محترم ذوالفقار قادري جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

'سنڌي ادب' فورم ۾ عبدالوهاب طرفان آندل موضوعَ ‏7 آگسٽ 2010۔

  1. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم ذوالفقار قادري جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    بينظير جو بدليل موقف ۽ مستقبل جو منظر!



    اربع 25 جولاءِ 2007ع

    پاڪستان جي سياسي تاريخ ۽ ملڪي وهنوار ۾ هٿياربند فوج هن وقت تائين اهو واحد ادارو رهيو آهي، جنهن جي نان ڪميشنڊ جوانن کان ويندي ڪميشنڊ جنريلن تائين هر حال ۾ پنهنجي اداري جي طاقت، تشخص ۽ سلامتي جو تحفظ پئي ڪيو آهي. ملڪ جي سٺ ساله تاريخ تي جيڪڏهن نظر وجهبي ته قائد اعظم محمد علي جناح جي وفات بعد هن وقت تائين سڌي يا اڻ سڌي طرح ملڪي وهنوار هٿياربند فوج ئي هلايو آهي. جيڪڏهن ڪجهه عرصو اقتدار جي منتقلي سياستدانن کي ڪئي به وئي ۽ جيڪڏهن انهن فوج جي ڪمانڊ، مارشل حيثيت ۽ پاليسين تي غالب ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته هٿياربند فوج وري حرڪت ۾ اچيو وڃي. ذوالفقار علي ڀٽي، محمد خان جوڻيجو، بينظير ڀٽو صاحبه ۽ ميان نواز شريف جي اقتدار مان نيڪالي لاءِ بظاهر ته شخصي آمريت، هڪ هٽي، ڪرپشن ۽ اقربا پروري وارا الزام مڙهيا ويا، پر پسِ پرده اصل ڪهاڻي سول ۽ نان سويلين قوتن درميان اختيارن جي ڇڪتاڻ ئي هئي.

    ماضيءَ ۾ ذوالفقار علي ڀٽو اهو پهريون سياستدان ۽ وزير اعظم هو، جنهن هڪ ئي وقت ڪيترن ئي سينئر جنرلن کي نه فقط رٽائر ڪيو، پر سهڪار نه ڪرڻ تي هٿياربند فوج جي ڪمانڊر انچيف جنرل گل حسن ۽ فضائيه جي سربراهه ايئر مارشل رحيم کان زبردستي استعيفائون وٺي ملڪ کان ئي ٻاهر روانو ڪري ڇڏيو، پوءِ دنيا ڏٺو ته پاڪستاني ائٽم بم جي باني ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسي ڏني وئي. سنڌڙي واري شريف ماڻهو محمد خان جوڻيجو کيس وزارت عظميٰ جي ڪرسي تي ويهاريندڙ جنرل ضيا ڏي هڪ ڏينهن نياپو اماڻيو ته صدر صاحب وردي ڪڏهن لاهيندئو؟ جوڻيجي مرحوم ان تي به بس نه ڪئي، اوجڙي ڪيمپ سانحي بعد جنرل عمران الله ڪميشن ۽ اسلم خٽڪ رپورٽ بعد ڪيترن ئي نان سويلين آفيسرن کي ڪٽهڙي ۾ بيهارڻ پئي چاهيو. مرحوم جوڻيجي جا ڪي پير زور هئا، جو سر بچائي اچي سنڌڙي نڪتو. بينظير صاحبه پنهنجي پيءُ جو خون ته بخش ڪيو، پر ايم آر ڊي ۽ پ پ جي ٻين شهيدن جا خون به جرڳن جيان رڳو جمهوريت جي بحالي ۾ پاڙيا ويا. مٿان شاباس ۾ تمغهءِ جمهوريت به کين عطا ڪيو ويو، پوءِ به بينظير صاحبه نان سويلين قوتن آڏو پاڻ اگهائي نه سگهي. محترمه پاڻ ان ڳالهه جو اعتراف ڪري چڪي آهي ته سندس اقتدار مان ٻه دفعا برطرفي پويان ڳجهن ادارن ۽ نان سويلين قوتن جو هٿ هو. ميان نواز شريف ڳري مينڊيٽ ۾ ايترو ته اڳتي هليو ويو، جو جنرل جهانگير ڪرامت کي استعيفيٰ ڏيارڻ بعد هن سمجهيو پئي ته هاڻ ڪو پکي به سندس آڏو پر هڻي نه سگهندو. پر ميان نواز شريف کي اها حرڪت ڳچي ۾ پئجي وئي. 12 آڪٽوبر 1999ع تي جڏهن ملڪ جي وزير اعظم ميان نواز شريف پنهنجا آئيني اختيار استعمال ڪندي هٿيار بند فوج جي سربراهه جنرل پرويز مشرف کي عهدي تان هٽائي ان جي جاءِ تي جنرل ضياءُ الدين بٽ کي نئون آرمي چيف مقرر ڪيو ته جنرل پرويز مشرف جي ملڪ ۾ نه هئڻ باوجود پاڪستان جي هٿياربند فوج تحرڪ ۾ اچي، پنهنجي چيف جي اهڙي نموني برطرفي جي مزاحمت ڪندي جوابي طور وزير اعظم کي ئي گرفتار ڪري نه فقط ملڪ جو نظم و نسق سنڀاليو، پر پنهنجي برطرف ٿيل چيف کي ساڳئي ڪمانڊ واري پوزيشن تي بحال ڪري ڇڏيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته جنرل پرويز مشرف جي بحاليءَ ۾ مکيه ڪردار ادا ڪندڙ سندس جهاز کي سلامتي سان ڪراچي ايئر پورٽ تي لاهيندڙ ڪور پنجين جي ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل مظفر عثماني ۽ راولپنڊي جو ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ محمود پهريان فرد هئا، جن کي نائين اليون کان پوءِ گهر ڀيڙو ڪيو ويو. بهرحال هٿياربند فوج کان بعد ٻيو اهم ادارو آهي عدليه.

    پاڪستان جي عدليه جي تاريخ ۾ جتي جسٽس منير، جسٽس مولوي مشتاق ۽ جسٽس انوار الحق جي تلخ فيصلن کي ياد ڪيو ٿو وڃي، اتي جسٽس ڪنسٽنٽائن، جسٽس ڪارنيلس، جسٽس ڪياني، جسٽس حمداني، جسٽس يعقوب علي خان، جسٽس دراب پٽيل، جسٽس صفدر شاهه، جسٽس اسلم زاهد ناصر، جسٽس فخر الدين جي ابراهيم کي به ياد ڪيو ويندو، پر هاڻ جسٽس خليل الرحمان رمدي جي سربراهي ۾ جڙيل لارجر بينچ جيڪو تاريخي فيصلو ڏنو آهي، ان سان نه فقط سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو غير فعال بڻايل چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري وري عهدي تي واپس بحال ٿي ويو آهي، پر پاڪستان جي عدليه جو به هڪ مقام ٺهيو آهي. چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري سومر واري ڏينهن کان باضابطه طور عدليه جي ڪارروائي پڻ هلائڻ شروع ڪئي آهي. جسٽس افتخار محمد چوڌري بحيثيت جج پي سي او تحت نه فقط حلف کنيو، پر چيف جسٽس ارشاد حسن خان جي ان لارجر بينچ جو حصو پڻ هو، جنهن جنرل مشرف سرڪار جي حق ۾ فيصلو ڏئي کيس قانوني دڳ ڏنو هو. پر جڏهن هو چيف جسٽس واري عهدي تي ويٺو ته اسٽيل مل ۽ منو ڀيل ڪيسن سان گڏ گم ٿيل ماڻهن واري ڪيس ۽ ڪيترن ئي ٻين معاملن جو ازخود نوٽيس وٺي عام ماڻهن جي داد رسي ڪئي، جنهن کان پوءِ عام ماڻهن جو پاڪستان جي عدليه ۾ ويساهه وڌيو. انهن عملن سان چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري خلقِ خدا ۾ عزت ۽ مشهوري ماڻي، پر سرڪار جون شڪايتون وڌنديون ويون. ٿورڙي ئي عرصي ۾ جسٽس افتخار محمد چوڌري انصاف جي فراهميءَ لاءِ جيڪي قدم کنيا، سي غيرمعمولي هئا. اهڙي صورتحال ۾ اوچتو جڏهن 9 مارچ تي کيس آرمي هائوس گهرائي عهدي کان الڳ ڪيو ويو ته عوام سان سڌي رابطي اهو ثابت پئي ڪيو ته چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري کي بيگناهه آهي. عوام محسوس پئي ڪيو ته افتخار محمد چوڌري کي عوام جي داد رسي ڪرڻ جي سزا ڏني وئي آهي. عوام جهڙي ريت چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جو پُرجوش استقبال ڪيو، اهو پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ ڪن چند سياستدانن کي نصيب ٿيو هوندو. آخر 0 2 جولاءِ تي سپريم ڪورٽ تاريخي فيصلو ڏيندي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري خلاف سرڪار جي ريفرنس کي خارج ڪري ڇڏيو، جنهن کان پوءِ هو چيف جسٽس واري عهدي تي بحال ٿي ويو. چيف جسٽس خلاف ڪارروائي کان پوءِ شروع ٿيل احتجاج صدر جنرل پرويز مشرف جي سرڪار کي تمام ڪمزور ڪيو آهي. صدر جنرل پرويز مشرف جي بارگيننگ جي حوالي سان پهرين واري پوزيشن ناهي رهي. اڳ سياستدانن سان ڊيل جون ڳالهيون سرڪار جي ڏنل آپشنز تي ٿينديون هيون، پر هاڻي ته محترمه بينظير به چوي ٿي ته، ”سرڪار سان ڊيل جي صورت ۾ سندن ووٽ بينڪ تي اثر پوندو.“ سپريم ڪورٽ جي 0 2 جولاءِ واري فيصلي کان اڳ بينظير صاحبه، ميان نواز شريف، قاضي حسين احمد سميت مخالف ڌر وٽ صدر جنرل پرويز مشرف خلاف محدود ۽ مختصر آپشنز هئا. مشرف سرڪار جي فيصلن کي روڪڻ لاءِ سياسي پارٽين وٽ ڪو سگهارو آپشن ڪو نه هو، پر چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي بحالي ۽ عدليه جي تاريخي فيصلي بعد هاڻي بينظير، نواز شريف ۽ قاضي حسين احمد به اعلان ڪيو آهي ته صدر جي ٻيهر چونڊن، وردي معاملي ۽ ٻين حڪومتي قدمن سان گڏ بينظير صاحبه ۽ ميان نواز شريف جي وطن واپسي لاءِ سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪيو ويندو. اڳي محترمه ۽ ميان جي وطن واپسي وارو آپشن صرف صدر جنرل پرويز مشرف جي رضا خوشي تي دارومدار رکندو هو، صدر صاحب چاهي ته جلاوطن سياسي قيادت پاڪستان اچي سگهي، جيڪڏهن صدر صاحب نه چاهي ته هو ايندڙ وقت تائين جلاوطن ئي رهن. پر هاڻ سياستدانن کان ويندي عام ماڻهو تائين اها اميد ڪيون ويٺا آهن ته پاڪستان جي عدليه سندن ڪيترائي مسئلا حل ڪري ڇڏيندي. ماڻهو سمجهن ٿا ته هاڻي جنرل پرويز مشرف وڌيڪ عرصو وردي ۾ رهي نه سگهندو، ۽ محترمه توڙي ميان صاحب جي جلاوطنيءَ جا ڏينهن به پنهنجي انت تي پهچندا. اهي سڀ اميدون آسرا ان لاءِ ڪيا پيا وڃن جو جنرل صاحب جي ريفرنس سان گڏ ملڪ جي طاقتور ترين ادارن جي سربراهن جا بيانِ حلفي به رد ٿي چڪا آهن.

    پر سوال اهو آهي ته ڇا سٺ سالن جون خرابيون، ناانصافيون، اقربا پروريون، صوبن ۽ قومن جي حقن جي پائمالي، ڏنڊي جي زور تي حڪمرانيءَ کي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري ۽ سپريم ڪورٽ جا پندرنهن جج صاحبان ختم ڪري سگهندا؟

    zulfiqarqadri@hotmail.com
     
  2. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم ذوالفقار قادري جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    بينظير-مشرف ملاقات ڊيل جو فائينل آهي؟



    ڇنڇر 28 جولاءِ 2007ع

    طويل عرصي کان پ پ ۽ جنرل پرويز مشرف درميان بيڪ ڊور ڊپلوميسي جون ڳالهيون هلي رهيون هيون، جنهن جي شاهدي ڪالهه شيخ رشيد به ڏني ته ٻنهي اڳواڻن ۾ اها ملاقات ڪا پهرين ملاقات ڪونهي. صدر جنرل پرويز مشرف ۽ بينظير صاحبه درميان اهڙن رابطن جوڙائڻ ۾ برطانيه ۽ آمريڪا جا اعليٰ حڪومتي فرد سرگرم رهيا آهن.

    صدر مشرف ماضيءَ ۾ پ پ کي بينظير کانسواءِ قبول ڪرڻ لاءِ تيار هو، پر محترمه هر انهيءَ سيٽ اپ کي ماضيءَ ۾ رد ڪندي آئي آهي، جنهن ۾ بينظير صاحبه جو ڪو رول نه هجي، پر جيئن جيئن وقت گذرندو رهيو، مختلف فورمن تي اهي ڳالهيون ٿينديون رهيون. طارق عزيز کان ويندي رحمان ملڪ تائين، پاڪستان جي ڳجهن ادارن جي سربراهن کان ويندي ڀٽو خاندان جي ويجهن دوستن تائين ڳالهين جا دور هلندا رهيا. آخر اهو وقت به آيو جڏهن بينظير شطرنج جي بازي جيان بادشاهه مشرف کي شهه ڏيڻ واسطي ميان نواز شريف واري پيادي کي ”ميثاق جمهوريت“ طور اڳتي آندو. مشرف وقتي طور تي انهيءَ شهه مان پاڻ بچائي ويو، پر صدر مشرف جي پيادي غلط چال هلي چيف جسٽس واري معاملي کي ڇيڙي وڌو. صدر پرويز مشرف انهيءَ معاملي ۾ اڃا الجهيل ئي هو ته وزيرستان، وانا وارا معاملا ڳنڀير ٿيند اويا. صدر پرويز مشرف مسئلن ۾ وڌيڪ ڦاسندو ويو، پر بينظير خير سگالي طور جنرل مشرف جي مدد ڪندي رهي. ڪڏهن عورتن واري بل تي، ته ڪڏهن لال مسجد مسئلي تي، محترمه لنڊن واري اي پي سي کان به انهيءَ ڪري الگ رهي جو لنڊن کان ويندي واشنگٽن تائين وارا هن ماحول ۾ نه پيا چاهين ته ڪو جنرل مشرف نه رهي، ڇو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ صدر پرويز مشرف سندس ڀلو دوست ثابت ٿيو آهي، باقي هاڻي واشنگٽن کان ويندي پرويز مشرف تائين جي اها خواهش آهي ته حڪمران ليگ جو حال اهو آهي ته نه سڄڻ کي آسرو نه ئي وري دشمن کي ڀئه. بگٽيءَ کان ويندي چيف جسٽس واري معاملي تائين، آخر لال مسجد واري معاملي ۾ به چوڌرين جا اڇا چٺا ظاهر ٿي پيا آهن. خود صدر پرويز مشرف ڪافي دفعا چئي چڪو آهي ته مون حڪمران (ق) ليگ وارن لاءِ ڇا نه ڪيو آهي، پر جڏهن ڪو اهم معاملو اچي ٿو ته حڪمران ليگ وارا مون کي اڪيلو ڇڏي ٿا ڏين. مون کي اچي منهن ڏيڻو ٿو پوي. صدر پرويز مشرف به هاڻي پنهنجي ٽيم مان ٿڪجي پيو آهي. صدر پرويز مشرف جي به خواهش آهي ته بينظير ۽ پ پ جهڙي ٽيم کيس ملي. ٻئي طرف بينظير صاحبه کي به 9 سال جلاوطن ٿئي ٿيا آهن. هوءَ پاڪستان جي پاور پاليٽڪس کي سمجهي ٿي ته جيڪڏهن هن سال سندس پارٽي اقتدار ۾ نٿي اچي ۽ سندس پاڪستان واپسي نٿي ٿئي ته پوءِ نه فقط سندس لاءِ وطن واپسي وارو معاملو رولڙي ۾ پئجي ويندو، پر گڏو گڏ سندس پارٽيءَ ۾ اقتدار جي آخري آسري ۾ ويٺل ڍنڍ جا پکي به متان اڏامي هليا وڃن. چوندا آهن ته ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي، صدر پرويز مشرف ۽ بينظير صاحبه هاڻ هڪ ٻئي جي ضرورت ٿي پيا آهن. تڏهن ئي ته صدر جنرل پرويز مشرف اوچتو دبئي ۽ سعودي روانو ٿيو ۽ ٻئي طرف بينظير صاحبه اهم اجلاس ڇڏي دبئي پهتي. جتي اطلاعن مطابق صدر جنرل پرويز مشرف ۽ بينظير ڀٽو صاحبه دوران شاهي محل ۾ طويل ملاقات ٿي آهي. سرڪاري ۽ پ پ ذريعا اهڙين ملاقات جي تصديق نٿا ڪن، پر چوندا آهن ته سچ کي ڪيترو لڪائبو. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته صدر پرويز مشرف ۽ بينظير ڀٽو صاحبه درميان ”ميثاقِ اقتدار“ ۾ ڇا ڇا طئي ٿئي ٿو؟

    ڪجهه حلقن جو چوڻ آهي ته بينظير ڀٽو ۽ جنرل مشرف درميان ملاقات ۾ انهن ئي ”شيخن“ جو ڪردار آهي، جن شيخن نواز شريف ۽ جنرل مشرف درميان ٺاهه ڪرائي شريف فيمليءَ کي جلاوطني ذريعي رليف ڏياريو. دراصل عرب دنيا جي اسان جي ملڪ سان ويجهڙائپ تڏهن ئي ٿي، جڏهن شهيد ڀٽو پوئتي پيل دنيا جي هڪ ملڪ مان وڏو ليڊر ٿي اڀريو. ان حوالي سان ٿورو ماضيءَ ۾ هلنداسين، جنهن مان اندازو لڳائي سگهبو ته عرب دنيا جا اسان جي ملڪ جي سياست تي ڪيترو اثر آهي، ۽ اهي پاڪستان جي سياست کي ايتري اهمت ڇو ٿا ڏين؟

    ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي ذهانت سان جتي پاڪستاني عوام جو هيرو بڻجي ويو هو، ساڳئي وقت هن ايفرو ايشيا ٽين دنيا ۽ عرب ملڪن ۾ به هڪ سجاڳي جي لهر پيدا ڪئي، ڀٽي عرب-اسرائيل جنگ کان علاوه عربن جي تيل واري طاقت کي جنهن طريقي سان دنيا آڏو پيش ڪيو، عربن کي پهريون دفعو اهو احساس ٿيو ته هو به دنيا اندر ڪا طاقت آهن. اهو ڀٽو ئي هو، جنهن عربن جي تيل واري طاقت کي هٿيار طور استعمال ڪري دنيا جي وڏين طاقتن کي جهڪڻ تي مجبور ڪيو ۽ دنيا ڏٺو ته جڏهن عربن پنهنجي تيل جي پيداوار بند ڪئي ته آمريڪا جي قيمتي رولز رائينس ۽ بيوڪ گاڏيون به گڏهه گاڏن سان ڇڪجي گورن جي گئراجن تي بيٺيون. شاهه فيصل، ڪرنل قذافي، حافظ الاسد، ياسر عرفات ۽ دبئي جو حڪمران شيخ زيد بن سلطان مرحوم ته ڄڻ ڀٽي جا دوست نه سندس مٿان عاشق هئا. ذوالفقار علي ڀٽي جي ڏينهن ۾ دبئي ۽ سعودي جي بادشاهن ته ڄڻ پاڪستاني پورهيتن لاءِ پنهنجون سرحدون ئي کولي ڇڏيون هيون. دادو، لاڙڪاڻي، قمبر جي ڪيترن ئي ماڻهن سميت سنڌ جي ٻين علائقن جي ماڻهن مڪي، مديني، جدي، دبئي ۽ شارجه ۾ نه فقط ڌنڌا ڌاڙي شروع ڪيا، پر اتي ڄڻ پنهنجا پاڙا به جوڙي ڇڏيائون. وري جڏهن پاڪستان نيشنل الائينس پي اين اي طرفان 1977ع ۾ وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي خلاف احتجاجي تحريڪ هلائي وئي ته انهن ڏينهن ۾ سعودي سفير رياض الخطيب ۽ متحده عرب امارات جي ڪجهه عملدارن ذوالفقار علي ڀٽي ۽ مخالف ڌر درميان ٺاهه لاءِ ڪوششون ورتيون هيون، پر 5 جولاءِ 1977ع تي جنرل ضياءَ ملڪ ۾ مارشل لا مڙهي اهڙين ڪوششن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. جنرل ضياءَ جي مارشل لا وارن ڏينهن ۾ ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاهي کان بچائڻ لاءِ ڪرنل قذافي، حافظ الاسد، ياسر عرفات ۽ شيخ زيد بن سلطان پاڪستاني حڪمرانن تي دٻاءُ وڌو، ايتري قدر جو جنرل ضياءَ کي اهو پڻ چيو ويو ته ڀٽي صاحب کي ڦاهي ڏيڻ بجاءِ سندس جان بخشي ڪري کيس اسان جي حوالي ڪيو وڃي. عرب ملڪن جي اهڙي آفر کي به جنرل ضياءَ رد ڪري ڪري ڇڏيو. جڏهن مرتضيٰ ڀٽي طويل جلاوطني بعد وطن ورڻ جو فيصلو ڪيو ته اهي حافظ الاسد ۽ شيخ زيد ئي هئا، جن جنرل وحيد ڪاڪڙ کي ان ڳالهه تي قائل ڪيو هو ته مرتضيٰ کي واپس وطن اچڻ ڏنو وڃي. جڏهن ميان نواز شريف پنهنجي ڳري مينڊيٽ جي نشي ۾ بينظير ڀٽو ۽ سندس ور آصف زرداري تي سيف الرحمان معرفت ڪيس داخل ڪري سندن لاءِ پاڪستان جي ڌرتي تنگ ڪري ڇڏي ان وقت به متحده عرب امارات جو حڪمران شيخ زيد ئي هو، جنهن نه فقط بينظير صاحبه، بيگم نصرت ڀٽو ۽ بينظير جي ٻارڙن جي رهائش وغيره جو بندوبست ڪيو، پر دبئي جا حاڪم پنهنجي ذاتي، نجي ۽ گهرو شادي غمي جا سڏ به بينظير صاحبه کي ڏين ٿا. عرب اماراتن جي قانون مطابق دبئي شارجه وغيره ۾ سياسي سرگرمين تي پابندي آهي.

    بينظير صاحبه دبئيءَ ۾ پنهنجي پارٽيءَ جا معاملا هلائيندي پئي اچي، انهن کي سياسي سرگرمين بجاءِ سماجي ملاقاتن جو نالو ڏنو ٿو وڃي. پاڪستان سرڪار ڪافي دفعا ڪوشش ڪئي آهي ته بينظير کي دبئيءَ مان به نيڪالي ملي، پر دبئيءَ جي حاڪمن ڪنهن به اهڙي ڪارروائيءَ کان انڪار ڪري ڇڏيو. بهرحال هن مهل جڏهن بينظير ڀٽو ۽ جنرل مشرف ۾ ملاقات ٿي آهي، ان ملاقات تي توڙي جو ملڪ جا مختلف سياستدان ڪالهه ٽي وي چينلز تي مختلف تجزيه ڪري رهيا هئا، پر ان ملاقات جو نتيجو ڪهڙو نڪرندو، تنهن بابت ڪو حتمي تجزيو ان ڪري به نٿو ڪري سگهجي، جو هڪ ته پاڪستاني سياست موسمن جي رفتار کان به تيزيءَ سان تبديل ٿيندي رهي ٿي، ٻيو ته جنرل مشرف کي اڃا شهباز شريف سان به ملاقات ڪرڻي آهي، جنهن کان پوءِ ئي تصوير ڪجهه وڌيڪ چٽي ٿيندي.

    zulfiqarqadri@hotmail.com
     
  3. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم ذوالفقار قادري جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    بينظير-مشرف ڊيل نه ٿي ته پ پ سنڌ کٽي سگهندي؟



    جمع 10 آگسٽ 2007ع

    سائبيريا دنيا جي انهن سرد ترين علائقن ۾ شمار ٿئي ٿو، جتي اڪثر ٻارنهن ئي مهينا برف ڄميل رهي ٿي، پر آڪٽوبر کان مارچ تائين وارا مهينا ته انسانن ئي نه، پکي پکڻن لاءِ به قيامت کان گهٽ نه هوندا آهن. انهن ئي ڏينهن ۾ سائبيريا جا پکي پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏي، پاڪستان ۽ هندستان ڏانهن هجرت ڪن ٿا. پاڪستان ۾ سنڌ جون ڍنڍون انهن جي ميزباني ڪن ٿيون. لاڙڪاڻي ۽ قمبر جون ڊرگهه، حمل، لنگهه، دادو جي منڇر، ٺٽي جي ڪينجهر ۽ هاليجي ڍنڍ انهن پرديسي پکيئڙن جا مسڪن هجن ٿا. هتي وري اهي ويچارا پکي شڪارين جو کاڄ بڻجيو وڃن. ان باوجود به زمانن کان موسم آهر انهن پکين جي اچ وڃ جاري آهي. پاڪستان ۾ انهن پکين کان علاوه ٻيا به ڪي پکي آهن، جن کي سياسي پکيئڙا سڏجي ٿو. انهن ويچارن، پر بااثر سياسي پکيئڙن جي لڏپلاڻ جي موسم اڪثر اليڪشن واري موسم ئي هوندي آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيام کان اڳ انهن سياسي پکيئڙن جي وڏي ۾ وڏي سياسي ڍنڍ پاڪستان جي باني جماعت مسلم ليگ هوندي هئي. ملڪي اسٽيبلشمينٽ جو شفقتن ڀريو هٿ به هميشه مسلم ليگ مٿان ئي هوندو آهي، البته هر ڀيري جي مسلم ليگ جو نالو ڪجهه نئون هوندو آهي. ڪڏهن جناح ليگ ته ڪڏهن ڪنوينشن ليگ، پر ڪم سڀني جو ساڳيو. يعني ڪنهن به ريت حڪومتي وهنوار ۾ حصو پتي هجي.

    جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي پاڪستان پيپلز پارٽي ٺاهي ته ڀٽي جي ويجهن سنگتين ساٿين به ڀٽي تي ٺٺوليون ڪيون هيون ته ڀٽي ٽانگي ۽ گڏهه گاڏي وارن جي پارٽي جوڙي آهي، هاڻ هو پٺيءَ ۽ پيرين اگهاڙن جي آسري تي ڇپ جهڙي ملڪي اسٽيبلشمينٽ سان ٽڪر کائي، اقتدار حاصل ڪرڻ جا خواب پيو ڏسي. پوءِ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو اٽي، لٽي ۽ اجهي وارو سونهري خواب جهڙو نعرو کڻي، عوام ۾ ڪاهي پيو ته ڏسندي ئي ڏسندي ڀٽي ۽ سندس پارٽيءَ کي هن ملڪ جي مسڪين ۽ پيڙهيل ماڻهن اکين ۽ دلين ۾ جايون ڏنيون. پاڪستان جي سياسي وايو منڊل ۾ ماڻهو پهريون ڀيرو ڀٽي جي هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ موٽرن ۽ ريل گاڏين آڏو به ليٽي پيا. پاڪستان جي وڏيرڪي ۽ جاگيرداراڻي سياسي وايو منڊل ۾ اٿل پٿل اچي وئي. سياسي پنڊتن سمجهي ورتو ته جيڪڏهن ورثي ۾ مليل سياسي گادين کي بچائڻو آهي ته پوءِ ڀٽي ۽ سندس پارٽيءَ جو پاسو جهلڻو پوندو. پوءِ جيڪي ماڻهو ڀٽي جي ميزبانيءَ کان فرار ٿيندي اوطاقون ۽ بنگلا ڇڏي هليا ويندا هئا، اوچتو ئي اوچتو پ پ ۾ شامل ٿيندي ڏٺا ويا.

    پاڪستان پيپلز پارٽي نظرياتي طور نه ته جماعت اسلاميءَ جهڙي تنظيم آهي، نه ئي تنظيمي طرح ڪميونسٽ پارٽي رهي آهي. ان هوندي به پ پ افرادي قوت جي حوالي سان هڪ وڏي ۽ سمنڊ پارٽي رهي آهي، جتي مانگر مڇن سان گڏ ننڍڙيون مڇون به رهن ٿيون. جيتوڻيڪ انهن سياسي مانگر مڇن جو اڪثر شڪار اهي غريب ورڪر ئي ٿيندا آهن. پ پ کي پاڪستان جي مخصوص حالتن ۽ عوام جي ساٿ ڪئين موقعا ڏنا آهن. ستر وارين چونڊن ۾ پ پ اميدوارن پاڪستان جي وڏن سياسي بتن کي ڊاهي ڦٽو ڪيو ۽ اقتدار ذوالفقار علي ڀٽي حوالي ڪيو ويو. ڀٽي پنهنجي اقتدار دوران جيڪو ڪجهه هن ملڪ ۽ عوام لاءِ ڪيو، ان سبب اڄ تائين عوام کان وسريو ناهي. ٻئي طرف پارٽي مطلب پرست وڏيرن حوالي ٿي وئي، جن وقت اچڻ تي ڀٽي جو ساٿ به ڇڏي ڏنو. ايستائين جو ڀٽو ڦاسيءَ چڙهي ويو. عوام ڀٽي کان پوءِ سندس نياڻيءَ بينظير تي ويساهه ڪيو. بينظير به ساڻن هر حال ۾ گڏ بيٺي رهي. ضياءَ جي حادثاتي موت بعد پ پ قيادت کي عوام جي طاقت ۽ قوت تي ويساهه نه هو. تڏهن ئي پ پ سان بيوفائي ڪندڙ وڏيرن کي ٻيهر پارٽي ۾ شامل ڪري، کين ٽڪيٽن سان نوازيو ويو. بهرحال 88ع وارين چونڊن ۾ پ پ اڪثريت سان کٽيو. وري جڏهن پ پ سرڪار هٽائي وئي ته وزارتون ۽ مالي فائدا وٺندڙ ڪئين وڏا ماڻهو ڄام صادق علي سان گڏ بيهي رهيا. پارٽي ۾ شموليت ۽ ان کي ڇڏڻ جو اهو سلسلو جاري رهندو پيو اچي، پر پ پ بار بار غلطيون ڪندي، ٻيهر اهڙن ئي ماڻهن کي ٽڪيٽون پئي ڏيندي اچي.

    هن دفعي سياسي وفاداريون تبديل ڪندڙن ۾ هڪ نواڻ ڏسڻ ۾ آئي آهي. چوندا آهن ته پاڪستان جي وڏي صوبي پنجاب جا ماڻهو هميشه فائدي وارو سودو ڪندا آهن. پنجاب جي سياسي وايومنڊل ۾ وفاداريون تبديل ڪرڻ جو سلسلو ڪافي عرصي کان جاري آهي. حڪمران ليگ سان وابسته قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن، ناظمن ۽ سرڪرده شخصيتن تيزيءَ سان حڪمران ليگ کي ڇڏي، پ پ ۾ شموليت جو جيڪو سلسلو شروع ڪيو آهي، تنهن مان لڳي ٿو ته شايد پ پ کي پاور جي پڪ ڏياري وئي آهي. البته سنڌ وارا هن دفعي وڌيڪ سياڻا ٿي ويا آهن. هونئن ته سنڌ ۾ حڪمران ليگ سان وابسته گهوٽڪي، شڪارپور، جيڪب آباد، قمبر- شهدادڪوٽ، ٿر، دادو سان وابسته بااثر سردارن، نوابن، وڏيرن، ناظمن ۽ حڪومتي عهديدارن پ پ ۾ شموليت لاءِ هٿ پير هڻڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن ۽ ان ڪري ئي پ پ جي پارلياماني بورڊ ڪئين ضلعن جي قومي ۽ صوبائي تڪن تي اميدوارن جي لسٽ ”وٿ هيلڊ“ ڪري رکي آهي، پر سنڌي وڏيرا هن دفعي ڦوڪي ڦوڪي قدم پيا کڻن. کين اها پڪ آهي ته جڏهن به هو پ پ ۾ شموليت ڪندا ته گذريل پنجن سالن کان سندن خلاف ريليون ۽ جلوس ڪڍندڙ پ پ ورڪر ٻيهر سندن چونڊ جلسن جا شاميانه ۽ قناطون پيا هڻندا ۽ ڪرسيون پيا ڍوئيندا، سو تڪڙ ڪرڻ جي ضرورت ڪونهي. اڃا سنڌ سرڪار تازو ئي بجيٽ جو اعلان ڪيو آهي. ان وقت تائين جيڪو مال ميڙڻو آهي، ميڙي وٺون. ڇو ته مٿان چونڊن جو خرچ پاڻي به ڪڍڻو آهي. سنڌ ۾ شموليتن وارو عمل ان لاءِ به ڍرو آهي، جو سنڌ پ پ جي چڱن ۾ هاڻي کان ئي وزارت اعليٰ جي ڊوڙ لڳي پئي آهي. چوڻ وارا چون ٿا ته سنڌ جي مختلف بااثرن هالا جي مخدوم صاحبن کان علاوه پ پ سنڌ جي صدر قائم علي شاهه، نثار احمد کهڙي، ناهيد خان، ڊاڪٽر صفدر عباسي ۽ ٻين سان رابطه ڪيا آهن. پارٽي جي انهن اڳواڻن شموليت واريون لسٽون به بينظير تائين پهچائي ڇڏيون آهن، پر وڏ وزارت ۽ سنڌ ۾ اثر رسوخ جي حوالي سان هلندڙ ڊوڙ سبب هر گروپ ٻئي گروپ جي نالن تي اعتراض واريو بيٺو آهي ته فلاڻو اعتماد وارو ڪونهي، فلاڻو ڀڄي ويندو، وغيره. پ پ سنڌ جي انهيءَ اندروني ڪشمڪش سبب به سنڌ اندر اڃا تائين ڪا خاطر خواهه اڳڀرائي ڪو نه ٿي آهي. مخدوم فيملي مخدوم طالب الموليٰ کان ويندي مخدوم امين فهيم تائين پ پ ۽ ڀٽي خاندان سان نڀايو آهي، پر مخدوم صاحب کي دبئي مذاڪرات ته ڇڏيو، پر سانگهڙ ۽ مٽياري ضلعن ۾ به اڃا تائين فري هينڊ ناهي مليو. ٻئي پاسي مخدومن سانگهڙ ضلعي ۾ سنڌ جي ڪلاسيڪل وڏيري مرحوم شاهنواز جوڻيجي جي خاندان کي ٻيهر پ پ سان ڳنڍي ڇڏيو آهي. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته سانگهڙ ۾ جوڻيجن کي ٽڪيٽ جي به پڪ ڪرائي وئي آهي. پ پ سنڌ جي صدر سيد قائم علي شاهه وري جيڪب آباد جي مير حسن کوسي کي پارٽي ۾ شامل ڪرايو. ٺٽي ۾ شيرازي ٻڏتر جو شڪار آهن. ملڪاڻين جا اندروني رابطه هلي رهيا آهن. سسئي پليجو پنهنجي سيٽ ته ڪنفرم ڪرائي آئي، پر پيءُ جي جاءِ تي ڀاءُ کي ويٽنگ لسٽ تي به رکرايو اٿس. ٽنڊي الهيار ۾ بچاڻي، پتافي ۽ سيدن ۾ اڃا تائين سرچاءُ نه ٿي سگهيو آهي. دادو ۾ مهيسر ۽ لغاري اختلاف هلندڙ آهي. نوابشاهه ته زردارين حوالي ٿيل آهي.

