مست
سينيئر رڪن
دوستو! پاڪستان ۽ انگلينڊجي وچ ۾ هلندڙ ٽيسٽ ميچ ۾ هينئر دلچسپ صورتحال پيدا ٿي وئي آهي ڇو ته پاڪستان جي ليڊ 112 ٿي وئي آهي ۽ ان جي آخري وڪٽ باقي آهي۔ هينئر عمر گل ۽ محمد آصف آخري وڪٽ جي پارٽنرشپ ۾ ڪريز تي موجود آهي۔ جيڪڏهن پاڪستان جا ٽيل اينڊرز ۽ نئون وڪيٽ ڪيپر ذوالقرنين همت نه ڪن ها ته پاڪستان اڄ يقيني طور تي اننگز جي شڪست جي خطري ۾ ڦاتل هو، 101 رنسن تي 6 وڪيٽن جي خاتمي بعد ذوالقرنين حيدر ۽ محمد عامر جي وچ ۾ 52 رنسن جي پارٽنرشپ لڳي ۽ ان کان بعد ذوالقرنين حيدر ۽ سعيد اجمل جي وچ ۾ 115 رنسن جي پارٽنرشپ قائم ٿي جنهن پاڪستان کي خساري کان بچائي ليڊ جي ڪنڊيشن ۾ آندو، انهيءَکان بعد سعيد اجمل پنهنجي ڪيريئر جي پهرين ففٽي ٺاهي آئوٽ ٿي ويو۽ ذوالقرنين حيدر 88 رنسون ٺاهي آئوٽٿي ويو، هينئر ٽئين ڏينهن جي اختتام تي پاڪستان جو اسڪور 291 ۽9 رانديگر آئوٽ آهن ۽112 رنسن جي ليڊ حاصل اٿن۔۔