڪجهه بگاڙي نه سگهيون. هاڻ عدالتي بحران مان لاڀ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهن. ٿيڻ ته ايئن کپي ته جڏهن ماحول گرم لڳو پيو آهي ته محترمه ۽ ميان نواز شريف کي فوري طور واپس وطن ورڻ گهرجي ۽ هن تحريڪ جي سرواڻي ڪرڻ کپي. صدر جنرل پرويز مشرف جي سرڪار هن وقت تائين چيف جسٽس واري معاملي ۾ منجهي پئي آهي، پر جڏهن به هي هن بحران مان نڪتا ته محترمه ۽ پ پ کي هنن فوجي حڪمرانن کان ڪجهه به ملڻو، هي هميشه محترمه ۽ پ پ کي ميڊيا ۾ ڏٺو ڪندا آيا آهن. جيڪڏهن صدر مشرف بينظير صاحبه ۽ پ پ لاءِ ڪو نرم گوشو رکندڙ هجي ها ته سنڌ ۽ پنجاب جا وڏا وزير ۽ ٻيا حڪومتي ماڻهو بينظير ۽ پ پ لاءِ چيڙائيندڙ بيان جاري نه ڪن ها. هي حربا صرف پ پ جي عوام ۽ مخالف ڌر ۾ ساک وڃائڻ لاءِ استعمال ڪيا پيا وڃن. ٿيڻو ته اهو کپندو هو ته محترمه بينظير کي هاڻ واضح طور اهو اعلان ڪرڻ کپي ته مشرف سرڪار سان ڪي به ڳالهيون نه ٿينديون، چاهي اڃا ڏهه سال جلاوطن رهڻو پوي. بينظير پاڻ زيرڪ سياستدان آهي، کيس پنجاب جي تبديل ٿيل فضا جو فائدو وٺڻ کپي. باقي هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته هن دفعي ججن ۽ جنريلن مان سوڀارو ڪير ٿو ٿئي. سياستدان وري گيهه ملڻ جي آسري ۾ آهن، پر ايئن نه ٿئي جو پوري ڳئون ئي ڪو چڪوالي کنيو هليو وڃي، اقتدار جي آسري ۾ ويٺلن کي لسي به نصيب نه ٿئي.

    zulfiqarqadri@hotmail.com
     
  14. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم ذوالفقار قادري جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    ڪراچي واقعو عام چونڊون ملتوي ڪرائڻ جي مشق هو؟



    اڱارو 15 مئي 2007ع

    پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ڪراچيءَ جي آبادي سنڌي، بلوچ، ڪڇي، گجراتي، ڪاٺياواڙي ميمڻن ۽ هندن تي مشتمل هئي. ورهاڱي بعد بهار، يو پي، سي پي ۽ هندستان جي ٻين علائقن مان جڏهن لکين مسلمانن هجرت ڪئي ته انهن مان اڪثر سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا ۽ ڪراچي اهڙن مهاجر مسلمانن جو مرڪز بڻجي ويو. ڪاروباري مرڪز ۽ واحد بندرگاهه سبب پاڪستان جي ٻين صوبن کان ماڻهو اچي ڪراچيءَ آباد ٿيا. 1950ع واري آدمشماريءَ ۾ ڪراچيءَ جي آبادي اٽڪل ڏهه لک هئي. هن وقت برمي، بنگالي، افغاني ۽ ٻين غير قانوني غير ملڪي رهائش پذيرن سميت ڪراچيءَ جي آبادي اٽڪل هڪ ڪروڙ ويهه لک تائين پهچي چڪي آهي. ستر جي ڏهاڪي تائين ڪراچي سياسي طور مذهبي جماعتن جي زير اثر رهي. بعد ۾ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي پ پ جوڙي ته ڪراچيءَ جي سنڌي، بلوچ، ڪڇي آباديءَ جي اڪثريت ۽ ڪجهه اردو، پشتو ۽ پنجابي ڳالهائيندڙن به پ پ ۾ شموليت اختيار ڪئي، پر اڪثريت اردو ڳالهائيندڙ وري به مذهبي جماعتن جي زير اثر رهيا. ڪراچيءَ جي وڌندڙ آبادي ۽ وسيلن جي کوٽ مختلف آبادين وچ ۾ تضادن کي جنم ڏنو، جنهن کي وري لڪل هٿ پنهنجي مفادن لاءِ استعمال ڪندا رهيا. ڪراچيءَ پهريان نسلي فساد ايوب خان جي ڏينهن ۾ ڏٺا، جڏهن مادر ملت فاطمه جناح ۽ صدر ايوب وچ ۾ صدارتي چونڊ جو مقابلو هو ۽ آخرڪار چونڊن ۾ ايوب خان کي سوڀارو ڪرائي، فاطمه جناح کي هارايو ويو هو. صدر ايوب خان جي پٽ گوهر ايوب ڪراچيءَ ۾ جشن فتح جي ريلي ڪڍي ته مذهبي ڌرين جي حامين اهڙي ريليءَ تي پٿراءُ ڪيو ۽ ريلي ۾ شامل ماڻهن پاران به جوابي فائرنگ ٿي. اهڙيءَ طرح سياسي ٽڪراءُ نسلي جهيڙن جي صورت اختيار ڪري ويو، جنهن سبب ڪافي جاني نقصان ٿيو.

    ڪراچيءَ ۾ ٻيو دفعو لساني بنيادن تي ان وقت هنگامه ٿيا، جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي جي سرڪار ۾ سنڌ جي وڏي وزير ممتاز علي ڀٽي سنڌ اسيمبليءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ بابت بل پيش ڪيو. سنڌي ٻوليءَ جي ان بل پيش ٿيڻ تي ڪراچيءَ مان شايع ٿيندڙ هڪ وڏي اردو اخبار رئيس امروهويءَ جو مشهور قطعو ڇپيو ته”اردو ڪا جنازه هي ذرا ڌوم سي نڪلي“. ٻيون به اشتعال ڏياريندڙ ڳالهيون ڇپڻ سبب ڪراچيءَ جي اڪثر اردو آبادي اهڙي بل خلاف ٿي وئي. ٻئي طرف سنڌي ماڻهن به احتجاج ڪيو. نتيجي ۾ ڪراچيءَ ۽ ٻي سنڌ هنگامن جي ور چڙهي وئي. اهي سنڌ اندر پهريان سنڌي مهاجر فساد هئا، پر ذوالفقار علي ڀٽي مهاجر اڪابرين سان ڳالهائي ۽ بل ۾ ڪجهه ترميمون ڪرائي، حالتن تي قابو پاتو. اڳتي هلي جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي خلاف پي اين اي جي تحريڪ هلي ته پوري ڪراچيءَ جون صنعتي ۽ معاشي سرگرميون منجمد ڪيون ويون.

    جنرل ضياءَ جي بلدياتي چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم مذهبي جماعتن کي شڪست ڏئي، پهريون ڀيرو ڪراچيءَ جي ميئر شپ حاصل ڪئي. جنرل ضيا جي حادثاتي موت تائين ايم ڪيو ايم ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد جي سياست تي غلبو حاصل ڪري ورتو هو. ان سان گڏ سندس ميمبر نوابشاهه، ميرپورخاص ۽ سکر مان به چونڊجي اچڻ لڳا. 1988ع کان وٺي هن وقت تائين ٿيندڙ عام چونڊن ۾ الطاف حسين جي عزيز آباد واري گهر نائين زيرو جي حاضري بينظير ڀٽو کان ويندي نواز شريف تائين، چوڌري شجاعت کان ويندي شوڪت عزيز تائين سڀني ڀري آهي. چون ٿا ته جنرل مرزا اسلم بيگ جون همدرديون الطاف حسين سان هيون، پر ان بعد جنرل نصير اختر، جنرل وحيد ڪاڪڙ ۽ جنرل آصف نواز جنجوعه مٿن ناراض رهيا. ڄام صادق عليءَ جي دور ۾ الطاف حسين لنڊن روانو ٿيو. بعد ۾ جنرل آصف نواز جنجوعه جي دور ۾ جيڪو فوجي آپريشن ايم ڪيو ايم خلاف شروع ڪيو ويو، ان لاءِ مختلف قسمن جي الزامن واري فهرست جاري ڪئي ويندي رهي. ماضيءَ ۾ الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم تي لڳايل الزامن بابت جنرل پرويز مشرف چڱيءَ ريت ڄاڻي ٿو. هن وقت متحده سنڌ حڪومت جو طاقتور حصو آهي. باوجود ان جي ته اها حڪمران ليگ جي حليف جماعت آهي، ڪئين معاملن تي اها حڪمران ق ليگ جي ساٿ ڇڏڻ جو به اعلان ڪندي رهي آهي، پر هر دفعي صدر جنرل پرويز مشرف پنهنجي”گر ائين“ کي راضي ڪري وٺندو آهي. تازو چيف جسٽس افتخار محمد چوڌريءَ جي ڪراچي آمد واري ڏينهن ڪراچيءَ اندر جيڪو ڪجهه ٿيو، صدر جنرل پرويز مشرف حڪمران ليگ جي اسلام آباد واري ريليءَ کي خطاب ڪندي اهڙي سڄي عمل کي ڪراچيءَ جي عوام جو رد عمل قرار ڏنو. سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته چيف جسٽس پنجاب، پشاور، اسلام آباد جا دورا ڪري ٿو ته جهرڪي به نٿي مري، پر ساڳيو چيف جسٽس سنڌ ٿو اچي ته لاشن جا تحفا وصول ڪيا ٿا وڃن! تنهنڪري ان معاملي تي گهڻ رخن کان ويچارڻ جي ضرورت آهي. ڇا اها سڄي مشق ڪٿي ملڪ خلاف ٿيندڙ عالمي سازش جي ڪنهن متوقع مشق جو حصو ته ناهي؟ ساڳئي وقت انهن حالتن کي پير سائين پاڳاري جي مارشل لا واري اڳڪٿي ۽ وزير اعظم شوڪت عزيز جي ايمرجنسيءَ واري ڳالهه سان به ڀيٽڻ گهرجي. بهرحال هڪ ڳالهه اها به آهي ته صدر جنرل پرويز مشرف عام چونڊن کان وڌيڪ پنهنجو پاڻ کي موجوده اسيمبلين مان ٻيهر پنجن سالن لاءِ صدر چونڊرائڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو. ان ڪري چوڻ وارا ته ايئن به چون ٿا ته هيءَ سڄي فلم عام چونڊن کان بچڻ لاءِ ئي رليز ڪرائي وئي آهي. هاڻ ڏسجي ته هي فلم باڪس آفيس تي گولڊن جوبلي ٿي ڪري يا فلاپ ٿي، خرچ به ڳچيءَ ۾ ٿي وجهي.

    zulfiqarqadri@hotmail.com
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم ذوالفقار قادري جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    پيپلز پارٽي، ڊيل ۽ حڪومت جي ڪمزور ٿيندڙ ٻيڙي!



    اربع 23 مئي 2007ع

    ”اور لائين کٽ گئي“ ته ذوالفقار علي ڀٽي جي اعتماد جوڳي ساٿي مولانا ڪوثر نيازيءَ جو لکيل ڪتاب آهي، جنهن ۾ مولانا صاحب ذوالفقار علي ڀٽي ۽ حزبِ اختلاف درميان ٿيندڙ ڳالهين ۽ پوءِ اوچتو جنرل ضياءَ پاران ڀُٽي صاحب جي سرڪار جو تختو اونڌو ڪرڻ وارن واقعن کي قلم بند ڪيو آهي. پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته ذوالفقار علي ڀٽي کي ”ديده ور“ چوندڙ ساڳيو ڪوثر نيازي کيس ڦاهي گهاٽ ۾ ڏسي ضياءَ سان وڃي گڏ بيٺو. لائين ته هاڻي به ڪٽجي وئي آهي، جيڪا صدر جنرل پرويز مشرف ۽ محترمه بينظير درميان صدر جي ذاتي دوست طارق عزيز ۽ واشنگٽن جي جنگجو شهزادي ڪونڊو ليزا رائيس جوڙائي هئي. انهيءَ رابطي واري رسيءَ جي تند ته تڏهن کان ٽٽڻ شروع ٿي وئي هئي، جڏهن محترمه پنهنجي آتم ڪٿا واري ڪتاب ”دخترِ مشرق“ کي ڇنڊي ڦوڪي نئين آب و تاب سان ٻيهر منظر تي آندو. ان ۾ پهريون دفعو محترمه پاڪستان جي سول ۽ نان سول اسٽيبلشمينٽ مٿان به چڱا خاصا ڇوهه ڇنڊيا آهن.

    صدر جنرل پرويز مشرف کي هن پنهنجو ملٽري سيڪريٽري بنائڻ کان انڪار ڪيو، ڇو ته محترمه کي شڪ هو ته جنرل پرويز مشرف جو ايم ڪيو ايم سان لنڪ هو. بهرحال صدر جنرل پرويز مشرف خوش نصيب چئجي جو ملٽري سيڪريٽري نه بڻيو. ملٽري سيڪريٽري ته کيس پهريون دفعو جنرل محمود علي درانيءَ به جنرل ضياءَ جو بنائڻ پئي چاهيو. محمود علي دراني جڏهن پاڻ پاڪستان جي هٿياربند فوج ۾ برگيڊيئر واري عهدي تي فائز هو ته جنرل ضياءَ کيس پنهنجو ملٽري سيڪريٽري مقرر ڪيو. بعد ۾ محمود علي دراني ميجر جنرل بڻجي وڃي ملتان ۾ آرمڊ ڪور جي ڊويزنل ڪمانڊ سنڀالي. جنرل ضيا جڏهن پنهنجي نئين ملٽري سيڪريٽري بابت جنرل محمود علي دراني کان راءِ ورتي ته دراني نئين ملٽري بابت برگيڊيئر پرويز مشرف جو نالو تجويز ڪيو هو، پر چوندا آهن ته ”مارڻ واري کان بچائڻ وارو ويجهو هوندو آهي.“ اها خبر جڏهن برگيڊيئر پرويز مشرف جي بالاآفيسر ۽ جنرل آفيسر ڪمانڊنگ کاريان ڇانوڻي ميجر جنرل فرخ کي پئي ته هن جنرل ضياءَ کي گذارش ڪري برگيڊيئر پرويز مشرف جو نالو ڪٽرايو. بعد ۾ جنرل ضياءَ برگيڊيئر نجيب کي پنهنجو ملٽري سيڪريٽري مقرر ڪري ڇڏيو. پوءِ جڏهن جنرل ضيا بهاولپور ويجهو جهاز حادثي جو شڪار ٿيو ته هن سان گڏ سندس ملٽري سيڪريٽري برگيڊيئر نجيب به جيئرو نه رهيو.

    ٻيو دفعو صدر جنرل پرويز مشرف وزير اعظم بينظير ڀٽو جو ملٽري سيڪريٽري ٿيندي ٿيندي تڏهن رهجي ويو، جڏهن چون ٿا ته برگيڊيئر پرويز مشرف جي ايڇ ڪيو ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج جي سيڪنڊ ليفٽيننٽ کان وٺي ميجر رينڪ تائين آفيسرن جي پروموشنز ۽ پوسٽنگز واري عهدي يعني ڊپٽي ملٽري سيڪريٽري واري پوسٽ تي مقرر هو ته هڪ ڏينهن آصف علي زرداري جو هڪ ويجهو دوست جاويد پاشا اچي برگيڊيئر مشرف سان سندس آفيس ۾ مليو ۽ کيس چيائين ته اسان مٿي آرمي چيف جنرل بيگ سان ڳالهائي ڇڏيو آهي، اوهان جو نالو وزير اعظم بينظير ڀٽو جي بطور ملٽري سيڪريٽري لاءِ تجويز ڪيو آهي. بقول جنرل پرويز مشرف جي ته هن اهڙي تجويز بابت جڏهن پنهنجي مهربان بالا آفيسر جنرل فرخ سان ڳالهايو ته جنرل فرخ کيس وزير اعظم جي ملٽري سيڪريٽري کان منع ڪيو. بعد ۾ برگيڊيئر لطيف کي وزير اعظم بينظير ڀٽو جو ملٽري سيڪريٽري مقرر ڪيو. برگيڊيئر لطيف بعد ۾ ميجر جنرل بڻيو، بينظير سرڪار جي اسحاق خان هٿان برطرفي بعد ميجر جنرل لطيف به ليفٽيننٽ جنرل نه بڻجي سگهيو ۽ فوج جي روٽين مطابق رٽائر ٿي گهر آرامي ٿيو. سو جنرل پرويز مشرف ان حوالي سان ڀاڳ وارو چئجي جو جيڪڏهن جنرل ضياءَ جو ملٽري سيڪريٽري بڻجي ها ته تڏهن به گهاٽي ۾ هجي ها، ۽ وري جيڪڏهن بينظير صاحبه جو ملٽري سيڪريٽري ٿئي ها ته رٽائرڊ ٿيو گهر ويٺو هجي ها.

    بهرحال اهو قصو ته هيو صدر پرويز مشرف جي ملٽري سيڪريٽري ٿيڻ ۽ نه ٿيڻ جو، پر چيف جسٽس افتخار محمد چوڌريءَ جي اسلام آباد کان لاهور تائين جي ٽي روڊ تي ٿيل والهانه استقبال بعد اهي ڌريون، جيڪي چيف جسٽس جي وڌندڙ مقبوليت کان خائف هيون، انهن هڪ ڌڪ ۾ گهڻا ئي شڪار ڪيا، پر انهيءَ مشق لاءِ سنڌ جي گادي وارو عروص البلاد شهر ڪراچي کين وڌيڪ زرخيز لڳو، تڏهن ئي 12مئي تي ڪراچيءَ ۾ ٻيهر لاڀ لاءِ ٻج ڇٽيو ويو. تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته صدر جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ متحده جهڙي تيزيءَ سان پنجاب ۾ پنهنجا يونٽ پئي کوليا، اهڙو عمل پنجاب جي بااثر ڌرين کي نه پئي وڻيو. اهي ڌريون صدر جنرل مشرف جي پ پ سان بيڪ ڊور ڊائلاگ واري مشق تي به رنجيل هيون. اهڙي صورتحال ۾ جڏهن چيف جسٽس ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي دعوت تي ڪراچي اچڻ جو پروگرام رٿيو ته متحده جي پٺي ٺپي وئي. ڪراچي جي مامرن تي گهري نظر رکندڙ تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته متحده گذريل ڪافي عرصي کان سٽي گورنمينٽ کان ويندي صوبائي ۽ مرڪزي سرڪار ۾ اهم پوزيشن تي رهندي آئي آهي، جڏهن ته ڪراچي جو عام ماڻهو مسئلن جو شڪار آهي، متحده جا ووٽر پڻ مسئلا حل نه ٿيڻ سبب مايوسيءَ جو شڪار آهن. چيف جسٽس جي 12 مئي واري پروگرام جي متحده کي ڇڏي تمام سياسي، مذهبي ۽ سماجي تنظيمن آجيان ڪئي ۽ ڀرپور استقبال جا اعلان ڪيا ويا. ماضيءَ ۾ متحده وارن ڪراچي ۾ هڪ طرف صدر جنرل پرويز مشرف کي خوش ڪرڻ پئي چاهيو ته ٻئي طرف پنهنجي سياسي ساک کي بحال ڪرڻ واسطي هنن ڪراچي اندر جوابي ريلي جو اعلان ڪري ڇڏيو. ساڳئي وقت گذريل پنجن سالن کان پنجاب جي تخت جي وارث بڻيل چوڌرين کي به پنجاب جي تبديل ٿيل سياسي فضا ۾ ڪجهه رنگ ڀرڻ لاءِ ڪن مهٽ ڪئي وئي. ٻارهين مئي تي جيئن ئي چيف جسٽس ڪراچي ايئرپورٽ پهتو ته جڙيانوالا باغ جي تاريخ دهرائي وئي. اليڪٽرانڪ ميڊيا اهڙن واقعن کي چينلن تي ڏيکاري چڪي آهي.

    ڪراچي واري ڪارروائيءَ جو جهڙي طرح اسلام آباد ۾ جشن ملهايو ويو ۽ صدر صاحب جهڙي طرح مسلسل ڪراچي واري سانحي بابت پنهنجي اتحادي جماعت جو بچاءُ ڪندو پيو اچي، ان تي مخالف ڌر جون سموريون پارٽيون ڪاوڙيل آهن. 9مارچ تي چيف جسٽس خلاف ريفرنس داخل ٿيڻ کان ويندي 12مئي واري سانحي تائين تيزيءَ سان جيڪو ماحول موجوده سرڪار خلاف جڙيو آهي. انهيءَ شايد پ پ چيئرپرسن بينظير ڀٽو کي به سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو هجي ته سرڪار جو حال ٻڏندڙ ٻيڙيءَ جهڙو آهي، ان ڪري بهتر ٿيندو ته ٻڏندڙ ٻيڙيءَ ۾ چڙهڻ بجاءِ ڪناري تي بيهي بچاءَ لاءِ هٿ پير هڻڻ گهرجي. جڏهن ته صدر جنرل پرويز مشرف واري ڌر ٻئي طرف اها پراڻي ڳالهه ورجائڻ شروع ڪئي آهي ته بينظير ۽ نواز شريف کي چونڊڻ کان اڳ وطن واپس ٿيڻ نه ڏنو ويندو. ساڳئي وقت صدر جنرل پرويز مشرف پاڻ کي هن ئي سال موجوده اسيمبلين مان چونڊرائڻ به چاهي ٿو. ٻئي طرف ميان صاحب لنڊن ۾ اي پي سي جون به تياريون ڪري ڇڏيون آهن. موجوده سرڪار هر پاسي کان سوڙهي ٿيندي پئي وڃي. اهڙي صورتحال ۾ ٿيندو ايئن ته حڪمران وري به اڳي پوءِ وڃي پ پ در سوالي ٿيندا. ماضيءَ ۾ سرڪار بينظير سان هميشه ويساهه گهاتي ڪندي آئي آهي. حڪمران وري روشن خيالي، بينظير ۽ آصف تي داخل ڪيس جي واپسي يا شراڪت وارو لقمو کڻي پ پ کي چمڪ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندا. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته هن سياسي شطرنج ۾ بينظير بادشاهه کي شهه ڏئي بازي ٿي کٽي، يا پاڻ ڪنهن پيادي هٿان ٿي مات کائي؟ اهو ته وقت ٻڌائيندو.
    zulfiqarqadri@hotmail.com
     
  16. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم ذوالفقار قادري جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    پاڪستان ۾ ورديءَ واري معاملي جو تاريخي پسمنظر



    خميس 7 جون 2007ع

    پاڪستان هن خطي جو واحد ملڪ آهي، جتي آزاديءَ واري ڏينهن کان وٺي هٿياربند فوج سڌي يا اڻ سڌي طرح حڪومتي وهنوار ۾ شامل رهندي آئي آهي. ننڍي کنڊ ۾ پاڪستان، هندستان ۽ بنگلاديش جي موجوده هٿياربند فوج جو تاريخ جو حصو برطانوي سرڪار جي انهيءَ لشڪر سان ملي ٿو، جيڪو سترهين صديءَ ڌاري برصغير ۾ آيو ته واپار وڙي لاءِ هيو، پر پوءِ ڪمپني سرڪار آهستي آهستي سموري بر صغير تي قابض ٿي وئي. ايڏي وڏي سلطنت کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ برطانيا جا گورا آفيسر ۽ سپاهي ڪٿي پيا پورا ٿين، سو برطانيه اڪثر انهن علائقن مان فوجي ريڪروٽمينٽ ڪئي، جيڪي علائقا يا ته پسمانده هئا يا خطي ۾ غاصب ٿي ايندڙ حاڪمن سان انهن سهڪار ڪيو هو. برطانيا جي انهن ديسي سپاهين برما کان وٺي جاپان تائين پنهنجون خدمتون سر انجام ڏنيون.

    آخر 14 آگسٽ 1947ع تي ورهاڱو عمل ۾ آيو. برطانوي سرڪار هندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ فوجي يونٽن، نفري ۽ اثاثن کي به ورهايو. هندستان جي حصي ۾ ايندڙ فوجين ۾ ڪجهه مسلمان آفيسرن رهڻ پسند ڪيو ته انهن کي هندستان سرڪار قبول ڪيو، پر ڪنهن به سک ۽ هندو فوجي پاڪستاني فوج ۾ شموليت نه ڪئي. جيڪا نفري پاڪستان جي حصي ۾ آئي، ان ۾ به سينئر فوجي آفيسرن جي کوٽ رهي. قائد اعظم جي وفات بعد آفيسرن ۾ عهدن، پوسٽنگ ۽ پروموشنن جي ڊوڙ شروع ٿي وئي. وزير اعظم لياقت علي خان جي وزارت اعظميٰ وارن ڏينهن ۾ جنرل اڪبر خان ۽ جنرل نذير جي راولپنڊي سازش ڪيس ۾ گرفتاري ۽ هٿياربند فوج جي ٻن موسٽ سينئر جنريلن جنرل افتخار خان ۽ جنرل محمد يوسف جي هڪ فضائي حادثي ۾ وفات جنرل ايوب خان جي ڪمانڊر انچيف جي راهه هموار ڪري ڇڏي. آخرڪار 17 جنوري 1951ع تي وزير اعظم لياقت علي خان جنرل ايوب خان کي پاڪستان جي هٿياربند فوج جو نئون ڪمانڊر انچيف مقرر ڪري ڇڏيو. لياقت علي خان جي وفات بعد ملڪ اقتدار جي کچڻي بڻجي ويو. خواجه ناظم الدين، محمد علي بوگره، چوڌري محمد علي، حسين شهيد سهروردي، آئي آئي چند ريگر، فيروز خان نون ۽ غلام محمد تائين ٿوري عرصي ۾ ڪيترا ئي گورنر جنرل ۽ وزير اعظم تبديل ٿيندا رهيا. آخرڪار گورنر جنرل غلام محمد کان استعيفيٰ وٺي، اسڪندر مرزا اقتدار تي قبضو ڪيو.

    جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته لياقت علي خان جي ڏينهن کان ملڪي وهنوار ۽ سياست ۾ ”وردي“ جو عمل دخل شروع ٿيو. اسڪندر مرزا 17 آڪٽوبر 1958ع تي ملڪ ۾ مارشل لا نافذ ڪري، هٿياربند فوج جي ڪمانڊر انچيف کي مارشل لا ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪري ڇڏيو. جنهن اسڪندر مرزا ايوب خان کي پنهنجي ڪابينه ۾ شامل ڪيو، گڏو گڏ سندس فوجي عهدي وارو مدو وڌايو، تنهن ايوب خان 27 ۽ 28 آڪٽوبر 1958ع جي رات تي برگيڊيئر بهادر شير ۽ برگيڊيئر نوازش ذريعي زبردستي اسڪندر مرزا کان استعيفيٰ وٺي ملڪ جو حاڪم بڻجي ويو. ايوب خان يارهن ورهيه ملڪ جو حاڪم رهيو، پر جڏهن هن وردي لاهي اختيار ٻئي حوالي ڪيا ۽ پاڻ فيلڊ مارشل بڻيو ته سندس گرفت ڪمزور ٿي. آخرڪار 25 مارچ 1969ع تي پاڪستان جي هٿياربند فوج جي ڪمانڊر انچيف جنرل يحيٰ خان ۽ سندس ساٿين جي دٻاءَ تي ايوب خان کي استعيفيٰ ڏيڻي پئي. پاڪستان وري”وردي“ جي حاڪميت هيٺ اچي ويو. يحيٰ خان ون يونٽ کي ٽوڙڻ جو اعلان ڪيو، ان سان گڏ 1970ع ۾ عام چونڊون پڻ ڪرايون. چونڊ نتيجن ۾ شيخ مجيب الرحمان جي عوامي ليگ پارليامينٽ ۾ اڪثريتي سيٽون کنيون. جڏهن ته مغربي پاڪستان ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ ۽ پنجاب ۾ ڪاميابي ماڻي. يحيٰ خان ۽ سندس فوجي ساٿين عام چونڊون ته ڪرايون، پر اقتدار جي منتقليءَ جو ڪو فارمولو طئي نه ڪري سگهيا، نتيجي ۾ اوڀر پاڪستان جي عوام بغاوت ڪري ڏني. حڪمرانن سياسي حل بجاءِ ملٽري آپريشن ڪري اوڀر پاڪستان جون حالتون خراب ڪري ڇڏيون. 16 ڊسمبر 1971ع تي مشرقي پاڪستان ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج جي ايسٽرن ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل امير عبدالله خان نيازي هندستاني فوج آڏو هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا. نيٺ مختلف جنرلن زبردستي وڃي يحيٰ خان کان استعيفيٰ ورتي ۽ نيويارڪ مان ذوالفقار علي ڀٽي کي گهرائي، اقتدار سندس حوالي ڪيو.

    ذوالفقار علي ڀٽي هندستان سان شمله معاهدو ڪري، جنگي قيدي ۽ والاريل علائقا واپس ورتا. ڀٽي کي خبر هئي ته ملڪي وهنوار ۾ ”ورديءَ“ جو عمل دخل ڪيترو آهي. ان ڪري ئي هن 1973ع جي آئين ۾ شق نمبر ڇهين به رکرائي ته ”جيڪو به آئين، آئيني ادارن، جمهوري حڪومت کي ٽوڙيندو، سازش ڪندو يا ان سازش ۾ شريڪ ٿيندو، ان جي سزا موت يا ان جي برابر عمر قيد هوندي“. ڀٽو آئين ۾ اهڙي شق شامل ڪرائي، مطمئن ٿي ويو ته هاڻ پاڪستان ۾ ”وردي“ جو عمل دخل نه رهندو، پر جلد ئي کيس پاڻ ورديءَ وارن جي ضرورت پيش آئي، جڏهن سرحد جو گورنر حيات محمد شير پائو پشاور يونيورسٽيءَ ۾ هڪ بم ڌماڪي ۾ مارجي ويو. ردعمل ۾ ڀٽي جي وفاقي سرڪار بلوچستان ۾ نيپ سرڪار جي گورنر غوث بخش بزنجي ۽ وڏي وزير عطاءُ الله مينگل کي هٽائي ڇڏيو ته يڪجهتي طور سرحد جي مولانا مفتي محمود سرڪار به استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. جلد ئي بلوچ اڳواڻن ۽ ذوالفقار علي ڀٽي ۾ اختلاف ايترا وڌيا، جو بلوچستان ۾ بغاوت شروع ٿي وئي. سول انتظاميه کان ڳالهه چڙهي وئي ته ڀٽو سرڪار بلوچستان ۾ آپريشن لاءِ هٿياربند فوج جا يونٽ روانا ڪري ڇڏيا. اڳتي هلي مارچ 1971ع ۾ جڏهن مخالف ڌر ڀٽو سرڪار خلاف احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ته ڪراچي، حيدرآباد، ملتان، لاهور ۽ راولپنڊي ۾ حالتون سول انتظاميه جي ڪنٽرول کان ٻاهر نڪري ويون. وفاقي سرڪار مذڪوره شهرن ۾ جزوي مارشل لا هنئي. ڀٽي جهڙو مضبوط وزير اعظم به ورديءَ وارن کان مدد وٺڻ تي مجبور ٿيو. اها الڳ ڳالهه آهي ته ڀٽي خلاف سازشن جو ڄار تهران کان ويندي واشنگٽن تائين وڇايل هو. آخر 4 ۽ 5 جولاءِ 1977ع جي اها رات به آئي، جڏهن هڪ طرف ڀٽو اڌ رات جو ڪي اهم فائيل ڏسي رهيو هو ته ٻئي طرف جنرل ضياءَ سينئر فوجي عملدارن کي ممڪنه ڪارروائي بابت اعتماد ۾ وٺي رهيو هو. 5 جولاءِ جي انهيءَ آپريشن فيئر پلي جو انچارج پاڪستان جي هٿياربند فوج جي ڏهين ڪور جي ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل فيض علي چشتيءَ کي بڻايو ويو. ڪجهه ئي لمحن ۾ وزير اعظم هائوس جو ڪنٽرول سنڀاليو ويو ۽ برگيڊيئر اسلم شاهه ۽ برگيڊيئر اسلم وڙائچ ڀٽي کي آگاهه ڪيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج ملڪ جو نظام سنڀالي چڪي آهي، اوهان کي اسان سان گڏ ڪوهه مري هلڻو پوندو. جنهن شخص ڪيترن ئي سينئر فوجي آفيسرن کي سپر سيڊ ڪري جنرل ضياءَ کي اتي پهچايو هو، اڄ اهو ئي وٽس قيد ٿي چڪو هو.

    ميان نواز شريف به ليفٽيننٽ جنرل علي قلي خان، ليفٽيننٽ جنرل خالد نواز ۽ ليفٽيننٽ جنرل رحمدل ڀٽي کي سپر سيڊ ڪندي، جنرل پرويز مشرف کي آرمي چيف مقرر ڪيو هو. ميان صاحب به هن ملڪ ۾ قائد اعظم ۽ قائد عوام بنجڻ چاهيو، پر 2 1 آڪٽوبر 1999ع تي هن جڏهن”وردي“ سان ڇيڙ ڇاڙ ڪئي ته پاڻ به گهر ڀيڙو ٿي ويو.

    پاڪستان لاءِ دنيا جون مختلف ساڃاهه وند ڌريون عجيب اڳ ڪٿيون پيون ڪن. پاڪستان جي بهتر مفاد ۾ اهو آهي ته ملڪ جي فوجي ۽ سياسي قيادت هڪ هنڌ ويهي ملڪ جي عظيم تر مفادن ۾ صوبن اندر پيدا ٿيل بيچيني، اقتصادي ۽ معاشي ناهمواري ۽ ٻين درپيش مسئلن کي سنجيدگيءَ سان حل ڪرڻ کپي.

    zulfiqarqadri@hotmail.com
     
  17. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم ذوالفقار قادري جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    ٻاهتر وڏين مڇين کان ستر سردارن تائين



    خميس 14 جون 2007ع

    سنڌ ۾ جڏهن به ڪا نئين سياسي فلم رليز ٿيڻي هوندي آهي ته ان جا ”ڊائريڪٽر“ فلم کي ”کڙڪي توڙ هفته“ ۽ ”گولڊن جوبلي“ بڻائڻ واسطي پري پبلسٽي طور ڪجهه ٽريلر جاري ڪرائيندا آهن. اهڙي نمائش ۽ پبلسٽيءَ لاءِ هميشه گرمين وارا ڏينهن ئي منتخب ٿيندا آهن. تازي اطلاع مطابق سنڌ اندر هلندڙ قبيلائي تڪرارن بابت وڏي وزير جي صلاحڪار سرور سرڪيءَ جي سربراهي ۾ ڪم ڪندڙ ڪميٽي سنڌ سرڪار کي نائين جون تي هڪ رپورٽ اماڻي آهي، جنهن ۾ سنڌ جي ستر جي لڳ ڀڳ نوابن، سردارن، وڏيرن، راڄن جي چڱن مڙسن ۽ بااثر قبيلائي فردن کي سڌي يا اڻ سڌيءَ طرح انهن جهيڙن جو ذميوار قرار ڏنو ويو آهي. رپورٽ ۾ جن بااثر ماڻهن جا نالا ڏنا ويا آهن، انهن مان اڪثر يا ته مخالف ڌر سان لاڳاپيل آهن يا حڪمران ڌر سان آهن، پر سندن شمار سنڌ جي وڏي وزير کان پاسيرو رهندڙ لڏي سان آهي.

    سنڌ ۾ امن امان، ڏوهن ۽ جهيڙن جي حوالي سان رپورٽن جي تياري ڪا نئين ڳالهه ڪونهي. ماضيءَ ۾ به اهو ڪم”اصل واڳ ڌڻي“ ڪندا رهيا آهن. هن دفعي رڳو سرور سرڪيءَ کي اڳيان ڪيو ويو آهي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ غلام محمد، اسڪندر مرزا ۽ ايوب خان جي وقت ۾ ڳجهن ادارن سنڌ ۾ امن امان جي حوالي سان جيڪا رپورٽ جوڙي هئي، ان ۾ ان جو ذميوار حر تحريڪ جي ڪجهه ويڙهاڪن رحيم هنڱورو، الهڏنو خاصخيلي عرف جيجو جرنيل، بچو بادشاهه، پيرو وزير کان علاوه ڦل ماڇي، مور جمالي، عبدالرحمان پٺاڻ، عبدالرحمان بروهي کي ڏنو ويو هو. ايوب خان جي آخري ڏينهن کان يحيٰ دور جي پڄاڻيءَ تائين انهن نالن ۾ تاجو اوٺو، غلام حسين واڍو، گهنور چانڊيو، قادو چانڊيو، لول بروهي، رحيم کوسو، راڻو مري، ٽوهه چانڊيو، محرم جانوري، دائود ماڇي، پيرو وڳڻ، گهوڙو خاصخيلي، يونس لاشاري، مبين ڏاهري، موالي راڄپر، ڪرڙ ماڇي ۽ ٻڍي ماڇيءَ جا نالا شامل هئا. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي واري دور ۾ جيڪي نالا اڀريا، انهن ۾ ميهر شاهه، صالح جيهو، خانو جکراڻي، ماستر عبدالحق کوسو، مراد علي مير جت، غلام عباس ڪٽوهر، رانجهو ڀنڀرو، حسين اوٺو، طاهر اوٺو، رمضان سولنگي، اقبال پنجابي، عمر کوسو، يعقوب جلباڻي ۽ حسين ٻگهيو شامل هئا.

    جنرل ضياءَ جي آمريت واري دور ۾ قبائلي جهيڙن ۽ ڏوهن جي شرح وڌڻ شروع ٿي. ڏوهن جو طريقو به تبديل ٿيو. اڳي چوري چڪاري عام هئي، پر ورلي ڪو وڏو ڌاڙو لڳندو هو. جنرل ضياءَ جي دور ۾ ڀنگ لاءِ اغوا ۽ ڪار لفٽنگ جهڙا ڏوهه ٿيڻ لڳا. سنڌ اندر ڪار لفٽنگ ڪرائيم جي حوالي سان سليمان بليديءَ نالي نوجوان جو نالو گهڻو اڳتي آيو، جيڪو پنهنجي استاد خانو جکراڻيءَ سان گڏ ڏوهن جي دنيا ۾ مشهور ٿيو، پر جلد ئي خانو جکراڻي جيڪب آباد لڳ ڳوٺ لکمير بروهيءَ جي ڳوٺاڻن هٿان مقابلي ۾ مارجي ويو ۽ سليمان بليدي جو نالو به آهستي آهستي پس پرده ٿيندو ويو. خانو جکراڻيءَ جي مارجي وڃڻ بعد ڪجهه عرصو پوءِ لاڙڪاڻي ۽ جيڪب آباد جي سرحدي دنگ دوداپور وٽ اهو مشهور سانحو ٿيو، جنهن ۾ لاڙڪاڻي، دادو ۽ نوشهروفيروز جي پوليس بدنام ڏوهارين جو پيڇو ڪندي جکراڻين جي ڳوٺ جاگير وٽ ڏوهارين جو گهيرو تنگ ڪيو، پر ڌاڙيلن جوابي ڪارروائي ڪندي سنڌ پوليس جي يارنهن ناميارن آفيسرن ۽ جوانن کي ٿڏي تي ماري وڌو، جنهن ۾ انسپيڪٽر غلام رسول لاهوري، انسپيڪٽر غلام رسول عمراڻي ۽ ٻيا آفيسر به شامل هئا. ان واقعي بعد سنڌ جي ڏوهن واري دنيا ۾ هڪ نئين نالي جو اضافو ٿيو، اهو نالو هو محمد پريل عرف پرو چانڊيو. پرو چانڊيي جو تعلق دادو ضلعي جي سونا ٻنڊي ٻيلي ۾ واقع چانڊين جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ سان هو. شروع شروع ۾هن ڪچي اندر ڍور ڍڳي جي چوريءَ سان ڏوهن جي شروعات ڪئي. بعد ۾ هڪ ڦر جي واقعي دوران اي ايس آءِ جي قتل بعد جڏهن ٻين ڏوهارين سان گڏ ڀڳو ته جکراڻين جي ڳوٺ وٽ ٿيل ان واقعي کيس شهرت ڏني. ڪجهه عرصي بعد پرو چانڊيو پنهنجي ڀاءُ علي گوهر چانڊيي سان گڏ پڪڙجي پيو. سکر سينٽرل جيل ۾ باندي هو ته 1982ع ۾ نادر جسڪاڻيءَ جي مدد سان سکر سينٽرل جيل ٽوڙي ستن رهزن ڌاڙيلن علي گوهر چانڊيو، غلام عمر مغيري، جنسار چانڊيو ۽ ٻين سميت ڀڄي ويو. سکر سينٽرل جيل مان پرو چانڊيو ئي ڀڄڻ بعد منظم گروهه ٺاهي، سنڌ جي امن کي تاراج بڻايو. پوءِ ته پرو چانڊيو بابت ڪئين افسانوي قصا به ٺهيا. ڌاڙيل ايترا بهادر بڻجي ويا، جو هڪ دفعي جڏهن آءِ جي سنڌ پوليس هڪ وڏي پوليس ڪانواءِ سان دادو ضلعي ۾ انڊس هاءِ وي وٽان پئي گذريو ته ڪڪڙ ۽ مخدوم بلاول جي وچ تي علي گوهر چانڊيي ۽ نادر جسڪاڻيءَ جي ٽولي آءِ جي سنڌ جي قافلي تي حملو ڪري ڏنو. آءِ جي سنڌ صديقي ته بچي ويو، پر ڪجهه جوان مارجي ويا. پرو چانڊيي اهڙو ئي هڪ واقعو سيشن ڪورٽ دادو ۾ ڪيو، جڏهن سندس هڪ ڏوهاري دوست غلام قادر ميربحر حاضريءَ تي آيل هو. پرو چانڊيي جي ٽولي پوليس وردين ۾ ملبوس ٿي، سيشن ڪورٽ دادوءَ ۾حملو ڪري غلام قادر ميربحر کي ڏينهن ڏٺي ڇڏائي کڻي ويو. پرو چانڊيو جڏهن پنهنجي سرپرستن جي هٿن مان نڪري ويو، تڏهن کيس هڪ پلاننگ تحت شاهه پنجي ۽ سيتا واري ڦاٽڪ وٽ لطيف چانڊيي سان ساز باز ڪري، غلام قادر ميربحر سميت مارايو ويو.

    سيٺ احمد دائود ڪيس: پاڪستان ۾ دائود گروپ انڊسٽريز جو مالڪ ۽ ارب پتي واپاري سيٺ احمد دائود پنهنجي مرسڊيز ڪار ۾ پنهنجي زرعي فارمن تان موٽي رهيو هو ته 15 مئي 1987ع تي بلڙي شاهه ڪريم وٽ نامعلوم هٿياربندن کيس اغوا ڪري ورتو. دائود فيملي جا تعلق جنرل ضياءَ کان ويندي واشنگٽن تائين هئا، سو ڪراچيءَ کان ويندي اسلام آباد تائين جا حاڪم ۽ اعليٰ آفيسر تحرڪ ۾ اچي ويا. وڏين ڪوششن بعد اغوا ڪندڙ ٽولي سان ڪراچيءَ جي هڪ ڊاڪٽر ۽ ڪوهستان جي بااثر ماڻهن ذريعي رابطو ڪيو ويو. آخر پنجويهن لکن عيوض سيٺ احمد دائود آزاد ٿيو. رپورٽن مطابق انهيءَ واقعي ۾ مٺو ڪاسائي، غلام نبي سهاڳ، لاله علي مراد ۽ سنڌ جي هڪ شاگرد تنظيم جو مرڪزي اڳواڻ ملوث هئا.

    نويد قمر اغوا ڪيس: اڳوڻي سينيٽر ۽ ايوان زراعت سنڌ جي صدر ۽ برک زميندار سيد قمر الزمان شاهه جي پٽ ۽ موجوده ايم اين اي سيد نويد قمر کي 12 فيبروري 1988ع تي حيدرآباد لڳ شيخ ڀرڪئي وٽان نامعلوم هٿياربندن اغوا ڪري ورتو. هو ايڪويهه ڏينهن ڌاڙيلن وٽ گهاري، هڪ ڊيل هيٺ رات جي اونداهيءَ ۾ جي او آر ڪالوني حيدرآباد وٽ آزاد ڪيو ويو. سيد نويد قمر پنهنجي آزاديءَ تي فقط ايترو چيو هو ته ”ڌاڙيلن کي جڏهن خبر پئي ته آئون سيد آهيان، ته احترام طور ڌاڙيلن مون کي آزاد ڪري ڇڏيو“.

    انبن جي بادشاهه رفيع ڪاڇيلي جي پٽ جو اغوا: جڏهن برطانوي شهزادي چارلس سونهن راڻي ليڊي ڊائنا سان لانئون پئي لڌيون، تڏهن سندن شاديءَ واري مينيو ۾ سنڌ جي ڪاڇيلي فارم جا انب به شامل هئا. ان ئي ڪاڇيلي فارم جي مالڪ رفيع ڪاڇيلي جي جرمن نزاد زال مان پيدا ٿيل سيڪلڌي پٽ فيصل ڪاڇيلي کي 15 آڪٽوبر 1987ع تي پبلڪ اسڪول حيدرآباد جي گيٽ وٽان اغوا ڪيو ويو. رفيع ڪاڇيلي جا واسطا پير سائين پاڳاري کان ويندي لاڙڪاڻي جي ڀٽن ۽ هالا جي مخدومن کان ويندي، اسلام آباد جي ايوانن تائين هئا. فيصل جي آزاديءَ لاءِ سنڌ جي بااثر ماڻهن کان مدد ورتي وئي، پوءِ به هو ڪيترا ئي هفتا ڌاڙيلن جي قبضي ۾ رهيو. آخر ڇهن مهينن بعد حضوري کوسي ۽ لال ملوڪ کوسي جي مارجي وڃڻ بعد فيصل ڪاڇيلو هڪ ڊيل تحت آزاد ٿيو.

    دادا ڀائي اغوا ڪيس: دادا ڀائي سيمينٽ ۽ دادا ڀائي گروپ آف انڊسٽريز جي ارب پتي مالڪ عبدالله دادا ڀائي کي 7 مارچ 1992ع تي اغوا ڪيو ويو. عبدالله دادا ڀائيءَ لاءِ سنڌ اندر واقع ڪچي جي ڪيٽين ۾ ڇاپا هنيا ويا. ارڙهن ڏينهن بعد عبدالله دادا ڀائي به هڪ ڊيل تحت آزاد ٿيو.

    چيني انجينئرن جو اغوا ڪيس: 11 مئي 1991ع تي ضلعي دادو ۾ ٽلٽي وٽ جديد هٿيارن سان ليس ڌاڙيلن جي هڪ ٽولي پاڪستان ۽ چين جي گڏيل سهڪار سان ڄامشوري کان گڊو ملتان تائين واپڊا جي هاءِ پاور ٽرانسميشن لائين منصوبن تي ڪم ڪندڙ ٽن چيني انجنيئرن لي چنگ، زو زنگ ۽ ڊائي شي يو کي دادو کان ڀان سيد آباد ايندي پيجارو سميت اغوا ڪري ورتو. اهڙي اغوا تي چائنا سرڪار اسلام آباد سان رابطو ڪيو. وفاقي سرڪار سنڌ جي وڏي وزير ڄام صادق علي مٿان دٻاءُ وڌو ته ڪيئن به ڪري، چيني انجنيئر زندهه بازياب ڪرايا وڃن. جڏهن ڌاڙيلن جي خبر چار لڌي وئي ته پتو پيو ته ڌاڙيل لطيف چانڊيي چيني انجنيئر اغوا ڪري، لائق چانڊيي حوالي ڪيا آهن. پوءِ ڊيل لاءِ ڪوششون شروع ٿي ويون. ڄام صادق علي اتر سنڌ جي هڪ قبائلي سردار کي هيلي ڪاپٽر تي ڌاڙيل لائق چانڊيي ڏانهن موڪليو. ڌاڙيلن سردار جو مان رکندي، کيس هڪ انجنيئر مفت ۾ ڏيڻو ڪيو، پر آيل سردار نه مڃيو ۽ ڪاوڙ ۾ واپس هليو ويو. ڪراچي پهچي ان سردار اخبار نويسن کي ٻڌايو ته ڌاڙيل ڪچي جي جنهن ريسٽ هائوس ۾ مغوي انجنيئرن سميت رهيل هئا، اتي ايئر ڪنڊيشن هلي رهيا هئا. چوڻ وارا چون ٿا ته آخر اهو چيني انجنيئرن وارو معاملو ڪروڙن جي ڊيل ۾ طئي ٿيو. اڌ ڌاڙيلن کي مليو ۽ اڌ سنڌ جي هڪ اعليٰ شخصيت کي مليو.

    جاپاني سياحن جو اغوا ڪيس: 15 مارچ 1991ع تي ٻن جاپاني سياحن مسٽر تاڪا ياسو ۽ ڪاياتا سو کي ان وقت اغوا ڪيو ويو، جڏهن اهي پاڪستان ۾ آبي ذخيرن تي ريسرچ ڪرڻ لاءِ هڪ ٻيڙي ۾ سوار ٿي گڊو وٽان سنڌو درياهه ۾ ڪم ڪري رهيا هئا. سندن اغوا جو پڙاڏو بي بي سي ۽ ٻين عالمي نشرياتي ادارن تان پڻ ٻڌو ويو. انهيءَ اغوا ۾ بدنام ڏوهاري صدوري شيخ عرف ڪشمير خان جو پٽ غلام رسول عرف ڪمانڊو شيخ ملوث هو. جاپاني سياحن جي بازيابي لاءِ اتر سنڌ جي قبائلي سردارن معرفت ڌاڙيلن سان ڊيل ڪئي وئي.

    سينٽرل جيل سکر جو ڦاهي گهاٽ ٽٽڻ: سينٽرل جيل سکر کي پاڪستان جي ٻين جيلن جي مقابلي ۾ وڌيڪ محفوظ جيل تصور ڪيو ويندو هو، پر 1982ع ۾ پرو چانڊيي ۽ ٻين ستن ڌاڙيلن جي فرار ٿيڻ جيل جي محفوظ هئڻ واري ساک کي ڇيهو رسايو. سيد غوث علي شاهه جي وڏ وزارت وارن ڏينهن ۾ 22 ۽ 23 مارچ واري رات تي سنڌ جي اٽڪل پنجاهه کان مٿي خطرناڪ ڌاڙيلن جِي ٿري، ڪلاشنڪوفن، رائيفلن ۽ هينڊ گرنيڊن سان مسلح ٿي، سينٽرل جيل سکر تي حملو ڪري 32 کان مٿي ڦاهي گهاٽ جي کولين ۾ بند ڦاهي جي منتظر بدنام ڏوهارين کي آزاد ڪرائي ورتو. ڌاڙيل ۽ آزاد ڪرايل قيدي ديده دليريءَ ۽ سلامتيءَ سان فرار ٿي ويا. جيل رڪارڊ مطابق جيڪي قيدي ڌاڙيل فرار ٿي ويا، انهن ۾ جان محمد عرف جانو آرائين، دادن عرف داد مرزاڻي، علي گوهر ڏيپراڻي چانڊيو، غلام سرور عرف سرو چانڊيو، جان محمد عرف جانو ڪورائي، ارباب لولائي، علي حسن ڪاڪيپوٽو، گلشير چانڊيو، طاهر واسو، وزير خشڪ، اسماعيل خشڪ، جمع خشڪ، قادر سرگاڻي، بگو سيٺار، شهزادو، نياز شاهاڻي، علي احمد بالادي، دادن چانڊيو، منظور شاهه، غلام شبير کوکر، عزيز الله کوکر، سومر گوپانگ، بشير چانڊيو، شبير سومرو، رمضان چانڊيو، اڪبر چانڊيو، پريل چانديو، غلام عمر چانڊيو، عبدالستار ڀٽو، عبدالغفور پنجابي ۽ سرائي محمد خان گوپانگ شامل هئا.

    ماضيءَ ۾ جيڪي به واقعا ٿيندا رهيا آهن، انهن جي باري ۾ جيڪي به رپورٽون جوڙيون وينديون رهيون آهن، نيٺ انهن جو ڇا ٿيو؟ جيڪڏهن انهن رپورٽن تي ئي ڪجهه ناهي ٿيو، ته هاڻي جڙندڙ رپورٽن تي ڇا ٿيندو؟. ماضيءَ ۾ جنرل آصف نواز جي دور ۾ جيڪا رپورٽ جوڙي وئي هئي، ان ۾ ٻاهتر وڏين مڇين جو ذڪر ڪيو ويو هو، هاڻ انهن مان فقط ٻه گهٽ آهن. جڏهن ته موجوده رپورٽ ۾ لولن، لنگڙن، ڪن ڪٽن ۽ ڪاڻن جا نالا ڪونهن.
    zulfiqarqadri@hotmail.com
     
  18. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم ذوالفقار قادري جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    بينظير جا چوونجاهه ورهيه



    خميس 21 جون 2007ع

    ٺيڪ چوونجاهه ورهيه اڳ اتر سنڌ جي روايتي نواب سر شاهنواز ڀٽي جي اصفهان ڄائي نُنهن نصرت، ڪراچيءَ جي پوش ايريا ۾ واقع ڊاڪٽر پنٽو جي ڪلينڪ ۾ هڪ سهڻي ستابي نياڻيءَ کي جڏهن جنم ڏنو، ته اهڙن لمحن ۾ سندس پيءُ وطن کان ڏور برطانيه ۾ تعليم سانگي ترسيل هو، پر جڏهن ذلفي ڀٽي کي ٻڌايو ويو ته نصرت هڪ نياڻيءَ کي جنم ڏنو آهي ته هو خوشيءَ ۾ نه ٿي ماپيو. هن پيلو مودي، مشتاق ۽ جهانگير کي خوش ٿي پئي ٻڌايو ته هاڻ هو ”ابُو“ بڻجي ويو آهي. ثريا جي وڇوڙي ۾ لڪي لڪي روئيندڙ ڀٽي کي نصرت جي پريم ئي سهارو ڏنو هو. اهو هڪ عجيب اتفاق چئجي، جن ڏينهن ۾ بينظير جو جنم پئي ٿيو، انهن ئي ڏينهن ۾ برطانيه جي راڻي ايلزبيٿ جي تاج پوشيءَ جون تقريبون لنڊن جي ويسٽ منسٽر ۾ پئي منعقد ٿيون. برطانيه جي شاهي خاندان کان علاوه سڄيءَ دنيا مان سربراهه مملڪت، وزير اعظم ۽ شاهي گهراڻا انهن رسمن ۾ شريڪ هئا. ڀٽو به هڪ شاگرد جي حيثيت ۾ سنگت ساٿ سان گڏجي، اهي يادگار لمحا ڏسندو رهيو هو. کيس ڪهڙي سڌ، ته جنهن راڻيءَ جي شان مانَ لاءِ سڄي دنيا جا سربراهه اچي گڏ ٿيا آهن، پنجٽيهن ورهين بعد جڏهن سندس ڌيءُ پنڪي ان ئي راڻيءَ جي بڪنگهم پئليس ۾ پاڪستان جي وزير اعظم طور داخل ٿيندي، ته راڻي پيار منجهان اٿي بيهي کيس ڳراٽڙي پائيندي.

    پنڪيءَ جون پنهنجي پاپا سان شرارتون ۽ محبتون به مشهور رهيون. ننڍي هوندي ڪڏهن ڪڏهن هوءَ پنهنجي بيرسٽر پيءُ جو گائون پهري، 70 ڪلفٽن جي در تي لڳل تختي”ذوالفقار علي ڀٽو بار ايٽ لا“ جي مٿان پاٺي تي لکيل”بينظير ڀٽو بار ايٽ لا“ واري تختي لٽڪائي ڇڏيندي هئي. سندس ماءُ وري روايتي طور مذهبي ۽ سخت هئي. نماز ۽ ڪلام پاڪ جو ورد نصرت جو معمول هو. ذوالفقار علي ڀٽي جڏهن پنهنجي وڏور ڌيءُ کي اعليٰ تعليم لاءِ پئي موڪليو ته انهيءَ ڏينهن نصرت 70 ڪلفٽن جي در تي قرآن پاڪ جي ڇانوَ ۾ کيس روانو ڪيو هو. بينظير جو لاڙو ۽ شوق صحافت ۽ خارجي معاملن طرف هو، پر کيس ڪهڙي خبر ته جولاءِ 1977ع واريون وئڪيشنون سندس مستقبل جي حڪمت عملي ئي تبديل ڪري ڇڏينديون. بينظير پاڪستان پنهنجي ڀاءُ مير، شاهنواز ۽ ڀيڻ صنم سان گڏ عزت جي وانڍ ۽ نصرت فارم تي سير سپاٽا ڪرڻ، سنڌڙي ۽ چوسو انب ۽ کارڪون کائڻ لاءِ آئي هئي، پر 5 جولاءِ 1977ع واري رات تي جنرل ضياءَ جي قهري ڪارروائي بينظير جا خواب ئي ٽوڙي ڇڏيا. چوويهن ورهين جي سنهڙي ڇوڪريءَ مٿان اچي ڳرا بار ٽٽا. جيل جي ڦاهيءَ واري کولي ۾ قيد پيءُ، بيمار ماءُ، جلاوطن ڀائر، مٿان وري مارشل لا جي قهري قانونن ۽ سختين کي منهن ڏيڻ سان گڏ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جهڙي پارٽي کي هڪ ئي وقت سنڀالڻ ڪي سولا ڪم ڪو نه هئا. حالتن ۽ وقت نفيس نازڪ پنڪيءَ کي اوجهڙ ۾ ڌڪي ڇڏيو. عملي سياست جي ان ئي اوجهڙ ۾ بينظير کي اڄ پورا ٽيهه سال ٿي چڪا آهن. اسان جي پراڻ پسند سماج ۾ قائد اعظم جي ڀيڻ هئڻ باوجود فاطمه جناح پير کوڙي نه سگهي هئي، پر ڀٽي جي ڌيءُ نه صرف انهن چئلينجن کي قبوليو، پر ڪنهن حد تائين ڪاميابيون به ماڻي ڏيکاريون.

    بينظير کي اهو ڏينهن اڄ به ياد آهي، جڏهن هوءَ سورهن ورهين جي هئي ته سندس امڙ نصرت کيس ٽرين وسيلي لاڙڪاڻي وٺيو پئي وئي ۽ قدامت پسند ڀٽن جو لحاظ رکندي، کيس برقعو پارايو هئائين. ذوالفقار علي ڀٽي جڏهن پنهنجي وڏور نياڻيءَ کي المرتضيٰ اندر برقعي ۾ ڏٺو ته پنهنجي گهر واري نصرت کي چيائين، ”اڄ کان پوءِ بينظير برقعو ڪو نه پائيندي. عورت جو حياءُ سندس اکين ۽ شخصيت ۾ هئڻ کپي.“ بينظير تي ان لمحي ڇا گذريو هوندو، جڏهن هوءَ اهڙا ويچار رکندڙ پنهنجي عظيم پيءُ سان راولپنڊي ڊسٽرڪٽ جيل جي ڦاهي گهاٽ واري وارڊ ۾ زندگيءَ جون آخري ڪچهريون ڪري رهي هوندي. جنهن شخص جي زبان مان نڪتل هر جملي جي تعميل ٿيندي هئي، اهو ئي ذوالفقار علي ڀٽو آخري ملاقات لاءِ آيل وني نصرت ۽ پياري ڌيءُ پنڪي کي فرش تي ويهڻ لاءِ چادر وڇائي ڏئي رهيو هو ۽ کين چئي رهيو هو ”اوهان ويهو ته مان اوهان لاءِ چانهه ٿو ٺاهيان.“ ڀٽي ڦاهيءَ واري تختي تي چڙهڻ کان اڳ بينظير کان هڪڙو ئي وچن ورتو هو، اهو وچن مزاحمت جو هو، آمريت خلاف مزاحمت، عوام دشمن قوتن خلاف مزاحمت، وقت ۽ تاريخ جي مخالفن خلاف مزاحمت.. ۽ پوءِ بينظير پيءُ کي ڏنل ان وچن کي نڀائيندي، مهاڏو اٽڪايو. آمريت خلاف، عوام جي ازلي ويرين خلاف هلندڙ تحريڪ ۾ هوءَ سرواڻ ٿي اڀري. سماج ۾ تبديليءَ واسطي، هوءَ پيرين اگهاڙي، اٽي، لٽي ۽ اجهي لاءِ واجهائيندڙن جو آواز ٿي اڀري. مٿس سختيون به ٿيون، ته قيامت جهڙين گرمين ۾ هن سکر سينٽرل جيل ۽ ڪراچي سينٽرل جيل ۾ قيد تنهائيءَ جا ڏينهن به گهاريا. بينظير لٺيون به کاڌيون، گولين ۽ شيلنگ جي وچ ۾ به جهانسيءَ جي راڻي ۽ رضيه سلطانه جيان بيٺل نظر آئي.

    بينظير پاڪستان جي سياسي منظر نامي ۾ هڪ ويڙهاڪ ۽ متحرڪ شخصيت طور سامهون رهندي آئي آهي. کيس سماج جي مختلف طبقن جي مخالفت کي به منهن ڏيڻو پيو آهي. مختلف وقتن تي قدرت به بينظير جو ساٿ ڏيندي رهي آهي.

    آگسٽ 88ع ۾ جنرل ضياءَ هڪ فضائي حادثي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، ته ملڪ جي ٿڪل اسٽيبلشمينٽ فيصلو ڪيو ته چونڊون ڪرائي اقتدار عوام جي چونڊيل نمائندن حوالي ڪجي. اسحاق خان، جنرل اسلم بيگ ۽ جنرل حميد گل جي مخالفتن باوجود بينظير جي پارٽي کٽي وئي. پنجٽيهن ورهين جي بينظير کان سولين ۽ نان سولين قوتون ڊنل هيون. هن جي پارٽي چونڊ نتيجن ۾ نوان رڪارڊ قائم ڪيا. پير صاحب پاڳارو، رئيس غلام مصطفيٰ جتوئي، نواب احمد سلطان چانڊيو، غلام محمد خان مهر، محمد خان جوڻيجو جهڙا گادي ڌڻي، نواب، سردار بينظير جي پارٽي اميدوارن هٿان هارائي ويا. ملڪي اسٽيبلشمينٽ وٽ بينظير کي اقتدار ڏيڻ کان سواءِ ڪو چارو نه هو. آرمي چيف جنرل اسلم بيگ ۽ صدر اسحاق کيس گهرايو. صدر اسحاق سان ملاقات بعد هوءَ جنرل بيگ جي گهر پهتي. اتفاق سان ان مهل جنرل بيگ جي ڌيءُ جي سالگره هئي، جنهن مهل بينظير ساڻس ڳالهين لاءِ سندس گهر پهتي هئي. ان ملاقات ۾ صرف ٻنهي پاسن جا گهر ڀاتي هئا. بينظير سڀ شرط قبوليا. محمود هارون کي به قبول ڪيائين، جنهن ڀٽي جي ڦاهي وارو فائيل وزير داخله جي حيثيت ۾ جنرل ضياءَ کي موڪليو هو. هن صاحبزادي يعقوب کي به قبوليو. وي اي جعفري کان ويندي خود صدر اسحاق، جنهن 5 جولاءِ 1977ع جي رات سيڪريٽري دفاع هوندي وزير اعظم ڀٽي سان غداري ڪندي، جنرل ضياءَ کي ڀٽي جي ارادن کان آگاهه ڪيو هو، ان کي به پنهنجو ڪيائين. بينظير اعتبار به ڪندي رهي آهي، پر ساڻس ويساهه گهاتيون به ٿينديون رهيون آهن. هن آمريڪا کي به ڀٽي جو خون معاف ڪيو. هن جنرل بيگ تي ويساهه ڪندي کيس تمغه جمهوريت عطا ڪيو، پر بينظير سان سڀني ويساهه گهاتي ڪئي. صدر اسحاق جڏهن بينظير سرڪار کي برطرف پئي ڪيو، تڏهن ساڻس ڳالهائيندڙ آخري فرد جنرل بيگ ۽ آمريڪي سفير هئا. هن فاروق لغاريءَ کي ڊيري غازي خان مان کڻي ايوان صدر تائين پهچايو، پر ان به ساڻس وفا نه ڪئي. بيوفائي ته بينظير سان انيڪ فردن ڪئي آهي، جن مان ڪيترا ئي ڪک پتي هئا ۽ بينظير انهن کي لک پتي بڻايو هو.

    بينظير کي جلاوطن ٿئي ڏهه سال ٿي چڪا آهن. هن سال بينظير پنهنجي سياسي زندگيءَ جو وڏو داءُ کيڏڻ جي موڊ ۾ آهي. بينظير هاڻ اقتداري سياست جي رمزن کي سمجهي چڪي آهي. بينظير اڳ جوڪر پاڻ وٽ رکندي هئي، پر هن دفعي سياسي تاش جا ٻاونجهاهه پتا ئي پاڻ وٽ رکڻ چاهي ٿي، سواءِ جوڪر جي. بينظير هڪ ئي وقت آمريڪا، اسٽيبلشمينٽ، جنرل مشرف، اي آر ڊي، ايم ايم اي ۽ ميان نواز شريف سان راند پئي ڪري. هونئن به ماڻهو جڏهن پنجونجاهه سالن ۾ داخل ٿو ٿئي، تڏهن سوچي سمجهي قدم ٿو کڻي. اسين بينظير لاءِ دعاگو آهيون ته ايندڙ جنم ڏينهن پنهنجي اباڻي ديس ۾ ملهائي. البته مستقبل جو جيڪو سياسي منظر نامو جڙي رهيو آهي، واشنگٽن واري جنگجو شهزادي ڪونڊو ليزا رائيس جي ڪوشش آهي ته”محترمه- مشرف بهن بهائي، يه ميان صاحب اور ايم ايم اي ڪي سياست ڪهان سي آئي“ وارو قصو جڙي. هاڻ اهو محترمه تي منحصر آهي ته اها ورديءَ واري صدر کي ٿي قبول ڪري يا شيروانيءَ واري صدر کي.
    zulfiqarqadri@hotmail.com
     
  19. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم ذوالفقار قادري جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    لال مسجد، جهادي سوچ ۽ غازي رشيد!



    جمع 6 جولاءِ 2007ع

    آب پاره چوڪ اسلام آباد کي جيڪڏهن وفاقي گادي واري شهر جي دل چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. آب پاره چوڪ کان ايوانِ صدر، وزير اعظم هائوس، سپريم ڪورٽ، قومي اسيمبلي، سمورين وزارتن جي آفيسن کان سواءِ ملڪ جي سمورن حساس ۽ ڳجهن ادارن جا هيڊ ڪوراٽر هن مسجد کان صرف ڏهن منٽن جي ڊرائيوِ تي واقع آهي. ستر واري ڏهاڪي ۾ ڏکڻ پنجاب سان تعلق رکندڙ مولوي عبدالله مزاري انهيءَ آب پاره چوڪ ڀرسان واقع هڪ سرڪاري زمين تي علائقي جي ڪجهه رهواسين جي مدد سان قبضو ڪري هڪ مسجد جوڙي ڇڏي. انهيءَ حڪومتي کاتي پنهنجي زمين تي اهڙي قبضي خلاف وفاقي گادي واري شهر جو انتظام هلائيندڙ اداري ”ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي“ کي درخواست پڻ ڪئي، پر سي ڊي اي ڪنهن به ڪارروائي ڪرڻ کان قاصر رهي. جولاءِ 1977ع ۾ جنرل ضياءَ جي اقتدار تي اچڻ بعد مولوي عبدالله هاڻ مولانا عبدالله ٿي چڪو هو. جنرل ضياءَ پنهنجي مخصوص مذهبي سوچ سبب مولانا عبدالله تي مهربان هو. جنرل ضياءَ جي مهربانين سان ڪالهه جيڪا مسجد هڪ ننڍڙي سرڪاري پلاٽ تي جوڙي وئي هئي، ان ۾ توسيع ٿيڻ لڳي. هڪ ننڍي مسجد وڌي چار منزله ڪامپليڪس ۾ تبديل ٿي چڪي هئي.

    انهن ئي ڏينهن ۾ روسي فوجون افغانستان ۾ داخل ٿي چڪيون هيون. آمريڪا پاران جنرل ضياءَ کي روسين سان مهاڏي اٽڪائڻ لاءِ افغانستان جي مذهبي ڌڙن کي منظم ڪرڻ کان ويندي انهن کي هٿيار، گولا بارود ۽ ٻي رسد جا ٽارگيٽ مليل هئا. افغان جهادين جو اسلام آباد اچڻ وڃڻ معمول بڻجي ويو ۽ پوءِ آب پاره واري مسجد به انهن جهادين لاءِ هڪ ٺڪاڻي طور ڪتب اچڻ لڳي. مولانا عبدالله جا واسطا نه فقط جنرل ضياءَ سان هئا، بلڪه افغان اڳواڻ گلبدين حڪمت يار، رباني سميت پاڪستاني حساس ادارن جي جنرل اختر عبدالرحمان پارا به سندس حلقهءِ احباب ۾ شامل ٿي ويا. مولانا عبدالله مسجد ڀرسان ئي پنهنجي رهائش اختيار ڪئي. کيس ٻن پٽن عبدالعزيز ۽ عبدالرشيد ۽ ٽن نياڻين جو اولاد ٿيو. عبدالرشيد جو نالو سندس ڏاڏي جي نالي پويان عبدالرشيد رکيو ويو. مولانا عبدالله پنهنجي ٻنهي پٽن عبدالعزيز ۽ عبدالرشيد کي فيصل مسجد اسلام آباد ويجهو واقع هڪ مدرسي ۾ مذهبي تعليم واسطي داخل ڪرايو. عبدالعزيز پنهنجي پيءُ مولانا

    عبدالله جي پيروي ڪندي سونهاري به رکرائي، پر عبدالرشيد ڪجهه عرصي بعد مدرسو ڇڏي هليو ويو ۽ اسلام آباد جي عام ڪاليج جو شاگرد بڻجي ويو. انٽر ڪرڻ بعد عبدالرشيد اسلام آباد ۾ مخلوط تعليم جي حوالي سان ڄاتل سڃاتل قائد اعظم يونيورسٽيءَ ۾ انٽرنيشنل رليشنز واري کاتي ۾ داخلا ورتي. عبدالرشيد جا قائد اعظم يونيورسٽي وارا ڏينهن برگر لائيف طور ياد رکيا ويندا. عبدالرشيد يونيورسٽي ۾ پينٽ شرٽ پائڻ سان گڏ پنهنجي شعبي جي برگر ڪلاس جي ڇوڪرين سان اٿندو ويهندو هو. مولانا عبدالله پنهنجي پُٽ عبدالرشيد جي اهڙي حال تي رنجيده هو. هن پنهنجي ملڪيت کان علاوه مسجد ۽ مدرسي جي وارثي پنهنجي وڏي پُٽ عبدالعزيز حوالي ڪري ڇڏي هئي. هوڏانهن عبدالرشيد قائد اعظم يونيورسٽي مان انٽرنيشنل رليشنز ۾ ايم اي ڪرڻ بعد تعليم واري وفاقي وزارت ۾ سترهين گريڊ جي نوڪري جوائن ڪئي. ٿوري وقت بعد اثر رسوخ سبب هو ڊيپوٽيشن تي اقوامِ متحده جي اداري يونيسڪو جي اسلام آباد واري دفتر بدلي ٿي ويو. ڪيترائي سال اتي نوڪري ڪيائين. سندس شادي ڪوهه مري جي هڪ روشن خيال فيملي مان ٿيل آهي. سندس گهر واري پنهنجي گاڏي پاڻ ڊرائيوِ ڪندي گهر جو سامان سودو وٺندي رهي آهي.

    1990ع ۾ نامعلوم دهشتگردن لال مسجد جي امام ۽ مدرسه فريديه جي باني مولانا عبدالله کي قتل ڪري ڇڏيو. پيءُ جي قتل بعد عبدالرشيد جي زندگيءَ ۾ تبديلي آئي، هو سرڪاري ملازمت ڇڏي پنهنجي وڏي ڀاءُ مولانا عبدالعزيز جو ٻانهن ٻيلي بڻجي ويو. سندس وڏي ڀاءُ مولانا عبدالعزيز جي گهر واري اُمه حسان لال مسجد ۽ مدرسه فريده ڀرسان نياڻين جي مذهبي تعليم واسطي مدرسه حفصه کوليو، جنهن جي هو پرنسپل آهي. جڏهن ته سندس وڏي نياڻي طيبه حفصه مدرسي جي استاد پڻ آهي. مولانا عبدالعزيز پنهنجي ننڍي ڀاءُ عبدالرشيد جي تبديل ٿيل سوچ کي ڏسندي کيس لال مسجد ۽ مدرسه جو نائب ۽ جانشين مقرر ڪري ڇڏيو. عبدالرشيد مان تبديل ٿي هو مولانا عبدالرشيد غازي بڻجي چڪو هو. عبدالرشيد غازي انهن ڏينهن ۾ وڌيڪ شهرت ماڻي، جڏهن ملڪ جي مذهبي جماعتن افغانستان تي آمريڪي حملي خلاف اتحاد جوڙي احتجاج ڪيو ته مولانا عبدالرشيد اهڙي اتحاد جو مرڪزي اڳواڻ بڻجي ويو. اسلام آباد ۾ ٿيندڙ هر احتجاجي ريلي ۾ عبدالرشيد غازي جون جذباتي تقريرون معمول بڻجي ويون. 2004ع ۾ جڏهن پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز طرفان قبائلي علائقن ۾ آپريشن شروع ڪيو ويو ته مذهبي ڌرين اسلام آباد جي لال مسجد واري پليٽ فارم کي استعمال ڪيو. قبائلي علائقن ۾ پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز ۽ قبائلين درميان جڏهن ويڙهه ۾ شدت آئي ته مولانا عبدالرشيد غازي فتويٰ جاري ڪئي ته قبائلين سان وڙهندي مارجي ويل پاڪستان جي هٿياربند فوج جا جوان شهيد ناهن. مولانا عبدالرشيد غازي جي عسڪري صلاحيت انهن ڏينهن ۾ ظاهر ٿي، جڏهن اسلام آباد ۾ مٿس قاتلانه حملو ٿيو ته مولانا هڪ تربيت يافته ڪمانڊو وانگر حملا آورن سان مقابلو ڪري کين ڀڄڻ تي مجبور ڪيو. عبدالرشيد غازي هر وقت هٿياربند رهي ٿو. پنهنجي مدرسي واري آفيس جي ٽيبل جي خاني ۾ لوڊ ٿيل پسٽل ۽ گاڏي ۾ ڪلاشنڪوف رکڻ سندس معمول رهيو آهي. سندس وڏي ڀاءُ مولانا عبدالعزيز جي گاڏي مان ڪجهه سال اڳ سيڪيورٽي ادارن هٿيار برآمد ڪيا هئا، پر وفاقي وزير اعجاز الحق پنهنجي مرحوم پيءُ جنرل ضياءَ جي پيروي ڪندي اڳيان آيو ۽ مولانا عبدالعزيز کي پنهنجي ضمانت تي آزاد ڪرايائين.

    ڪجهه عرصي کان هنن اسلام آباد اندر رياست اندر رياست جوڙي ورتي. چيو وڃي ٿو ته کين ڪن طاقتور ڌرين جي به حمايت حاصل هئي. آنٽي شميم واري واقعي بعد ٻنهي مولانا حضرات جا سرپرست پاڻ اچي مولوي صاحبن مان تنگ ٿيا. چيو وڃي ٿو ته جڏهن جامعه حفصه جي شاگردياڻين آنٽي شميم کي يرغمال بڻائي مدرسي آندو ته آنٽي شميم ڪيترائي انڪشاف ڪيا. ڪيترن ئي حڪومتي، وزيرن، مشيرن، اعليٰ آفيسرن جي ذاتي زندگي بابت انڪشاف ڪيا، جيڪي رڪارڊ ڪري رکيا ويا. ٻئي مولوي صاحب جڏهن پنهنجي ”سرپرستن“ جي هٿن مان به نڪري ويا ته انهن ئي ”خفيه بااثرن“ فيصلو ڪيو ته هاڻي وڌيڪ گهڻو عرصو هنن جو آزاد رهڻ سندس مفادن ۾ ڪونهي. ٻئي طرف عالمي سطح تي به صدر جنرل پرويز مشرف تي تڏهن دٻاءُ وڌي ويو، جڏهن لال مسجد وارن چيني شهرين کي يرغمال بڻايو. آخر سرڪار پنهنجي ساک کي بحال ڪرڻ واسطي آپريشن جو فيصلو ڪيو. هلندڙ آپريشن دوران مولانا عبدالعزيز پنهنجي نياڻي طيبه ۽ ٻين شاگردياڻين سان گڏ جڏهن برقعو پائي فرار ٿي رهيو هو ته پڪڙجي پيو. سندس اهڙي گرفتاري تي خود مذهبي ڌرين کي حيرت ٿي آهي. ڪجهه تبصرا نگارن جو چوڻ هو ته ان کان ته سکن جو سنت جرنيل سنگهه ڀنڊران والا چڱو هو، جنهن جڏهن سکن جي مقدس هنڌ گولڊن ٽيمپل ۾ پناهه وٺي اندرا گانڌي سرڪار جي رٽ کي چيلينج ڪيو ته هندستاني فوج سان آخري دم تائين وڙهيو. آخر سندس موت رنگ لاتو ۽ اندرا گانڌي خود سنت جرنيل سنگهه جي پلئه ۾ مارجي وئي. هاڻي ڏسجي ته لال مسجد ۾ وهيل لال لهو جا قطرا ڪهڙو ٿا رنگ لائين.

    zulfiqarqadri@hotmail.co
     
  20. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم ذوالفقار قادري جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    عدالتي فيصلن جي تاريخ ۽ چيف جسٽس جي بحالي



    ڇنڇر 21 جولاءِ 2007ع

    چوندا آهن ته هڪ مياڻ ۾ ٻه تلوارون اچي نه سگهنديون آهن. رياست ۾ هٿياربند فوج ۽ عدليه ٻه اهڙا ادارا آهن، جن تي سموري رياست جي عمارت بيٺل هوندي آهي، پر پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ پارليامينٽ ۽ عدليه هميشه غير جمهوري حڪمرانن، فرد واحد يا وري فوجي سربراهن جي طابع رهي آهي. پاڪستان ۾ پارليامينٽ ۽ عدليه جي آزاديءَ جي مٿان پهريون وار گورنر جنرل غلام محمد ڪيو هو، جنهن پهرين آئين ساز اسيمبليءَ کي برطرف ڪيو هو. اسيمبليءَ جي اسپيڪر مولوي تميز الدين اهڙي حڪم نامي کي سنڌ چيف ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو هو. پٽيشن جي سماعت کان اڳ ئي سنڌ چيف ڪورٽ جي جونيئر جج جسٽس منير کي فيڊرل ڪورٽ موڪليو ويو. مولوي تميزالدين ڪيس جي سماعت سنڌ چيف ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس ڪونسٽائن، جسٽس آغا حسن علي، جسٽس ويلاڻي، جسٽس محمد بچل ۽ جسٽس محمد بخش تي مشتمل فل بينچ ڪئي، جنهن گورنر جنرل جي حڪم نامي کي رد ڪري ڇڏيو. وفاقي سرڪار سنڌ چيف ڪورٽ جي فيصلي خلاف فيڊرل ڪورٽ (سپريم ڪورٽ) ۾ اپيل ڪئي. اپيل جي سماعت کان اڳ ئي جسٽس منير کي فيڊرل ڪورٽ جو چيف جسٽس بڻايو ويو هو. جسٽس منير جي سربراهيءَ ۾ جڙيل فل بينچ ۾ جسٽس اي ايس ايم اڪرم، جسٽس محمد شريف، جسٽس ايس اي رحمان ۽ جسٽس ڪارنيلس شامل هئا. آخر جسٽس منير جي سربراهيءَ ۾ جڙيل فل بينچ گورنر جنرل جي حڪم کي صحيح قرار ڏيندي، پاڪستان ۾ آمريت جا دروازا کولي ڇڏيا. جسٽس ڪارنيلس ان فيصلي تي الڳ اختلافي نوٽ لکيو هو.

    ان بعد جڏهن اڳتي هلي هٿياربند فوج جي سربراهه جنرل ايوب خان ملڪ تي مارشل لا مڙهيو، تڏهن به هٿياربند فوج جي سربراهه جي اهڙي قدم کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويو. ساڳئي چيف جسٽس منير نظريه ضرورت تحت هٿياربند فوج جي سربراهه جي اهڙي قدم کي جائز قرار ڏئي ڇڏيو. مارشل لا کي جائز قرار ڏيندڙ سپريم ڪورٽ جي ان بينچ ۾ چيف جسٽس جسٽس محمد منير، جسٽس شهاب الدين، جسٽس اي آر ڪارنيلس ۽ جسٽس اميرالدين احمد شامل هئا. اهو ڪيس پاڪستان جي عدالتي تاريخ ۾ دوسو ڪيس جي حوالي سان مشهور ٿيو.

    16 مارچ 1972ع تي يحيٰ خان جي معزوليءَ بعد مارشل لا ضابطن هيٺ نظربند غلام جيلاني جي نظربنديءَ کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويو. سندس نياڻي عاصمه جيلاني پاران داخل ڪيل پٽيشن جي سماعت سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس حمود الرحمان، جسٽس يعقوب علي خان، جسٽس سجاد احمد جان، جسٽس وحيد الدين احمد ۽ جسٽس صلاح الدين احمد ڪئي، جنهن مارشل لا جي نفاد کي غير آئيني قرار ڏنو. 1977ع جي جولاءِ ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج جي سربراهه جنرل ضياءُ الحق ملڪ ۾ مارشل لا مڙهي، وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي جي چونڊيل سرڪار کي برطرف ڪرڻ سان گڏ آئين ۽ پارليامينٽ کي پڻ معطل ڪري ڇڏيو. ذوالفقار علي ڀٽي سميت پ پ جي مک اڳواڻن کي حراست ۾ ورتو ويو. بيگم نصرت ڀٽو 17 سيپٽمبر 1977ع تي سپريم ڪورٽ ۾ هٿياربند فوج جي سربراهه جي اهڙي قدم کي چيلينج ڪيو. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس يعقوب علي خان تي مشتمل فل بينچ ۾ جسٽس وحيد الدين احمد، جسٽس انوارالحق، جسٽس ايم اڪرم، جسٽس دراب پٽيل، جسٽس قيصر خان ۽ جسٽس محمد حليم شامل هئا. بيگم نصرت ڀٽو جي درخواست سماعت لاءِ قبول ڪئي وئي. هلندڙ ڪيس دوران جنرل ضياءَ چيف جسٽس يعقوب علي خان کي رٽائر ڪري ڇڏيو ۽ هن اهم ڪيس جي سماعت لاءِ نئين سر بينچ جوڙي وئي. نئين جڙيل بينچ چيف جسٽس جسٽس انوارالحق، جسٽس وحيد الدين احمد، جسٽس محمد افضل چيمه، جسٽس محمد اڪرم، جسٽس دراب پٽيل، جسٽس قيصر خان، جسٽس محمد حليم، جسٽس صفدر شاهه ۽ جسٽس ڊاڪٽر نسيم حسن شاهه تي مشتمل هئي. ان بينچ به جنرل ضياءَ جي اهڙي قدم کي نظريه ضرورت تحت جائز قرار ڏنو. اڳتي هلي ذوالفقار علي ڀٽي تي نواب محمد احمد خان قصوريءَ جي قتل جو ڪيس لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ هلايو ويو. شروعاتي ڏينهن ۾ جسٽس ڪي ايم صمداني ڀٽي صاحب کي ضمانت تي آزاد ڪيو هو. بعد ۾ سندس ضمانت رد ڪئي وئي. ڀٽي صاحب خلاف اهڙي ڪيس جي سماعت چيف جسٽس جسٽس مولوي مشتاق، جسٽس آفتاب حسين، جسٽس ذڪي الدين پال، جسٽس گل باز خان ۽ جسٽس ايم ايڇ قريشي ڪئي، جن ذوالفقار علي ڀٽي کي نواب محمد احمد خان قصوري ڪيس ۾ ڦاسيءَ جي سزا ٻڌائي. سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ اهڙي فيصلي خلاف اپيل داخل ڪئي وئي. سپريم ڪورٽ جي نون ججن تي مشتمل لارجر بينچ اهڙي اپيل جي سماعت شروع ڪئي. ان لارجر بينچ ۾ چيف جسٽس جسٽس انوار الحق، جسٽس نسيم حسن شاهه، جسٽس اڪرم، جسٽس ڪرم الاهي چوهاڻ ڀٽي صاحب جي موت واري سزا جي فيصلي کي برقرار رکيو. جڏهن ته جسٽس حليم، جسٽس دراب پٽيل، جسٽس صفدر شاهه ڀٽي صاحب کي بري ڪري ڇڏيو. ٻئي پاسي جسٽس وحيد الدين احمد کي هلندڙ سماعت دوران بيماريءَ جو عذر ڄاڻائي بينچ کان الڳ ڪيو ويو. اهڙي طرح لاهور هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جي اهڙن فيصلن کي بنياد بڻائي، جنرل ضياءَ ڀٽي صاحب کي ڦاسيءَ تي چاڙهي ڇڏيو.