    ٻئي طرف تنظيمي حوالي سان پ پ سنڌ اڃا تائين ڪو ٻوٽو ٻاري نه سگهي آهي. ڪيترن ئي ضلعن ۾ اڃا باڊيون به مڪمل ڪونهن. ڪئين تعلقا، يونين ڪائونسلون ۽ يونٽ بنا عهديدارن جي پيا هلن. عوام سان ڪٿي به رابطي مهم شروع نه ٿي آهي. ڪنهن اهو به سوچيو آهي ته جيڪڏهن سڀاڻي بينظير ۽ جنرل مشرف ۾ ٺاهه نٿو ٿئي ۽ اسٽيبلشمينٽ چونڊن جو اعلان ٿي ڪري ڇڏي، ته اهڙيءَ صورتحال ۾ پ پ پنهنجي ڳڙهه سنڌ ۾ به ڪهڙيءَ طرح چونڊون کٽندي؟ جڏهن ته بلدياتي چونڊن ۾ پ پ سان سنڌ ۾ ٿيل حشر جي هر ڪنهن کي خبر آهي.

    zulfiqarqadri@hotmail.com
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم ذوالفقار قادري جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    ميان ڀائر موٽيا ته بينظير جو سياسي مستقبل ڇا هوندو؟



    جمع 24 آگسٽ 2007ع

    اوڀر پنجاب جي راڄڌاني امرتسر کان ٻارنهن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع هڪ ننڍڙي ڳوٺ جاتي امراءَ ۾ هڪ غريب ڪڙميءَ ميان رمضان جي ٻن پٽن ميان برڪت ۽ ميان محمد شريف جاتي امراءَ ڇڏي، لاهور ۾ اچي ايم اي ايس اينڊ ڪمپني ۾ چوڏنهن آنا ڏهاڙيءَ تي فورمين ۽ مولڊ ميڪنيڪ طور مزدوري شروع ڪئي. جڏهن هنن ڪجهه پئسا گڏ ڪيا ته ٻنهي ڀائرن لاهور جي حاجي فيروز دين ڀٽيءَ کان ٽي سئو ڏهه رپين ۾ لوهه جي هڪ بٺي خريد ڪئي، جتي لوهه کي پگهاري ننڍا اوزار ٺاهيا ويندا هئا. ايوب خان جي ڏهاڙن ۾ مذڪوره ڀائر بٺيءَ جي جاءِ تي ڪارخاني جا مالڪ ٿي چڪا هئا. انهن ئي ڏينهن ۾ اولهه پاڪستان جي گورنر ملڪ امير محمد خان نواب آف ڪالاباغ کي اچي خيال ٿيو ته پنجاب جي آبادگارن ۾ ڳاهه لاءِ ڏاندن جي جاءِ تي ٿريشر کي متعارف ڪرائجي. سو مختلف ادارن کي ٿريشر جا سيمپل موڪلڻ جو چيو ويو. ميان محمد شريف جي ڪارخاني به پنهنجو ٿريشر پيش ڪيو، جيڪو نواب آف ڪالاباغ کي پسند آيو. اهڙيءَ طرح شريف گهراڻي کي هڪ طرف سرڪار سان عليڪ سليڪ جو موقعو مليو ته ٻئي طرف هنن پنهنجي ڪاروبار کي به وسيع ڪرڻ شروع ڪيو. 1960 ۾ اهو گهراڻو هڪ ننڍي لوهه جي بٺيءَ مان ”بيڪو (BECO) جهڙي هيوي فائونڊريءَ جو مالڪ بڻجي چڪو هو. پوءِ ته هنن کي پاڪستان جي هٿياربند فوج طرفان به هلڪن ۽ ڳرن هٿيارن جي خام مال جي سپلاءِ جا آرڊر ملڻ شروع ٿي ويا. ڪاروبار جي وسعت کي ڏسندي، هنن ڪوٽ لکپت وٽ ساڍا پنج سئو ايڪڙ وسيع ايراضيءَ تي پاڪستان جي وڏي ۾ وڏي هيوي فائونڊريءَ جو قيام عمل ۾ آندو.

    جلد ئي ملڪ تي ذوالفقار علي ڀٽي جي سرڪار قائم ٿي وئي، جنهن اڳتي هلي اتفاق فائونڊريءَ سميت ميان فيملي جي ٻين ادارن کي به قومي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. جنرل ضياءَ طرفان ڀٽو سرڪار جي برطرفيءَ بعد قومي تحويل ۾ ورتل ادارا مالڪن کي واپس ٿيا ته ميان فيملي کي به ادارا موٽي مليا. 1980 وارن ڏينهن ۾ ميان فيمليءَ جي هڪ نوجوان نواز شريف لاهور ۾ تحريڪ استقلال وسيلي پنهنجي سياسي سفر جو آغاز ڪيو. شريف فيملي نسلي طرح ڪشميري آهي. انهن ئي ڏينهن ۾ ڪشميري برادريءَ جي هڪ گڏجاڻي منعقد ٿي، جنهن ۾ ميان نواز شريف برادريءَ جي ڀلائي ۽ بهتريءَ لاءِ جڙيل اداري کي ٽي لک روپيه چندو ڏنو، جڏهن ته اصغر خان جي تحريڪ استقلال کي الڳ چندو چاڙي ڏيندو رهيو. برادريءَ واري اجلاس ۾ جڏهن هن ٽي لک روپين جي رقم ڏني ته اتي موجود برگيڊيئر قيوم جي مٿس نظر پئي. برگيڊيئر قيوم جي ڀٽو سرڪار جي تختي اونڌي ٿيڻ وقت انٽر سروسز انٽيليجنس جي ڊائريڪٽر جنرل بعد ۾ ضيا دور ۾ گورنر پنجاب ليفٽيننٽ جنرل غلام جيلاني خان سان ويجهڙائپ هئي. جنرل ضياءَ ۽ گورنر جيلانيءَ کي انهن ڏينهن ۾ سرڪار جي حمايت لاءِ ماڻهن جي ضرورت هئي، سو برگيڊيئر قيوم نوجوان ميان نواز شريف کي وٺي اچي جنرل جيلانيءَ سان ملايو، جنهن کيس چيو ته مئل گهوڙي تي پئسا وڃائڻ بجاءِ ڪنهن سگهاري هنڌ پئسا سيڙائجن ته وڌيڪ فائدو ٿيندو. جنرل جيلانيءَ، نواز شريف کي پنهنجي پنجاب ڪابينه ۾ صوبائي وزير ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن طور کنيو ۽ ايئن نواز شريف ضياءَ جي مارشل لا واري دور کان پنهنجي سياست جو آغاز ڪيو. نواز شريف جي ڪارڪردگي ڏسي، کيس وزير خزانه ۽ اڳتي هلي وزير اعليٰ پنجاب بڻايو ويو.

    آگسٽ 1988ع ۾ جنرل ضياءَ جي فضائي حادثي ۾ لاڏاڻي بعد جڏهن غلام اسحاق جي سرڪار عام چونڊن جو اعلان ڪيو ته سرڪار کي اهو ڊپ ٿيو ته بينظير جي پاڪستان پيپلز پارٽي، جيڪا ان وقت پنهنجي عوامي جدوجهد سبب حزب اختلاف جي وڏي ۾ وڏي پارٽي هئي، وڏي اڪثريت سان کٽي سگهي ٿي. وقت جي حڪومت ۽ ڳجهن ادارن پ پ خلاف پارٽين جو محاذ به ٺاهيو، پر ان جي باوجود بينظير جي قيادت ۾ پ پ کٽي وئي. البته پنجاب وري به ميان نواز شريف حوالي ڪيو ويو. بينظير جي ارڙهن مهينن جي سرڪار ۾ نواز شريف جي پنجاب سرڪار مرڪزي سرڪار سان محاذ آرائيءَ ۾ رهي. آخر بينظير سرڪار کي ارڙهن مهينن بعد برطرف ڪيو ويو ۽ ٻيهر چونڊون ڪرايون ويون. رئيس غلام مصطفيٰ جتوئيءَ کي آسرو ڏنو ويو، پر چونڊن بعد ان بجاءِ ميان نواز شريف کي وزير اعظم بڻايو ويو. ميان نواز شريف ۽ بينظير هڪ ٻئي جا سياسي حريف رهيا. ٻنهي ڌرين پنهنجي پنهنجي اقتدار وارن ڏينهن ۾ هڪ ٻئي کي ڪئين ڪيسن ۾ ڦاسايو، پر ڪجهه عرصي بعد صدر اسحاق خان ۽ ميان نواز شريف جي اختلافن سبب نواز شريف کي اقتدار کان محروم ٿيڻو پيو. چونڊن ۾ بينظير ٻيهر وزير اعظم منتخب ٿي. اٽڪل ٽن سالن جي اقتدار بعد بينظير پنهنجي ئي تجويز ڪيل صدر فاروق لغاريءَ هٿان سرڪار برطرف ڪرائي، گهر ڀيڙي ڪئي وئي. بعد ۾ ٿيل چونڊن ۾ وس ڌڻين ميان نواز شريف جي پارٽي کي ڀاري مينڊيٽ سان کٽرايو. ميان نواز شريف جا اڳ ۾ صدر اسحاق سان اختلاف رهيا، سو هن ڀاري مينڊيٽ ملڻ تي صدر لغاريءَ کي به مستعفي ٿيڻ تي مجبور ڪيو. نواز شريف نه فقط صدر غلام اسحاق ۽ صدر فاروق لغاريءَ سان مهاڏو اٽڪايو، پر پاڪستان جي هٿياربند فوج جي سربراهن جنرل اسلم بيگ، جنرل آصف نواز جنجوعه، جنرل وحيد ڪاڪڙ سان به سندس اختلاف رهيا. نواز شريف جي پاليسين سبب ئي جنرل جهانگير ڪرامت کي پنهنجي آرمي چيف واري عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻي پئي. نواز شريف انهن ڏينهن ۾ ٽن سينئر جنرلن ليفٽيننٽ جنرل علي قلي خان، ليفٽيننٽ جنرل رحمدل ڀٽي، ليفٽيننٽ جنرل خالد نواز جنجوعه کي سپر سيڊ ڪري منگلا جي ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل پرويز مشرف کي آرمي چيف بڻائي ڇڏيو ۽ ساڳئي وقت هن فوج اندر حاضر سروس جنرلن سان به پنهنجا واسطا وڌائڻ شروع ڪيا. هو چوڌري نثار علي خان جي ڀاءُ ليفٽيننٽ جنرل افتخار علي خان، راجه نادر پرويز جي ويجهي عزيز ۽ ڪوئيٽه جي ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل طارق پرويز، آءِ ايس آءِ جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل ضياءُالدين بٽ سميت ٻين اعليٰ آفيسرن کي پنهنجي حلقي ۾ شامل ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل رهيو. انهن مسئلن تان جنرل پرويز مشرف ۽ ميان نواز شريف جا اختلاف وڌڻ شروع ٿيا. انهيءَ وچ ۾ نواز شريف جي والد ميان محمد شريف جنرل پرويز مشرف ۽ سندس وني صهبا مشرف کي راءِ ونڊ دعوت تي گهرائي، ميان نواز شريف سان سندس ٺاهه ڪرايو، پر جلد ئي ڪارگل معاملو شروع ٿي ويو. ان معاملي جنرل پرويز مشرف ۽ نواز شريف وچ ۾ لاڳاپن کي بگاڙي ڇڏيو. حالتون وڃي اتي پهتيون، جو آخر 12 آڪٽوبر 1999 تي جنرل پرويز مشرف جڏهن سري لنڪا کان واپس موٽي رهيو هو ته وزير اعظم نواز شريف هڪ آرڊر ذريعي جنرل پرويز مشرف کي عهدي تان هٽائي، آءِ ايس آءِ جي چيف جنرل ضياءُ الدين بٽ کي نئون آرمي چيف مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. پاڪستان جي هٿياربند فوج جي سينئر آفيسرن اهڙي ڪوشش کي ناڪام بڻائي، جنرل پرويز مشرف کي سلامتيءَ سان ڪراچي ايئرپورٽ تي لاٿو ۽ هڪدم وزير اعظم نواز شريف جي سرڪار برطرف ڪئي وئي.

    گرفتاريءَ بعد نواز شريف تي جنرل پرويز مشرف جي هوائي جهاز جي هاءِ جيڪنگ ڪيس سميت ٻيا ڪيس مڙهي کيس جيل موڪليو ويو. ڪراچيءَ جي خاص عدالت ميان نواز شريف کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي. سزا کي ڪجهه ئي عرصو گذريو هو ته سعودي عرب جي موجوده بادشاهه شاهه عبدالله جي ذاتي ڪوششن سان نواز شريف آزاد ٿي، سعودي عرب پهتو. پاڪستان سرڪار مطابق ميان نواز شريف ۽ سندس خاندان معافي نامو لکي، ڏهن سالن لاءِ جلاوطني قبول ڪئي. سندس جلاوطنيءَ بعد مسلم ليگ جا اڪثر اڳواڻ جنرل پرويز مشرف جا حامي بڻجي، سرڪار جو حصو ٿي ويا. ايئن جنرل مشرف پنهنجي حامي جماعت مسلم ليگ(ق) جي نالي سان جوڙائي. مشرف سرڪار جي وزيرن مشيرن جو خيال هو ته هاڻي نواز شريف جو پاڪستاني سياست ۾ ڪوبه ڪردار نه هوندو، پر ڪجهه عرصي بعد ميان نواز شريف ۽ شهباز شريف سعودي عرب کان علاج جي اجازت وٺي، لنڊن روانا ٿيا. لنڊن پهچڻ بعد هنن آزادانه طور سياسي سرگرمين جو آغاز شروع ڪيو. لنڊن ۾ ئي بينظير، مشرف سرڪار مٿان دٻاءُ وڌائڻ لاءِ ميان نواز شريف سان ”ميثاقِ جمهوريت“ جو معاهدو ڪيو. موجوده سرڪار جي وڏي ۾ وڏي غلطي، جنهن مشرف سرڪار کي انهتائي ڪمزور ڪيو، سا هئي مارچ ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس جسٽس افتخار محمد چوڌريءَ خلاف ريفرنس موڪلي کيس غير فعال بڻائڻ واري ڪارروائي. حڪومتي قدم نه صرف حزبِ اختلاف کي پاڻ ۾ متحد ڪيو، پر ملڪ جي سول سوسائٽي، بار ۽ ميڊيا کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ اڪسايو. آخر جولائي ۾ سپريم ڪورٽ جي لارجر بينچ سرڪاري ڪارروائي کي رد ڪري، ملڪ جي عوام کي آٿت ڏني. موقعي جو فائدو وٺندي ميان ڀائرن به پنهنجي واپسيءَ لاءِ آئيني پٽيشن سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪري ڇڏي. ان کان اڳ بينظير مخالف ڌر کي پاسيرو رکي، دبئي ۾ جنرل پرويز مشرف سان ملاقات ڪئي، جنهن جو مخالف ڌر جي پارٽين ڪو چڱو تاثر نه ورتو. جڏهن ته پ پ لنڊن واري آل پارٽيز الائينس ۾ به شامل ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

