• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

درويشاڻي صفت

نثارابڙو

نائب منتظم
هڪڙو هو بادشاهه، بادشاهه ته الله پر هي زماني جو بادشاه هو، سندس هڪ پٽ هو جيڪو درويشاڻي صفت جو مالڪ هو انڪري هو ڪنهن شئي جي طمع کان آري، وتندو هو الله لوڪ ماڻهن سان ملندو، رب جي تعريف ڪندو ۽ باقي نه ته ڪا دنياوي خواهش ڪندو هو ۽ نه وري هن دنيا جي رنگينيءَ کي اپنائيندو هو ۔۔۔

ڳالهه کٽائڻي سو هڪ ڏينهن ان درويش جي پنهنجي پيءُ بادشاه سلامت سان ملاقات ٿي وئي ۔۔۔ پيءُ جي پدري شفقت کي پٽ جي درويشاڻي حالت ڏسي رهيو نه ٿيو ۽ کيس چيائين ته پٽ جي مونکا ڪجهه گهري وجهين ته جيڪر تون به ٻين ڀائرن جيئان سکيو ستابو هجين هان ۔۔۔

پٽ جواب ڏنو” بابا ! گستاخي معاف، اوهان ڇا ڏئي سگهوٿا؟
پيءُ وراڻيو ؛ پٽ! هي سڄو ملڪ منهنجو آهي، زمينون منهنجيون آهن، مال ملڪيت منهنجو آهي، هيرا جواهر منهنجا آهن، مطلب ڇا نه آهي ۔۔۔۔؟
پٽ چيو! بابا سائين گستاخي معاف جي آءُ اوهانکا ٻه سوال ڪريان ته جواب ملندو؟
پيءُ چيو” چئه پٽ“
بابا سائين مثال جي طور اوهان شڪار تي وڃي رهيا آهيو، شڪار جي پويان ڊوڙندي ڊوڙندي اوهانکي سخت اڃ لڳي ۽ اوهان وٽ پاڻي به نه هجي ۽ ان اڃ سبب اوهانکي پنهنجي موت نظر اچي ۽ ان دوران ڪو ماڻهون اچي اوهانکي اهو چوي ته آءُ اوهانکي هڪ گلاس پاڻيءَ جو ڏيندس پر بدلي ۾ اوهانجي اڌ بادشاهي منهنجي، جي منظور ته ٺيڪ جي نه ته الله واهي، بابا سائين اوهان ڪهڙو جواب ڏيندا؟“
پيءُ واراڻيو ته ” اڌ بادشاهي ڏئي ڇڏيندس“ جيءُ هوندو ته جهان هوندو“
چڱو بابا، ٻيو سوال، ته اوهان اهو پاڻي پي ورتو ۽ هاڻ اهو پاڻي اوهانجي نرن ۾ وڃي ڦاسي پوي ۽ اوهانکي پيشآب نه اچي ۽ اوهان سخت مريض ٿي وڃو جو اوهانجي جان تي اچي وڃي، ان دوران هڪ طبيب اچي ۽ اهو چوي ته آءُ اوهانجو علاج ڪريان پر شرط ته اوهان پنهنجي رهيل اڌ بادشاهي به مونکي ڏيندا ته ٺيڪ نه ته پنهنجي الله واهي ۔۔۔ بابا اوهان ڇا ڪندا؟
پيءُ واراڻيو ته ، پٽ! آءُ اها اڌ بادشاهي به ڏئي ڇڏيندس، جيءُ آهي ته جهان آهي“
پٽ واراڻيو ته بس بابا، ثابت ٿيو ته اوهانجي سڄي بادشاهيءَ جي قيمت هڪ گلاس پاڻيءَ جو آهي ته هاڻ اوهان ان مان مونکي ڇا ڏيندا ۔۔۔ آءُ صرف پنهنجي رب کان گهرندو آهيان، ۽ اهو رب ستار آهي، اهو سڀ جون حاجتون پوريون ڪندو آهي ۔۔۔ انسان کي ڪهڙي طاقت جو هو ڪنهنجي حاجت پوري ڪري سگهي ۔۔۔