    جنرل ضياءَ 29 مئي 1988ع تي وزير اعظم محمد خان جوڻيجو جي سرڪار کي برطرف ڪري ڇڏيو. سندس اهڙي قدم کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويو. ڪيس جي هلندڙ سماعت دوران ئي جنرل ضياءَ هڪ حادثي ۾ مارجي ويو. قائم مقام صدر غلام اسحاق خان ۽ هٿياربند فوج جي سربراهه جنرل اسلم بيگ ملڪ اندر آڪٽوبر ۾ نين چونڊن جو اعلان ڪري ڇڏيو. سپريم ڪورٽ جي فل بينچ چيف جسٽس جسٽس محمد حليم تي مشتمل هئي، جنهن پنهنجي فيصلي ۾ جنرل ضياءَ جي اهڙي قدم کي قانون جي خلاف قرار ڏنو، پر جوڻيجو سرڪار کي ان بنياد تي بحال نه ڪيو ته ”جيئن ته نئين انتظاميه عام چونڊن جو اعلان ڪري چڪي آهي، لهٰذا سياسي پارٽيون هاڻ عام چونڊن ۾ حصي وٺڻ جي تياري ڪن.“ 6 آگسٽ 1990ع تي صدر غلام اسحاق خان وزير اعظم بينظير جي سرڪار کي برطرف ڪري ڇڏيو. بينظير سرڪار جي اهڙي برطرفيءَ کي عدالت ۾ چيلينج ڪيو ويو، پر عدالت صدر جي اهڙي قدم کي جائز قرار ڏنو. اڳتي هلي جڏهن ميان نواز شريف جي سرڪار کي صدر غلام اسحاق برطرف ڪيو ته ميان نواز شريف صدر جي اهڙي حڪم نامي کي عدالت ۾ چيلينج ڪيو. سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس جسٽس نسيم حسن شاهه سميت فل بينچ اهڙي پٽيشن جي سماعت ڪئي ۽ وزير اعظم نواز شريف جي سرڪار کي بحال ڪري ڇڏيو، پر جسٽس سجاد علي شاهه پنهنجو 8 7 صفحن تي الڳ اختلافي نوٽ لکيو، جنهن ۾ هن لکيو ته هن بينچ ۾ شامل ستن ججن صدر اسحاق پاران بينظير سرڪار کي برطرف ڪرڻ واري قدم کي صحيح قرار ڏنو هو، جڏهن ته ساڳيا ست ئي جج نواز شريف کي بحال ڪرڻ جو فيصلو ٿا ڏين. بهرحال عدليه نواز شريف کي ته بحال ڪري ڇڏيو، پر صدر اسحاق ۽ نواز شريف جا اختلاف ايترو وڌي ويا، جو ٻنهي کي وڃڻو پيو ۽ نين چونڊن جي نتيجي ۾ بينظير ٻيهر وزير اعظم بڻي. جڏهن صدر فاروق لغاري بينظير سرڪار کي برطرف ڪيو ته بينظير صدر جي اهڙي قدم کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو. چيف جسٽس سيد سجاد علي شاهه جي سربراهيءَ ۾ فل بينچ اهڙي اپيل جي سماعت ڪئي. آخر عدالت بينظير جي اهڙي اپيل رد ڪندي، صدر فاروق لغاريءَ جي قدم کي جائز قرار ڏنو.

    جڏهن هٿياربند فوج جي سربراهه جنرل پرويز مشرف 12 آڪٽوبر 1999ع تي وزير اعظم نواز شريف سرڪار کي برطرف ڪري ڇڏيو ته آرمي چيف جي اهڙي قدم کي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ چيلينج ڪيو ويو. هر فوجي حاڪم جيان صدر جنرل مشرف به 25 جنوري 2000ع تي اعليٰ عدالتن جي ججن کي نئين سر حلف کڻڻ جو فرمان جاري ڪيو. اهڙيءَ صورتحال ۾ سپريم ڪورٽ ۽ چئني هاءِ ڪورٽن جي جملي 102 ججن مان 89 ججن ٻيهر حلف کنيو. جڏهن ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس جسٽس سعيد الزمان صديقي، جسٽس خليل الرحمان، جسٽس ناصر اسلم زاهد، جسٽس مامون قاضي، جسٽس وجيهه الدين احمد، جسٽس ڪمال منصور سميت مختلف هاءِ ڪورٽن جي ڪيترن ئي جج صاحبان حلف نه کنيو ۽ ايئن گهر ڀيڙا ٿي ويا. جسٽس ارشاد حسن خان کي نئون چيف جسٽس مقرر ڪيو ويو، جنهن جي سربراهيءَ ۾ لارجر بينچ جوڙي وئي. ان ۾ جسٽس محمد بشير جهانگيري، جسٽس اعجاز نثار، جسٽس عبدالرحمان خان، جسٽس رياض شيخ، جسٽس چوڌري محمد عارف، جسٽس منير اي شيخ، جسٽس ناظم حسين صديقي، جسٽس قاضي محمد فاروق، جسٽس افتخار محمد چوڌري ۽ جسٽس راڻا ڀڳوان داس شامل هئا. هن بينچ جنرل مشرف جي 12 آڪٽوبر 1999ع واري قدم کي جائز قرار ڏيندي، کيس آئيني دڳ ڏنو. چيف جسٽس افتخار محمد چوڌريءَ کي 30 جنوري 2005ع تي پاڪستان جو چيف جسٽس بڻايو ويو. سرڪار ۽ چيف جسٽس وچ ۾ اختلاف انهن ڏينهن کان شروع ٿيا، جڏهن هڪ ايٽمي پلانٽ جو گند ڪچرو شهري آباديءَ ڀرسان ڦٽو ڪيو پئي ويو. شهرين اهڙي عمل خلاف سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي، جيڪا چيف جسٽس افتخار چوڌري سماعت لاءِ قبول ڪئي. اڃا اهو ڪيس زير سماعت هو ته گوادر ۽ ٻين هنڌن تي جي ايڇ ڪيو ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي آفيسرن ۽ شخصيتن کي پلاٽن جي الاٽمينٽ واري ڪيس معاملي کي وڌيڪ خراب ڪيو. پاڻي حد کان تڏهن وڌيو، جڏهن چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري اسٽيل مل ڪيس ۾ سرڪار خلاف فيصلو ڏئي، سرڪار جا اسٽيل مل ڪيس ۾ پول پڌرا ڪيا. چيف جسٽس افتخار محمد چوڌريءَ گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس ۾ ملڪ جي ڳجهن ادارن کي جهڙيءَ ريت ورتو، تنهن مان سرڪاري حلقن سمجهي ورتو ته مستقبل ۾ جيڪڏهن وردي، صدارتي چونڊ، نگران سرڪار ۽ عام چونڊن جهڙا مسئلا عدالت ۾ ايندا ته شايد موجوده چيف جسٽس جي موجودگيءَ ۾ کين گهربل نتيجا نه ملي سگهن. ان ڪري سرڪار هڪ وڪيل نعيم بخاريءَ جي خط ۽ ٻين معاملن کي وچ ۾ آڻي، 9 مارچ تي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌريءَ کي صدارتي ڪيمپ آفيس راولپنڊي طلب ڪري، کيس استعيفيٰ يا رٽائرمينٽ لاءِ مجبور ڪيو. انهيءَ موقعي تي صدر جنرل پرويز مشرف سميت صدر جي چيف آف اسٽاف جنرل رٽائر جاويد کان علاوه ملٽري انٽيليجنس، انٽر سروسز انٽيليجنس ۽ انٽيليجنس بيورو جا سربراهه به موجود هئا.

    بهرحال چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري استعيفيٰ ڏيڻ يا رٽائر ٿيڻ بجاءِ ريفرنس کي منهن ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. انهيءَ عرصي ۾ چيف جسٽس پنهنجي ٻارن سميت نظربند به رهيو. سرڪار ڪيس سپريم جڊيشل ڪائونسل موڪليو. راڻا ڀڳوان داس واپس وطن وري ڪيس جي سماعت لاءِ لارجر بينچ جوڙي. 9 مارچ کان 20 جولاءِ تائين پاڪستان جي عدليه جي ڪئين ججن چيف جسٽس سان يڪجهتيءَ جو مظاهرو ڪيو. پهريون استعيفائون سنڌ مان آيون. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس جواد خواجه، اسسٽنٽ سيشن جج ڪراچي اشرف يار خان، کان علاوه پير اسد الله شاهه راشدي، غلام مصطفيٰ صوفي، الله بچايو گبول، راجيش چندر راجپوت، آغا رفيق، الله وسايو، ذوالفقار علي ۽ سعيد خورشيد پنهنجي عهدن تان استعيفائون ڏئي ڇڏيون. انهيءَ عرصي ۾ چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري سکر، حيدرآباد، پشاور، راولپنڊي، اسلام آباد، لاهور، اوڪاڙه، ساهيوال، فيصل آباد ۽ ملتان بار کي خطاب ڪيو، جتي وڪيلن ۽ سياسي ڪارڪنن کان علاوه حاضر سروس جج صاحبن به سندس والهانه استقبال ڪيو. پاڪستان جي عدالتي تاريخ ۾ اهڙي تحريڪ جو مثال مشڪل ملي ٿو. ٻئي طرف چيف جسٽس خلاف حڪومتي وزيرن جا بيان تيز ٿي ويا. ڳجهن ادارن جي سربراهن سپريم ڪورٽ ۾ حلف نامه داخل ڪيا. سنڌ جي وڏي وزير هڪ خاص اڏام ۾ سنڌ پوليس جي ڪجهه ڊي پي اوز کي اسلام آباد وٺي وڃي، چيف جسٽس خلاف سلطاني گواهه بنائڻ لاءِ پيش ڪيو. ان سان گڏ اهو به چيو ته وقت پوڻ تي چيف جسٽس خلاف وڌيڪ ثبوت پيش ڪيا ويندا. 2 1 مئي تي چيف جسٽس جي ڪراچي آمد تي جهڙيءَ ريت چيف جسٽس کي ايئرپورٽ اندر بند رکي، شهر ۾ خون ريزي ڪرائي وئي، اهي سڀ واقعا رڪارڊ تي آهن. هاڻ جڏهن چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري بحال ٿي چڪو آهي ۽ سندس مدو 2013ع تائين رهڻو آهي، تڏهن صدر صاحب به هن سال ئي پاڻ کي وڌيڪ پنجن سالن لاءِ صدر چونڊرائڻ جو ارادو رکي ٿو. ڏسجي ته هاڻ ٻنهي جو هڪ ٻئي ڏانهن ڪهڙو رويو رهي ٿو ۽ ڏسجي ته اهي گڏ به هلي سگهن ٿا يا نه!.

    zulfiqarqadri@hotmail.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو