اڃان ميچ کٽڻ جو آسرو آهي۔۔۔

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏8 آگسٽ 2010۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    دوستو! پاڪستان ۽ انگلينڊ‌جي وچ ۾ هلندڙ ٽيسٽ ميچ ۾ هينئر دلچسپ صورتحال پيدا ٿي وئي آهي ڇو ته پاڪستان جي ليڊ 112 ٿي وئي آهي ۽ ان جي آخري وڪٽ باقي آهي۔ هينئر عمر گل ۽ محمد آصف آخري وڪٽ جي پارٽنرشپ ۾ ڪريز تي موجود آهي۔ جيڪڏهن پاڪستان جا ٽيل اينڊرز ۽ نئون وڪيٽ ڪيپر ذوالقرنين همت نه ڪن ها ته پاڪستان اڄ يقيني طور تي اننگز جي شڪست جي خطري ۾ ڦاتل هو، 101 رنسن تي 6 وڪيٽن جي خاتمي بعد ذوالقرنين حيدر ۽ محمد عامر جي وچ ۾ 52 رنسن جي پارٽنرشپ لڳي ۽ ان کان بعد ذوالقرنين حيدر ۽ سعيد اجمل جي وچ ۾ 115 رنسن جي پارٽنرشپ قائم ٿي جنهن پاڪستان کي خساري کان بچائي ليڊ جي ڪنڊيشن ۾ آندو، انهيءَ‌کان بعد سعيد اجمل پنهنجي ڪيريئر جي پهرين ففٽي ٺاهي آئوٽ ٿي ويو‌۽‌ ذوالقرنين حيدر 88 رنسون ٺاهي آئوٽ‌ٿي ويو، هينئر ٽئين ڏينهن جي اختتام تي پاڪستان جو اسڪور 291 ۽‌9 رانديگر آئوٽ آهن ۽‌112 رنسن جي ليڊ حاصل اٿن۔۔
     
  2. ريحان ڪيريو

    ريحان ڪيريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    345
    ورتل پسنديدگيون:
    141
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مان ايم بي اي جو شاگرد آهيان
    ماڳ:
    سڪرند، سنڌ
    جواب: اڃان ميچ کٽڻ جو آسرو آهي۔۔۔

    ها ادا مون ميچ ڏٺو پئي سائين سلمان بٽ رڳو تاڙيون پئي وڃايون باقي بيٽنگ کان ٻرو ادا اهڙا جي ڪيپٽن هوندا ته پوءِ شرم اچڻ گهرجي اهڙن ڪيپٽنن ۽ بيٽسمينن کي جو بالرن جيترو اسڪور به نه ٺاهي سگهيا،

    ادا ڪجھ ٽائيم اڳ ۾ هڪ نيوز پيپر ۾ پڙهيو هو ته کدڙن جي ٽيم جو ڪنهن ٽيم سان ميچ ٿيو هو جنهن ۾ کدڙن جي ٽيم فتح حاصل ڪئي، ادا لڳي ٿو اهو ڏينهن پري نه آهي جو کدڙا به پاڪستان جي ٽيم جاءِ حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪندا،

    هاهاهاهاهاها

    سلمان بٽ کي کپي ته هو کدڙن جي ٽيم جو ڪيپٽن ٿئي نه ڪي پاڪستان جو،
    ڇو ته جڏهن کان ڪيپٽن ٿيو آهي بيٽنگ وسري وئي اٿس،
    بس رڳو تاڙيون ڏاڊيون ٿو وڃائي،
     
  3. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: اڃان ميچ کٽڻ جو آسرو آهي۔۔۔

    مان هڪ بال به نه ڏٺي آهي پاڪستان سان گڏ پاڪستان جي ٽيم به ختم ٿيندي نظر اچي رهي آهي
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: اڃان ميچ کٽڻ جو آسرو آهي۔۔۔

    ادا بٽن ته پاڪستاني راندين جو ڪارو منهن ڪيو آهي، اعجاز بٽ جيڪو سلمان بٽ جو مائٽ به آهي، انهيءَ‌ جي اچڻ سان پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم هيرو کان زيرو ٿي وئي آهي، هوڏانهن هاڪي ۾ ريحان بٽ به پاڪستاني هاڪيءَ جو نالو خراب ڪرڻ جي پٺيان لڳو پيو آهي، بس ادا ڇا ٿا ڪري سگهون۔
     
  5. ريحان ڪيريو

    ريحان ڪيريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    345
    ورتل پسنديدگيون:
    141
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مان ايم بي اي جو شاگرد آهيان
    ماڳ:
    سڪرند، سنڌ
    جواب: اڃان ميچ کٽڻ جو آسرو آهي۔۔۔

    ادا هٿ مٿي ڪري سڄي زندگي پاڪستان جي لاءِ دعا ئي ڪندا رهو پوءِ به ادا اُنهن کي ڪو فرق نه ٿو پوي ڇو ته ڪرڪيٽ هاڻ پيسي ڪمائڻ جو بزنس ٿي ويو آهي باقي وطن کي ڪير ٿو ليکي پاڪستاني ڇورا ته اڳي ئي لالچي هوندا آهن جيترو ملندن سمجھ اوترو گهٽ مليو اٿن،

    منهنجي خيال ۾ امداد وٽڻ لاءِ هي ميچ به انگلينڊ کي ڏيندا،
     
  6. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: اڃان ميچ کٽڻ جو آسرو آهي۔۔۔

    ادا راند آهي۔۔۔ پر اچي اهڙن جي هٿ وئي آهي جيڪي ان کي بزنس بڻائي ويٺا آهن، جيڪڏهن کٽڻ جا 10 لک ۽ هارائڻ جا ڪروڙ ملن ته پوءِ اهي نڀاڳا کٽيندا ٿوڙئي، هارائيندا۔۔۔۔ سو قصو اهو ئي پيو هلي،، سعيد اجمل ۽ محمد عامر جهڙا بالر بهترين اسڪور ٿا ڪن باقي سلمان بٽ ۽ عمر اڪمل جهڙا رانديگر ٻڙيون ٺاهي هلي پون ٿا۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو