ونڊوز جي اندر فيڪس موڪلڻ جو طريقو
دوستو ڪجهه ڏينهن پهريان مست اهو سوال ڪيو هو ته ڪمپيوٽر مان فيڪس ڪهڙي ريت موڪلجي.
تمام گهٽ ڪمپيوٽر جي استعمال ڪندڙن کي انهي ڳالهه جي خبر آهي ته ونڊوز ايڪس پي جي اندر پهريان ئي فيڪس جي سهولت موجود هوندي آهي. جنهن جي ذريعي اسان ڪمپيوٽر کان فيڪس موڪلي ۽ وٺي سگهون ٿا. ونڊوز جي اندر فيڪس جي سروس کي بحال ڪرڻ جي لاءِ هيٺ ڏنل طريقي تي غور ڪريو.
سڀ کان پهريان اسٽارٽ مينيو تي ڪلڪ ڪريو انهي کان پوءِ سيٽنگس ۽ هاڻي پرنٽر ۽ فيڪسز (Printer & Faxes) واري آپشن تي ڪلڪ ڪريو ته توهان جي سامهون پرنٽر ۽ فيڪسز جي ونڊو کلي ايندي، اسان انهي آپشن کي عمومن پرنٽر انسٽال ڪرڻ ۽ انهي جي سيٽنگز کي تبديل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪندا رهندا آهيون.
مٿين ونڊو مان توهان سيٽ اپ فيڪسنگ (Setup Faxing) واري آپشن تي ڪلڪ ڪريو جيئن ئي توهان ڪلڪ ڪندا ته هڪ ٻي ونڊو ظاهر ٿيندي هن ونڊوز مان ڪمپيوٽر توهان کان فيڪس جي سهولت کي ڪار آمد بڻائڻ جي لاءِ ونڊوز جي سي ڊي گهرندو، ان کان بعد توهان ڪمپيوٽر ۾ ونڊوز جي سي ڊي داخل ڪندا. جيئن ئي سي ڊي داخل ڪندا ته ونڊوز سسٽم فائلن کي ڪاپي ڪري ونڊوز جي اندر فيڪس جي سهولت کي بحال ڪندو، ۽ پوءِ توهان واپس پرنٽر ۽ فيڪسز (Printer & Faxes) واري ونڊو کوليو.
مٿين ونڊو مان توهان انسٽال لوڪل فيڪس پرنٽر (Install a Local Fax Printer) واري آپشن تي ڪلڪ ڪريو جيئن ئي اسان انهي آپشن تي ڪلڪ ڪنداسين ته هڪ فيڪس پرنٽر انسٽال ٿي ويندو.
هاڻي توهان فيڪس پرنٽر تي ڊبل ڪلڪ ڪيو جيئن ئي ڊبل ڪلڪ ڪندا سين ته فيڪس ڪانفيگيوريشن وزرڊ توهان جي اسڪرين جي سامهون ايندو. ان اسڪرين مان توهان NEXT واري بٽن تي ڪلڪ ڪندا ته هيٺين ونڊو ظاهر ٿيندي
مٿين ونڊو مان ڪمپيوٽر توهان کان نالو، فيڪس نمبر، ۽ ايڊريس وغيره گهرندو اُها داخل ڪرڻ کان بعد توهان NEXT تي ڪلڪ ڪندا ته هيٺين ونڊو ظاهر ٿيندي.
هن ونڊو مان سسٽم توهان کان اِهو پڇندو ته فيڪس جي لاءِ ڪهڙو موڊيم استعمال ڪرڻ چاهيو ٿا. ان کان بعد Enable Send جي بٽن تي ڪلڪ ڪرڻ سان اوهان سسٽم تان فيڪس موڪلي سگهو ٿا ۽ Enable Receive تي چيڪ مارڪ ڏيڻ سان توهان فيڪس گهرائي به سگهو ٿا، ان کان بعد Manual Answer ۽ Auto Answer جا آپشن موجود آهن جيڪڏهن توهان فيڪس پنهنجي مرضي جي مطابق وٺڻ چاهيو ٿا ته Manual Answer تي ڪلڪ ڪريو ۽ جيڪڏهن توهان چاهيو ته سسٽم فيڪس پنهنجو پاڻ وٺي ته Auto Answer تي ڪلڪ ڪريو ۽ گڏوگڏ اهو به سيٽ ڪريو ته ڪيترن رنگن وڄڻ کان بعد فيڪس وٺي. آپشن سيٽ ڪرڻ کانپوءِ NEXT تي ڪلڪ ڪريو هڪ دفعوٻيهره NEXT ۽ هاڻي FINISH تي ڪلڪ ڪندا ته توهان جي سامهون FAX Console جي ونڊو ظاهر ٿيندي۔
هي ته هيو پنهنجي ونڊوز ۾ فيڪس جي سهولت کي بحال ڪرڻ جو طريقو، اچو ته هاڻي ڪمپيوٽر مان فيڪس کي موڪلڻ جو طريقو سکون.
1. سڀ کان پهريان توهان انهي فائل کي کوليو جنهن کي توهان فيڪس ڪرڻ چاهيو ٿا.
2. جڏهن فائيل کُلي وڃي ته فائيل مينيو تي ڪلڪ ڪري انهي مان پرنٽ تي ڪلڪ ڪريو جيئن ئي اسان پرنٽ واري آپشن تي ڪلڪ ڪندا سين ته هيٺين ونڊو ظاهر ٿيندي.
مٿين ونڊو مان پرنٽر نيم واري آپشن مان فيڪس وارو پرنٽر کڻندا سين جيئن مٿي تصوير ۾ ڏيکاريو ويو آهي. جيڪڏهن توهان کي پوري فائيل موڪلڻي آهي ته اوڪي تي ڪلڪ ڪريو ۽ جيڪڏهن توهان کي صفحو پنهنجي مرضي مطابق موڪلڻو آهي ته پيجز واري آپشن ۾ پنهنجو مطلوبه صفحو نمبر داخل ڪري اوڪي ڪيو، جيئن ئي اوڪي تي ڪلڪ ڪنداسين ته هڪ ٻي ونڊو ظاهر ٿيندي، جنهن مان توهان کي نيڪسٽ تي ڪلڪ ڪرڻو آهي، جيئن ئي توهان نيڪسٽ تي ڪلڪ ڪندا ته هيٺين ونڊو ظاهر ٿيندي.
[
مٿين ونڊو ۾ ڪمپيوٽر توهان کان فيڪس وٺڻ واري جي انفارميشن گهرندو سڀ کان پهريان وٺڻ واري جو نالو پوءِ ان جو نمبر ۽ جيڪڏهن توهان اها فيڪس هڪ ئي وقت ٻين نمبرن تي موڪلڻ چاهيو ته مٿين طريقو مڪمل ڪري ADD بٽن تي ڪلڪ ڪندا وڃو ۽ آخر ۾ Next بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
جيئن ئي اسان نيڪسٽ تي ڪلڪ ڪنداسين ته هڪ ٻي اسڪرين ظاهري ٿيندي.
مٿين ونڊو ۾ ڪمپيوٽر توهان کان پڇي رهيو آهي ته ڇا توهان ڪجهه معلومات موڪلڻ چاهيو ٿا، مثالطور هي راز، کُليل يار تمام جلدي واري فيڪس آهي، ۽ هي فيڪس هن شيءِ جي لاءِ آهي ۽ فلاڻي ماڻهو کي حوالي ڪجي. انهي صورت ۾ هي آپشن ڪارآمد آهي،
هاڻي بترتيب نيڪسٽ ڪندا وڃو ۽ آخر ۾ فنش تي ڪلڪ ڪريو ته توها جي فيڪس موڪلڻ شروع ٿي ويندي۔