نثارابڙو
نائب منتظم
هڪڙو هو بادشاهه، بادشاهه ته الله پر هي زماني جو بادشاه هو، سندس هڪ پٽ هو جيڪو درويشاڻي صفت جو مالڪ هو انڪري هو ڪنهن شئي جي طمع کان آري، وتندو هو الله لوڪ ماڻهن سان ملندو، رب جي تعريف ڪندو ۽ باقي نه ته ڪا دنياوي خواهش ڪندو هو ۽ نه وري هن دنيا جي رنگينيءَ کي اپنائيندو هو ۔۔۔
ڳالهه کٽائڻي سو هڪ ڏينهن ان درويش جي پنهنجي پيءُ بادشاه سلامت سان ملاقات ٿي وئي ۔۔۔ پيءُ جي پدري شفقت کي پٽ جي درويشاڻي حالت ڏسي رهيو نه ٿيو ۽ کيس چيائين ته پٽ جي مونکا ڪجهه گهري وجهين ته جيڪر تون به ٻين ڀائرن جيئان سکيو ستابو هجين هان ۔۔۔
پٽ جواب ڏنو” بابا ! گستاخي معاف، اوهان ڇا ڏئي سگهوٿا؟
پيءُ وراڻيو ؛ پٽ! هي سڄو ملڪ منهنجو آهي، زمينون منهنجيون آهن، مال ملڪيت منهنجو آهي، هيرا جواهر منهنجا آهن، مطلب ڇا نه آهي ۔۔۔۔؟
پٽ چيو! بابا سائين گستاخي معاف جي آءُ اوهانکا ٻه سوال ڪريان ته جواب ملندو؟
پيءُ چيو” چئه پٽ“
بابا سائين مثال جي طور اوهان شڪار تي وڃي رهيا آهيو، شڪار جي پويان ڊوڙندي ڊوڙندي اوهانکي سخت اڃ لڳي ۽ اوهان وٽ پاڻي به نه هجي ۽ ان اڃ سبب اوهانکي پنهنجي موت نظر اچي ۽ ان دوران ڪو ماڻهون اچي اوهانکي اهو چوي ته آءُ اوهانکي هڪ گلاس پاڻيءَ جو ڏيندس پر بدلي ۾ اوهانجي اڌ بادشاهي منهنجي، جي منظور ته ٺيڪ جي نه ته الله واهي، بابا سائين اوهان ڪهڙو جواب ڏيندا؟“
پيءُ واراڻيو ته ” اڌ بادشاهي ڏئي ڇڏيندس“ جيءُ هوندو ته جهان هوندو“
چڱو بابا، ٻيو سوال، ته اوهان اهو پاڻي پي ورتو ۽ هاڻ اهو پاڻي اوهانجي نرن ۾ وڃي ڦاسي پوي ۽ اوهانکي پيشآب نه اچي ۽ اوهان سخت مريض ٿي وڃو جو اوهانجي جان تي اچي وڃي، ان دوران هڪ طبيب اچي ۽ اهو چوي ته آءُ اوهانجو علاج ڪريان پر شرط ته اوهان پنهنجي رهيل اڌ بادشاهي به مونکي ڏيندا ته ٺيڪ نه ته پنهنجي الله واهي ۔۔۔ بابا اوهان ڇا ڪندا؟
پيءُ واراڻيو ته ، پٽ! آءُ اها اڌ بادشاهي به ڏئي ڇڏيندس، جيءُ آهي ته جهان آهي“
پٽ واراڻيو ته بس بابا، ثابت ٿيو ته اوهانجي سڄي بادشاهيءَ جي قيمت هڪ گلاس پاڻيءَ جو آهي ته هاڻ اوهان ان مان مونکي ڇا ڏيندا ۔۔۔ آءُ صرف پنهنجي رب کان گهرندو آهيان، ۽ اهو رب ستار آهي، اهو سڀ جون حاجتون پوريون ڪندو آهي ۔۔۔ انسان کي ڪهڙي طاقت جو هو ڪنهنجي حاجت پوري ڪري سگهي ۔۔۔
******
حاصل مطلب ته دنيا جي رنگيني ڪجهه به ناهي صرف ٻن ڏينهن جي راند آهي ۔۔۔ رب جو قرب حاصل ڪجي ته هن دنيا ۾ آباد ته ٻي دنيا ۾ به سرخرو ۔۔۔ انسان ته سڀ حاجت مند آهن، حاجت روا ته هو رب العالمين آهي ۔۔۔ اچو ته اسين سڀ حاجتون ان کان ئي گهرون ۔۔۔
ستر ڪج ستار، آءُ اگهاڙي آهيان۔۔۔