******
حاصل مطلب ته دنيا جي رنگيني ڪجهه به ناهي صرف ٻن ڏينهن جي راند آهي ۔۔۔ رب جو قرب حاصل ڪجي ته هن دنيا ۾ آباد ته ٻي دنيا ۾ به سرخرو ۔۔۔ انسان ته سڀ حاجت مند آهن، حاجت روا ته هو رب العالمين آهي ۔۔۔ اچو ته اسين سڀ حاجتون ان کان ئي گهرون ۔۔۔

ستر ڪج ستار، آءُ اگهاڙي آهيان۔۔۔
 
جواب: درويشاڻي صفت

پٽ واراڻيو ته بس بابا، ثابت ٿيو ته اوهانجي سڄي بادشاهيءَ جي قيمت هڪ گلاس پاڻيءَ جو آهي ته هاڻ اوهان ان مان مونکي ڇا ڏيندا ۔۔۔ آءُ صرف پنهنجي رب کان گهرندو آهيان، ۽ اهو رب ستار آهي، اهو سڀ جون حاجتون پوريون ڪندو آهي ۔۔۔ انسان کي ڪهڙي طاقت جو هو ڪنهنجي حاجت پوري ڪري سگهي ۔۔۔

******
حاصل مطلب ته دنيا جي رنگيني ڪجهه به ناهي صرف ٻن ڏينهن جي راند آهي ۔۔۔ رب جو قرب حاصل ڪجي ته هن دنيا ۾ آباد ته ٻي دنيا ۾ به سرخرو ۔۔۔ انسان ته سڀ حاجت مند آهن، حاجت روا ته هو رب العالمين آهي ۔۔۔ اچو ته اسين سڀ حاجتون ان کان ئي گهرون ۔۔۔
[/b][/color][/size]

ادا نثار۔۔۔۔
هن ليک جو اثر ايترو ته وسيع آهي ته هن کي پڙهڻ کانپو ڪجه دير جي لا ڄڻ منهنجو وجود هن جهان ۾ موجو نه رهيو۔
جواب ڏيڻ جي لا لڇي رهيو هئس پر لفظن ۾ سميٽيل احساس پنهنجي سچائي جي گهرائي ايتري قدر قابو ڪري ڇڏيو ته
لفظن لکندڙ منهنجي هٿن تي منهنجو اختيار نه رهيو، طبيعت به ڪجهه عجيب ٿيڻ لڳي۔۔۔۔۔ آفيس ۾ سامهون پيل ڪمپيوٽر
ڄڻ هجڻ يا نه هجڻ جو احساس نه رهيو۔ بس نظرون لفظن تي ڄمي ويون۔۔۔۔
اهڙي قسم جو ماحول اڃان پڄاڻي‌تي نه پهتو هيو ته منهنجو هڪ دوست آيو، ۽‌مونکي ڏسي کلڻ لڳو ۽‌ چيائين؛ ته
"ڀلا ڪمپيوٽر ۾ اندر وڃڻ جو ارادو آهي ڇا؟ اُٿُ ته نماز تي هلون"۔ بس اهي لفظ بڌي منهنجي وجود ۾ هڪ ڏهڪا محسوس ٿيو ۽ ڄڻ پو آئون
وري هن جهان ۾ واپس وري آيس۔۔۔

خبر نه آهي ته ايئن ڇو ٿيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

خئير لاجواب ونڊ آهي جيڪا سڄي عمر منهنجي ذهن تان وسرڻ واري نه آهي۔۔۔
هن اڱڻ تي موجود مون سميت تمام دوستن جي لا۽ هي ليک هڪ بهترين سبق ثابت ٿيندو۔۔۔
 
جواب: درويشاڻي صفت

سائين بيشڪ اوهين حرف به حرف صحيح‌لکيو آهي، خاص ڪري دولت ۽ حڪومت جي باري ۾ جيڪا ڳالهه هن شهزادي ڪئي ته اها لکن جي مٽ آهي۔۔۔ دولت جي باري ۾ ته اونئين ئي چوندا آهن ته هٿن جو مير ٿيندي آهي۔۔۔
 
جواب: درويشاڻي صفت

اوهان دوستن جا لک ٿورا جو هي ليک اوهان پسند ڪيو، خاص طور تي ادي درويش جي درويشاڻي طبيعت ڏسي آ پاڻ ڪجهه سوچ ۾ پئجي ويو آهيان، دوست درويش، لطيف سڳوري جي زباني ته؛
چڱا ڪن چڱايــــــون، مدايـــــــون مـــــدن،
جو وڙ جڙي جن سين، سو وڙ سي ئي ڪن۔
انڪري هر انسان جي اندر ۾ هڪ لڪل انسان هوندو آهي، جيڪو وقت ۽ حالتن مطابق چڱو ۽ برو ٿي ويندو اهي پو ان ماڻهون جي اندر جو انسان جڏهن پنهنجي فطرت سان ٽهڪندڙ ڪا ڳالهه ڏسندو آهي يا محسوس ڪندو آهي ته اها سندس دل تي اثر ڪندي آهي ۔۔۔

سو ڀائڙا درويش اوهانجي دل تي به انڪري اثر ٿيو آهي جو اوهانجي اندر جو انسان پڻ سهڻو ۽ درويش آهي ۔۔۔

اگهي ته پا نه ته مڻن کي ئي موٽ ۔۔۔۔

دوستو! دعائن ۾ نه وسارجو ۔۔۔
 
جواب: درويشاڻي صفت

سائين برحق

بيشڪ هي فاني جهان آهي هتان جي رنگنين کي ڏسي ڪري اسان سڀ ڪجهه ڀلائي ويٺا آهيون

توهان جي هن سبق مان سکڻ وارن لا۽ گهڻو ڪجهه موجود آهي

توهان جي اهڙي ئي شيئرنگ جو انتظار رهندو

سدائين گڏ
 
جواب: درويشاڻي صفت

سرويچ سجاولي
جڏهن ڄائس ڏني لولي مِٺيءَ مادر ٿي سنڌيءَ ۾؛
چيو بابل بچين ٻچڙا مون کي هر هر ٿي سنڌيءَ ۾؛
وڌي شل تون وڏو ٿئين اِئين ٻڌم اڪثر ٿي سنڌيءَ ۾؛
چيو هر هڪ اکر منهنجي سڄي ئي گهر ٿي سنڌيءَ ۾؛
وساريان سا ڀلا ڪئين جا اَمڙ مِٺڙيءَ اُچاري آ؟
اَمر مِٺڙي اچاري آ چيو بابي ڀَلاري آ!

سدائين سنڌ جو نالو سندم دل کي ته سيباڻو؛
سکيم سڀڪجھ ئي سنڌيءَ ۾ پڙهيم پٽي ۽ ٻاراڻو؛
زبان پنهنجي سا ڏيندس ڪئين ڏسي ڪنهن جو به ڌن ۽ ناڻو؛
زبان جنهن جي نه آهي سو رهي وِڪيل ۽ ويڳاڻو؛
انهيءَ کان وڌ ڀلا ٻي پوءِ ڪهڙي اڃان ڪا شرمساري آ؟

سونهاري ”شاهه“ سنڌي ۾ ڏسو ڇا ڇا سمايو آ؛
ڪٿي جوڳين سان جوڳي ٿي پرينءَ کي تنهن پڇايو آ؛
ڪٿي مارئي جئين ماڙين ۾ وطن لئي تنهن واجھايو آ؛
ڪٿي ”ٻيجل“ جي ٻولن ۾ تنهن روئي راءُ ريجھايو آ؛
ڪٿي تنهن آيتون آڻي زبان سنڌي سُڌاري آ!
سدا ”سچل“ ۽ سامي جي به هن خوب ياري آ!

سدا سنڌي سٻاجھيءَ ۾ سنگھاريون ڳيچ ڳائن ٿيون؛
مليرياڻيون مِڙئي مُرڪي مٺيون ٻوليون ٻڌائن ٿيون؛
سهيليون ساز سهرن ۾ سُريلا سر سڻائن ٿيون؛
ڪنواريون پنهنجي ڪانڌن سان ته هن ۾ نينهن نڀائن ٿيون؛
چَون پنهنجي ”چنيسر“ کي زبان بيشڪ ڀلاري آ!
اسان کي ساهه کان سنڌي زبان پياري آ!

ڀلي آ ڀٽ جت آهي ڀٽائي ڀرجھلو بالا؛
درازن ۾ رهي دلبر ۽ ٺٽو جھوڪ پڻ اعلى؛
ٽکڙ، بلڙي، بٺورو ۽ سجاول، ساڪرو، هالا؛
ادب جو سنڌ ساري گھر وٺان ڪهڙا ڀلا نالا؛
ادب جو گنج خانو سا سخن ۾ نت سونهاري آ!
اسان جي سنڌ جي ٻولي سٻاجھي سوز واري آ!

سدا ڀرپور بيتن ۽ پهاڪن سان زبان منهنجي؛
غزل ڪافين ۽ واين ۾ سا آهي پاڻ مَٽ پنهنجي؛
پرولين هو جمالن ۾ ڪيان تعريف ڇا تنهنجي؛
هجي سانگين سنگھارن سان سدا ”سرويچ“ سا سنهنجي؛
خدا! آباد رک تنهن ڏکن ۾ جا ڏکاي آ!
وڳر ۽ وارثرن هوندي به ٿي وِلهي ويچاري آ!
 
جواب: درويشاڻي صفت

سهڻا دوست عاشق! سرويچ سجاوليءَ جي شاعري ته قومي جذبي سان ٽمٽار آهي ۽ روح کي اتساهيندڙ آهي، پر اوهان سمجهدار دوست آهيو، هن بهترين نظم کي اوهان الڳ هڪ ڌاڳي ۾ وجهي سنڌي شاعريءَ واري ميدان ۾ رکو ها ته هوند وڌيڪ بهتر ٿئي ها ۽ دوست به پڙهن ها ۽ سڀ ان نصيحت مان فيضياب به ٿين ها ۔۔۔

اوهانجا لک ٿورا جو اوهان هي شاندار نظم ونڊ ڪيو آهي ۔۔۔ پر هڪ دفعو ٻيهر چوندس ته الڳ ڌاڳو ٺاهي ان ۾ هي موتي وجهي ڇڏيو ته سٺو لڳندو ۔۔۔

لک ٿورا ۔۔۔
 
جواب: درويشاڻي صفت

سهڻا دوست عاشق! سرويچ سجاوليءَ جي شاعري ته قومي جذبي سان ٽمٽار آهي ۽ روح کي اتساهيندڙ آهي، پر اوهان سمجهدار دوست آهيو، هن بهترين نظم کي اوهان الڳ هڪ ڌاڳي ۾ وجهي سنڌي شاعريءَ واري ميدان ۾ رکو ها ته هوند وڌيڪ بهتر ٿئي ها ۽ دوست به پڙهن ها ۽ سڀ ان نصيحت مان فيضياب به ٿين ها ۔۔۔

اوهانجا لک ٿورا جو اوهان هي شاندار نظم ونڊ ڪيو آهي ۔۔۔ پر هڪ دفعو ٻيهر چوندس ته الڳ ڌاڳو ٺاهي ان ۾ هي موتي وجهي ڇڏيو ته سٺو لڳندو ۔۔۔

لک ٿورا ۔۔۔

سائين معاف ڪجو هاڻي اچي وئي آهي ته ڀلا دوست پڙهن اوهان جي سهڻي موضوع سان گڏ
shal judy hujeen
 
Back
Top