    ڪالهه سپريم ڪورٽ ميان ڀائرن جي واپسيءَ جي حق ۾ فيصلو ڏئي، پرويز مشرف سرڪار ۽ بينظير لاءِ نيون مشڪلاتون پيدا ڪري ڇڏيون آهن. چوڻ وارا اهو به چون ٿا ته ڪي خفيه هٿ بينظير کي اقتدار ڏيڻ ته پري رهيو، پر گذريل ٽن ڏهاڪن دوران هن دنيا اندر مخالف ڌر جي سگهاري اڳواڻ وارو جيڪو اميج ٺاهيو هو، سو به کانئس ڇڏائڻ واريون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. لڳي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ هڪ ڀيرو وري ميان نواز شريف کي ملڪ جو مقبول ليڊر بڻائي، بينظير کي اقتدار کان ئي ٻاهر نه رکندي، پر کيس حزب اختلاف جو به ڪمزور ليڊر بڻائي ڇڏيندي. ان ڪري سياسي مبصرن جو خيال آهي ته بينظير وٽ اڃا به وقت آهي ته اها پرويز مشرف سرڪار جي ٻڏندڙ ٻيڙيءَ ۾ چڙهڻ جو خيال دل مان ڪڍي، ڪنهن سنئين ڪناري رسڻ لاءِ هٿ پير هڻي.

    zulfiqarqadri@hotmail.com
     
  5. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم ذوالفقار قادري جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    ڇا پيپلز پارٽيءَ جا ”صلاحڪار“ نواز ليگ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن؟




    آچر 22 مارچ 2009ع



    هڪ پارٽيءَ جي حيثيت ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجي ٻائيتاليهه سالا تاريخ ۾ پهريون دفعو هڪ نازڪ ۽ ڏکئي دور مان گذري رهي آهي. هونئن سياسي پارٽين لاءِ جدوجهد توڙي اپوزيشن وارا ڏينهن اڙانگا ليکيا ويندا آهن ۽ اقتداري دور هني مون طور ڳڻبو آهي، پر هاڻوڪو دورِ حڪومت پيپلز پارٽي لاءِ ڪنڊن جي سيج ثابت ٿيو آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ اهو پهريون فرد هو، جيڪو ڄائو ته اتر سنڌ جي هڪ روايتي جاگيردارا گهراڻي ۾، پر هن ملڪ جي سياسي وايومنڊل ۾ جاگيرداڻي، سرمائيداراڻي ۽ وڏيرڪي مدي خارج نظام خلاف غريبن، مزدورن ۽ پيرين اگهاڙين مسڪينن کي اٽي، لٽي ۽ اجهي جي نعري هيٺ گڏ ڪري عام ماڻهن ۾ اهڙي ظالمانه نظام خلاف جرئت پيدا ڪئي. اهو هن ملڪ جي مسڪينن جو ڀٽي صاحب تي اعتماد ۽ اعتبار ئي ته هو جو ذوالفقار علي ڀٽي عام چونڊن ۾ جيڪي به اميدوار بيهاريا، انهن پاڪستان جي روايتي جاگيردارن، ٽوانن، ممدوٽن، دولتانن، ڪالاباغ، ميرن، پيرن، نوابن ۽ سردارن کي شڪست ڏئي هن ملڪ جي نئين سياسي تاريخ رقم ڪئي. ڀٽو عالمي سطح جو اڳواڻ ٿي اڀريو، پر هر دور ۾ شاهه کان وڌيڪ شاهه جا وفادار پيدا ٿيندا رهن ٿا، جيڪي ذهين حاڪمن کي به ورغلايو ڇڏين. چوڌري شجاعت جو پيءُ چوڌري ظهور الاهي ته پنهنجي نياڻي جي شادي جي تاريخ وزير اعظم ڀٽي جي شرڪت واري شيڊول مطابق طئي ڪرڻ لاءِ آتو هوندو هو، پر گورنر پنجاب غلام مصطفيٰ کر چوڌري ظهور الاهي کان پنهنجي اندر جي باهه ڪڍڻ لاءِ ڀٽي صاحب کي گجرات شادي ۾ عين ٽائيم شرڪت کان روڪي ڇڏيو. پوءِ اها لاڙڪاڻي جي ڀٽن ۽ گجرات جي چوڌرين جي درميان وڇوٽي وڌي وڃي انتها تي پهتي. ذوالفقار علي ڀٽي کي ته اها خبر به نه هئي ته غلام مصطفيٰ کر چوڌري ظهور الاهي تي واڙن مان مينهون چورائڻ جا ڪيس به داخل ڪرايا. ڇا احمد رضا قصوري جهڙو ماڻهو ذوالفقار علي ڀٽي جي ليول جو ماڻهو هو، پر مسعود محمود جهڙن ماڻهن ايف ايس ايف جهڙي بدنامِ زمانه فورس جوڙي شاهه کان وڌيڪ شاهه جي وفادار ثابت ڪرڻ واري جستجو ۾ جيڪي گناهه ڪيا، انهن جو ڪفارو ڀٽي صاحب کي ڦاهي جو ڦندو چمي ادا ڪرڻو پيو.

    لاڙڪاڻي جي اڇي سونهاري رکندڙ شيخن کي محض ان لاءِ ٽائون ٿاڻي ڪپڙن کان آجو ڪري سچو پترا هنيا ويا ته هو لاڙڪاڻي جي ايس پي کي سلام نه ڪندا هئا. مارچ 1977ع وارين عام چونڊن ۾ ڇا جماعتِ اسلامي جو مولانا محمد عباسي ذوالفقار علي ڀٽي کان لاڙڪاڻي شهر واري سيٽ کٽي پئي سگهيو؟ قطعي نه، پر خوشامد پسند صلاحڪارن ۽ لاڙڪاڻي جي ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر خالد کرل ۽ ايس پي محمد پنڃل جوڻيجي پنهنجون مارڪون ٺاهڻ خاطر مولانا عباسي کي نامينيشن ڀرائڻ کان اڳ ئي اغوا ڪري وڃي ڏوڪري جي هڪ ڪچي جي ٿاڻي تي واڙيو. بظاهر ته ڀٽي صاحب کي لاڙڪاڻي مان بنا مقابلي کٽرائڻ تي اهڙن خوشامدڙين هنبوشيون پئي هنيون، پر سندن اهڙي عمل سان ڀٽي صاحب کي جيڪو نقصان پهتو، ان بابت ڀٽي صاحب ڦاهي گهاٽ ۾ به اعتراف ڪيو. اعتراف ته ڀٽي صاحب ڦاهي گهاٽ ۾ سردار عطاءُ الله مينگل جي گم ٿيل پٽ اسد مينگل جو به ڪيو هو. هن جهالاوان جي هن روايتي سردار کي ڦاهي گهاٽ جي پٽ تي ويهي چيو هو ته، ”اسد هن لاءِ ائين هو جيئن مرتضيٰ ۽ شاهنواز...سنڌين ۽ ٻروچن جي جرڳي ۾ جيڪڏهن اسد جو خون مون تي ثابت ٿئي ته مان ڏنڊ ڏوهه ڀرڻ لاءِ تيار آهيان.“ پر بلوچستان ۾ سرگرم انهن ڳجهن هٿن پاران ڪيل ان وارتا ڀٽي ۽ مينگل کي پاڻ ۾ ملڻ کان پري ڪري ڇڏيو. پيپلز پارٽي اڄ پنهنجي سفر جون ڪئين منزلون ماڻي هت رسي آهي. ذوالفقار علي ڀٽي جي ڦاهي بعد محترمه بينظير ڀٽو اهو علم کڻي اڳتي وڌي. پيپلز پارٽي جي انهيءَ معراج واري منزل ۾ جتي ذوالفقار علي ڀٽي، مرتضيٰ، شاهنواز، اياز سمون، ناصر بلوچ، اقبال هيسباڻي، نجيب سان گڏ موري، ميهڙ، دادو، خيرپور ناٿن شاهه، سڪرنڊ ۽ ڪارساز سانحي سميت ملڪ جي مظلوم ماڻهن جو خون، جيل، ڪوڙا، سختيون صعوبتون شامل آهن، اتي شهيد محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي جواني جي ڏينهن جا جيل، جلاوطنيون، سختيون پڻ شامل آهن. پ پ پنهنجي قيام جي ڏينهن کان وٺي هڪ ريڊيڪل ۽ اينٽي اسٽيبلشمينٽ پارٽي طور پنهنجي سڃاڻپ رکندي آئي آهي. پ پ هميشه ڏاڍ، ڏمر، بربريت خلاف سينه سپر ٿي پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. ماضيءَ ۾ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي جهڙي ذهين انسان کي پٽيون پڙهائي وقت کان اڳ مارچ 1977ع واريون چونڊون منعقد ڪرايون ويون ۽ پوءِ جهڙي طريقي سان ڀٽي خلاف هڪ منظم تحريڪ هلائي وئي. اسلام جي نالي ۾ شروع ڪيل ان تحريڪ تي نظر وجهبي ته ان وقت به ڀٽي صاحب ۽ پ پ خلاف ساڄي ڌر جي سياستدانن، مذهبي ڌرين ۽ قومپرستن گڏجي محاذ جوڙيو هو. پوءِ دنيا ڏٺو ته ملڪ ۾ هڪ هٿ ٺوڪيو طوفان کڙو ڪيو ويو. مسعود محمود، وقار احمد، امتياز وڙائچ ۽ بُچه پاران صلاحڪارن کيس فوج جي مدد وٺڻ تي مجبور ڪيو، تان جو ڪراچي، ملتان، لاهور ۽ راولپنڊي ۾ ذوالفقار علي ڀٽي کي جزوي مارشل لا هڻڻ تي مجبور ڪيو ويو. جنهن بعد ملتان، لاهور، راولپنڊي ۾ مقرر چئن برگيڊيئرن پنهنجين ڊيوٽين کان انڪار ڪندي پنهنجيون پيٽيون لاهي ڦٽي ڪيون. عالمي ذهن رکندڙ ذوالفقار علي ڀٽي کي انتظامي طور ڪمزور ڪيو ويو ۽ پوءِ هٿياربند فوج جي مهمجو جرنيلن جڏهن ڏٺو ته اسان جي ڪلهي تي بندوق رکي هلائي پئي وڃي، ڇو نه سمورا مامرا پاڻ سنڀالجن، آخر 5 جولاءِ 1977ع جي ڀيانڪ رات مهمجو جرنيل ڀٽي کي گرفتار ڪري اقتدار تي قابض ٿي ويا.پوءِ ذوالفقار علي ڀٽو ته ڦاهي چاڙهيو ويو، پر يارنهن سال هن ملڪ جا ماڻهو آمريت هيٺ رهيا. شهيد محترمه بينظير ڀٽو صاحبه پنهنجي همٿ حوصلي ۽ دانشمنديءَ سان ٻه دفعا اقتدار تي رسي. شهيد راڻي خلاف به سازشون ٿيون، هڙتالون، ڌرڻا محترمه بينظير ڀٽو به ڏٺا پر هن هميشه معاملن کي رياستي طاقت بدران عقل ۽ فهم سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هينئر جنهن اقتدار جي معراج تي پيپلز پارٽي ۽ ان جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري رسيا آهن، اهو اقتدار پ پ کي ڪو خيرات ۾ ناهي مليو، ان جي عيوض پ پ پنهنجي سدا حيات ملوڪ شهزادي بينظير جي خون جو نذرانو پيش ڪري چڪي آهي. پاڪستان جي سياسي ۽ اقتداري تاريخ تي نظر وجهبي ته جنرل ايوب ڏهه سال، جنرل يحيٰ خان چار سال اقتدار ۾ رهڻ سان گڏ ملڪ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ٻه اڌ ڪيو.

    آمر جنرل ضياءَ ڀٽي شهيد سميت هزارين ڪونڌر ڪهي يارنهن ورهيه ۽ آمر جنرل مشرف شهيد راڻي بينظير ۽ نواب اڪبر بگٽي جهڙا سدا ملوڪ اڳواڻ قتل ڪرائي 9 سال حڪومت ڪئي، پر پ پ جهڙي مقبول عوامي پارٽي عوام جي ڀرپور مينڊيٽ باوجود ڀٽي صاحب جا پنج ورهيه، شهيد راڻي ارڙهن مهينا، پوڻان ٽي سال ۽ هاڻ وري هڪ ورهيه به عوام جي ازلي دشمنن جو هانءُ تي ڄڻ بار آهن، پر هاڻ ڪجهه پاڻ تي به نظر وجهڻي پوندي، ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد راڻي بينظير ڀٽو سياست جي اوسر کان ويندي موت جي وادي ۾ وڃڻ تائين عوام کان منهن نه موڙيو، ڀٽو هجي يا بينظير هو جتي نواب صادق حسين قريشي، غلام مصطفيٰ کر، پير غلام رسول شاهه جيلاني، مخدوم طالب الموليٰ، حفيظ پيرزادي جهڙن اڳواڻن سان مشاورت ڪندا هئا، اتي ڀٽو ته لاڙڪاڻي جي فقير ۽ درويش صفت جمعي فقير حجم جهڙن سان به حال اوريندو هو. شهيد راڻي بينظير جتي سيد قائم علي شاهه، نثار کهڙي، اياز سومري کان مشورا وٺندي هئي، اتي شهيد راڻي مولابخش چانڊيو، نظر محمد ڳاهو، ڪامريڊ سومر سولنگي ۽ مون پارن مسڪين غريب ڪارڪنن جي به ڳالهه ٻڌندي هئي. صدر آصف علي زرداري هاڻ جڏهن ايوانِ صدر پهچي عوام کان ڪٽجي ويو آهي، اتي هر حڪومتي ۽ سياسي فيصلي ۽ پارٽي کي هلائڻ لاءِ رحمان ملڪ، فاروق نائيڪ، ڊاڪٽر بابر اعواڻ جهڙا ماڻهو عقل ڪل هوندا ته پارٽي کي اهڙا ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پوندا. هاڻ جڏهن چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري کي بحال ئي ڪرڻو هو ته پوءِ پنهنجي لاءِ ايتريون مشڪلاتون کڻڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ ٿيڻ ته اهو کپندو هو ته جيئن ئي آصف علي زرداري صدارت جي منصب تي فائز ٿيو ته کيس پهريون ڪم کيس ميثاقِ جمهوريت مطابق عدليه جي بحالي لاءِ ڪرڻ کپندو هو. پ پ ته اڃا اٺونجاهه (ٽو) بي ۽ سترهين ترميم مان ئي نه نڪري سگهي آهي. صدر زرداري صاحب کي اها به خبر هوندي ته هن وقت جيڪا پ پ اقتدار ۾ آهي، اها ته سرڪاري رڪارڊ ۾ سترهين ترميم جي مهرباني سان پ پ پارليامينٽرين آهي، جنهن جو سربراهه مخدوم امين فهيم آهي. پ پ قيادت اهو نه سمجهي ته افتخار محمد چوڌري جي بحالي بعد سڀ مامرا حل ٿي ويا. پ پ جي غلط صلاحڪارن جو فائدو وٺي نواز شريف جيڪو پاڻ کي هاڻ قائدِ اعظم، ذوالفقار علي ڀٽي ۽ شهيد راڻي بينظير بعد پاڪستان جو قدآور اڳواڻ سمجهي رهيو آهي، ان جي ايندڙ وار ٿيڻ کان اڳ ئي پ پ قيادت کي ويجهي ماضي ۾ ٿيل غلطين مان سکڻو پوندو.

    zulfiqarqadri@hotmail.com
     
  6. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم ذوالفقار قادري جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    بلوچستان جون حالتون ۽ تيزيءَ سان ٿيندڙ لڏ پلاڻ




    ڇنڇر 25 اپريل 2009ع



    اهو منهنجي لاءِ اعزاز آهي ته آئون ماضيءَ ۾ بلوچستان جي قومي تحريڪ جي ڪجهه اڳواڻن ۽ اهم ڪردارن سان ملاقات ڪري چڪو آهيان. نواب اڪبر بگٽي سان اسي جي ڏهاڪي ۾ پهريون دفعو تڏهن ملاقات ٿي، جڏهن مان اڃا تازو هڪ سنڌي اخبار جي رپورٽنگ شروع ڪئي هئي. نثار احمد کهڙي انهن ڏينهن ۾ اڃا پ پ ۾ شموليت اختيار نه ڪئي هئي. نثار کهڙي پنهنجي لاڙڪاڻي واري بنگلي تي نواب اڪبر بگٽي جي رات جي ماني جي دعوت ڪئي هئي. ماني جي ٽيبل تي جڏهن مون اڪبر بگٽي کان بلوچستان بابت سوال ڪيو ته انهن ڏينهن ۾ اڇي ڪاري وارن جي ڪاڪ ٽيل واري سونهاري ۽ شهپرن واري بگٽي نواب مون کي فوري طور جواب ڏنو، ”توهان ڇا ٿا سمجهو ته بلوچستان ۾ کير جون نديون ٿيون وهن؟ سنڌ جيتري مالامال، لکيل پڙهيل ۽ باشعور آهي، جيڪڏهن ان وٽ بلوچستان جهڙا سردار اڳواڻ هجن ته نقشو ئي ڦريل هجي.“ نواب اڪبر بگٽي کي ٻيهر مون 1994ع ۾ تڏهن ڏٺو، جڏهن مرتضيٰ ڀٽو جيل مان آزاد ٿيڻ بعد نواب اڪبر بگٽي جي پٽ سلال بگٽي جي قتل بعد ساڻس تعزيت لاءِ ڊيره بگٽي ويو هو. اسان جو قافلو لاڙڪاڻي مان گڊو، ڪشمور، ڊيره موڙ کان ٿيندو سئي پهتو ته رات ٿي چڪي هئي. انهن ڏينهن ۾ رات جو سئي شهر جون لائيٽون جبلن کان ائين محسوس ٿي رهيون هيون، جيئن رات جي پهر ۾ نيويارڪ يا لاس اينجلس پيا ٻرندا آهن. سئي ڪراس ڪري سنگسيلا، جيڪو بلوچ قومي هيرو بالاچ گورگيج جي جاءِ شهادت طور مشهور آهي، جي پهاڙي سلسلي وٽ پهتاسين ته سنگسيلا لڪ وٽ جديد هٿيارن سان مسلح بگٽي قبائلين ڪانواءِ جي صورت ۾ قافلي کي سڌو نواب اڪبر بگٽي جي قلعي واقع ڊيره بگٽي پهچايو. نواب جي قلعي ۾ هڪ نوجوان بگٽي سڀني کان وڌيڪ سرگرم نظر آيو، هر هڪ مهمان کان حال احوال ۽ ماني ٽڪي جي پئي پڇا ڪيائين. مان جڏهن نواب اڪبر بگٽي جي تاريخي ڪتبخاني ۾ بيٺو ڪتاب ڏسي رهيو هئس ته انهيءَ نوجوان مون کان پڇيو ته اوهان کي ڪهڙو ڪتاب کپي؟ تنهن تي مون مشهور انگريز مورخ ڊيمز جو لکيل ڪتاب The baloch race جي فرمائش ڪئي. تنهن تي ان بلوچ نوجوان هڪ بگٽي هٿياربند کي بلوچي ۾ ڪجهه چيو، چند لمحن بعد ڊيمز جو ڪتاب منهنجي هٿن ۾ هو. پڇا ڪرڻ تي خبر پئي ته هو نواب اڪبر بگٽي جو پوٽو برهمداغ بگٽي آهي.

    آئون ان ڏينهن 70 ڪلفٽن تي هئس، جڏهن جديد هٿيارن سان مسلح مري قبائلين جون گاڏيون اچي 70 ڪلفٽن پهتيون. ٻه ارڏا جوان جڏهن گاڏي مان لٿا ته مير مرتضيٰ ڀٽو سان ڀاڪرين پئجي ويا. بالاچ مري پنهنجي وڏي ڀاءُ گزين مري سان گڏ انهيءَ ڏينهن مون 70 ڪلفٽن ۾ ڏٺو. بلوچستان جي قومي تحريڪ جي ٻڍڙي سرواڻ نواب خير بخش مري جا فرزند گزين مري، هيربيار مري، بالاچ مري ۽ چنگيز مري مير مرتضيٰ ڀٽي جا افغانستان ۾ جلاوطنيءَ وارن ڏينهن جا يار هئا. ذوالفقار علي ڀٽي جي سرڪار وارن ڏينهن ۾ نواب خير بخش مري، مير شير محمد مري، سردار عطاءُ الله مينگل، مير غوث بخش بزنجو، مير گل خان نصير سميت اڪثر بلوچ اڳواڻ غداري جي الزام هيٺ قيد ڪاٽي رهيا هئا ته ٻئي طرف هزارين بلوچ قبائلي پهاڙن تي مورچابند هئا. اهڙي ويڙهاند دوران هزارين بلوچ خاندان پنهنجا اباڻا جهڳا ڇڏي، افغانستان هليا ويا. جيتوڻيڪ ڀٽو سرڪار وارن ڏينهن ۾ بلوچن کي ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پيا، پر وري به جڏهن جولاءِ 1977ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت برطرف ڪري ڀٽي کي جيل ۾ وجهي جڏهن جنرل ضياءُ قيد بلوچ پختون اڳواڻن ڏانهن دوستي جو هٿ وڌائڻ لاءِ پهتو ته باندي بلوچ اڳواڻن نواب خير بخش مري، نواب شير محمد مري، عطاءُ الله مينگل، مير غوث بخش بزنجو ۽ ٻين جنرل ضياءَ جو ساٿ ڏيڻ کان انڪار ڪيو. جنرل ضياءُ ته عطاءُ الله مينگل کي اها به آڇ ڪئي هئي ته عطاءُ الله مينگل جي پٽ اسد مينگل سميت تمام مارجي ويل بلوچن جي خون جو ڪيس ڀٽي تي داخل ڪرايو ته سرڪار ساڻن سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهي. تنهن تي اسير بلوچ اڳواڻ عطاءُ الله مينگل، جنرل ضياءَ کي جواب ۾ چيو ته اسين ڄاڻون ٿا ته اسد سميت هزارين بلوچن جي خون جا اصل قاتل ۽ جوابدار ڪير آهن.

    نواب خير بخش مري عملي طور سياسي جانشين بالاچ مري کي بڻايو هو، پر سندس شهادت بعد هينئر هربيار مري سرگرم آهي. اقوام متحده جي نمائندي جان سلوڪي جي اغوا بعد سندس آزادي لاءِ غلام محمد بلوچ سان گڏ هربيار مري پڻ ڪوششون ورتيون هيون. اڄڪلهه بلوچستان ۾ ڪاررواين جي حوالي سان بلوچستان لبريشن آرمي جو نالو اڪثر ورتو وڃي ٿو. بلوچستان جي قومپرست سياست تي گهري نظر رکندڙ حلقن جو چوڻ آهي ته بلوچستان لبريشن آرمي ماضي ۾ ماسڪو نواز بلوچ اسٽوڊنٽ آرگنائزيشن جو تسلسل آهي. ڪنهن دور ۾ ڊاڪٽر شاهه محمد مري، پروفيسر عزيز بگٽي، حبيب جالب بلوچ ۽ ٻيا بلوچ قومپرست اڳواڻ بي ايس او جا روح روان هوندا هئا. بي ايس او تي اهي ڏينهن ڏکيا هئا، جڏهن نعپ ٽٽي ته بي ايس او به حئي بلوچ، مينگل بگٽي، مري، بزنجو گروپن ۾ ورهائجي ويئي. بي ايس او جو نئون روپ 2000ع کان شروع ٿيو، جڏهن بلوچستان ۾ زيادتيون وڌيون ۽ مالي وسيلن تي بلوچستان کان ٻاهر وارا ماڻهو اچي ويا. جلسن جلوسن بک هڙتالن بجاءِ هٿياربند جدوجهد کي مسئلن جو حل سمجهندي بالاچ مري، برهمداغ، غلام محمد بلوچ ۽ ٻين هٿيار کنيا. سرڪار اهڙين ڪاررواين جو ماسٽر مائينڊ ماسڪو يونيورسٽي مان اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ۾ ماسٽرس ڪيل بالاچ مري ۽ برهمداغ بگٽي کي قرار ڏنو. مري بگٽي ايريا ۾ آپريشن تيز ٿيڻ بعد نواب بگٽي کي آخرڪار 26 آگسٽ 2006ع تي تارنتائي جي جبلن ۾ شهيد ڪيو ويو. نومبر 2007ع ۾ بالاچ مري پراسرار طور شهيد ڪيو ويو. هاڻ تازو غلام محمد بلوچ، لالا منير ۽ شير محمد بگٽي کي شهيد ڪيو ويو آهي، سرڪار وقت بوقت بلوچستان جي اهڙين حالتن پويان هندستان ايران ۽ ٻين طاقتن جي ملوث هئڻ جو تاثر ڏيندي رهي آهي.

    هن وقت بلوچستان جون حالتون انتهائي خراب آهن. پنجابي، اردو ۽ ٻيا سيٽلر پاڻ کي غير محفوظ سمجهندي تيزي سان بلوچستان مان پنهنجو لڏو کڻي رهيا آهن. بلوچستان اندر وفاقي ۽ صوبائي سرڪار ۾ خدمتون انجام ڏيندڙ غير بلوچ آفيسر ۽ ملازم پاڻ کي غير محفوظ تصور ڪري رهيا آهن. ڪو اهڙو ڏينهن ڪونهي، جو سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي، تيل ۽ گئس سميت اهم تنصيبات کي نشانو نه بڻايو ويندو هجي. بلوچستان ۾ رهندڙ غير بلوچ ڪٽنب پنهنجي ٻارن کي بلوچستان جي تعليمي ادارن مان ڪڍي لاهور، اسلام آباد، ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ داخل ڪرائي رهيا آهن. بلوچستان مسئلي جو جيڪڏهن ڪو سياسي حل نه ڪڍيو ويو ته صورتحال هٿن مان نڪري ويندي.

    zulfiqarqadri@hotmail.com
     
  7. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم ذوالفقار قادري جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    پ پ ۽ متحده جو غير مشروط اتحاد ڪيئن هلي سگهندو؟




    اربع 9 اپريل 2008ع



    هي انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن ڪراچي ۽ حيدرآباد جي اڪثر اردو ڳالهائيندڙ آبادي جماعت اسلامي ۽ مولانا شاهه احمد نورانيءَ جي زير اثر هئي. ستر جي چونڊن ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد جون اڪثر سيٽون مذهبي جماعتن کٽيون هيون. ذوالفقار علي ڀٽي خلاف پي اين اي واري 1977ع جي تحريڪ ۾ به سنڌ جا اهي ٻئي شهر ڀٽو مخالف تحريڪ ۾ پيش پيش هئا. ايشيا جي ماڊل ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَ جي مارشلائي ڏهاڙن ۾ 8 آگسٽ 1986ع تي آل پاڪستان مهاجر اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن پاران نشتر پارڪ ۾ جلسو ٿيو، جنهن ۾ شاگرد تنظيم کي باضابطه جماعت ۾ تبديل ڪري، نوجوان الطاف حسين مهاجر قومي موومينٽ ٺاهڻ جو اعلان ڪيو. 31 آڪٽوبر 1986ع تي ايم ڪيو ايم قائد الطاف حسين جڏهن پڪي قلعي حيدرآباد ۾ هڪ جلسي کي خطاب ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو هو، ته سهراب ڳوٺ وٽ اردو ۽ پشتو ڳالهائيندڙن وچ ۾ ٽڪراءُ ٿي پيو. پوءِ اها باهه ڪراچيءَ کان حيدرآباد تائين پکڙجي وئي. هڪ ڏينهن ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ سئو کان وڌيڪ ماڻهو موت جو کاڄ بڻجي ويا. اها راند اتي بس نه ٿي، پر 16 ڊسمبر 1986ع تي جيڪي فساد ٿيا، ان ۾ علي ڳڙهه ڪالوني ۽ قصبه ڪالونيءَ ۾ ٻه سئو کان وڌيڪ مرد، عورتون، ٻار مارجي ويا.

    ان سڄي ايڪسرسائيز جو نتيجو اهو نڪتو، جو نومبر 87ع وارين بلدياتي چونڊن ۾ ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد جا ميئر اهي ماڻهو چونڊجي ويا، جن کي متحده جي حمايت حاصل هئي. مذهبي ڌرين جي اميدوارن کي شڪست آئي. جماعت اسلامي ۽ جمعيت علماءِ پاڪستان نوراني گروپ جو اثر گهٽجي ويو. پ پ کي انهن ئي علائقن مان ووٽ ملندا هئا، جيڪي روايتي طور بلوچ -سنڌي آباديءَ تي مشتمل هئا. 29 مئي 1988ع تي جڏهن جنرل ضياءَ پنهنجي ئي چونڊرايل وزير اعظم محمد خان جوڻيجي کي برطرف ڪيو ته طويل عرصي بعد 70 ڪلفٽن تي محترمه بينظير ڀٽو سان پروفيسر غفور ۽ مولانا شاهه احمد نوراني ملاقات ڪئي. پ پ ملڪ جي وڏي سياسي جماعت ۽ محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي ذات ۾ وڏي پارٽي جي سربراهه سان گڏ قد آور شخصيت هئي. ايم ڪيو ايم جڏهن ڏٺو ته سندس مخالف مذهبي جماعتون پ پ کي ويجهو پيون ٿين ته 7 آگسٽ 88ع تي الطاف حسين، عظيم طارق، عمران فاروق ۽ اجمل دهلويءَ 70 ڪلفٽن تي محترمه بينظير ڀٽو سان ملاقات ڪئي. جنرل ضياءَ کي ايم ڪيو ايم مان اها توقع نه هئي ته سندس قيادت جنرل ضياءَ جي وڏي ۾ وڏي مخالف اڳواڻ بينظير ڀٽو سان ملاقات ڪندي. 17 آگسٽ 88ع تي جنرل ضياءَ حادثاتي موت مري ويو. پاڪستان جي نئين قيادت آڪٽوبر ۾ عام چونڊن جو اعلان ڪيو. جيڪي قوتون نه پيون چاهن ته عام چونڊون ٿين، انهن 30 سيپٽمبر ۽ پهرين آڪٽوبر 1988ع تي حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ تاريخ جا بدترين فساد ڪرايا. ان جي باوجود 1988ع وارين چونڊن ۾ پ پ اڪثريتي پارٽيءَ طور اڀري آئي. ايجنسين پاران آءِ جي آءِ جي قيام باوجود پ پ 93 سيٽون قومي اسيمبليءَ ۾ کٽي آئي. جڏهن ته ايم ڪيو ايم ڪراچي ۽ حيدرآباد جون 13 قومي اسيمبليءَ جون سيٽون کنيون. سنڌ صوبائي اسيمبليءَ ۾ پ پ 68، جڏهن ته ايم ڪيو ايم 26 سيٽون کنيون. سنڌ حڪومت ته پ پ ڪنهن جي مدد کان سواءِ به ٺاهڻ واري پوزيشن ۾ اچي وئي هئي، پر کيس مرڪزي حڪومت ٺاهڻ لاءِ 13 ووٽن جي ضرورت هئي. محترمه بينظير ڀٽو کي گهربل 13 ميمبر نواب اڪبر بگٽي ۽ ٻين آزاد ميمبرن جي حمايت سان حاصل ٿي چڪا هئا، پر بينظير سڀني سياسي ڌرين کي گڏ کڻي هلڻ واري سوچ رکندي، 21 نومبر 1988ع تي پنهنجي ور آصف علي زرداري، سيد قائم علي شاهه، پروفيسر اين ڊي خان، اقبال يوسف، پي ڪي شاهاڻي ۽ ٻين سان الطاف حسين جي رهائش گاهه عزيز آباد پهتي. عزيز آباد جا سڀ روڊ رستا بينظير ڀٽو جي استقبال لاءِ سينگاريا ويا. مڻين گل بينظير تي نڇاور ٿيا. محترمه بينظير کي الطاف حسين قرآن شريف جو تحفو ڏنو. بينظير الطاف ڀيڻ ڀاءُ جا نعرا هنيا ويا. ڳالهين ۾ مذاڪراتي ڪاميٽي تشڪيل ڏني وئي. 29 نومبر تي 59 نڪتن تي اتفاق ٿيو. پهرين ڊسمبر تي معاهدي تي صحيحون ٿيون. پ پ پاران سيد قائم علي شاهه ۽ ايم ڪيو ايم پاران طارق عظيم معاهدي تي صحيح ڪئي. ايم ڪيو ايم کي ڊپٽي اسپيڪري ۽ ٽي وزارتون ڏنيون ويون. محترمه بينظير ڀٽو کي اهو چڱيءَ ريت احساس هو ته ڪراچي سنڌ جي دل کان علاوه مني پاڪستان آهي. گڏوگڏ صنعتي ۽ معاشي حوالي سان به اهم شهر آهي. سو محترمه 1988ع ۾ وزارت اعظميٰ سنڀاليندي ئي ڪراچيءَ جي ترقيءَ لاءِ ڪئين ميگا پراجيڪٽ شروع ڪيا. انهن ۾؛

    (1) نيشنل ڊيولپمينٽ والنٽيئر پروگرام (اين ڊي وي پي) ذريعي ڪراچيءَ جي 20 هزار نوجوانن کي سڌو سنئون روزگار مليو.

    (2) 90-1988ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ٽرانسپورٽ ۽ مواصلات جي بهتريءَ لاءِ ڪراچي ماس ٽرانزٽ اسڪيم جو آغاز ٿيو.

    (3) ڪراچيءَ ۾ پاڻيءَ جي قلت کي منهن ڏيڻ لاءِ گريٽر واٽر سپلاءِ اسڪيم (عظيم فراهميءِ آب منصوبه) شروع ڪيو ويو. جنهن سان ڏهه ڪروڙ گيلن پاڻي واڌو فراهم ڪيو پئي ويو.

    (4) اسٽيل مل، پي آءِ اي، تعليم، صحت، سماجي ڀلائي ۽ ٻين کاتن ۾ هزارين نوجوان روزگار سان لڳايا ويا.

    (5) تعليم جي بهتريءَ لاءِ ٽيهن کان مٿي اسڪول ڊي نيشنلائيز ڪيا ويا.

    (6) ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن کي اربين روپيا ڏنا ويا.

    (7) فون، بجلي ۽ گئس جا ڏهه لک ڪنيڪشن فراهم ڪيا ويا.

    (8) محترمه بينظير ڀٽو ڪراچي پيڪيج تحت ڪراچيءَ جي ترقيءَ لاءِ چاليهه ارب روپين جي گرانٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو.

    بينظير ڀٽو جي انهن قدمن ايم ڪيو ايم قيادت کي رنجائي وڌو. هنن پ پ تي مختلف دٻاءَ وجهڻ شروع ڪيا. ابتدا ۾ هنن بينظير سرڪار کان مطالبو ڪيو ته غوث علي شاهه ۽ اختر قاضيءَ جي دور ۾ ايم ڪيو ايم جي گرفتار ٿيل ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي. محترمه بينظير اهڙي مطالبي مڃڻ بجاءِ کين عدالتن سان رجوع ڪرڻ جو مشورو ڏنو ۽ پوءِ لاڳاپا بگڙجندا ويا. ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ سياسي ڪارڪنن جي اغوا جو سلسلو شروع ٿيو. حيدرآباد جا سنڌي پاڙا کوکر محلو، ڪچو قلعو، پڪو قلعو، ٽيون نمبر تلاءُ، ٽنڊو آغا، ٽنڊو ولي محمد، مرزا پاڙو فسادن جي زد ۾ رهيا. ايم ڪيو ايم بينظير ڀٽو خلاف پيش ڪيل عدم اعتماد واري تحريڪ ۾ پيش پيش رهي. ڪراچيءَ ۾ اغوا ٿيل نوجوان ڪور ڪمانڊر جي ٽياڪڙيءَ ۾ آزاد ٿيا. 1989ع ۽ 1990ع جي بدترين فسادن جو شڪار ٿيل بي گهر سنڌين هڪ ٻي حيدرآباد قاسم آباد ۾ جوڙي. بينظير جي ٻئي دور حڪومت کي به ايم ڪيو ايم سولائي سان هلڻ ڪو نه ڏنو. مشرف سرڪار جا ڏهه سال شهري تنظيم پاور ۾ رهي. سنڌ جي گاديءَ وارو شهر ڪراچي سنڌين لاءِ اوپرو ڪيو ويو. ڪراچيءَ جون زمينون، تعليمي ادارا، وسيلا، هڪ مخصوص گروهه جي هٿن ۾ رهيا. سنڌ جو ڊوميسائل ڪراچيءَ ۾ قابل قبول نه رهيو. منور سهروردي، عبدالله مراد سميت ڪئين ڳڀرن جا لاش موڪليا ويا. شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي شهادت تي سنڌي ماڻهن جي دک درد ۽ ردعمل جو مذاق اڏايو ويو.

    2002ع وارين چونڊن ۾ به سنڌي ماڻهن پاران پ پ کي ڏنل مينڊيٽ جي ابتڙ اسٽيبلشمنٽ پاران کيڏيل گيم جو حصو بڻجي، فائدا حاصل ڪيا ويا. پورا پنج سال خوب اقتداري مزا ماڻيا ويا. اڃا ته اها به تحقيقات ٿيڻي آهي ته 18 آڪٽوبر تي شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي وطن واپسيءَ وقت ڪارساز ڌماڪي کان اڳ اسٽريٽ لائيٽون ڪيئن بند ٿيون. بهرحال شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت بعد سنڌي ماڻهن وري پنهنجو ووٽ پ پ جي جهوليءَ ۾ ڦٽو ڪيو آهي. ٿيڻ ته ائين کپندو آهي ته پ پ اڪيلي سر سنڌ سرڪار جوڙي ها، جيئن 1993ع ۾ شهيد راڻي بينظير اڪيلي سر سنڌ سرڪار جوڙي هئي. پوءِ به پ پ شريڪ چيئرمين آصف علي زرداريءَ متحده ڏانهن جيڪو هٿ وڌايو آهي، يقينن ڀائپي، دوستي ۽ هڪ نئين دور جي آغاز لاءِ آهي. آصف زرداري جيڪا عزت ۽ اهميت متحده قيادت کي ڏني آهي، ان تي نه فقط سندس اتحادي نواز شريف، اسفند يار وليءَ کي تحفظات آهن، پر سنڌي ماڻهو به خوش ناهن. هن پنهنجي ٽوپي لاهي فاروق ستار کي پارائي. مقام تي وڃي الطاف حسين جي ڀاءُ ۽ ڀائٽي لاءِ دعا به گهري. ظاهر آهي ته ڪو به سياڻو ماڻهو دنگو فساد جهيڙو جهٽو نه چاهيندو. امن هر ڪنهن کي عزيز آهي. خاص طور سنڌ ۽ سنڌين ڏاڍو ڀوڳيو آهي. سنڌي ماڻهو به چاهين ٿا ته سنڌ امن جي ڌرتي بڻجي،ڪراچي روشنين جو شهر رهي. خوف جو راڪاس وري وسندين ڏانهن نه اچي. سنڌ ڌرتيءَ تي رهندڙ سنڌي اردو ڳالهائيندڙ پيار محبت سان رهن، پر ڪراچي ڪنهن مخصوص ڌر جو شهر ته ناهي. اڳ جيڪا پ پ قومي ۽ صوبائي چونڊن ۾ رڳو چار پنج لک ووٽ کڻندي هئي، هاڻ پ پ کي مليل سمورا ووٽ جوڙ ڪبا ته ان ڏهن لکن کان مٿي ووٽ کنيا آهن. پ پ جي محبت جي سزا جيڪا ڪراچي واسين کي ملي ٿي، ان جو ليکو به ٿيڻ گهرجي. پر پ پ قيادت وٽ اها ڪهڙي گارنٽي آهي ته آئنده ايم ڪيو ايم مخالفن جي ساٿاري نه بڻجندي؟ سنڌي ماڻهن کي پنهنجو وڏو ڀاءُ تسليم ڪندي، سندن هر ڏک سک ۾ ساڻن گڏ رهندي ۽ ڪراچيءَ جا دروازا سنڌ جي اصلوڪن رهواسين تي بند نه ڪيا ويندا؟ ڇا پنهنجي ٽوپي لاهي فاروق ستار کي پارائي، جيئي الطاف جا نعرا هڻندڙ آصف زرداريءَ کي اها پڪ آهي ته متحده ڏکئي وقت ۾ کين واقعي به اڪيلو نه ڇڏيندي؟. مڃون ٿا ته ايندڙ وقت ۾ ميان نواز شريف جي بيساکيءَ تي هلندڙ پ پ سرڪار کي نواز شريف جي هٿ ڪڍڻ جي صورت ۾ ٻين سياسي ڌرين جي ضرورت پوندي، پر متحده سان ٺاهه ڪرڻ لاءِ ڪي ته شرط به طئي ٿيڻ گهرجن. غير مشروط ٺاهه ڪيترو وقت هلي سگهندو؟.

    zulfiqarqadri@hotmail.com
     
  8. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم ذوالفقار قادري جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    موجوده پ پ قيادت کي پنهجن وساريل ڪارڪنن جي سار لهڻ گھرجي؟




    سومر 9 نومبر 2009ع



    30 نومبر 1967ع ۾ لاهور ۾ ڊاڪٽر مبشر حسن جي گهر تي ڪوٺايل اجلاس ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيام جو باضابطه اعلان پئي ڪيو ته ان وقت ذوالفقار علي ڀٽي جي ساٿين ۾ جي اي رحيم، معراج محمد خان، ملڪ حامد سرفراز، راڻا شوڪت محمود، حنيف رامي، اسلم گورداسپوري، حيات محمد خان شير پائو، شيخ رشيد، خورشيد حسن مير، طارق عزيز، ڪامريڊ غلام محمد، عبدالوحيد ڪٽپر، عبدالرزاق سومرو، چاڪر علي جوڻيجو، مير رسول بخش ٽالپر گڏ هئا، گڏ ته ڀٽي صاحب سان ان وقت مخدوم طالب الموليٰ، ممتاز علي ڀٽو، غلام مصطفيٰ کر، غلام مصطفيٰ جتوئي، عبدالحفيظ پيرزادو ۽ ٻيا به هئا، پر مغربي پاڪستان اسيمبلي جي ميمبر هئڻ سبب ان ڏينهن واري اجلاس ۾ شريڪ ٿي نه سگهيا. شروعاتي ڏينهن ۾ جڏهن پاڪستان پيپلز پارٽي ٺهي هئي ته، ملڪ جي جاگيردارن، وڏيرن، نوابن ۽ سردارن ڀٽي تي ٺٺوليون پئي ڪيون ته ڀٽي ٽانگي وارن جي پارٽي جوڙي آهي، پر اهو ڀٽي جي طلسماتي شخصيت ۽ پارٽي جو اٽي، لٽي ۽ اجهي واري پروگرام جو اثر هو، جو پيپلز پارٽي راتو رات هن ملڪ جي مقبول عام پارٽي بڻجي اڀري. ذوالفقار علي ڀٽي جڏهن اقتدار ماڻيو ته معراج محمد خان، جي اي رحيم، خورشيد حسن مير، ڪامريڊ غلام محمد ۽ محمود علي قصوري پارا پراڻا ساٿي ڀٽي صاحب کان پري ٿي ويا يا پري ڪيا ويا، انهن جي جاءِ نواب صادق حسين قريشي، رفيع رضا، مسعود محمود، حيات ٽمن، يوسف بچ، وقار احمد خان، شيخ اڪرام، افضل سعيد پارن اچي ولاري ۽ وزير اعظم ڀٽو جي سرڪار جو وهنوار هلائڻ جا ڪرتا ڌرتا بڻجي ويا. اهي ئي شاهه کان وڌيڪ شاهه جا وفادار هئا، جن ذوالفقار علي ڀٽي کي هڪ سازش تحت وقت کان اڳ 1977ع ۾ مارچ واريون عام چونڊون ڪرائڻ جي صلاح ڏني ۽ پوءِ اها ڳالهه ڀٽي صاحب کي ايڏي مهانگي پئي جو پاڪستان پيپلز پارٽي کان اقتدار ته کسيو ويو، پر مورڳو ذوالفقار علي ڀٽو قيد ڪيو ويو ۽ وزارت عظميٰ جي آخري ڏينهن ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جا اهي ساڳيا رفيع رضا، مسعود محمود، يوسف بچ، حيات ٽمن ۽ ٻيا ڪي ڀٽي کي اڪيلو ڇڏي، ملڪ مان ڀڄي ويا ته ڪن جنرل ضياءَ کي معافي نامه پئي لکي ڏنا ته ڪن وري ڀٽي صاحب تي وعده معاف گواهه بڻجي شاهديون پئي ڏنيون، پر جنهن انداز سان ذوالفقار علي ڀٽي ڦاهيءَ جو رسو چميو، تنهن سان ڀٽو پنهنجون سڀ خاميون عوام آڏو ڌوئي اڇو اجرو ٿي ويو ۽ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو جي مٽيءَ سان وڃي مليو.

    پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ جي واحد ملٽي ڪلاس پارٽي آهي، جنهن ۾ هاري کان جاگيردار تائين، مزدور کان سرمائيدار تائين، شاگرد کان دانشور تائين شامل آهن ۽ اهو ذوالفقار علي ڀٽي ۽ شهيد بينظير ڀٽو جو ڪمال هو، جن ان سڄي منڊل کي سهيڙي پئي هلايو. محترمه بينظير جي شهادت بعد پيپلز پارٽي طويل اقتداري بي دخلي بعد وري ايوان اقتدار ۾ پهتي، هن دفعي پيپلز پارٽي قيادت تي تمام گهڻا بار هئا، شهيد راڻي بينظير جي خونِ ناحق سان گڏ مير مرتضيٰ ڀٽو جي خون جي به پوئواري ڪرڻي هئي، عوام جون هيڪانديون اميدون ۽ ڪارڪنن جون آسون به پوريون ڪرڻيون هيون، پارٽي قيادت تي ڀاري ذميواريون عائد ٿيل هيون، پر بجاءِ وقت ۽ تاريخ کان سکڻ جي، ٻيهر تاريخي غلطيون ڪيون ويون، ماضيءَ ۾ شهيد بينظير صاحبه جا صلاحڪار مخدوم امين فهيم، ناهيد خان، ڊاڪٽر صفدر عباسي، نواب يوسف ٽالپر، انوار بيگ، رضا رباني، تاج حيدر، اين ڊي خان، عبدالرزاق سومرو، غلام الله ماهوٽو، قاضي محمد بخش ڌامراهه جهڙا جهونا ۽ قرباني ڏيندڙ ماڻهو هئا، پر هينئر ايوان صدر ۽ حڪومتي وهنوار فاروق نائڪ، ڊاڪٽر بابر اعواڻ، رحمان ملڪ، شوڪت ترين، فرح ناز اصفهاني، حسين حقاني، فوزيه وهاب، ڊاڪٽر عاصم، ڊاڪٽر قيوم سومرو جهڙن يارن دوستن حوالي آهي، انهن يارن دوستن کي پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪلچر ۽ مذاج جي ڪهڙي خبر ته پ پ جو جيالو ڪهڙي خمير مان ٺهيل آهي؟ ذوالفقار علي ڀٽي ۽ شهيد بينظير صاحبه جي وزارت اعظميٰ جي وقت ۾ ڀٽو صاحب ۽ بينظير صاحبه سرڪاري مصروفين باوجود ورڪرن سان سال ۾ ڪيئي موقعا ڪڍي، ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويٺا هوندا هئا. وزير اعظم هائوس ۽ سيڪريٽريٽ ۾ ته بينظير صاحبه خاص طور ورڪرن ۽ سنڌ جي ماڻهن لاءِ خاص ڏهه ماڻهو مقرر ڪرڻ کان علاوه سيل پڻ جوڙي ڇڏيا هئا، جيڪي خاص سنڌ جي ماڻهن ۽ ورڪرن جي مسئلن تي ڪم ڪندا هئا. موجوده پ پ سرڪار کي اقتدار ۾ آئي ٻيو سال پيو هلي، پ پ قيادت ٻڌائڻ پسند ڪندي ته صدر مملڪت ۽ وزير اعظم صاحب سنڌ جا گهڻا دورا ڪري سنڌي ماڻهو کان اهنج آزار معلوم ڪيا آهن؟ ايوان صدر ۽ وزير اعظم هائوس واري رستي تي ڪنهن ڪارڪن کي وڃڻ جي اجازت آهي؟

    آخر ۾ پ پ قيادت کي عرض آهي ته ڪارڪن ۽ سينيئر اڳواڻن کي گڏ کڻي هلن، هونئن به اسٽيبلشمينٽ پ پ سرڪار کي ايوان اقتدار مان ڪڍڻ جي ريهرسل ۾ رڌل ٿي ڏسجي، تنهن ڪري پ پ قيادت کي وري به ڪارڪنن سان رجوع ڪرڻو پوندو.

    zulfiqarqadri@hotmail.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو