محترم جناب امتياز ابڙو جي لکين ڪالمن جو مجموعو

'سنڌي ادب' فورم ۾ عبدالوهاب طرفان آندل موضوعَ ‏20 آگسٽ 2010۔

  1. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    2004ع ڪيئن گذريو؟



    ڇنڇر پهرين جنوري 2005ع

    -ڪر خبر چار ... 2004ع ڪيئن گذريو؟

    - ائين پڇو ته، اسين 2004ع وٽان ڪيئن گذرياسين!

    -توهانجي نظر ۾ سال جي بهترين شخصيت؟

    - دنيا ۾ ايترا ته ماڻهو آهن، جو صحيح ماڻهو ڳولجي ٿو ته سال لڳيو وڃي. ان کانپوءِ ان صحيح ماڻهوءَ کي صحيح ثابت ڪرڻ ۾ وري سال لڳيو وڃي.

    -معنيٰ توهانجي خيال ۾ هن سال سج نه چڙهيو؟

    -نه... هن سال رڳو پيٽرول چڙهيو!

    -سال جي وڏي ۾ وڏي شخصيت؟

    - هر اهو شخص وڏو نظر آيو، جنهن کان آئون ننڍو آهيان.

    - هن سال توهان سنڌ تي ڪهڙو احسان ڪيو؟

    -مون شاعري نه ڪئي.

    -توهانجي خيال ۾ سال جو بهترين جملو؟

    -جيڪو جنهن به ڳالهايو، شڪر جو ٻئي ڪنهن نه ٻڌو!

    - توهان کي نيوز ۾ ڇا وڻيو؟

    - رانديون!

    -رانديون!! ... اسان کي سياست متعلق ٻڌايو؟

    - اهو ئي ته ٻڌايان پيو...!

    - 2004ع ۾ تعليم کي توهان ڪيئن ٿا ڏسو؟

    - آئون چشمو ٿو پايان تڏهن به تعليم ڏسڻ ۾ نٿي اچي. اڄڪلهه علم اها دولت آهي، جيڪا صرف دولت سان ئي ملي ٿي. اڄڪلهه ته ڪنهن اسڪول وٽان رڳو لنگهڻ جي في به سئو رپيا مهينو آهي.

    - هن سال توهان ڪهڙو سٺو ڪتاب پڙهيو؟

    -هن سال مون رڳو ڀتين تي حڪيمن جا اشتهار پڙهيا. ”ڏهن ڏينهن ۾ ڏهه فوٽ پيٽ اندر“ يا ”وار ڪارا ڪرڻ واري ڪريم وسيلي سڀ وار ڪارا ڪريو، ڀلي توهان اندر جا ڪارا هجو!“ هن سال انهن حڪيمن جا اشتهار ايترا پڙهياسين جو اهي پڙهي اسان جو هڪ دوست ته حڪيم ٿي ويو.

    -توهان وٽ سال جو بهترين محاورو؟

    -منهنجي ته خيال ۾ هڪڙي جهنگ ۾ ٻه شينهن رهي سگهن ٿا، پر شرط اهو ته ٻيو شينهن سمهڻ مهل شينهن جي کل لاهي سمهي... بلڪل ائين ئي ٻه بادشاهه جيڪڏهن هڪڙي تخت تي ويهي نٿا سگهن ته هڪڙي تخت اڳيان بيهي ته سگهن ٿا.

    - ڀلا سال جي بهترين وزارت ڪهڙي هئي؟

    -اها... جنهن ۾ ڪو به ڪم نه ٿيو!

    -سال جو بهترين بزنيس؟

    - سياست بهترين، پر مشڪل ترين بزنيس آهي.

    -سال جو بهترين انقلابي قدم؟

    -جن وٽ اڳي ٽانگا هئا، انهن وٽ هاڻي چنگچيون آهن!

    - سڄي سال جي واپار تي هڪ نظر وجهو؟

    - هن سال ٽيڪسٽائيل کي ڪو اسٽائيل نه ملي سگهيو. شگر گهٽ ۽ شگر جا مريض وڌيڪ ٿيا، ڪمند ۽ عقلمند جو اگهه ڪريل رهيو. فارمر چڙهي نه سگهيو، ڇو ته ڪو به ريفارمر هن سال پيدا نه ٿيو.

    - توهان هن سال اسان جي اخبار ڪاوش پڙهي؟

    - سر آئون اڻ پڙهيل آهيان... ان ڪري مون اخبار ٻڌي، هڪڙو ملازم مون رکيو آهي، جيڪو پنج رپين واري ڪاوش ڏهن رپين ۾ پڙهي ٻڌائيندو آهي.

    - پوءِ توهان کي اسان جون هيڊ لائينون ڪيئن لڳيو؟

    - مون کي رڳو هيڊ لائيٽون وڻنديون آهن.

    - پر اسان کي 4 0 0 2 ع جي هيڊ لائينن متعلق ٻڌايو؟

    - آئون پاڻ اڃا لائين تي ڪو نه آهيان. سڄو سال مون گهڻن کي لائينون هنيون، پر ڪنهن به شاديءَ لاءِ اقرار نه ڪيو.

    - پليز ... توهان اسان کي هيڊ لائينن جي باري ۾ ٻڌايو؟

    - مون کي ته لائينن جي مٿان ڪڏهن هيڊ ڏسڻ ۾ ايندو هو ته ڪڏهن نه. آئون توهان کي ٻڌايان ته مون کي لائينن وارو چڪر نه وڻندو آهي، ان ڪري جڏهن به بينڪ جي اڳيان لائين ٺهيل ڏسندو آهيان ته واپس موٽي ويندو آهيان، پر لائين ۾ نه بيهندو آهيان. توهان منهنجي هينڊ رائيٽنگ ڏسو، اها ڪڏهن به لائين ۾ نه هوندي. منهنجو گهر ريلوي لائين وٽ هو، اهو مون وڪڻي ڇڏيو. منهنجو بابو لائين مين هو، آئون ان سان وڙهي گهر ڇڏي آيس.

    -ڀلا هن سال اسان جو مين پيج توهان کي ڪيئن لڳو؟

    -مون کي رڳو وومين پيج وڻندا آهن. آئون ته مين پيج تي به وومين پيج کي ڏسندو آهيان!

    - ڀلا پروف جون غلطيون ڏسڻ ۾ آيون؟

    - مون کي ته هر خبر بُلٽ پروف لڳي... پروف ايترا ته بهترين هئا جو لڳو ٿي هر ايڊيٽر کي هڪ عدد بلٽ پروف جيڪيٽ مليل آهي!

    - ايڊيٽوريل تي ڳالهايو؟

    - آئون صرف مائيڪ تي ڳالهائيندو آهيان.. ۽ ڪڏهن ڪڏهن حق تي ڳالهائيندو آهيان.

    - ڀلا توهان اسان جي ڪي ٽي اين کي هن سال ڪٿي ڏٺو؟

    -مون ڪرسيءَ تي ويهي ڏٺو...

    - ڊرامو ڪهڙو وڻيو؟

    - دراصل ڊرامو مون کي اهو وڻندو آهي، جيڪو ٻيو ڪنهن کي به نه وڻي!

    -اداڪار ڪهڙو وڻيو؟

    - طفيل سنجراڻي!

    - پر... اهو ته گلوڪار آهي!

    - ها... ان ڪري ته وڻندو آهي، ڇو ته هي خبرون ڏاڍيون سٺيون پڙهندو آهي.

    - اوهه ... نو ... توهان ڪوڙ پيا ڳالهايو. توهان ڪي ٽي اين نه ڏسندا آهيو!

    -نه نه ... آئون باقائدا ڏسندو آهيان.

    - ڀلا هن سال توهان جي پسند جي گلوڪارا ڪهڙي هئي؟

    - شمائلا مگسي.

    - غلط... توهان يقين سان ڪي ٽي اين نه ڏسندا آهيو؟

    - آئون ڏسندو آهيان، توهان اعتبار ڪريو، مون کي هُو ڊرامو ڏاڍو وڻندو آهي!

    - ڪهڙو ڊرامو؟

    - اهو ... جنهن ۾ نثار کوکر ڪمپيئرنگ ڪندو آهي.

    - بس، هاڻي ثابت ٿيو ته توهان وٽ ٽيليويزن ئي ڪانهي!

    - نه نه....مون کي اهو ڊرامو بلڪل ياد آهي، جنهن ۾ سجاد سهاڳ، سهاڳ رات ڀڄي ويندو آهي!

    - هلو ٺيڪ آهي. ڀلا ٻڌاءِ، سجاد سهاڳ ڪير آهي؟

    - اهو... جيڪو وڏو شاهي ٽهڪ ڏيئي چوندو آهي، ”هي هي هي هي... معاف ڪجو!“

    abro_imtiaz@hotmail.com
     
  2. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب امتياز ابڙو جي لکين ڪالمن جو مجموعو

    کونگهرا هڻڻ



    اربع 25 جنوري 2006ع

    کونگهرا هڻڻ به هڪ ميوزڪ آهي. هيءُ اهو راڳ آهي جيڪو ٻڌائڻ وارو پاڻ ڪڏهن به نه ٻُڌي سگهندو آهي. هڪ اديب جي نظر ۾ ”کونگهرا هڻڻ نَڪَ جي شاعري آهي!“ هڪ فقير وري چوندو ته، ”کونگهرا هڻڻ غربت خلاف جنگ آهي!“ هڪ عاشق جي خيال ۾ جيڪڏهن کونگهرا محبوب پيو هڻي ته پوءِ اها ڄڻ ته ڪنهن ويراني ۾ بهار آهي...پر جيڪڏهن کونگهرا زال پئي هڻي ته ساڳيو عاشق چوندو ته اها رزق جي تنگي آهي...!

    ماستر جا کونگهرا علم جي روشنيءَ سان منور هوندا آهن، پر گوسڙو ماستر جا کونگهرا وري تعليم دشمن پاليسين تي ٻڌل هوندا آهن...گوسڙو ماستر کونگهرا پيو هڻندو ته جهڙو بنا ٻڌائڻ جي ٽن ڏينهن جي موڪل تي پيو وڃي...دنيا ۾ سڀ ماڻهو کونگهرا نه هڻندا آهن، ڇو ته جيڪڏهن سڀ ماڻهو کونگهرا هڻڻ لڳن ته پوءِ کونگهرا ٻُڌندو ڪير...؟

    کونگهرا هڻڻ هڪ سماجي پورهيو به آهي، جنهن جو ڪوبه اُجورو نٿو ملي...ڪن ماڻهن کي ته پادر سونگهايو ويندو آهي ته متان گهڻي سماجي پورهئي ڪري ٻين گهري ننڊ ۾ پيل انسانن جو استحصال نه ٿئي...ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته کونگهرا هڻڻ هڪ احتجاج آهي ته، ”زمانو اسان کي سمهڻ نٿو ڏي ۽ اسين ٻين کي سمهڻ نه ڏينداسين!“

    کونگهرا هڻڻ واري کي کونگهرائوُ چئبو آهي ۽ جيڪو کونگهرا ٻڌي ننڊ مان ڇرڪندو آهي، ان کي کونگهرائي چئبو آهي...۽ جيڪو کونگهرا ٻڌي جاڳي کونگهرا هڻندڙ ۾ نهاري وري سمهي رهي ته ان کي ڪجهه به نه چيو ويندو آهي، ڇو ته جيڪو پاڻ کونگهرا ٻڌي ڪنهن کي ڪجهه نٿو چوي ان کي اسين ڇا ٿا چئي سگهون، پر اهو شخص جيڪو کونگهرا ٻڌي جاڳي کونگهرا هڻندڙ ۾ نهاري، انهيءَ کي هڪڙو ڌَڪُ الاري وري گهٽ وڌ ڳالهائي ٻيهر سمهي رهي ته ان کي اسين گهڻو ڪجهه چئي سگهون ٿا. کونگهرن جا ايترا ته قسم آهن، جو خود کونگهرا هڻڻ وارا پڇندا آهن ته اسين آخر ڪهڙي قسم جا کونگهرا ٿا هڻون...ايترا ته دنيا ۾ ماڻهو ڪونه هوندا جيترا کونگهرا آهن...جيئن اسان جو هڪ دوست کونگهرا هڻندو آهي، ڄڻ ننڊ کي لٺيون هڻندو آهي...هڪ دفعي پڇيوسين، ”ادا...ٿورو کونگهرن جو واليوم ته گهٽ ڪر!“ چيائين، ”سوري...هي اهو نڪ آهي، جنهن ۾ mute جو بٽڻ ئي لڳل ڪونهي!“ وري هڪ ٻيو دوست آهي، اهو ته کونگهرا هڻڻ جي فيڪٽري آهي... کونگهرا پيو هڻندو جهڙو پگهار وڌائڻ جو مطالبو پيو ڪندو...!پڇيومانس، ”توهان کونگهرن هڻڻ جي تربيت ڪٿان ورتي؟“...ته ڪاوڙجي پيو!

    کونگهرا ٻڌڻ هڪ طريقهءِ علاج آهي، جيڪو شفا جا در کولي ٿو...کونگهرا ٻڌڻ سان ماڻهوءَ ۾ برداشت جي اسٽيمنا وڌي ٿي...يا اسٽيمنا جي برداشت وڌي ٿي...توهان پنهنجي روزمرهه جي زندگيءَ ۾ اهڙيون اهڙيون تقريرون ٻڌو ٿا، جيڪي توهان جي صحت لاءِ مضر آهن...پر جيڪڏهن توهان وٽ کونگهرا ٻڌڻ جي پريڪٽس آهي ته پوءِ توهان نه صرف اهڙيون تقريرون ٻڌي سگهو ٿا، بلڪه سڄي جي سڄي اخبار به پڙهي سگهو ٿا...”بيشڪ“ اسين جنهن جمهوريت ۾ رهون ٿا، اتي هرڪو پنهنجي پنهنجي اسٽائيل جا کونگهرا هڻي رهيو آهي...!“ کونگهرا قديم زماني کان لڳي رهيا آهن...اڳي بادشاهه کونگهرا هڻڻ تي انعام اڪرام به ڏيندا هئا، جيتوڻيڪ اڄ تائين اهو راز آهي ته تاريخ ۾ سڀ کان وڏا کونگهرا ڪنهن هنيا...بادشاهه اڪبر جي زماني ۾ به کونگهرن هڻڻ جا وڏا مقابلا ٿين ها، پر ان کي ڪنهن وزير مشورو ئي ڪو نه ڏنو...”جارج چوٿون“ ايترا وڏا کونگهرا هڻندو هو جو هُو سمهندو ئي محل جي تهه خاني ۾ هو ته متان ايتري وڏي آواز جي ڪري عوام نه جاڳي پوي... جارج پنجون به کونگهرن هڻڻ ۾ پنهنجو مَٽ پاڻ هو...رات جو ايترا کونگهرا هڻندو هو، جو چوڪيدارن کي مجبورن سڄي رات جاڳڻو پوندو هو...ان ڪري جارج ڇهون آيو ته پهرئين ان جو نڪُ حڪيمن کي ڏيکاريو ويو...جن وري ان جو علاج اهو ٻڌايو ته هاڻي جارج آڻڻ واري مشڪري بند ڪريو، نه ته ڪنهن کونگهري سان ٿي سگهي ٿو هي پوري انگلينڊ ئي نه اڏامي وڃي...!

    روس ۾ سڀ کان سٺا کونگهرا شولوخوف هڻندو هو..بلڪه هن تي اهو نالو خوف پيو ئي ان ڪري جو هو ايڏا ته خطرناڪ کونگهرا هڻندو هو، جو انهن کي ٻڌندي ئي ماڻهو خوف ۾ گهيرجي ويندا هئا...ايتري قدر جو ان کانپوءِ جيڪي ٻيا خوف آيا، جيئن چيخوف يا بلخوف ...انهن کي به سندن دوست پنهنجن گهرن ۾ سمهڻ ڪونه ڏيندا هئا...جيتوڻيڪ اهي ويچارا کونگهرا ته ڇا ڪا ننڍڙي ڦوڪ به ڪونه هڻندا هئا...!

    برصغير ۾ ته کونگهرن تي جنگيون لڳيون....سڀ کان وڏي جنگ پلاسي جي ميدان جي ٻاهران وڙهي ويئي...ڇو ته پلاسي ۾ اڳ ۾ ئي جنگ جاري هئي ۽ اتي جاءِ خالي ڪانه هئي...پلاسي وارن چيو ته جيڪڏهن توهان کي هتي جنگ وڙهڻي هئي ته ..هفتو اڳ ٻڌايو ها...! کونگهرن جي سڀ کان وڏي تاريخ کونگهرا نامه جي جنهن صفحي ۾ ملي ٿي، اهو صفحو ڪتاب ۾ ئي ڪونهي...بلڪه اهو صفحو صفحهءِ هستيءَ تان ئي مٽائي ڇڏيو اٿن، ڇو ته ان جي تاريخ ايڏي ته وڏي هئي جو جنهن تاريخدان اها تاريخ لکي پئي، اهو لکندي لکندي خود سمهي رهيو ۽ کونگهرا هڻڻ لڳو...صبح جو ان کان پڇيائون ته ان صاف انڪار ڪندي چيو ته، آئون هاڻي تاريخ تي نه، پر مهيني تي ڪم ڪندس...!

    1977ع جي اونداهين دور ۾ مون هڪ ناول A Great Khonghro in the mid night کي سيريس ڪري لکيو، جيڪو مزاحيه ٿي ويو...جيڪو پوءِ نه وڪامجڻ جي ڊپ کان ڇپجي ڪونه سگهيو ۽ نه ڇپجڻ جي ڊپ کان لکجي ڪونه سگهيو، پوءِ مون اهو اڌورو ناول ڪراڙ ڍنڍ ۾ وڃي اڇليو...ڇو ته مون کي اها پڪ هئي ته اها واحد جاءِ آهي، جتي اهو ناول محفوظ رهي سگهي ٿو...ڍنڍ ۾ اڇلڻ وقت مون کي خبر پئي ته...مار، اتي ته ڪو سئو جي لڳ ڀڳ ٻيا به ڪتاب پيا هئا ۽ هر ڪتاب مان کونگهرن جا آواز اچي رهيا هئا....!

    کونگهرا هڻڻ هر انسان لاءِ لازم آهن، ان ڪري جيڪي ماڻهو کونگهرا نٿا هڻن، انهن کي يڪدم پنهنجي ميڊيڪل ٽيسٽ ڪرائڻ گهرجي...انهن کي گهرجي ته اهو معلوم ڪن ته هو کونگهرن جي وئڪسين ڪٿان هڻائين...! کونگهرا انساني تمدن ۽ تهذيب جي به عڪاسي ڪن ٿا...جيڪي کونگهرا مصر جي اهرامن ۾ مَميون هڻنديون هيون، اهڙا کونگهرا جيڪڏهن اڄڪلهه جون مَميون هڻن ته ڪيترن ئي ڊيڊين جا ٻوٿ ڦري وڃن...ان ڪري بتدريج کونگهرن صرف پنهنجي شڪل تبديل ڪئي آهي...باقي کونگهرا اڄ به پنهنجي آمرانا سوچ سان گڏ موجود آهن...

    هڪ پوڙهي چيو، ”اڄڪلهه کونگهرا هڻڻ ايترو ته عام ٿي ويو آهي، جو ٻار ٻار به کونگهرا پيا هڻن، ڇا اسان جي زماني جا کونگهرا هوندا هئا...مون وارو ڏاڏو کونگهرا هڻندو هو ته سڀ ڳو ٺ وارا گڏ ٿي ويندا هئا، ڄڻ ڍڳي جي اُضحي پئي ٿئي...چاچي کي ته کونگهرا هڻڻ تي ايترو عبور حاصل هو، جو پري پري کان ماڻهو هن کان کونگهرا هڻڻ جو گُر سکڻ ايندا هئا...!“ چيائين، ”شاندار کونگهرو اهو جيڪو وڏي واڪ هڻجي...باقي ننڍا ننڍا کونگهرا ته اڄڪلهه هرڪو پيو هڻي...!“

    کونگهرا ٽن قسمن جا ماڻهو هڻندا آهن. هڪڙا اهي، جيڪي کونگهرا هڻي سگهن، ٻيا اهي، جن کي کونگهرا هڻڻ ايندا هجن، ٽيان اهي، جن کي کونگهرا هڻڻ کان ڪير به نه روڪي سگهي...کونگهرا ڪيڏي مهل به هڻي سگهجن ٿا...سٺا کونگهرا ان مهل لڳندا آهن، جنهن مهل سڀ جاڳي رهيا هجن...پر هڪ اصلي ۽ تاريخي کونگهرو اهو، جنهن سان سُتل ٻار به جاڳي پوي ۽ اٿي پنهنجي ماءُ کان پڇي ته، ”امان... تو سڄي زندگي هِن بابا سان گڏ ڪيئن گذاري آهي!؟“

    abro_Imtaiz@hotmail.com
     
  3. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب امتياز ابڙو جي لکين ڪالمن جو مجموعو

    بسنت ۽ عاشق



    اربع 22 مارچ 2006ع

    بسنت جو ڏينهن ٻارن جي لغڙ اڏائڻ جو ڏينهن نه آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ٻارن کي لغڙ اڏائڻ جي بهاني مٿي کُڏ تي وٺي وڃي مائٽ پنهنجا پنهنجا لغڙ ڪاٽا ڪندا آهن. حڪومت بسنت جي ڏينهن صرف لغڙ اڏائڻ تي پابندي وڌي آهي باقي جيڪڏهن توهان جي هٿ ۾ٺلهو لغڙ آهي ۽ ان جي ڏورِ ڪنهن ٻئي جي هٿ ۾ آهي ته پوءِ گهٻرائڻ جي ڳالهه ناهي، ڇو ته اهو اسان جي پوليٽيڪل هِسٽري جو حصو رهيو آهي......!

    بسنت اهو ڏينهن آهي، جنهن ڏينهن انهن ڇتين ڏانهن به ڏسي سگهبو آهي جن تي باقي 364 ڏينهن ۾ نهارڻ جي منع هوندي آهي...بسنت دراصل عاشقن جي ايجاد آهي ۽ هي عاشق اهڙن اهڙن کُڏن تي اک رکيو ويٺا هوندا آهن، جن تان سندن وڏن جي به ”خاطر تواضح“ ٿيل هوندي آهي... جن مردن جا وارَ اڇا هوندا آهن، اهي به اڇا اڇا لغڙ جهليو، هٿ مانجهي ۾ ۽ اک پاڙي واريءَ تي وجهڻ جي چڪر ۾ هوندا آهن! بسنت جي شام ڇتين تي جيترا اشارا ٿيندا آهن، ايترا اشارا ته سڄو سال ٽرئفڪ جي چوراهن تي به ڪونه ٿيندا هوندا. مائٽ سمجهندا آهن ته اسان جا ٻار ڇتين تي لغڙ اُڏائڻ جو مقابلو پيا ڪن، پر هرڪو پنهنجي پنهنجي پيس جي چڪر ۾ هوندو آهي(سنڌ ۾ ته نوجوان پنهنجي piece جي چڪر ۾ piece piece ٿي ويندا آهن). هن ڏينهن اڪثر وڏيون وڏيون عورتون به سورنهن سترهن سالن جون نظر اچڻ جي لاءِ محنت ڪنديون آهن. هنن جو نعرو هوندو آهي: ”قدرت، محنت ۽ ميڪپ...“ ۽ پوءِ اهي اهي لغڙ ڪٽينديون آهن، جيڪي ڪنهن سخت مانجهي سان به نه ڪٽجي سگهندا آهن. ڪن مڙسن لاءِ هي ڏينهن ايترو خوشيءَ جو به نه هوندو آهي، ڇو ته هن ڏينهن سندن زالون به هنن سان گڏ ڇتين تي هونديون آهن...!

    بسنت لغڙ ڦاسائڻ جو ڏينهن آهي... پر ڪجهه ماڻهو اکيون ڦاسائڻ جي مقصد پٺيان به لڳل هوندا آهن ۽ هي اهي ئي ماڻهو آهن، جن کي لغڙ اڏائڻ ۽ افواهه اڏائڻ ۾ دير نه لڳندي آهي... ڪجهه ماڻهو لغڙ ائين اڏائيندا آهن ڄڻ آخري دفعو اڏائي رهيا هجن... ڪي وري ائين وڃي ڇتين تي بيهي رهندا، جو نه پاڻ لغڙ اڏائيندا ۽ نه ڪنهن ٻئي کي لغڙ ڦاسائڻ جو موقعو فراهم ڪندا. ڪي ماڻهوڇتين تي ئي کٽون رکي وڃي سمهندا ۽ لڳندو ڄڻ ڀائو ڄائو ئي کُڏ تي آهي...!

    بسنت جي سڄي موسم عاشقن کي اهڙي وڻندي آهي، جو چوندا ته هڪڙي سال ۾ ٻارنهن بسنتون هجن... بسنت جي ڏينهن موڪل ڪانه ٿيندي آهي، ان ڪري صبح جو دير سان نه اٿي سگهبو آهي... اسانکي ته بسنت رڳو ان ڪري وڻندي آهي، ڇو ته بسنت سدائين بهار ۾ ايندي آهي. خزان ۾ اچي ها ته ڪنهن کي به نه وڻي ها... پاڻ ته لغڙ اڏائڻ ئي ان وقت شروع ڪندا آهيون، جنهن مهل ٻيا لغڙ پيا لاهيندا آهن... اهو ماڻهو جنهن جي سيني ۾ هڪ خوبصورت دل هوندي آهي، ان کي بسنت ضرور وڻندي آهي. جيئن آچر جو ڏينهن سرڪاري ملازمن کي ڏاڍو وڻندو آهي... آچر نه هجي ته نوڪرين وارا ماڻهو اڌ چريا ٿي پون. جيتوڻيڪ ڪن زالن کي آچر گهٽ وڻندو آهي، جنهن لاءِ چونديون:”انهي ڏينهن ته مُئو سڄو ڏينهن گهر ۾ ويٺو هوندو آهي...!“

    بسنت جي موسم ۾ عاشقن جي عادتن ۾ ڪافي تبديليون اچي وينديون آهن... حجام وٽ به ڏسبو ته عاشقن لاءِ خاص پئڪيج هوندو... سٺا سٺا ٽوٿ برش ۽ ڦڻيون به رڳو عاشقن جي هٿن ۾ نظر اينديون... بسنت جي ڏينهن ۾ عاشق آرسيءَ ۾ به ائين ڏسندو، ڄڻ اهو ٻوٿ پهرئين دفعي ڏسي رهيو هجي... ان ڏينهن ٻه ٻه دفعا منهن ڌوئيندو ۽ آرسيءَ ۾ ڏسڻ کانپوءِ به اعتبار نه ڪندو... جيئن هڪڙي پوڙهي همراهه لغڙ اڏائيندي چيو: ”مرد کي ته دل ملي ئي ان ڪري آهي ته جيئن ڪنهن سان نه ڪنهن سان لڳائجي. ان ڪري ئي اسان هي لغڙ اڏائڻ جو فارمولو ايجاد ڪيو آهي!“ ۽ پوءِ ڏٺوسين ته واقعي... هن همراهه سمنڊ جي ڪناري تي جنهن کي به ٿي ڏٺو، ان سان دل لڳائي ٿي ويٺو...!

    جيڪي عشق نٿا ڪن، اهي هن ڏينهن خوامخواهه لغڙ هٿن ۾ جهليو، ان مسافر وانگر بس ۾ ويٺا هوندا آهن، جن کي خبر ئي نه هوندي آهي ته اسان کي ڪهڙي اسٽاپ تي لهڻو آهي...! هڪڙي ناڪام عاشق کان پڇيوسين ته، ”توهان جيڪو لغڙ ڪاٽا ڪرڻ چاهيو ٿا، ان ۾ ناڪامي ڇو ٿي ٿئي؟“ چيائين:”آئون نٿو ٻڌائي سگهان، ڇو ته آئون پاڻ به ڪنهن لُنڊي لغڙ جيان گوهيون پيو هڻان... مون ته جنهن به لغڙ کي ڪاٽا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ان جي چوگرد 6 ست لغڙ اڳواٽ ئي هوا ۾ موجود هوندا آهن...!“

    هڪ ٻئي عاشق جي ڪهاڻي ڪجهه هن طرح آهي ته اهو لغڙ اڏائيندي، کُڏ تان هيٺ ڪري پيو ۽ سندس ٽنگ ڀڄي پئي...پڇيوسين: ”اهو واقعو ڪيئن ٿيو؟“ ته چيائين:”سامهون ٻئي کُڏ تي بيٺل پاڙي واريءَ چيو... مٺي سوپاري ته کاراءِ... ۽ پوءِ مون جيئن ئي سوپاري ڏيڻ لاءِ قدم اڳيان وڌايو ته هوا ۾ اڏامندو ويس... ۽ ثابت ڪيم ته عشق انڌو نه ٿيندو آهي، پر عاشق انڌو ٿيندو آهي!“

    ائين ڇو آهي ته عشق ۾ ماڻهو هر وقت محبوب جي سوچن ۾ گم هوندو آهي... جيئن اسان جو هڪ دوست عشق ۾ اهڙو گم هوندو هو، جو گهڻا ڏينهن گم هئڻ جي ڪري هڪ ڏينهن اخبار ۾ پنهنجو فوٽو ڏٺائين. جنهن جي مٿان لکيل هو:”گم ٿيل جو پَتو گهرجي!“ جنهن کي وري سندس ٻئي دوست هن طرح پڙهيو ته:”گم ٿيل جو پِتو(bladder) گهرجي!“ هن همراهه کي به هر جاءِ تي محبوب جو چهرو ئي ڏسڻ ۾ ايندو هو...هزار جو نوٽ ڏسندو ته ان ۾ به نهاري چوندو: ”هر جاءِ پرين هر محفل ۾... مونکي تنهنجي ڪمي محسوس پئي ٿي...!“

    هڪ سنڌي اديب ٻڌايو ته، هن دفعي مون هڪڙو ناول لکيو آهي، ”بسنت جي ڏينهنِ ۾ برڊ فِلوُ...“ چيائين.:”برڊ فلو اچڻ کانپوءِ جيڪي مرغيون چوري ڪري کائيندا هئا، انهن به توبهه ڪري ڇڏي آهي!“ چيومانس”جيڪڏهن مرغيون نه هجن ها ته اسان بيضي جهڙي نعمت کان محروم هجون ها.... ۽ جيڪڏهن بيضو نه هجي ها ته به اسان جا ماڻهو ايترا ته هوشيار آهن، جو اهي مرغيون ڪٿان نه ڪٿان هٿ ڪري وٺن ها...! چيائين ”هائو، جيڪي ماڻهو مرغيءَ کي پکي تسليم نٿا ڪن، اهي اڃا تائين مرغيون کائي رهيا آهن... ڪن جو ته اهو به چوڻ آهي ته دعوت واري مرغيءَ ۾ برڊ فلو ٿي نٿو سگهي...!“

    شاعر اهو انسان جو ٻچو هوندو آهي جو بسنت جي ڏينهن به اهڙا شعر لکندو، جو هُو انهن شعرن مان پاڻ ايترا فائدا ڪونه وٺندو جيترو ٻيا وٺندا... جيئن اسانجي هڪ شاعر دوست بسنت جي ڏينهن مارڪر سان لغڙ تي شعر لکي، پنهجي محبوبا کي موڪليو، پر لغڙ سڌو وڃي محبوبا جي پيءُ جي مٿي ۾ لڳو ... ٻئي ڏينهن شاعر صاحب جو اخبار ۾ زخمي چهري وارو فوٽو هو... ۽ هيٺان اپيل هئي ته:”ڪلچر ڊپارٽمينٽ کي گذارش آهي ته شاعر جي ڦاٽل مٿي جو علاج ڪرائين يا شاعر کي اهو لغڙ واپس ڏياريو وڃي!“ هيٺان سنڌي ڊَمِي سنگت جو الٽيميٽم لکيل هو ته: ”شاعر کي لغڙ واپس نه وٺي ڏنو ويو ته اسين مارچ اپريل ۽ مَئي ڪنداسين ۽ هڪ عظيم ”لغڙ ڦاڙ تحريڪ“ جي شروعات ڪنداسين...!“

    هڪ اداڪارا کان پڇيوسين ته ”بسنت جي باري ۾ توهان جو ڇا خيال آهي؟“ ته چيائين:”سٺي شيءَ آهي... اگر لڪي لڪي ڇت تي وڃجي ته...!“ پڇيوسين. ”توهان ڀلا ڪڏهن ڪنهن سان پيچ اڙايو ؟“ ته اکيون ڦيريندي چيائين:”مونکي ته پنهنجي وطن سان محبت آهي...!“ چيم ”بيشڪ، پر شادي ته انسان جي ٻَچي سان ڪندينءَ...“ چيائين: ”دراصل... بسنت ملهائڻ وقت اخلاقيات کي به آڏو رکڻ گهرجي!“ چيومانس:”توهان جو مطلب آهي برقعا پائي، پوءِ لغڙ اڏائڻ گهرجن...!“ چيائين:”بسنت تي آئون صرف پنهنجن چاهيندڙن کان گفٽون وٺندي آهيان... ۽ ايتريون گفٽون ملنديون آهن، جو دل چوندي آهي ته پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي گفٽ سينٽر کولي ڏيان!“ پڇيوسين:”پوءِ ايترن عاشقن مان توهان ڪنهن سان گهمڻ وينديون آهيو؟“چيائين ”دراصل منهنجو طريقه ڪار اهو هوندو آهي ته آئون هن ڏينهن تي رڳو پنهنجن عاشقن کان گفٽون وٺي گڏ ڪندي آهيان... پوءِ گفٽن مٿان نمبر لکندي آهيان... جنهن کانپوءِ وري انهن گفٽن جي ٽاپ ٽين ٺاهيندي آهيان ۽ پوءِ جيڪو ٽاپ ٽين ۾ سڀ کان قيمتي تحفو موڪلي پهريون نمبر ايندو آهي، ان سان گهمڻ ويندي آهيان...“ پڇيوسين:”ائين ڇو؟“ ته چيائين، ”اسانجي معاشري ۾ ڪنجوس عاشقن جو ڪو به مستقبل ڪونهي... غريب عاشق اڏوهيءَ وانگر آهن، جيڪو هينئر ئي خرچ نٿو ڪري، اهو شاديءَ کانپوءِ رُلائي ماريندو...!“ چيائين:”مونکي ياد آهي ته هڪڙي عاشق ريڙهي تي رکيل... هر مال پنجٽيهه رپيا... مان تحفو وٺي موڪليو، مون به هن کي پورا پنجٽيهه ڏينهن پنهنجو مُنهن ڪونه ڏيکاريو...“

    abro_Imtaiz@hotmail.com
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب امتياز ابڙو جي لکين ڪالمن جو مجموعو

    سنڌي ظالمي ڪانفرنس



    اڱارو 09 مئي 2006ع

    جتي اديبن جي لَٺ لڳل هوندي آهي، اتي ٻيون سڀئي لَٺيون ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏينديون آهن...ائين جو ڏاڍي جي لٺ، جنهن کي ٻين ملڪن ۾ ٻه مٿا ۽ اسانجي ملڪ ۾ بيشمار مٿا آهن، اها به چوندي آهي ته، ”اديبن جي لٺ کي هڪڙو به مٿو نه ٿيندو آهي...!“ هڪڙي صحافيءَ چيو، ” هيءَ عالمي ڪانفرنس آهي، يا ظالمي ڪانفرنس آهي؟ “ پڇيوسين، ”ڇو؟ “ ته چيائين، ”هتي ويٺا ته رڳو گولاڙچي، ٽنڊو آدم ۽ راڌڻ جا اديب آهن..! “

    اسان سمجهيو عالمي ڪانفرنس آهي...معني يوگنڊا مان به سنڌي اديب ايندا...پر خبر پئي ته يوگنڊا ۾ سڀ انسان آهن، اتي اديب نه رهندا آهن...هڪ دوست کان پڇيم، ” انڊيا مان ڪير پيو اچي؟“ چيائين، ”سڃاڻان ته آئون به ڪو نه...بَس جنهن جي نالي پٺيان ”ڻي“ هجي، سمجهه ته اهو ڀارتي اديب آهي....جيئن، ويهاڻي، پٿراڻي...هالاڻي....“

    ڪاڄ ڄويو جيڪو هر فنڪشن ۾ يا صدارت ڪندو آهي، يا وزارت ڪندو آهي...ڪنهن اديب جي پُٽ جو طهُر هجي....ڪنهن اديب جي جِهنڊِ جي رسم هجي....سنڌ جي ڪنهن به شهر ۾ ادبي ڪاڄ هجي...ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين هي جنَ وانگر اڏامي پهچي ويندو آهي...هن کي عرض ڪيائون ته، ”ڀارتي اديب غائب آهن... وارو ڪر...عالمي ڪانفرنس آهي....ڪو ڀائي بندُ وٺي اچ...ته ان کي”ڦاساڻي يا ڳڙڌاڻي“ بنائي انڊيا جو اديب ڪري پيش ڪريون“ ڪاڄ ڄوئي چيو، ”ماڻهن کي خبر پئجي وڃي ته پوءِ...؟“ جواب مليو، ”ڪهڙو ماڻهو شناختي ڪارڊ کڻيو پيا مُنهن جانچيندا...اسين چونداسين ...دهليءَ مان آيو آهي؟“ چيائين، ”وشيچند مشيچند مڪراڻيءَ کي وٺيو ٿو اچان“ پڇيائون، ”اهو ڪير آهي؟ “ ته چيائين،”انهيءَ سنڌي ادب ۾ ماءُ پيءُ جو ادب روشناس ڪرايو...!“

    سڀ پريشان لڳا پيا هئا...ته عالمي سنڌي ڪانفرنس آهي، انڪري عالمي سنڌي اديب ڪٿان اچن... لکين رپيا خرچ ٿيا آهن، پر اديب رڳو موري، سڪرنڊ ۽ هالا جا ويٺا آهن...ڪجهه ماڻهو لياري موڪليائون جتان هڪڙو شيدي وٺي آيا ته... ”ادا تون چئجان...آئون سائوٿ آفريڪا کان آيو آهيان...! “ ڏاڏي چيو، ”نا...ڙي...هي ڪهڙو ڪم پيا وٺو...ڪو سئنيما جي گيٽ ڪيپري ٻيٽ ڪيپري ڏيو ڙي.....هي مقالو وقالو ڇا هي ڙي...؟“

    هڪڙي راهه ويندي منگوليا جي همراهه کي ايئرپورٽ تي چيائون، ”هڪڙي مهرباني ڪريو... سنڌي عالمي ڪانفرنس ۾ هلي مقالو پڙهو...!“ همراهه قميص ڇڏائيندي چيو، ”پري ٿيو...مونکي سنڌي نٿي اچي...!“ چيائون، ”اسانکي وري ڪهڙي سنڌي اچي ٿي...!“ همراهه چيو، ”منهنجو مقالو ڪنهن کي به سمجهه ۾ نه ايندو“ خوشيءَ مان رڙ ڪندي چيائون، ”ويري گڊ...ڇو ته مقالو چئبو ئي انهيءَ شيءِ کي آهي، جيڪا ڪنهن کي به سمجهه ۾ نه اچي...!“

    هاڻي ڇا ڪجي ...عالمي ڪانفرنس آهي...دنيا جا ٻيا اديب نه هوندا ته وڏو مسئلو ٿيندو...هڪڙي چيني دندان ساز وٽ پهتا...چيائون، ”ادا...سنڌي ڪانفرنس آهي...هلي ڪجهه دانشوري ڦوُڪون هڻ..!“چيني دندان ساز پڇيو، ”مونکي ڇا ڪرڻو پوندو؟“ چيائون. ”تون چئجان...آئون شنگهائيءَ ۾ ”چوُن چان چان چنگچي اَدبي سنگت“ جو سيڪريٽري آهيان ۽ چيني ادب سنڌيءَ ۾ پڙهائيندو آهيان.. ! “ چينيءَ چيو، ”ڪامريڊ...مون ته چيني زبان ۾ به ادب ڪو نه پڙهيو...سو آئون چريو آهيان جو اتي هلي جامد سنڌي، بَلا نا ۽ ٻڪر بَڪباز جي ڀر ۾ اسٽيج تي ويهان...! “

    هڪ تعليمي ماهر اسٽيج تي چڙهيو، جنهن جي خود انٽر ڪاپي سان ٿيل آهي...چيائين، ”سنڌ جي پرائمري تعليم جو نظام تباهه ٿي چڪو آهي“ ته هيٺان آواز آيو... ”هائو...اتي ڪاپيءَ جي ايتري سهولت ڪانهي...!“ هڪ ٻيو ڏاهو جيڪو مونکي ڄاهو پئي لڳو...چيائين ته،... ”سنڌ ۾ تمام گهڻي بيروزگاري آهي...! “ هيٺان آواز آيو، ”ڇا ان ڳالهه لاءِ عالمي ڪانفرنس سڏائي اٿوَ...اها ته اسانکي خبر آهي...! “ ٻڪر بڪباز چيو ته، ”شيخ اياز جهڙو شاعر هاڻي سنڌ ۾ ڪڏهن به پيدا نه ٿيندو! “ ته يڪدم هيٺ ويٺل هڪ اديب چيو ته، ”ڇو سائين...ڇا سنڌ جون سڀ دايون مري ويون؟“

    ڪنهن کان پڇيوسين، ”اهي شيلڊون ڇو پيا ڏيو؟ ڇا....اديبن ڊوڙ جو مقابلو کٽيو آهي؟ “ چيائون، ”هنن وڏا، ڊگها ۽ شاهي مقالا پڙهيا آهن، سي به بلند آواز ۾.... “ چيوسين، ”شيلڊون ته انهن کي ملڻ گهرجن...جن مقالا ٻڌا آهن...جنهن سڀئي مقالا ٻڌا هجن انکي ”برداشت شيلڊ“ ملڻ گهرجي...جنهن سڀني نشستن ۾ شرڪت ڪئي انکي وري”صابرين شيلڊ“ ملڻ گهرجي...انهن مان ئي اسٽيج تي ويٺل هڪ اديب بلا نا کان پڇيم ته” توهان ته ضياءَ جي اهلِ قلم ڪانفرنس کان وٺي ڪروڙ کن ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪئي هوندي؟“ چيائين، ”هنن معمولي ڪانفرنسن ۾ ته صرف چئڪ ٿو ملي، پر ضياءَ جي اهلِ قلم ڪانفرنس ۾ ته ڪيش ملندو هو...اهو ڪيش جنهن جي مٿان ڪوبه چئڪ نه هو..!“

    سنڌي محققن جا ٽي قسم آهن...پهريان اهي جيڪي پاڻ ۾ نٿا ٺهن... ٻيا اهي جيڪي پهرئين قسم سان نٿا ٺهن ۽ ٽيان اهي جيڪي ڪنهن سان به نٿا ٺهن...پهريون قسم چوي ٿو، ”تحقيق ڪندڙ رڳو اسين آهيون... “ ٻيو قسم چوي ٿو، ”پهرئين قسم وارا ٻٽاڪون ٿا هڻن“ ۽ ٽئين قسم جو موقف آهي ته، ”پهريان ٻئي قسم ڪوڙ ٿا ڳالهائين!“ ڳالهيون به عجيب عجيب ٿي رهيون هيون...جهڙوڪ هڪڙو وڏو اديب (عمر ۾ وڏو) اسٽيج تي چئي رهيو هو ته، ”ڀٽائيءَ تي به هاڻي ريسرچ ٿيڻ گهرجي....شيخ اياز تي به هاڻي ڪم ڪرڻ گهرجي...فلاڻي تي به هاڻي تحقيق ٿيڻ گهرجي..! “ ته هيٺان مهمانن مان ڪنهن چيو، ”توهانکي به هاڻي هيٺ لهڻ گهرجي..! “

    جيڪو ماڻهو ڪجهه به نه ڄاڻندي اها دعويٰ ڪري ته هو سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو، انکي اديب چئبو آهي ۽ جيڪو ماڻهو ڪجهه به نه ڄاڻندي اها دعويٰ ڪري ته منهنجي سامهون وارو همراهه ڪجهه نٿو ڄاڻي ته انکي وري سنڌي اديب چئبو آهي...هڪ نشست...”خراب ماضي، بدحال مستقبل“ ۾ ايترا ته اديب پهتا جو هال ۾ ”ڪرسيون گهڻيون ۽ اديب ٿورا“ جي عنوان سان نشست اندر نشست شروع ٿي ويئي...جيڪو همراهه ڪولڊ ڊرنڪ کڻي آيو هو...انکي قابو ڪري چيائون ته، ”مٿي هلي مقالو پڙهه...نه ته پئسا ڪو نه ملندئي! “جنهن ويچاري مجبور ٿي اچي مقالو پڙهيو، ”سنڌي اديبن ۾ گلائون ڪرڻ جو جمالياتي پس منظر...! “

    هڪڙو ٻيو انسان نما دانشور ساهمي کڻي اچي اسٽيج تي بيٺو...۽ شاعرن جي تورَ ۽ وزن ڪرڻ لڳو...ته، ”فلاڻو وڏو شاعر آهي، فلاڻو ننڍو آهي...فلاڻو وچولو آهي...فلاڻو ميڊيم سائيز آهي...فلاڻو فئملي سائيز آهي! “ هيٺ ويٺل هڪ اديب چيو، ”ائين ته مان به شيخ اياز کان وڏو آهيان..!“ پڇيوسين، ”ڪيئن؟“ ته چيائين، ” شيخ اياز جو وزن 60 ڪلو هو ۽ منهنجو 80 ڪلوگرام آهي!“ منهنجي ئي ڀر ۾ هڪ ٿلهو اَرڙ بلا جهڙو اديب ويٺو هو...يڪدم چيائين، ”ائين آهي ته پوءِ آئون سڀ کان وڏو شاعر آهيان...!“ پڇيوسين، ”ڪيئن؟“ ته چيائين، ”منهنجو وزن ايترو آهي، جو مشين تي بيهندو آهيان ته ان مان هڪ عورت جو آواز ايندو آهي ته، برائي مهرباني ڪچهه دير بعد ڪوشش ڪيجئي گا.....!
     
  5. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: محترم جناب امتياز ابڙو جي لکين ڪالمن جو مجموعو

    سٺي ڪوشش آهي سائين امتياز صاحب جي

    ادا وهاب راجه صاحب اهڙيون ڪوششون جاري رکجو

    سدائين گڏ
     
  6. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب امتياز ابڙو جي لکين ڪالمن جو مجموعو

    مهانگا ٻڪرا




    سومر پهرين جنوري 2007ع

    ان ڏينهن ٻڪرا پڙيءَ ۾ ماسترگُلڻ ٻڪرا وڪڻندڙ کي چيو ”هڪ هزار رپين جهڙو ٻڪرو ڏيکار!“ ته ٻڪرا وڪڻندڙ يڪدم گُلڻ ۾ نهارڻ لڳو ۽ گُلڻ وري مون ۾نهارڻ لڳو ۽ آئون وري واپس ٻڪرا وڪڻندڙ ۾نهارڻ لڳس... ٻڪرا وڪڻندڙ چيو ”هڪ هزار ۾ ته ٻڪري جو پُڇُ به ڪونه ملندئي!“

    گلڻ پڇيو ”پوءِ هاڻي ڇا ڪريان...؟“ چئمانس ”تون ماٺ ڪري هن دفعا هڪ ٻڪري جو فوٽو هلي خريد ڪر ۽ پوءِ اُن جي ڳچي ڪئنچيءَ سان ڪٽيءٌماڻهن کي ٻڌاءِ ته تو قرباني ڪري ڇڏي!“صبح کان وٺي ماستر گلڻ ٻڪرو ڳولي رهيو هو... چيائين”يار ايتري مشڪل ته مونکي زال ڳولڻ ۾ به ڪانه ٿي... ٻڪرو ڪونه ٿيو جهڙي نوڪري ٿي ڳولي ڳولي لاهه نڪري ويا آهن!“

    اڄڪلهه ٻڪرا ايترا مهنگا آهن جو صرف هڪ ٻڪري جي قربانيءَ لاءِ به وڏي قرباني کپي... ۽ ماستر گلڻ وري ٻڪرا پڙيءَ ۾ هڪڙو هڪڙو ٻڪرو جانچيندو ۽ رد ڪندو پئي ويو ۽ اهو به ڪونه ٿي سوچيائين ته ٻڪرن جي دل تي ڇا گذرندو هوندو... رقم جي معاملي ۾ به ايترو ڪنجوس جو چاهيائين پئي ته ٻن ٻڪرن تي هڪڙو ڇيلو مفت ۾ ملي... هڪڙي ٻڪرَ جي باري ۾ ته ان جي مالڪ کان ايترا سوال پڇيائين جو مالڪ چيس ”سائين ٻڪرو قربانيءَ لاءِ پيا خريد ڪريو يا ان کي گود وٺندائو؟“

    ماستر گلڻ هڪ اڇي رنگ جي قد آور ٻڪري جي اڳيان اچي بيٺو... ٻڪري جي اکين سان اکيون ملائيندي چيائين ”واهه...ڇا ته ٻڪرو آهي ...هن کي ڏسي مونکي پنهنجو ننڍپڻ پيو ياد اچي...!“

    ٻڪرن جي مالڪ چيو ”سائين هي به اڳيان تاريخي ٻڪرو آهي!“ گلڻ پڇيو ”ڇا هن ٻڪري جي ابن ڏاڏن ٻي عالمي جنگ ۾ حصو ورتو هو؟“ مالڪ گلڻ کي گهُوري وري ٻڪري کي گهوريندي چيو ”سائين مياڻيءَ جي جنگ ۾ جيڪي شهيد ٿيا هئا انهن جي چاليهي جي ڀَت ۾ هن ٻڪري جي مائيٽن جو گوشت هو... توهين اعتبار ڪريو... خود شهزادو سليم به هن جي ابن ڏاڏن جا پاوا کائي پوءِ انار ڪليءَ سان ملڻ ويندو هو...!“

    اڄڪلهه ٻڪرا خريد ڪرڻ ايترا ڏکيا آهن جو هڪ بئنڪ طرفان اشتهار آيو ته ”ٻڪرا خريد ڪريو آسان قسطن تي...“ ڪجهه ماڻهو قربانيءَ کان اڳ ٻڪري کي سينگاري سڄو شهر گهمائيندا آهن ته جيئن ٻڪري کي خبر پوي ته اهڙي گٽرن سان ڀريل ۽ ڀڳل ٽٽل شهر ۾ رهڻ کان سٺو آهي ته قربان ٿي وڃجي... اتر سنڌ جي مادي ٻڪري وري اهڙي هيسيل هوندي آهي جو وات مان اڃا هڪڙي” ٻهَ

    “ ڪڍي وري ٻي” ٻهَ “ لاءِ وات کوليندي تيسين ان جي ڀر ۾ بيٺل ٻڪرو ان کي ڪارو ڪري ماري ڇڏيندو... ٿر ۾ وري ايتري سختي آهي جو ٻڪر کي”

    آءِ لَو يُو“ چوڻ لاءِ به هڪ ڇيلو ملازم رکڻو پوندو آهي... جيڪو وري”

    آءِ لَو يُو

    “ گاهه تي لکي ڪنهن ٻڪريءَ تائين پهچائيندو آهي... جيئن لاڙ ۾ ته اڄڪلهه ايتري گهما گهمي آهي جو هتي ڪو ٻڪرو گهمڻ لاءِ نڪرندو آهي ته به لڳندو ڄڻ اليڪشن ورڪ تي نڪتو آهي!

    اڄڪلهه سَستو ٻڪرو وٺڻ ايترو ڏکيو ٿي پيو آهي جو جيڪڏهن ڪو ماڻهو سستو ٻڪرو خريد ڪري گهر ٿو موٽي ته خوش اهڙو ٿو ٿئي ڄڻ پيار جو پرڻو ڪري موٽيو هجي... جن مردن کي عطرن گلن ۽ عورتن جي خوشبوءِ وڻندي آهي اهي وري ٻڪرن جي مقابلي ۾ ٻڪرين کي ترجيح ڏيندا آهن جيئن اسانجو هڪ ٻيو دوست هر عيد تي

    ٻڪر جي بدران ٻڪريءَ جي قربانيءَ کي انڪري اهميت ڏيندو آهي ڇو ته شاديءَ جي ٻئي ڏينهن ئي سندس زال هن کان طلاق وٺي هلي ويئي هئي...!

    عيد جي ڏينهن وري گوشت کائڻ ته ٺهيو پر گوشت پنڻ به فن ٿي پوندو آهي... ڪجهه ماڻهو گوشت ائين پنندا ڄڻ انصاف پني رهيا هجن... عيد جي ڏينهن شاپنگ بيگون کڻي شهر ۾ ائين نڪري پوندا جو محسوس ٿيندو ته شايد باقي سڄو سال گوشت تي بين هوندو... ۽ پوءِ انهن جي گهرَنِ ۾ ايترو گوشت گڏ ٿي ويندو جو انهي گوشت کي وري ملائجي ته انهي مان چار ٻڪريون ٽهي پون... جيئن اسانجو هڪ سڃاڻو آهي انکي خبر ناهي ڪنهن ٻڌايو ته قربانيءَ جو گوشت صرف غريبن لاءِ هوندو آهي... انڪري عيد تي غريبن واري شڪل ٺاهي پيو هلندو ... ۽ غريبيءَ واري شڪل به اهڙي ڀلي ٺاهيندو جو ڪير غريب هن کي ڏسي ته اهو به روئي پوي... هر عيد تي پنج سئو کان مٿي اوجهريون گڏ ڪندو... ۽ هر اوجهري وٺڻ مهل ان کي هٿ ۾ جهلي مٿي ائين کڻندو ڄڻ آسڪر ايوارڊ وٺي رهيو هجي!

    قربانيءَ جو گوشت وري مرد گهڻو کائيندا آهن عورتون گهٽ انڪري کائينديون آهن ڇو ته انهن جي جسم تي گهڻو گوشت اڳٽ ئي هوندو آهي...توهان ڪنهن به موٽي عورت سان اڌ ڪلاڪ ڪچهري ڪريو ته اوڻٽيهه منٽ ڊائيٽنگ تي ڳالهائيندي....توهان پڇندائو ته باقي هڪ منٽ ڪيڏانهن ويو؟...ته ادا....باقي هڪ منٽ هن سموسو پئي کاڌو...!

    چون

    ٿا اصل قربانيءَ جو ٻڪرو اهو جيڪو سڄي رات پاڙي کي سمهڻ نه ڏي... جيئن هڪڙي همراهه جو ٻڪر اهڙيون دانهون ڪندو هو جو هڪڙي دانهن ۾ ٽن ٻڪرن جو آواز ڪڍندو هو...هون به دنيا ۾ ٻڪرين جا قسم ته گهڻا آهن پر ٻڪر سڀ هڪجهڙا نظر ايندا... ائين جو اگر ڪنهن ٻڪَر کي ڳو لڻو پوي ءٌ ته اهو توهان کي ڪنهن ٻڪريءَ جي ئي آس پاس ملندو... انڪري ٻڪريءَ ۽ انسان جي پاڻ ۾ ايتري ته ٺهندي آهي جو هڪ ماستر پنهنجي دوست کي ٻڌائي رهيو هو ته ”آئون پنهنجي ٻڪرِي ڪونه ڪهندس ڇو ته اسان ٻنهي جا خيالات پاڻ ۾ ڏاڍا ملن جلن ٿا...!“

    ائين ئي پڙي گهمندا آئون ۽ ماستر گلڻ هڪ ٻئي هنڌ پهتاسين ته هڪ ٻڪري جي مالڪ اڳيان وڌي ٻڪري جا ڏند ڏيکاريندي چيو ”سائين ڏسو...ٻه ڏندو آهي...پوري هڪ سال جو آهي اڃا ڪالهه هن جي برٿ ڊي ملهائي اٿئون!“چيم ”ڀاءُ... هاڻي سالگرهه جي ڪيڪ جي قيمت سميت ٻڌاءِ ته هن جو گهڻو وٽندين..؟“چيائين ”صرف 6 هزار رپيا!“ گلڻ به ٽهه پهه جواب ڏنس ”ايترا پئسا...مونکي ٻڪرو قربانيءَ لاءِ کپي.. مونکي هن کان ڪشش چئنل تي گانو ڪونهي ڳارائڻو...!“

    هڪ ٻئي هنڌ پهچي ماستر گلڻ ٻڪرن کي باقائدا جانچڻ لڳو...هڪ ڇيلي سان ته اکيون اکين ۾ ملائي بيهي رهيو اهو ڏسي مالڪ پري کان ئي رڙ ڪئي ”بس سائين...ايترو وقت بيٺائو ته ٻڪري کي پنهنجو وڇڙيل ڀاءُ ياد اچي ويندو!“ گلڻ به يڪدم پاڻ سنڀاليندي چيو ”مونکي هڪ اهڙو ٻڪرو گهرجي جنهن جي مٿان ڪاتي وهائي وڃي ته” اُف...“ به نه ڪري!“ همراهه چيو ”پوءِ توهان...هي سنڌي ٻڪرو کڻي وڃو!“ گلڻ انهي ٻڪري کي حيرت ۾ ڏسندي پڇيو ”هن ۾ ڪهڙي خوبي آهي؟“ جواب مليو”هن کي ڪُهڻ سولو آهي...بس رڳو ڪاتي وهائڻ کان اڳ هن جي ڪَن اڳيان وڃي هڪ جملو چوڻو پوندو ته هي پاڻ ئي زمين تي سُمهي رهندو!“ گلڻ پڇيو”ڪهڙو جملو؟“ جواب مليو ”بس... رڳو آهستي چوڻو پوندو ته ...دانهن نه ڪجان...انجي بدلي ۾ توکي سينيٽ جي سِيٽ ٿا ڏيون!“

    abro_Imtiaz@hotmail.com
     
  7. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب امتياز ابڙو جي لکين ڪالمن جو مجموعو

    چوڪيدار

    خميس 11 جنوري 2007ع

    اسان هڪڙي چوڪيدار کي سڃاڻون جيڪو رات جو سڄي پاڙي ۾ چوڪيداري ڪندو آهي، هُو ”جاڳندا رهو“ ايترو ته سُرور سان چوندو آهي جو ڪيترن ئي چورن هن جو آواز ٻُڌي چوريءَ جو پروگرام لاهي اچي هن کي چيو ته، ”هاڻي ڪلام پورو ٻڌاءِ!“ باقائدا چورن وٽان فرمائشون ٿي آيون ته اهو ”جاڳندا رهو“ وارو ڪلام ٻڌاءِ ته اسين چوريون ڪرڻ ڇڏي ڏيون. ڪجهه گهرن مان ته چوڪيدار کي فونون اچڻ شروع ٿيون ته، ”آ اَبا اهو جاڳندا رهو ته چئجان، ته جيئن منهنجو ننڍڙو سُمهي!“ تازو هن جي هڪ ڪئسيٽ به مارڪيٽ ۾ آئي آهي، جنهن ۾ ڪئسيٽ جي ٻنهي پاسي رڳو ”جاڳندا رهو“ ڀريل آهي. هن جو چوڻ آهي ته اها ڪئسيٽ انهن چوڪيدار ڀائرن لاءِ تحفو آهي، جيڪي اهڙي سرديءَ ۾ پهرو نٿا ڏيئي سگهن، يا جن کي ننڊ تمام گهڻي ٿي اچي. هن جو چوڻ آهي ته ٽيپ رڪارڊر ۾ اها ڪئسيٽ لڳائي وڃي سمهي رهو، چور انهي پاڙي ۾ ئي ڪونه ايندا!

    چوڪيدار ڇو رکبا آهن؟ انڪري رکبا آهن ته جيئن چور سنڀالي چوري ڪن ۽ سڄو مال اڪيلي سر نه کڻي وڃن، پر ڪجهه چوڪيدار لاءِ به رکن. چوڪيدار رکي ماڻهو اهو به ثابت ڪندا آهن ته هنن وٽ مال تمام گهڻو آهي، تنهن ڪري چورن کي هيڏانهن هوڏانهن ڌِڪا کائڻ جي ڪابه ضرورت ناهي. جيئن هڪڙي همراهه چوڪيدار کي ڪاوڙ ۾ چيو، ”سڄي رات ٿو چوين جاڳندا رهو، جاڳندا رهو، نڀاڳا جيڪڏهن اسين جاڳندا رهون ته پوءِ توکي ڇاجي لاءِ رکيو اٿئون؟“

    بئنڪ چوڪيدار يا گارڊ وري ان شخص کي چئبو آهي، جنهن وٽ انگريزن جي دور جي اها بندوق هجي، جنهن کي ڏسي چور اڌ ڪلاڪ ته کلندو رهي ۽ پوءِ کلي کلي پيٽ تي هٿ لائي چوي، ” لعنت آهي اهڙي ترقيءَ تي!“ سو بئنڪ چوڪيدار ان کي به چئبو آهي، جنهن وٽ انگريزن جي دور جي اها بندوق هجي، جيڪا خود انگريز به استعمال نه ڪندا هئا، ڇو ته انگريزن کي خبر هئي ته هن سان چور ته ڇا چور جي ڏاڙهيءَ جو ڪکُ به ڪونه اڏامندو، ڇو ته هيءَ بندوق ته اها آهي، جنهن سان ميلي ۾ ڦوڪڻا ڦاڙيا ويندا آهن، جنهن تي انعام ۾ اهڙي پلاسٽڪ جي موبائيل ملندي آهي، جنهن مان رڳو ”چَل ڇَيان ڇَيان“ وارو گانو ٻڌڻ ۾ ايندو آهي! سو بئنڪ چوڪيدار اُن کي به چئبو آهي، جنهن وٽ انگريزن کان به اڳ جي دور واري اها بندوق هوندي آهي، جيڪا جيستائين کڻندو، تيسين چور سڄي بئنڪ لُٽي گهر پهچي جيئن ئي چانهه پيئڻ لاءِ ڪوپُ وات تي رکندو، تڏهن وڃي مَس مَس ان بندوق مان ٺڪاءُ نڪرندو!

    اڳي زماني ۾ ماڻهو ايترا ٿورا هوندا هئا، جو چوڪيداريءَ جو ڪم ڪتي کان ورتو ويندو هو. هيئنر وري بي روزگاري ايتري آهي، جو اهو ڪم ماڻهوءَ کي پاڻ ٿو ڪرڻو پوي، ان ڪري ڪتو بي روزگار ٿي ويو آهي. چوڪيدار ۽ ڪتي جو واسطو وري صدين کان رهيو آهي. مصر جي اهرامن مان به جڏهن ”مَميون“ ڪڍيون پئي ويون ته ڪيترن ئي ”ڊيڊين“ جا منهن لهي ويا هئا، ڇو ته اتان اهڙا به ڪتا مليا هئا، جيڪي چوڪيدارن جي مٿان چوڪيداري ڪندا هئا. اڄ به اسان جا سنڌي چوڪيدار ڪتا ان ڪري پاليندا آهن ته جيئن چور اچي ته گهٽ ۾ گهٽ ڪتي جي ڀونڪ تي هُو جاڳي سگهن!

    هونءَ به هاڻي چور ايترا هوشيار ٿي ويا آهن، جو هنن کي خبر آهي ته ڪتن کي ماٺ ڪرائڻ جو طريقو ڇاهئڻ گهرجي. ان ڪري چوري ڪرڻ ويندا ته پاڻ سان گڏ ڪتي جي لاءِ رشوت طور کاڌو کڻي ويندا، جنهن سان اهو ٿيندو ته ڪتو چور ۾ نهاريندو ته سَهي پر صرف ”ٿينڪ يوُ “ چوڻ لاءِ. خود ماڻهن سان گڏ رهي رهي ڪتن ۾ به هاڻي اها ”ڪُتا شناسي“ ناهي رهي، جو چور کي ڏسن ته يڪدم ڀونڪڻ لڳن. سدائين پهرئين اهو ڏسندا ته پنهنجو ماڻهو ته ڪونهي!

    هڪڙي ڪتي کان پڇيوسين ته، ”توهان چورن جي پٺيان اڄڪلهه ڇو نٿا ڀونڪو؟“ ته ڪتي پڇ لوڏيندي چيو، ”دراصل اڄڪلهه چور ايترا ٿي ويا آهن، جو خبر ئي ڪانه ٿي پوي ته ڪنهن جي پٺيان ڀونڪي ڪنهن جي پٺيان ڀونڪون. اڳي ته چور رڳو رات جو نڪرندا هئا، پر هاڻي ته ڏينهن جو به آزاد پيا گهمن!“ پڇيوسين، ”توهان جو ڪم آهي ڀونڪڻ، پر توهان پنهنجي فرض شناسيءَ ۾ ڪوتاهي پيا ڪريو؟“ ڪاوڙ ۾ چيائين، ”اسين هيترو ڀونڪون ٿا، پر ان جو اسان کي ڪهڙو ايوارڊ ٿو ملي؟ ان ڏينهن آئون سڄي رات ڀونڪيس، پر مون کي ڪنهن شاباس به ڪا نه ڏني. ڀونڪي ڀونڪي مونکي ٽانسلز ٿي پيا آهن!“

    ڪتو انسان جو پراڻو دوست ئي ان ڪري آهي، ڇو ته انسان هن جي ڀونڪ کان متاثر آهي. ان ڪري ڪتي سان دوستيءَ جو عظيم ثبوت ڏيندو آهي. جيئن هڪ ڪتي کي چيوسين، ”تون اڄڪلهه ڀونڪڻ ۾ سچو ناهين؟“ ته چيائين ”ڇو ڀونڪان، مون کي ڪهڙو ان جو اُجورو ٿو ملي، توهان ”رِنگ ٽون“ تي خرچ ڪريو ٿا، پر مونکي هڪ منٽ جو رپيو به ڪونه ٿا ڏيو. ٺيڪ آهي منهنجي ”اِن ڪَمنگ ڀونڪ “ فِري هوندي، پر توهان ”بُلٽري پئڪيج“ وٺو، چار دفعا ڀونڪ تي هڪڙي اُونائي فري ڏينداسين!“

    چور نه هجن ته چوڪيدار بکيا مري وڃن، ان ڪري چوڪيدار جي بقا وري انهيءَ ۾ آهي ته ڀلي چوريون ٿينديون رهن. جيئن هڪ چوڪيدار چيو، ”چور نه هوندا ته اسين کائينداسون ڪٿان، ۽ زالون ڪيئن نپائينداسين؟؟“ پڇيومانس، ”جڏهن چور پڪڙجندا آهن ته اخبار ۾ پوليس سان گڏ انهن جا فوٽا ايئن ڇپيل هوندا آهن، جو چور جو منهن سڄو ڪپڙي سان ڍڪيل هوندو آهي، ايئن ڇو آهي؟“ چيائين، ”ان ڪري ته جڏهن چور آزاد ٿي وڃي ۽ جيڪڏهن ٻيهر هن جي دل چوري ڪرڻ لاءِ چوي ته گهٽ ۾ گهٽ هن کي ڪير سڃاڻي نه سگهي!“

    جيڪي مرد گهر دير سان موٽندا آهن، انهن جي پاڙن ۾ چوڪيدار رکڻ جي نوبت نه ايندي آهي، جو انهن پاڙن ۾ چوڪيدارن جڏهن به چور پڪڙيو ۽ وري صبح جو انهيءَ جو منهن ڏٺو ويو ته سدائين ڪنهن جو نه ڪنهن جو مڙس نڪتو. چور به سوچيندا آهن ته خبر ناهي رات جو ڪنهن مهل اهو مردُود گهر موٽندو، متان ٽڪرائجي نه وڃون. جيئن هڪ شادي شده همراهه دير سان موٽي جيئن ئي پنهنجي گهر جي دروازي وٽ پهتو ته بلڪل ان وقت هڪ چور به ديوار تان ٽپو ڏيئي هيٺ لٿو. هن چور کي قابو ڪيو. چور چيس، ”سائين مون کي ڇڏيو. مون توبهه ڪئي!“ هن چيس ”هڪڙي شرط تي ڇڏيندس!“ چور پڇيو، ”ڪهڙي؟“ چيائين، ”پهرئين اهو طريقو ٻڌاءِ ته تون ڪهڙي نموني سان منهنجي گهر ۾ داخل ٿئين جو منهنجي زال به نه جاڳي!“

    هڪ چوڪيدار کان پڇيوسين، ”چور ۽ ڌاڙيل ۾ ڪهڙو فرق آهي؟“ ته چيائين، ”جيڪو پڪڙجي پوي اهو چور ۽ جيڪو ماڻهن جي اکين سامهون چوري ڪري ۽ پوءِ به نه پڪڙجي ته ان کي ڌاڙيل چئبو!“ پڇيوسين، ”ڪهڙي قسم جا چور توهان کي ڏکيا لڳندا آهن؟“ چيائين ”اسين رڳو انهيءَ چور کي پڪڙي نه سگهندا آهيون، جيڪي دل جي چوريءَ ۾ ملوث هوندا آهن!“ ۽ ٿوري دير رکي وري مسڪرائيندي چيائين، ”ٻيا به هڪڙا ماڻهو آهن، جن جي اسان کي خبر نه پوندي آهي!“ پڇيوسين، ”ڪهڙا؟“ ته چيائين ”اهي، جن جي اندر ۾ چور هوندو آهي!“

    abro_Imtiaz@hotmail.com
     
  8. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب امتياز ابڙو جي لکين ڪالمن جو مجموعو

    پروفيسر بنگالي بابا!



    خميس پهرين فيبروري 2007ع

    ”محبوب توهان جي قدمن ۾!“...اهڙي قسم جا اشتهار ڏيئي نجومين ماڻهن کان ايترا ته پئسا ڦريا آهن جو هڪڙي دوست ته پنهنجي عاشق دوست کي چيو، ”جيڪڏهن ان جي اڌ جيترا پئسا محبوب جي پيءُ تي خرچ ڪرين ها ته محبوب جو سڄو گهر تنهنجي قدمن ۾ هجي ها...!“

    ديوارن تي اهڙا اشتهار پڙهي ته ”چوويهن ڪلاڪن ۾ محبوب توهان جي قدمن ۾!“ جن جا نالا ”محبوب“ سان ٿي شروع ٿيا، انهن پنهنجا نالا ئي تبديل ڪري ڇڏيا، ته متان اسين نه وڃي ڪنهن جي گندن پيرن ۾ پئون...ڪن ماڻهن وري نجومين کي چيو ته، ”ٿورو خيال ڪريو...گهٽ ۾ گهٽ محبوب کي ته عزت سان وٺي اچو...!“

    هٿ ڏسڻ جو رواج هاڻي پاڻ وٽ ايترو ٿي ويو آهي جو هر ڪو ماڻهو ويهين ويهين رپين جو ڪتاب پڙهيو، هٿ ڏسڻ جي بهاني گهڻن گهڻن کي پنهنجا هٿ ڏيکاريو وڃي ۽ پوءِ ماڻهو پٺيان هٿ مليندا رهجي ويندا آهن...جيئن هڪ نجوميءَ هٿ ڏسندي هڪ همراهه کي چيو، ”تنهنجي هٿ ۾ مون کي سون جا جبل پيا ڏسڻ ۾ اچن!“ همراهه حيرت ۾ چيو، ”سون جا جبل...اهو منهنجو هٿ آهي يا نيشنل جاگرافڪ جو چئنل آهي؟“ نجوميءَ ڳالهه لنوائيندي چيو، ”او...هيءَ جيڪا لڪير آهي...اها سڌو...خبر اٿئي ڪيڏانهن پئي وڃي؟“ همراهه پڇيو ”ڪيڏانهن پئي وڃي...منهنجي خيال ۾ ته هڪڙي جاءِ تي بيٺي آهي...؟“ نجوميءَ چيو ”نه...هيءَ سڌو اسلام آباد پئي وڃي...!“ اهو ٻڌي همراهه نجوميءَ کان هٿ ڇڏائيندي چيو ”تون ڪوڙو آهين...اڳئين سال به تو مون کي چيو هو ته هن سال تنهنجيون ٻه شاديون ٿينديون، پر مون کي ته هڪڙي زال به ڪا نه ملي...؟“ نجوميءَ به يڪدم چيس، ”پٽ...اڳئين سال مون تنهنجيون لڪيرون ڏٺيون هيون، تنهنجا افعال ڪو نه ڏٺا هئا؟؟“

    اسان جڏهن شهر جي مشهور نجومي پروفيسر بنگالي بابا کي چيو ته، ”اسين توهان جو انٽرويو وٺڻ آيا آهيون...!“ ته هن يڪدم چيو، ”سوري دوستو...مون کي هڪ وزير جو هٿ ڏسڻ لاءِ وڃڻو آهي...!“ پڇيوسين، ”توهان ڪهڙي وزير جو هٿ ڏسڻ پيا وڃو؟“ ته چيائين، ”اهو اڃا وزير نه ٿيو آهي...اهو ئي ڏسڻ وڃان پيو ته هو وزير به ٿيندو يا نه؟“ پڇيوسين، ”توهان وٽ ڪهڙي قسم جا سياستدان ايندا آهن؟“ ته چيائين، ”صرف اهي ننڍڙا سياستدان، جن جي پٺيان ڪو وڏو سياستدان نه هوندو آهي...جن وٽ عمارتون ته هونديون آهن، پر وزارتون نه هونديون آهن...اهي مون کان رڳو اهو پڇندا آهن ته...هٿ ۾ وزارت آهي يا ايئن بنا وزارت جي مري ويندس...!“

    پروفيسر بنگالي بابا ايترو ته مشهور آهي جو ماڻهو هن کان اهو به پڇڻ ۾ دير نه ڪندا آهن ته، ”مون کان پڇاڻي ۾ ڇا پڇيو ويندو؟“... ۽ هي وري مسڪرائي چوندو آهي ته، ”توکان پهرئين اهو پڇيو ويندو ته تو بنگالي بابا کي هٿ ڏيکارڻ جي في پوري ڏني هئي يا اڌ کائي ويو هئين...؟“ بنگالي بابا ٻڌايو ته ”مون وٽ هڪ همراهه هٿ ڏيکارڻ آيو ته هن جا هٿ مٽيءَ سان خراب هئا ۽ لڪيرون ڏسڻ ۾ نه پئي آيون...مون رڳو هن کي چيو ته...تنهنجا هٿ صاف ڪو نه آهن...ته يڪدم منهنجي پيرن تي ڪري پيو ته تون واقعي سچو نجومي آهين...بيشڪ مون پنهنجي زندگيءَ ۾ تمام گهڻي رشوت ورتي آهي...۽ منهنجا هٿ واقعي صاف ڪو نه آهن...!“

    جڏهن اسان هن کان پڇيو ته، ”بابا...توهان ڪهڙي قسم جا هٿ ڏسندا آهيو؟“ ته چيائين، ”هٿُ...بس، هٿن جهڙو هٿ هجي... هر قسم جو هٿ پڙهي ويندو آهيان...وزير هجي، سفير هجي، فقير هجي...اداڪار هجي، مڪار هجي يا...صفا بيڪار هجي...عورت هجي، مرد هجي يا ٻئي نه هجي...منهنجو واسطو رڳو هٿن سان هوندو آهي...!“ اهو ٻڌي يڪدم منهنجي دوست پڇيو، ”ڇا ڳجها هٿ پڙهي ويندو آهين؟“

    پڇيوسين ”توهان نجومي ڪيئن ٿيا؟“ ته چيائين ”گهر ۾ ويٺو هوندو هوس ته پيو مڇون وٽيندو هوس...ايئن مڇون وٽي وٽي ڌاڳا وٽڻ لڳس...پر انهي ۾ به مزو نه آيو...پوءِ مون هڪڙو طوطو خريد ڪيو...۽ ماڻهن جون فالون ڪڍڻ لڳس...پوءِ هڪڙي ڏينهن اهو طوطو هڪڙي طوطيءَ سان ڀڄي ويو...۽ مون تي اهو انڪشاف ٿيو ته ماڻهن جي هٿن جا طوطا ڪيئن اڏامي ويندا آهن. ان ڏينهن کان وٺي مون فيصلو ڪيو ته هاڻي آئون رڳو ماڻهن جا هٿ ڏسندس...ته جيئن انهن جا طوطا بچائي سگهان...!“

    چيائين، ”آئون رڳو شاعرن جا هٿ ڪو نه ڏسندو آهيان...!“ پڇيوسين ”ڇا، هنن جا هٿ ڌوتل نه هوندا آهن؟“ ته چيائين ”نه...دراصل شاعر جو هٿ هڪڙو ڏسبو آهي ۽ غزل وري ڏهه ٻڌڻا پوندا آهن...هڪڙي سنڌي شاعر جو هٿ ڏٺم ته ان چيو منهنجي ڪتاب جو مهاڳ به لکي ڏي...هڪڙو ٻيو اڇين مڇن ۽ گنجي مٿي وارو شاعر هٿ ڏيکارڻ آيو ته مون ان کي چيو ته، ”آئون تنهنجو هٿ نه، پر گنج ڏسندس...۽ گنج جون لڪيرون ڏسي ٻڌائيندس ته تنهنجو ڀاڳ ڇا ٿو چوي!“ هڪڙي ٽئين ٽيڙوءَ جي ”ٽيڙي خور“ شاعر جو هٿ ڏٺم ته پورو هفتو مون وٽ ڪو گراهڪ ئي نه آيو...اهو هٿ ڇا ڏٺم ڄڻ هر شئي هٿن مان هلي ويئي ۽ پوءِ سڄو هفتو هٿن تي هٿ رکيو ويٺو هئس...!“

    هڪ ٻيو قصو ٻڌائيندي چيائين، ”هڪڙو ٻيلي کاتي جو آفيسر هٿ ڏيکارڻ آيو، چيومانس توکي ته وڻن جو پاراتو آهي...تو ٻيلي مان ايترا وڻ ڪٽايا آهن جو ايترا ته ٻي عالمي جنگ ۾ ماڻهن جا سر به نه ڪٽايا ويا هوندا... تنهنجي هٿ جون لڪيرون ٻڌائين ٿيون ته تو ايترا تتر شڪار ڪرايا آهن، جو هاڻي توکي جهنگ جا پکي به ”تترن جو بُش“ ڪري سڏيندا آهن...ان ڪري تنهنجي آفيسري خطري ۾ آهي!“ ڪاوڙ ۾ چيائين، ”ڀليو آهين بنگالي بابا...جيڪڏهن انهيءَ حساب سان آفيسريون وڃن ها ته پوءِ گهڻن ئي ڊپارٽمينٽن جا آفيسر گهر ويٺا هجن ها...!“

    پڇيوسين ”ٻيا ڪهڙا ماڻهو ايندا آهن؟“ ته چيائين ”هڪڙو وڏيرو آيو... ان پڇيو ته چوٿين شادي ڪندس يا نه...؟“ مون چيومانس ”تنهنجو اسٽار وڇون آهي...وڇون...تون شاديون ڪندو ويندين ۽ زالون مرنديون وينديون... تنهن ڪري عورت ذات تي رحم ڪر...هڪ ڏينهن مون وٽ انڊيا مان ايشوريا راءِ اچي پهتي...جنهن جو هٿ ڏسي منهنجا پنهنجا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا ته...ڪاش آئون امتياب جو پٽ هجان ها! سنهڙو سنهڙو هٿ...آئون پاڻ جهڙو هٿن مان پئي ويس...اڌ ڪلاڪ ته مون رڳو هٿ پئي ڏٺو...نيٺ ايش چيو نجومي بابا...اهو هٿ پيا پڙهو يا شناختي ڪارڊ جو فارم پيا پڙهو...! چيومانس محترمه...اسٽارس جا اسٽار ڏسڻ سولا ناهن...ڇو ته ان لاءِ اسڪينڊلن جو به زائچو ڪڍڻو پوي ٿو...!“

    بنگالي بابا وڌيڪ ٻڌايو ته، ”هڪڙي ڏينهن فلم اسٽار شان آيو...منهنجي سامهون هٿ کوليائين ته شان جو هٿ ڪو نه جهڙو نان هو...“ مون نجوميءَ کان پڇيو ”نانُ...پر نانُ ته گول ٿيندو آهي؟، چيائين ”دراصل نانُ انگريزي اکر آهي...اهو پٺاڻن چورائي مانيءَ تي رکيو ۽ اسان سنڌين وري ان کي مقبول ڪيو...!“ حيرت ۾ پڇيم ”نانُ... انگريزي اکر ڪيئن ٿيو؟“ چيائين، ”ادا... جيئن نان سنڌي، نان مسلم ۽ نان مئٽرڪ...!“

    آخر ۾ چيائين ”مون ڪجهه ڌاڙيلن جا به هٿ ڏٺا، پر اهي مرڳو مون کي هٿ ڏيکاري ويا...پڇيائون...اسان کي اهو ٻڌاءِ ته پوليس کي ڪيئن بيوقوف بنائجي...مون کين چيو ته آئون نجومي آهيان ڪو حڪيم ناهيان...جو توهان کي طريقا ٻڌايان...آئون صرف مستقبل جي باري ۾ ٻڌائيندو آهيان... ۽ ايئن ڪري پنهنجو مستقبل ٺاهيندو آهيان!“

    abro_Imtiaz@hotmail.com
     
  9. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب امتياز ابڙو جي لکين ڪالمن جو مجموعو

    ريل گاڏيون يا جيل گاڏيون؟



    خميس 8 فيبروري 2007ع

    پڇيوسين ”ريل ۾ ڪڏهن کان آهيو؟“ چيائين ”ريلون ته اسان جون پراڻيون آهن، پر آئون نئون آهيان...ماڻهو مون کان پڇندا آهن ته ريلون پراڻيون آهن يا پٽڙيون پراڻيون؟ ته آئون چوندو آهيان جيڪڏهن ريلن کي ڏسبو ته پٽڙيون پراڻيون لڳنديون ۽ جيڪڏهن پٽڙين کي ڏسبو ته پوءِ ريلون پراڻيون لڳنديون!“ پڇيوسين ”توهان جون ريلون پٽڙيءَ تان ڇو ٿيون لهن؟“ ته مون ۾ حيرت سان ڏسندي چيائين ”ڀلا پاڻ وٽ اهڙي ڪنهن شيءِ جو نالو وٺ جيڪا پٽڙيءَ تان نه لهندي هجي...!“

    چيائين ”سڄو ڏوهه مسافرن جو آهي جو اهي سڀ ڪجهه ڄاڻندي به ڪجهه نه ڄاڻڻ جي اداڪاري ٿا ڪن...انهن کي خبر آهي ته اسان جي قسمت ۽ اسان جون ريلون ٻئي پٺتي آهن...ان ڪري مسافرن کي گهرجي ته اهي بس ۾ سفر ڪن!“ پڇيوسين ”پوءِ ماڻهو هروڀرو ريل ۾ سفر ڇو ٿا ڪن؟“ ته چيائين ”ڇو ته بس ۾ ڀاڙو ٿو ڏيڻو پوي!“

    جيئن جپان ۾ ”بُليٽ ٽرينون“ آهن، تيئن اسان وٽ وري ” اُلٽ ٽرينون“ آهن...ماڻهو ڪٿان سفر ڪري ريل مان لهندو ئي مَس ته ان جا مائيٽ انهيءَ کي گلن جا هار پيا پارائيندا ته همراهه زندهه سلامت موٽيو آهي...جيئن هڪ مسافر ٻڌايو ته ”مون کي هڪ دفعي ڪنهن اسٽاپ تي لهڻو هو، پر ننڊ اچي ويئي...ڪنهن صلاح ڏني ته ايمرجنسيءَ ۾ زنجير ڇڪبو...اڌ ڪلاڪ ته زنجير پئي ڳوليم نيٺ مس مس هڪڙي هنڌ اهو نظر اچي ويو...خوشيءَ ۾ تڪڙو تڪڙو وڃي زنجير ڇڪيم ته يڪدم منهن تي هڪڙي چماٽ ٺڪا ٿي ويئي، هڪڙي پوڙهيءَ چيو ”مُئا...منهنجي چوٽيءَ کي قابو ڪريو بيٺو آهين!“ وري تڪڙ ۾ اصلي زنجير ڳوليندي اڌ ڪلاڪ ٻيو لڳي ويو ۽ پوءِ جڏهن اهو ڇڪيم ته سڄو زنجير ئي نڪري اچي هٿن ۾ پيو...ڪنهن چيو ”اجايو پيو زور لڳائين هيءَ ريل رڳو منٿن سان بيهندي آهي...!“

    هڪڙي آفيسر کان ان جو سبب پڇيوسين ته چيائين ”دراصل مسافر اسان کي تنگ ٿا ڪن...جيڪي مسافر بغير ٽڪيٽ جي هوندا، اهي اسان کي ڏسي باٿ روم ۾ لڪي ويندا آهن. هڪڙو مسافر ته هڪ دفعي ريل جي هيٺان لِڪي ويو، شڪر جو اسان جون ريلون ڀڳل آهن جو هڪڙي سوراخ مان مون هن کي ڏسي ورتو...هڪڙو ٻيو همراهه مٿي ڇت تي وڃي ويهي رهيو، چيوسين ڇت تي ويهڻ ڏوهه آهي؟ ته ڪاوڙ ۾ چيائين ”چل ڇَيان ڇَيان“ واري گاني ۾ ريل جي مٿان ڊانس پيا ڪندا آهن...انهن کي ته ڪنهن ڪونه روڪيو...هيڏو وڏو اداڪار شاهه رخ خان ريل مٿان چڙهي گانو ٿو ڳائي ته صحيح آهي ۽ اسان غريب چڙهياسين ته غلط آهي!“ هڪڙي پٺاڻ کي چيوسين ته، ”لالا ريل مٿان ڇو چڙهيو ويٺو آهين؟“ ته چيائين ”اوئي...اسين ته هيٺ سوزوڪي خالي هوندي آهي ته به سوزوڪيءَ جي مٿان ويهندا آهيون...اسين ته سمهندا به ڇت تي آهيون!“

    اسان جا ريلوي پليٽ فارم جيڪي هاڻي پولٽري فارم جو منظر ڏيندا آهن...ان جي باري ۾ وري هڪ مسافر ٻڌايو ته ”هڪڙي دفعي آئون پنهنجي ڏاڏي سان گڏ اسٽيشن تي پهتس، ايتري رش هئي جو مون کي گاڏو ڪونه مليو. گاڏي جي ڳولا ۾ مرڳو منهنجو ڏاڏو وڃائجي ويو...آئون منجهي پيس ته هاڻي گاڏي کي ڳوليان يا ڏاڏي کي ڳوليان؟“ پڇيم ”پوءِ گاڏو لڌو؟“ ته چيائين ”ها سائين گاڏو ته لڌو...پر ڏاڏو اڃا تائين ڪونه لڌو آهي!“

    ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته هي ريل گاڏيون ناهن هي جيل گاڏيون آهن...جيئن هڪڙي ٻئي مسافر ٻڌايو ته ”آئون ريل کان هاڻي ايترو ته الرجڪ آهيان جو پنهنجن ٻارن کي رانديڪا وٺي ڏيڻا هوندا ته سڀ وٺي ڏيندس پر ريلَ نه وٺي ڏيندس...ٻارن کي چوندس ”انهي ريل سان هينئر راند نه رهو، ڇو ته وڏا ٿيندئو ته اها خود توهان سان راند رهندي!“ وڌيڪ چيائين ته، ”جوان هوس ته ريل جو انتظار ڪندو هوس. اهڙو انتظار ته مون کي گرل فرينڊ به ڪانه ڪرائيندي هئي...هڪ دفعي ريل مٿان هڪڙي سياسي تنظيم طرفان سندن جلسي جي باري ۾ لکيل هو ”هلو هلو موئن جي دڙي هلو!“


    --------------------------------------------------------------------------------
    مون سمجهيو اهو ريل لاءِ لکيل آهي ته ”جتان آيون آهين اوڏانهن هاڻي واپس وڃو!“ مون وري اهو نعرو ڊاهي لکي ڇڏيو ”هلو هلو ماٺ ڪري گهر هلو...!“

    اسان جي هڪ دوست ٻڌايو ته، ”مون هڪ ريلوي آفيسر سان شڪايت ڪئي ته ريل ۾ صفائي بلڪل ڪانهي، ڇو ته آئون خود ڪيلي جي ٽن کلن تان پاڻ کي بچائيندي بچائيندي اڃا مس اڳيان وڌيس ته وري چوٿين کل تان تِرڪي پيو آهيان...آفيسر چيو اسان مسافرن کي التماس ڪيو آهي ته اهڙيون شيون کائڻ کان پرهيز ڪريو، جن جون کلون لاهي اڇلڻيون ٿيون پون، جيئن کاڄا، ڳنڍيريون، نارنگيون، ڪيلا...چيائين، اسان مسافرن کي بار بار عرض ڪيو آهي ته اهڙي قسم جون شيون کائو، جيڪي سڄي جون سڄيون کائي سگهجن ۽ جن جي کل لاهي اڇلڻي نه پوي...پر مسافر اسان سان تعاون نٿا ڪن...نيٺ هاڻي اسان مسافرن کي چيو آهي ته جيڪڏهن اسان جي نٿا ٻڌو ته پوءِ مهرباني ڪري اهي شيون کَلن سوڌو کائي ڇڏيو!“

    ريل جي هڪ ڊرائيور کان پڇيوسين ته، ”ريل جون پٽڙيون نيون ڇو نٿيون ٺهن؟“ ته چيائين ”دراصل ڇا آهي ته...مال گاڏي ٿي اچي ته گاڏيءَ کي گهٽ ۽ مال کي وڌيڪ ٿو ڏٺو وڃي...ريل جي پٽڙين هيٺان جهرڪين پنهنجا آکيرا ٺاهي رکيا آهن...وري جهرڪيون اعتراض ڪنديون ته اسان جا گهر ٿا ڦٽايو!“ چيائين، ”جيئن هڪڙي دفعي ريل جي اڳيان مينهون پئي گذريون ته هڪڙي مينهن بيهي رهي، ڪيترائي هارن ڏناسين پر مينهن به اهڙي ٻوڙي هئي جهڙي زڪوات ۽ عشر جي ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري هجيس...نيٺ اسان کي ريل بيهارڻي پيئي...“ پڇيوسين ”ڇا پوءِ مينهن بچي ويئي؟“ چيائين ”ها مينهن ته بچي ويئي پر اسان جي ريل جيڪا ”ترخانن ۽ ٽالپرن“ جي دور جي يادگار هئي، اها اهڙي ته بيٺي جو وري اسٽارٽ ئي نه ٿي...نيٺ مسافرن کي ٻي ريل ۾ چاڙهڻو پيو!“

    هڪڙي مسافر کان پڇيم، ”برٿ جي باري ۾ ٻڌايو؟“ ته چيائين ”آئون شروع کان ئي برٿ ڪنٽرول جي خلاف آهيان!“ يڪدم درستي ڪندي چيم ”ادا...آئون ريل واري برٿ سِيٽ جي باري ۾ پيو پڇان؟“ ته چيائين ”اڇا سوري...دراصل هتي جي برٿ تي سمهڻ جهڙو ڊيٿ تي سمهڻ آهي...جيئن آئون خود هڪڙي برٿ تي ستو پيو هوس ۽ پاسو ورايم ته هيٺ اچي هڪڙي مائيءَ جي مٿان ڪريس شڪر جو اها منهنجي مائي هئي، نه ته خود منهنجي ڊيٽ آف بَرٿ خطري ۾ پئجي وڃي ها!“

    هڪڙي ٽڪيٽ چيڪر کان پڇيم ”ڇا توهان کي وڏا ڪجهه ڪو نه چون؟“ چيائين ”جيڪي وڏا آهن، اهي حصا به وڏا گهرندا آهن...انهن کي ڪير چئي به نٿو سگهي، ڇو ته ڀلي انهن جا قد ننڍا هجن، پر انهن جا هٿ وڏا هوندا آهن ۽ ٻانهون ڊگهيون هونديون آهن!“ پڇيوسين ”ماڻهو چڙهندا سئو ۽ ٽڪيٽون ڪٽبيون پنجاهه...ايئن ڇو؟“ ته چيائين ”ايئن سمجهو ته اسين ريلون ڪونه پيا هلايون، پر ريلون اسان کي پيون هلائين..!“

    جيڪا ريل ٽائيم تي پهچي، معني اها اسان جي ملڪ جي ريل ئي ناهي...اهڙو سوال هڪ آفيسر کان پڇيوسين ته ڪاوڙ ۾ چيائين، ”ٻڌايو ڪير اڄڪلهه وقت تي پهچي ٿو...ڪنهن شاديءَ جي تقريب ۾ وڃو گهوٽ دير سان پهچندو؟...خود توهان کي دعوت هوندي اٺين جي ته نوين بجي پهچندئو...مهمان خصوصي ته سدائين دير سان پهچندو آهي...اسان ته پاڻ مسافرن جي سهولت لاءِ ريلن جي مٿان پينٽگ ڪري اهو به لکائي ڇڏيندا آهيون ته، ”دير آيد درست آيد“ دراصل اهو محاورو ٺاهيو ئي اسان ريلوي وارن آهي!“ وري ڪجهه سوچيندي چيائين، ”ڏسو...جيڪا ريل دير سان پهچندي آهي، اسين ان جو باقائدا لائوڊ تي اعلان ڪندا آهيون...جيئن هڪ دفعي اعلان ڪيوسين ته ”جيڪا ريل 1945ع ۾ لاهور مان نڪتي هئي، اها اِجها ته هاڻي پهچڻ واري آهي!“

    abro_Imtiaz@hotmail.com
     
  10. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب امتياز ابڙو جي لکين ڪالمن جو مجموعو

    ڪارو جادو



    خميس 15 فيبروري 2007ع

    ڪاري جادوءَ جا تعويذ ٺاهيندڙ ”مائي وڏيءَ“ وٽ پهتاسين...جنهن گذريل پنجن سالن ۾ ايتري ترقي ڪئي آهي، جو جن ترقي ناهي ڪئي، انهن جي ترقي نه ڪرڻ جو سبب توهان کي سمجهه ۾ اچي ويندو. چيومانس ”بئنڪ ۾ نوڪري ملڻ جو تعويذ لکي ڏي.“ چيائين ”اهڙو تعويذ پنج هزار رپين ۾ ٿيندو!“ پڇيم ”ڪو سستو تعويذ...؟“ ته يڪدم چيائين، ”سستو تعويذ اٿئي ماستريءَ جو...ٽي سئو رپيا هڪڙو...هڪ هزار جا چار تعويذ...جيڪڏهن ماستريءَ جا ڊزن تعويذ وٺندين ته مٿان ملندئي هڪڙي جونيئر ڪلارڪ جو تعويذ فري....!“

    پڇيوسين، ”توهان اهي تعويذ ڪڏهن کان لکي رهيون آهيو؟“ ته چيائين، ”ننڍپڻ ۾ مون کي چوندا هئا ته تنهنجي زبان ڪاري آهي...پوءِ جڏهن ڪاليج پڙهڻ جيتري ٿيس ۽ هڪ دفعي فلم ڏسندي منهنجي وات مان نڪري ويو ته اهو دليپ ڪمار مون کي ڏاڍو وڻي ٿو...اهو جملو ٻڌي منهنجو غيرتمند ڀاءُ بندوق کڻي آيو ته، ”ٻڌاءِ اهو دليپ ڪمار ڪير آهي، نه ته ڪاري ڪري ماريندوسانءِ !“...پوءِ ڪنهن مون کي صلاح ڏني ته ان کان اڳ جو هي ڄٽن جو ٽولو توکي ڪاري ڪري ماري، ڪارو جادو وڃي سک...پوءِ ته مون ڪاري جادوءَ تي ريسرچ ڪرڻ شروع ڪري ڏني ۽ نه ڄاڻ ڪيترن اندر جي ڪارن ماڻهن سان مليس...مون هڪ وڏي ٿيسز به لکي، جنهن جو عنوان هو، ”اليڪشن ۾ ڪاري جادوءَ جو پس منظر!“ تازو مون يونيورسٽيءَ جي وي سيءَ کي هڪ خط به لکيو ته، ”ڪاري جادوءَ جو ڊپارٽمينٽ ئي ڌار کولي...۽ ان جو چيئرپرسن مون کي بنائي!“ وي سيءَ پڇيو، ”توکي ڪهڙو تجربو آهي ؟“ چيم، ”ڇهن هزارن کان مٿي ته گهر ڦٽائي چڪي آهيان!“

    پڇيوسين، ”ڪاري علم ۽ ڪاري جادوءَ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟“ ته چيائين، ”ڪارو علم اهو آهي، جيڪو حاصل ڪرڻ کانپوءِ جيڪا ڊگري ملندي، ان کي ڪارو جادو چئبو...اسان جو اڄڪلهه جيڪو علم آهي، اهو سڄو ڪارو ته ٿيو پيو آهي...هيءُ ڪارو علم رڳو ان ماڻهوءَ تي اثر نه ڪندو، جنهن وٽ ڪاپي ڪلچر وارو علم هوندو...اهڙي ماڻهوءَ تي ڪو به ڪارو، ڳاڙهو يا اورينج ڪلر جو علم اثر نه ڪندو...!“ چيوسين، ”ان حساب سان ته اسان وٽ اڪثر ماڻهن وٽ ڪاري جادوءَ جون ڊگريون آهن؟ ”يڪدم چيائين، ”ها...تڏهن ته ڪو نه ٿا سُڌرن!“

    جادو آهي ڇا...؟ اها شيءِ جيڪا خود ڪرڻ واري کي به سمجهه ۾ نه اچي ته ان کي جادو چئبو اÕهي...جادو ڪرائڻ واري کي ته اهو به سمجهه ۾ نه پيو ايندو ته جيڪا نوڪري جادوگر هُن کي وٺي ڏيارڻ جا واعدا پيو ڪري، ايتري سولي هجي ته خود جادوگر نه وڃي اها نوڪري ڪري...جيئن اسان اتي ويٺل هڪ همراهه کان پڇيو ته، ”تون هتي ڇا جي لاءِ آيو آ هين؟“ چيائين، ”آئون پٽ وٺڻ آيو آهيان؟“ پڇيوسين، ”ڇا، هيءَ مائي پُٽ ورهائي پئي؟“ چيائين، ”هن مائيءَ جي پيٽ ۾ ايترو ته علم آهي جو هيءَ ڪنهن پيٽ واري مائيءَ جي پيٽ تي رڳو پنهنجو هٿ رکندي آهي ته ان کي پٽ ڄمندو آهي!“ پڇيوسين، ”ڀلا، جيڪڏهن ٻئي هٿ رکندي ته، ڇا جاڙا ڄمندا...؟“

    اهڙي ئي هڪ ٻئي نوجوان ٻڌايو ته، ”منهنجي شادي به تعويذن سان ٿي، اها ٻي ڳالهه آهي ته ان ساڳي ڇوڪريءَ کان طلاق وٺڻ لاءِ مون کي وري ٻيا تعويذ ڪرائڻا پيا...!“ چيائين، ”ٻي شادي ڪرڻ لاءِ وري هڪ ٻي ڇوڪريءَ تي تعويذ ڪرايم، پر اها ڇوڪري خود هڪ ٻئي همراهه جي چڪر ۾ هئي ۽ ان لاءِ تعويذ ڪرائي رهي هئي...نتيجي ۾ منهنجن تعويذن اتي به شڪست کاڌي، ڇو ته هوءَ جنهن عامل کان تعويذ لکرائي رهي هئي...اهي پنجين هزار رپين وارا تعويذ هئا، جن جي مني بيڪ گارنٽي به هئي، جڏهن ته مون هڪ فوٽ پاٿي عامل کان ويهين ويهين رپئي وارا تعويذ پئي ڪرايا...جنهن جو نعرو ئي اهو هو ته، هر تعويذ ويهه رپيا...هر تعويذ ويهه رپيا...!“

    ڪاري جادوءَ ۾ ٻي ڪا ڳالهه هجي نه هجي...اها ڇا گهٽ آهي ته اهو سڄي جو سڄو ڪارو آهي...سفيد ته رڳو ڪوڙ ٿيندو آهي...جيئن هڪڙي شهر جي جادوگر اعلان ڪيو ته ”مون نئون جادو ٺاهيو آهي!“ ماڻهن پڇيو، ”انهي ۾ ٿيندو ڇا؟“ چيائين، ”بس...باقي اهو معلوم ڪرڻو آهي ته انهي ۾ ٿيندو ڇا؟“ ايئن ئي هڪڙي ڏينهن مون پنهنجي هڪ دوست کي ٻڌايو ته ”اسان جي شهر ۾ هڪ اهڙو جادوگر آيو آهي جيڪو بغير سگريٽ پيئڻ جي، وات مان دونهون ڪڍي ٿو...“ چيائين، ”اها ڪا ڳالهه ناهي...آئون وري بغير دونهون ڪڍڻ جي، سگريٽ پي سگهان ٿو!“ پڇيم، ”اهو وري ڪيئن؟“ چيائين، ”ادا...سگريٽ ٻاريندس ته دونهون نڪرندو نه!“

    هڪ ٻيو نوجوان، جيڪو پڻ مائي وڏيءَ وٽ پسند جي زال حاصل ڪرڻ لاءِ پهتل هو، ان وري ٻڌايو ته، ”زال حاصل ڪرڻ جي چڪر ۾ منهنجا سال ويا هليا...مائي وڏيءَ حڪم ڏنو ته، رات جي اونداهيءَ ۾ ڪنهن قبرستان ۾ وڃي زمين کوٽي، تعويذ پوري اچ...پهرئين ته مون مائيءَ کي چيو ته... مائي پنجاهه رپيا مٿي وٺ ۽ اهو ڪم به تون ڪرائي ڏي...يَڪو ٺيڪو ٻولائي وٺ...قبرستانن ۾ ڪٿي ٿي رلائين...پر مائيءَ چيو نه...ايئن تعويذ اثر ئي نه ڪندو...نيٺ هڪڙي اونداهي رات جو آئون ڏڪندو ڏڪندو قبرستان ۾ پهتس، جتي مون کي ڪتا ڦري آيا...ڪتن کي مون واسطا به وڌا...ته ڀائرو...آئون پنهنجي ذاتي ڪم سان آيو آهيان، تعويذ پوري هليو ويندس...پر لڳو پئي ته ڪتن کي سنڌي سمجهه ۾ نه پئي آئي... پوءِ ته مون چمپل جو هڪڙو پادر وڌو هڪ ٻانهن ۾ ۽ ٻيو پادر وڌم ٻي ٻانهن ۾ ۽ پاتم لُوهَه...اصل قبرن جي مٿان جمپ پائيندو ڄڻ اسپائيڊر مين جو پٽ هجان...ٽِپا ڏيندو، اچي هڪ ٻئي قبرستان ۾ ساهه پٽيم...اتي اڃا تعويذ پوري اٿڻ وارو هوس ته اوچتو پٺيان ڪلهي تي ڪنهن هٿ رکيو...مون سمجهيو ڪو بدروح هوندو...پٺيان نهاريم ته ڪجهه چور بيٺا هئا...مون سوچيو، اڄ مري ويس...پر چور وري ابتو مون کي مڙدو سمجهي، دانهون ڪندا ڀڃي ويا...!“

    وڏي مائيءَ کان پڇيوسين، ”پوءِ توهان جو بئنڪ بئلنس به جام ٿي ويو هوندو؟“ مسڪرائيندي چيائين، ”ها...خيرن سان بئلنس ايترو آهي جو سوچيان پئي ته هاڻي بئنڪ ئي کڻي پنهنجي وٺان...ٻه بنگلا ڪراچيءَ ۾ آهن، جيڪي ڊفينس ۾ آهن، ڇو ته ڪراچيءَ ۾ ٻيو ڪٿي به ڊفينس ڪونهي.... هڪڙو بنگلو اسلام آباد ۾ آهي، ان ڪري متان نگران حڪومت اچي ۽ ڪا تعويذن واري وزارت ملي وڃي....!“

    چيائين، ”عورتون اينديون آهن ته ”تعويذ لکي ڏي ته مڙس مان ڪيئن جند ڇڏائجي!“ پڇيوسين، ”ڇا، ڪو مرد ايندو آهي ته زال مان جند ڇڏائڻي آهي ..؟“ چيائين، ”نه....ڇو ته زال مان جند ڇڏائڻ مرد لاءِ ڪو ڏکيو ڪم ناهي رهيو...ٽي مانيون هٿ تي رکيائينس ته ويچاريءَ جو ڪم لٿو...تاريخ ۾ ته مرد لاءِ مسئلو رهيو آهي عورت کي حاصل ڪرڻ، نه ڪه جند ڇڏائڻ....جيئن منهنجي تڙ ڏاڏيءَ عمر بادشاهه کي تعويذ لکي ڏنا هئا ته مارئيءَ کي گهوٽي پياري ته محبوب تنهنجي قدمن ۾ هوندو...پر عمر بادشاهه تعويذن کي ڪو نه مڃيندو هو، ان ڪري تعويذن مرڳو ابتو اثر ڪيو...۽ مارئي ڀيڻ ٿي ويس...!“

    abro_Imtiaz@hotmail.com
     
  11. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب امتياز ابڙو جي لکين ڪالمن جو مجموعو

    جِنُ ڪڍڻ



    خميس 22 فيبروري 2007ع

    چيائين ”انهي همراهه ۾ هٿ نه لاهه...انهيءَ ۾ جن رهندو اٿئي!“ پڇيوسين ”جن رهندو آهي...ڇا هن ۾ اندر فليٽ ٺهيل آهن؟؟“ همراهه جو چهرو ڪاوڙيل ڏسي ٻيهر پڇيوسين ”پوءِ جن ڪڍائي ڇو نٿو؟“ چيائين ”جن نٿو نڪري...جن چوي ٿو اهو همراهه منهنجو لِيز تي ورتل آهي!“ چيومانس ”منهنجو هڪڙو سڃاڻو آهي، اهو ماڻهن مان جن ايئن ڪڍندو آهي، جو جنهن ماڻهوءَ ۾ جن نه هوندو آهي، ان مان به جن ڪڍي ڏيکاريندو آهي!“ پڇيائين ”انهيءَ جو تجربو ڪيترو آهي ؟“ چيم ”انهيءَ هيستائين ايترا ته جن ڪڍيا آهن جو رڳو اهي نڪتل جِنَ هڪڙي جاءِ تي گڏ ڪجن ته ايترا ٿي ويندا، جو انهن جِنَن جي هڪڙي ڪالوني ٺهي ويندي ۽ جتان وري هڪڙو انسان اليڪشن ۾ به بيهاري سگهجي ٿو!“ حيرت ۾ پڇيائين ”پر جِنَ ووٽ ڪيئن ڏيندا؟“ چيم ”ادا...اهي ڳالهيون ته انهن اميدوارن کان پُڇ جيڪي کَٽيل اليڪشنون هارائي ويندا آهن انهن کان وڃي پُڇ ته جِنَ ووٽ ڏيندا آهن يا نه...؟“

    ”جِنُ ڪڍڻ جو فارمولو ڪهڙو آهي؟“ اهو سوال کڻي جڏهن شهر جي مشهور بابا وٽ پهتاسين ته هن هڪ ڊيڄاريندڙ شڪل ٺاهيندي چيو ”اهو جن تي ڇڏيل آهي ته اهو ڪهڙي فارمولي سان ٿو نڪرڻ پسند ڪري...جِنُ ڪڍڻ لاءِ اڪثر هڪ عدد ڪاري ٻڪر جي ضرورت پوندي آهي. جيڪڏهن جِنُ ننڍڙو آهي ته پوءِ 6 ڪارا ڪڪڙ به هلي ويندا...ان کانپوءِ جن کي جِنُ پوندو آهي انهن کي ٽانڊن تي ليٽائي انهن مان هڪڙو ته ڇا سڄي جنن جي فيملي ٻاهر ڪڍي ڇڏيندا آهيون !“ پڇيوسين ”توهان وٽ ايترو فن آهي جو توهان جنُ به ٻاهر ڪڍي سگهو ٿا، ڇا اهي ماڻهو اتان ڪڍي ويندئو، جيڪي پرائين زمينن تي قبضو ڪريو ويٺا هوندا آهن؟“ چيائين ”سوري سَر...جيڪڏهن جن ماڻهوءَ ۾ وڃي پوي ته نڪري ويندو، پر جيڪڏهن ماڻهو وڃي ڪنهن جِنَ ۾ پوي ته اهو ڪڍڻ مشڪل آهي!“

    پڇيومانس ”جنن کي آخر ڪهڙو لاچار اچي پوندو آهي جو اهي ماڻهن ۾ وڃي ٿا پون؟“ چيائين ”دراصل جِنَ ماڻهن تي عاشق ٿي پوندا آهن...عورت هوندي ته اُن ۾ جِنُ اچي پوندو ۽ مرد هوندو ته ان ۾ جنڙي وڃي پوندي!“ چيم ”پر اسان جي هڪ مرد دوست کي ته جِنُ اچي پيو هو! “چيائين ”اڇا...پوءِ اهو سنڌي جِنُ هوندو!“ مون سان گڏ آيل قادرو ڀِتَر وچ ۾ ڳالهائيندي چيو ”ها مونتي به هڪڙي جنڙي عاشق ٿي پئي هئي!“ پڇيم ”پوءِ...؟“ چيائين پوءِ ڇا...نيٺ مون کي هن سان شادي ڪرڻي پئي...!“

    اڳيان وڌي جناتي بابا جي ويجهو آياسين جيڪو هڪ انساني کوپڙيءَ ۾ نهاري ڪجهه پڙهي رهيو هو...پڇيوسين ”ڇا هيءَ کوپڙي توهان LUMHS مان کنئي آهي؟“ مسڪرائيندي چيائين ”نه...LUMHS وارا خود مون وٽان کڻي ويندا آهن...هيءَ کوپڙي سامري جادوگر جي سالي آخري جادوگر جي آهي!“ يڪدم منهنجي دوست قادي پڇيو ”اڇا مون سمجهيو اها LUMHS جي ڪنهن شاگرد جي آهي، جنهن جي کوپڙي هاسٽلن جون مانيون کائي کائي اهڙي ٿي ويئي آهي!“ جناتي بابا کي ڪاوڙيل ڏسي وري پڇيائين ”ڀلا پنهنجي جِناتي هئڻ جو ڪو ثبوت ته ڏي؟“ جناتي بابا دانهن ڪندي چيو ”مون هڪڙي ماڻهوءَ کي اُٺ بنائي ڇڏيو هو!“ قادوءَ چيو ”اهو ڪهڙو فن آهي...اهو ڪم ته پاڻ وارن ادارن ۾ ويٺل آفيسر روز ٿا ڪن!“ جناتي بابا چيو ”مون نوڙيءَ کي هٿ ۾ کڻي ان کي نانگ بنائي ڇڏيو...!“ قادوءَ چيو ”اسان لاءِ اها ڪا نئين ڳالهه ڪانهي...اهو ڪم ته اسان جي تر جا ننڍا ننڍا سياستدان به ڪري ويندا آهن!“ جناتي بابا يڪدم پڇيو ”اڇا پوءِ وڏا وڏا سياستدان ڇا ڪندا آهن؟“ قادوءَ چيو ”اهي وري تيليءَ مان ٿنڀ بنائي ڏيکاريندا آهن!“

    پڇيوسين ”توهان کي شيطان جو ڏاڏو ڇو ٿو چيو وڃي؟“ چيائين ”اهي مون تي الزام حاسدن هنيا آهن...ڇو ته منهنجي ته اڃا شادي به ٿيل ناهي...ته ڏاڏو ڪيئن ٿيندس؟“ قادوءَ پڇيو ”پوءِ خود توهان جي اڃا شادي نه ٿي آهي ته ٻين جون شاديون ڪيئن ٿا ڪرايو؟“ ڪاوڙ ۾ قادوءَ ۾ نهاريندي چيائين ”آئون توتي اهڙو منتر پڙهندس جو تون ٻن فوٽن جو بونو ٿي ويندين توکي خبر آهي ته منهنجي قبضي ۾ 6 جن آهن!“ قادوءَ به چيو ”...۽ توکي خبر آهي ته منهنجو هڪڙو مامون صحافي اٿئي...اهو هڪڙو ئي ڇهن جنن جي برابر آهي!“ جناتي بابا پنهنجي سامهون رکيل کوپڙيءَ جي ٺوڙهه تي ڌڪ هڻندي چيو ”بيوقوف بندرا شخص توکي خبر آهي ته آئون وڏو پهتل آهيان!“ قادوءَ به ڇاتي ٻاهر ڪڍندي چيو ”هاها ايئن ته منهنجو هڪڙو چاچو به پهتل اٿئي...سو به اسلام آباد تائين!“ جناتي بابا يڪدم ٿڌو ٿيندي چيو ”ايئن ته پوءِ منهنجو چاچو به آمريڪا تائين پهتل آهي! “قادوءَ پڇيو ”ڇو تنهنجو چاچو اتي ڪونڊو ليزا جا ڪپڙا اِستري ڪندو آهي ڇا؟“ هن به يڪدم چيو ”نه...منهنجي چاچي جو اتي وائيٽ هائوس اڳيان طوطي جي فال جو دڪان آهي، جتي هو رڳو Fall جي موسم ۾ هنن کي ”فال“ ڪڍي ٻڌائيندو آهي ته هنن جو Fall ڪڏهن ٿيندو...!“

    پڇيوسين ”توهان جي سڀ کان پهرئين جن سان ملاقات ڪيئن ٿي؟“ چيائين ”ڏس پهرئين ته مون کي رڳو کيسن مان پئسا ڪڍڻ ايندا هئا...بس اسٽاپ تي پهچي مختلف بسن ۾ چڙهي ماڻهن جي کيسن مان پئسا ڪڍي ويندو هوس پوءِ هڪڙي ڏينهن هڪڙي ماستر جي کيسي ۾ هٿ وڌم ته کيسي مان اندران چَڪُ لڳو ۽ منهنجو هٿ کيسي ۾ ئي ڦاسي پيو...خبر پئي ته ان ماستر جي کيسي ۾ ڪو هڪڙو جِنُ اڳ ۾ ئي ويٺو هو...انهيءَ منهنجيون چڪ هڻي ٻه آڱريون کائي ڇڏيون. ماستر کي چيم ”ڇا...اهو جِنُ تو پاليو آهي؟“ ته ماستر چيو ”ٻيو تون ڇا ٿو سمجهين ته جِنَ مون کي پاليو آهي!؟“ چيائين ”اهو مهنگائيءَ جو جن اٿئي اهو ته اڄڪلهه هر ماڻهوءَ جي کيسي ۾ هوندو آهي!“

    پنهنجي فن جي باري ۾ جناتي بابا وڌيڪ ٻڌائيندي چيو ”آئون ته بد روحن سان به ڳالهيون ڪندو آهيان. هڪڙي دفعي ته هڪڙو ”بد روح“ مرڳو ڪاوڙجي پيو ته هي باربار ڇو ٿا سڏايو...ڪو اسين واندا ويٺا آهيون ڇا؟؟ اڃا ڪالهه مون هٽلر جي روح سان ڪچهري ڪئي آهي...ان کانسواءِ هڪڙي ڏينهن مون چنگيز خان جي روح کي سڏايو ته انهيءَ جي چهري مان دونهون پئي نڪتو...ڪاوڙ ۾ چيائين ”ڇو ڊسٽرب ڪيو اٿئي؟“ پڇيم ”ڇا پيو ڪرين؟“ چيائين ”هيترا ماڻهو قتل ڪرايا هئم....دوزخ ۾ ابتو ٽنگيو پيو هوس!“

    جناتي بابا ماڻهن جون شڪايتون ڪندي ٻڌايو ته ”ڪي ماڻهو ته جِنَ به اوڌر تي ڪڍايو وڃن...چوندا قسطن تي جِنُ ڪڍي ڏيو...هڪڙي عورت چيو منهنجي پٽ مان جنُ ڪڍ...جنُ ڪڍيم ته چيائين ”هاڻي پئسا به وڃي جنَ کان وٺ!“ وري هڪڙي مائيءَ کي چيم ”تنهنجي مڙس ۾ جن آهي!“ ته حيرت ۾ چيائين ”اڇا...جِنَ ۾ جِنُ!“ چيم ”ها جيڪو ڪڍڻ لاءِ ويهه هزار لڳندا...!“ مائيءَ چيو ”مون کي تون جن ڪڍي ڏي...آئون جن کي پاڻهي پئسا ڏيندس!“ وري هڪڙي پوڙهي همراهه کي چيم ”تنهنجي ڌيءَ ۾ هڪ نوجوان جِنَ جو بسيرو آهي، جيڪو ڪڍائڻ جا ڏهه هزار لڳندا...!“ ته چيائين ”توهان جِنُ ڪڍو!“ پوءِ جنُ ڪڍي پئسا گهريم ته چيائين ”پئسا ايندڙ فصل تي...!“ وري هڪ مڙس کي چيم ته ”تنهنجي زال مان جِنُ ڪڍڻ جا ٽيهه هزار لڳندا“ ته چيائين ”ٽيهين هزارين ۾ زال مان جِنُ ڪڍايان انهي کان پنڌرهين پنڌرهين هزارين واريون ٻه زالون نه وڃي وٺان...!“

    abro_Imtiaz@hotmail.com
     
  12. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب امتياز ابڙو جي لکين ڪالمن جو مجموعو

    يتيم لائبرريون



    خميس پهرين مارچ 2007ع

    چون ٿا ڪنهن شهر جو شعور ڏسڻو هجي ته ان شهر ۾ اهو ڏسجي ته اتي لائبرريون گهڻيون آهن ۽ اڃا به وڌيڪ شعور ڏسڻو هجي ته پوءِ اهو ڏسجي ته سڀ کان وڌيڪ ڪتاب ڪهڙي لائبرري مان ٿا چوري ٿين...جيئن سنڌ جي هڪ سرڪاري لائبرري مان ايترا ته ڪتاب چوري ٿيا جو هڪڙي همراهه چوري خلاف درخواست ڏني ته ٻئي ڏينهن اها درخواست به چوري ٿي وئي...!

    اسان ته لائبرري مان ڪتاب کڻڻ کي هميشه خراب سمجهيو، خراب ان ڪري جو جنهن به ڪتاب ۾ هٿ وڌوسين، اهو خود به خراب حالت ۾ مليو...جيئن هڪڙو ڪتاب کنيوسين ته ان جي جلد مٿان لکيل هو، ”شيڪسپيئر جا ڊراما“...اندر کوليوسين ته ڪتاب هو، ”هڪڙي حسينا، ٻه ديوانا”...هڪڙي ٻئي ڪتاب جا آخري صفحا ڦاٽل هئا، انچارج کان پڇيوسين، ”هن جا آخري صفحا ڪيڏانهن ويا؟“ چيائين، ”اهي پڙهڻ لاءِ وري توهان کي ڪنهن ٻي لائبرري ۾ وڃڻو پوندو...!“

    پڇيوسين، ”اخبار هوندي؟“ چيائين، ”توهان هي شاپنگ بئگ وٺو...اخبار کان وڌيڪ مضبوط آهي!“ پڇيوسين، ”تاريخ تي ڪتاب ملندو؟“ چيائين، ”تاريخ تي ته ڇا، توهان پوري مهيني لاءِ کڻي وڃو!“ چيوسين، ”ڀلا انگلش ڪتاب ڏيو؟“ پڇيائين، ”انگلش ٽُو سنڌي يا انگلش ٽُو اردو...؟“ هڪڙي ڪتاب ۾ هٿ وڌوسين ته خبر پئي ان جو رڳو ٻيو پارٽ موجود هو ۽ پهريون غائب هو! پڇيوسين، ”پهريون پارٽ ڪٿي ملندو؟“ چيائين، ”پهريون پارٽ اڃا ڇپيو ئي ڪونهي...!“ انچارج کي چيوسين، ”ڪو ڪرنٽ افيئر تي ڪتاب ڏي!“ ته اٿيو ۽ جيڪو ڪتاب کڻي آيو، ان جي مٿان لکيل هو، ”ليلا مجنون...با تصوير“ چيائين، ”هن ۾ جيڪو افيئر آهي، اهو جڏهن به پڙهبو، ڪرنٽ لڳندو!“

    هڪڙا ڪتاب ته لائبررين ۾ سالن جا سال ايئن پيا هوندا آهن جو انهن جي ويجهو اُڏوهي به نه ايندي آهي...جو ڪنهن همراهه اُڏوهي کان پڇيو ته، ”تون فلاڻي شاعر جي ڪتاب کي ڇو نٿي کائين؟“ اڏوهي چيو، ”انهيءَ جي شاعري اسان جي صحت لاءِ مضر آهي!“ وري انچارج کان پڇيوسين، ”ڀلا، توهان هر ڪٻٽ ۾ شاعري جو هڪ هڪ ڪتاب ڇو رکيو آهي؟“ چيائين، ”ايئن اڏوهي ٻين ڪتابن جي ويجهو نه ايندي!“

    چورن جا ڪيترائي قسم آهن، پر ڪتابن جا چور به عجيب ٿا ٿين. جيتوڻيڪ چور ملڻ ته اڄڪلهه ايترو مشڪل ٿي پيو آهي جو هاڻي چور ٿيڻ لاءِ جيتري محنت ٿي ڪرڻي پوي، ان جي اڌ جيتري ڪوشش ڪري ڌاڙيل ٿي سگهجي ٿو...چورن جو تعداد ان ڪري گهٽجي ويو آهي ڇو ته ڌاڙيلن جو تعداد وڌي ويو آهي...ان ڪري ڪتاب جي چوري ڪرڻ واري کي چور چوڻ چوري جي پيشي کي بدنام ڪرڻ جي برابر آهي!

    لائبرري مان ڪتاب چوري ڪرڻ سولو ڪم ناهي...۽ جيڪو ماڻهو هيڏي ساري انچارج جي هوندي ڪتاب کڻي ٿو ڏيکاري، ان کي ته اهڙا ٻه ٽي ڪتاب انعام ۾ پاڻ ئي ڏئي ڇڏجن، ايئن ئي هڪڙي چور کان پڇيائون، ”توهان ڀلا ڪتاب چوري ڇو ٿا ڪريو؟“ چيائين، ”آئون...دراصل...لائبرري مان لائبرري پيو ٺاهيان!“

    ڪتاب جي چوري دراصل خدمت ڪرڻ آهي، ڇو ته ڪتاب ڀلي ڪٿي به هجي، انهيءَ مان صرف پڙهڻ جو ئي ڪم وٺي سگهجي ٿو...جيئن هڪ اديب کي سندس زال هڪ ڪتاب اڇلي مٿي ۾ هنيو، ته به بچي ويو...دوستن پڇيو، ”ايتري زور سان ڪتاب لڳڻ کانپوءِ به بچي وئين؟“ مسڪرائيندي چيائين، ”ڪتاب چوري جو هو!“

    لائبررين ۾ خاموشي ايتري هوندي آهي جو اسين ته جڏهن به ويٺاسين، ننڊ ڪرڻ تي دل چيو...۽ اهو سڀ ڪجهه انهيءَ بورڊ جو نتيجو هوندو آهي جنهن تي سونهري اکرن ۾ لکيل هوندو آهي، ”خاموش“...ايئن لکيل هوندو آهي، جو خبر ئي ڪا نه پوندي آهي ته اها گذارش آهي يا ڌمڪي...لائبرري ته اهڙي جاءِ آهي جتي سڀ پڙهڻ ۾ ايترا مصروف هوندا آهن، جو ڪڏهن ڪڏهن ته هنن کي پنهنجو ڪتاب به ڏسڻ ۾ نه پيو ايندو آهي...جيئن هڪ همراهه اخبار کوليو ستو پيو هو...ڀر واري چيس، ”ڀاءُ...ڪجهه ته خيال ڪر!“ همراهه چيو، ”ادا، توکي ڇا ٿو ٿئي؟“ ڀر واري چيو، ”يار، تنهنجن کونگهرن سان منهنجي ننڊ پئي ڦٽي!“

    اديب جو وري ڪتاب سان اهڙو تعلق آهي جو هر ڪتاب جي شروع ۾ هڪ مقدمو هوندو آهي ته جيڪڏهن ڪتاب نه وڻي ته اديب تي مقدمو ڪري سگهجي...ان ڪري هر لائبرري ۾ وري هڪڙو وڪيل به مقرر هجي ته اهو ڪتاب، جيڪو ڪير به نه پڙهي ۽ ايئن جاءِ والاريو پيو هجي ته ان جي لکندڙ ۽ ڇپائيندڙ خلاف مقدمو ڪري سگهجي!

    سنڌ جي لائبررين جو اهو حال آهي ته انهن جو رڳو حال ئي وڃي بچيو آهي...مستقبل ته آهي ڪونه...ماضي انهن جو ڀانڊن ۾ پيو آهي...حيدرآباد جي هڪ سرڪاري لائبرريءَ جي انچارج کان پڇيوسين، ”ڇا، ڪاوش اخبار جي 2003ع جو رڪارڊ آهي؟“ چيائين، ”نه...ڪجهه مهينن جون اخبارون هڪڙي ڀانڊي ۾ ۽ ڪجهه مهينن جون اخبارون ٻئي ڀانڊي ۾ پيون آهن!“ چيوسين، ”ڇا، انهن جو پاڻ ۾ قبيلائي جهيڙو آهي؟“...ڀانڊي وٽ پهچي انچارج قلف کوليو ته اهو کُليو ئي ڪونه...شرمائيندي چيائين، ”ظاهر آهي، سال ۾ هڪ دفعو ڀانڊو کولبو ته ايئن ئي کلندو...“ نيٺ قُلف ته کلي ويو، پر پوءِ وري دروازو ڪونه کليو...۽ پوءِ جيئن ئي دروازو کليو ته اندران پنج 6 چمڙا ڦڙڪو ڏيندي ايئن نڪتا ڄڻ اندر ڪنهن خفيه ريسرچ پيپر تي ڪم ڪري رهيا هئا...بيشمار ڪتابن جي مٿان ڪوئا ايئن پئي هليا، جو سوچيوسين ته اخبار کڻڻ لاءِ جيڪڏهن ڇهن ڪوئن کي ماري به وڌوسين ته ستون ڪوئو ضرور اسان کي ڪيرائي وجهندو...اوچتو ڏٺوسين ته هڪڙو ڪوئو هڪڙي اخبار جي وچ مان ايئن نڪتو، ڄڻ اتي ويهي ڪا پيار جي پرڻي جي خبر پڙهي رهيو هو ۽ اسان کي ڏسي وري ايئن ڀڳو جيئن پوليس کي ڏسي موالي ڀڄندا آهن...ڀانڊي ۾ اندر ايتريون اخبارون هيون جو جن اخبارن جا ايڊيٽر پاڻ ۾ نٿا ٺهن، اهي به هڪٻئي جي مٿان پيون هيون...انچارج کان پڇيوسين، ”رڪارڊ ڇو نٿا ٺاهيو؟“ چيائين، ”انسان کي سڀ ڪجهه هتي ئي ڇڏي وڃڻو آهي...انسان پاڻ سان گڏ ڪجهه به ڪونه کڻي ويندو، ته پوءِ اهڙي رڪارڊ ٺاهڻ مان فائدو!“

    ڪنهن وقت ۾ ڪتاب دوست هوندو هو...هاڻي ايترا مهانگا آهن جو ڪتاب زال وانگر ٿي ويو آهي...هڪڙو ڪتاب خريد ڪرڻ به جهڙو همراهه شادي جي تياري پيو ڪري...جيئن اسان جو هڪ دوست آهي، اهو وري ڪتاب ايئن خريد ڪري رکندو آهي، ڄڻ ڌيءَ لاءِ ڏاج پيو گڏ ڪري...اهڙين ڳالهين کان بچڻ لاءِ ئي لائبرري ايجاد ڪئي ويئي هئي ته جيئن ماڻهن کي ڪتاب پڙهڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن ڌِڪا کائڻا نه پون، پر هڪڙي جاءِ تي ويهي، هڪٻئي کي ڌِڪا ڏين!

    abro_Imtiaz@hotmail.com
     
  13. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب امتياز ابڙو جي لکين ڪالمن جو مجموعو

    ڪرڪيٽرن سان ڪچهري!



    خميس 8 مارچ 2007ع

    ڪئپٽن لاءِ تيز ڊوڙڻ ان ڪري ضروري هوندو آهي ته جيڪڏهن مئچ هارائي وڃجي ۽ ماڻهو پٺيان ڪاهجي پون ته گهٽ ۾ گهٽ تيز ڊوڙي جان بچائي سگهجي...پر اسان جي ٽيم جي ڪئپٽن الزام الحق جو خود وزن ايترو آهي جو رڳو رن آئوٽ ٿيڻ لاءِ به هن کي شديد جدوجهد ڪرڻي پوندي آهي...چيائين ”منهنجو وزن ايترو ان ڪري آهي جو سڄي ٽيم جو وزن مون تي آهي!“ پر اسان ڏٺو ته رڳو سندس پيٽ جو ئي وزن ايترو هو جو اهو پيٽ ساهمي جي هڪڙي پُڙ ۾ رکجي ۽ ٻئي پاسي ويسٽ انڊيز جا چار شيدي ويهارجن تڏهن وڃي ٻئي پاسا برابر ٿيندا...صبر ۽ شڪر جو اهڙو، جو نڪاح مهل ڪنهن شادي مبارڪ ڏنس ته چيائين ”سب سي پهلي تو مين شاهد ڀائي ڪا شڪر گذار هون، جس ني ميري لئي رشتا ڍونڍا...!“ شريف ايترو جو ٽاس ڪندو ته يڪدم اکيون پوري ڇڏيندو ته متان ماڻهو اهو نه سمجهن ته اکر ڀُوري ٿو رهي!

    سُستي هزار نعمت آهي...اهو الزام الحق جو نعرو آهي...هر وقت چهري تي اهڙي اداسي ٺاهي رکندو، جهڙي اسين جتي چوري ٿي وڃڻ جي ڪري ٺاهيندا آهيون...چيونگم به ايترو آهستي آهستي کائيندو، جهڙو چيونگم اسڪول ۾ اُٿ ويهِه جي سزا پيو کائي...هڪڙو چيونگم وات ۾ پهرئين اووَر ۾ وجهندو ته ان کي پنجاهه اوَر هلائيندو ايئن جو چيونگم کي به وات مان نڪرڻ لاءِ سُکائون ڪرڻيون پونديون ته ”مولا آئون هن جي وات مان جلدي نڪرندس ته ست ننڍڙا چيونگم خيرات ڪندس!“

    اسان جا فاسٽ بالر وري ايترا اَن فِٽ ٿا رهن جو ”مُعيب پٿر“ شادي ڪرڻ کان رڳو ان ڪري انڪار ڪري ڇڏيو جو چيائين ”مون کي ڪير زال ئي ڪو نه ٿو ڏي جو سال ۾ يارنهن مهينا ته اَن فٽ هوندو آهيان!“ پڇيوسين ”ڇا توهان ڪئپٽن جو چيو نٿا مڃو؟“ چيائين ”ڪيئن مڃان...هڪڙي دفعي چيائين گليءَ ۾ وڃي بيهه...مون هن کي ٻڌايو ته هڪ دفعي اڳ به پاڙي جي هڪ گلي ۾ بيهڻ تان آئون موچڙا کائي چڪو آهيان...مون کي ته چوندا ئي هئا ”گليون ڪا راجا“... آٽو گراف ۾ به لکندو هوس ”جس گلي ۾ تيرا گهر نه هو ساجنا“... هڪ دفعي ته مون گليءَ ۾ ڪئچ ڊراپ ڪئي ته ماڻهن نعرا هنيا هئا ته ”گلِي گلِي ۾ شور هي مُعيب بڙا چور هي!“ ۽ ان کان پوءِ ته مون قسم کڻي ڇڏيو ته هاڻي گليءَ ۾ فيلڊنگ نه ڪندس...انهن ڳالهين جي ڪري ته مون پنهنجو نٿيا گليءَ وارو گهر به وڪڻي ڇڏيو!“

    ايمپائرنگ جي باري ۾ پڇيوسين ته مُعيب پٿر ٻڌايو ته ”ايمپائر اڪثر پوڙها هوندا آهن، ان ڪري ٻوڙا هوندا آهن...زور سان دانهون ڪري ”ايمپائر ايمپائر“ چئبو تڏهن به ڪو نه ٻڌندا...آئون وري چالاڪي ڪندو آهيان، جيئن هڪ دفعي ٻنپهرن جو ”هِڪُ“ ٿيو هو...مون بال هلائي ايمپائر کان يڪدم ٽائيم پڇيو ته هن آڱر مٿي ڪري چيو ته“ ”هِڪُ ٿيو آهي.“ ايئن مون ڪيترائي رانديگر آئوٽ ڪيا...هڪڙي دفعي انگلينڊ ۾ ڊيوڊ شيفرڊ کان بال هلائي يڪدم پڇيم ”ايمپائر...تنهنجيون گهڻيون شاديون ٿيل آهن؟“ ته هن آڱر مٿي ڪري چيو ”وَن...“ ايئن انگلنڊ جو اوپنر آئوٽ ڪيم...پر هڪڙي دفعي مونسان به ڏاڍي ٿي جو هڪ سريلنڪا جي ايمپائر کان سڄي اووَر ۾ 6 دفعا بال ڪيرائي پڇيم ته ”ايمپائر تنهنجيون گهڻيون زالون آهن“ ته هن نڀاڳي 6 ئي دفعا ڪنڌ لوڏي انڪار ڪري ڇڏيو...!“

    الزام الحق کان پڇيوسين ”انڌن جي ڪرڪيٽ رانديگرن ورلڊ ڪپ کٽيو. انڌا ويچارا پنهنجيون اکيون ته روشن ڪري ڪو نه سگهيا، پر ملڪ جو نالو روشن ڪري آيا، توهان ڇا روشن ڪندئو؟“ چيائين ”دراصل اسان ڊمانڊ ڪئي هئي ته اسان کي به انڌن جي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪوچ ڏنو وڃي...ڇو ته هي جيڪو ”بابُ“ مليو آهي، اهو لڳي ٿو ته تاريخ جو ڪارو باب آهي. ظاهر ۾ ته بابُ آهي، پر سڀني جو بابو آهي...!“

    چيائين ”اڄڪلهه ڪرڪيٽ ٻن قسمن جي ٿي رهي آهي...هڪڙي اها، جيڪا گرائونڊ ۾ ٿيندي آهي ۽ ٻي اها جيڪا بيڪ گرائونڊ ۾ ٿيندي آهي...۽ جيڪا بيڪ گرائونڊ ۾ ٿيندي آهي، اها سدائين انڊر گرائونڊ ٿيندي آهي...“ پڇيوسين ”ڀلا توهان هيستائين سخت مقابلو ڪنهن سان ڪيو؟“ چيائين ”جنوني آفريڪا سان...!“ پڇيوسين ”پر اها ته جنوبي آفريڪا آهي!“ چيائين ”مئچ کان اڳ ۾...جڏهن اسان هارائيندا آهيون ته هر ٽيم اسان کي جنوني لڳندي آهي!“

    ”آف¸ريڊي کان پڇيوسين ”توهان جي بيٽنگ اڄڪلهه ڪمزور ڇو آهي؟“ چيائين ”هن دفعي اها ڪمزوري دور ڪرڻ لاءِ آئون بيٽنگ کي خميرو گائوزبان کارائي رهيو آهيان!“ پڇيوسين ”توهان گذريل ورلڊ ڪپ هارائڻ کانپوءِ جڏهن موٽيا پئي ته جهاز ۾ هڪڙي ايئر هوسٽس سان ٽڪرائجي ويا هئائو!“ چيائين ”آئون نه، هوءَ مون سان ٽڪرائجي وئي هئي...۽ مون هن کي ڪليئر به ڪيو هو ته آئون اڄڪلهه فارم ۾ ڪونه آهيان!“

    الزام الحق کان وري پڇيوسين ”توهان جيتري محنت مئچ هارائڻ تي ڪريو ٿا، اوتري مئچ کٽڻ تي ڇو نٿا ڪريو؟“چيائين ”اسان جو ايمان آهي ته سڀ ڪجهه لکئي جو کيل آهي ۽ جيڪو مئچ فڪسنگ ۾ لکيو هوندو، تيئن ئي ٿيندو!“ جيئن تماشائين ۾ ويٺل هڪ ڇوڪريءَ کان پڇيوسين ته ”بالنگ ۾ توهان کي ڪير پسند آهي؟“ ته چيائين ”جيڪو ڀڄي سگهي ۽ جيڪو ڀڄائي سگهي!“ چيوسين ”جيڪڏهن ايئن آهي ته پوءِ سڀ کان وڌيڪ ته اسان جا هاڪيءَ جا رانديگر ٿا ڀڄن...۽ ايترو ٿا ڀڄن جو تڪڙ ۾ هنن کي پوري ڊريس به پائڻ وسريو وڃي ۽ سدائين چڍي ۾ ئي راند شروع ڪريو ڇڏين...خبر ئي ڪا نه پوندي آهي ته بال جي پٺيان پيا ڀڄن يا بال جي اڳيان پيا ڊوڙن، پوءِ انهن کان توهان ڇو متاثر نٿيون ٿيو؟“ چيائين ”اهي هر وقت پيا ڊوڙندا آهن هڪڙي جاءِ تي بيهن ته متاثر ٿيون!“

    پڇيوسين ”توهان سنڌي رانديگر ڇو نٿا کڻو؟“ چيائين ”ڇو ته اسان جڏهن به سنڌي رانديگر کڻندا آهيون ته انهن جي ازدواجي زندگي خطري ۾ پئجي ويندي آهي...!“ پڇيوسين ”ڪيئن؟“ ته چيائين ”جيئن هڪڙي سنڌي رانديگر جي زال ٽي وي تي ڪرڪيٽ ڏسي رهي هئي...ڪمينٽيٽر رنسون بدران هن جي مڙس لاءِ چيو ته ”مکڻ خان ٻارنهن رَنون ٺاهي پويلين واپس ٿي ويو!“... ۽ پوءِ جڏهن گهر واپس ٿيو ته زال چيس ”هاڻي مون کي طلاق ڏي ڇو ته جيڪي ٻارنهن رَنون تو ٺاهيون آهن...يا ته اُهي هن گهر ۾ رهنديون يا آئون...!“ ان کان پوءِ همراهه جڏهن به بيٽنگ تي وڃي ته زيرو کڻيو اچي...پڇيوسين ”تون ٻُڙي ڇو ٿو کڻيو اچين؟“ چيائين ”ان ڪري ته جيئن منهنجي زال ٽي وي تي ٻُڌي ته مکڻ خان اڄ ڪابه رَنَ نه ٺاهي!“

    abro_Imtiaz@hotmail.com
     
  14. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب امتياز ابڙو جي لکين ڪالمن جو مجموعو

    لطيف تي تحقيق!



    اربع 21 مارچ 2007ع

    محقق ڇا کي چئجي؟...محقق ته اهي آهن، جو انهن جي اڳيان اُٺُ لنگهي وڃي ته هڪڙو محقق چوندو ”اهو اٺ موهن جي دڙي جو وارث ٿو لڳي!“ ٻيو محقق چوندو ”نه...انهيءَ مان راجستان جي مٽيءَ جي خوشبوءِ پئي اچي!“ ٽيون محقق چوندو ” نه اهو عمرڪوٽ جي انهي اٺ جي نسل مان آهي، جنهن تي عمر بادشاهه چڙهي گهمندو هو!“...محقق ايترو اچي پاڻ ۾ وڙهندا جو نيٺ اُٺ پاڻ ئي دانهن ڪري چوندو ”توهان وڙهو نه...آئون ته اُٺ ئي ڪونه آهيان...آئون ته گهوڙو آهيان ۽ هڪ ڊرامي جي ريڪارڊنگ جي سلسلي ۾ هڪ اُٺ جو رول پيو ڪريان!“ لطيف شايد ان ڪري وفات ڪئي هئي ته جيئن سنڌي محققن کي اڃا به چار پنج سئو سال تحقيق ڪرڻ ۾ لڳي وڃن...۽ تيسين هر سال ساڳيا ماڻهو، ساڳيا مقالا ساڳين بيتن سان گڏ ساڳين ماڻهن جي اڳيان ساڳي هال ۾، ساڳين پئسن تي اچي پڙهندا رهن...ان حساب سان سنڌي محقق ان کي چونداسين، جيڪو جيئن ئي پنهنجو تحقيقي مقالو پڙهڻ شروع ڪري ته ٻڌندڙ اوٻاسيون ڏيڻ شروع ڪن ۽ هر ٻڌندڙ اوٻاسي ڏيئي ڀر واري همراهه جي مُنهن ۾ ڏسي ته اهو به اوٻاسي ڏي پيو يا رڳو آئون پيو ڏيان...ايئن اهو همراهه ثابت ڪندو ته اهو ثقافتي هالُ جتي اوٻاسين ڏيڻ جو باقاعدا مقابلو ٿئي، ان کي چئبو آهي.. مقالن جي نشست! فضيلت واري ڳالهه اها ته محققن کي اصل ۾ مقالا پڙهڻ جي بدران ڇپرائڻ گهرجن...ڇو ته ڇپيل شئي ۾ اهو فائدو آهي ته جيڪڏهن ڪاغذ نه وڻن ته اهي توهان زور سان اڇلي ڀت تي هڻي وري اهي کڻي ڪنهن ٻار کي به ڏيئي سگهو ٿا ته، ” پٽ... اهي پَنا پڪوڙن واري کي ڏيئي ڪا کائڻ واري شئي وٺي اچ!“

    اهي ماڻهو، جن کي محقق نٿا وڻن...انهن جي خيال ۾ سنڌي محقق ان شئي کي چئجي، جنهن جهڙي يا جنهن سان ملندڙ جلندڙ شئي دنيا جي نقشي تي ڪٿي به نظر نه اچي...۽ اهي ماڻهو جن کي محقق صفا ڪونه ٿا وڻن، انهن جي خيال ۾ سنڌي محقق ان شئي کي چئجي، جيڪو هڪ اهڙي ڳالهه ڪري جو انهيءَ ڳالهه تان وري ٻيا کِلڻ لڳن ۽ کِلي کِلي زمين تي ڪِري پون ۽ پوءِ اُٿي چون ته اهو محقق اهي ڳالهيون ڪري ئي ان ڪري ٿو ته جيئن اسان کي کِلائي کِلائي زمين تي ڪيرائي سگهي! محقق ۽ اديب ۾ ڪهڙو فرق آهي؟...ته ادا، اهو ماڻهو جنهن جون ڳالهيون انسانن کي سمجهه ۾ نه اچن ان کي اديب چئبو ۽ جنهن جون ڳالهيون خود کيس به سمجهه ۾ نه اچن ته ان کي محقق چئبو...توهان وري به پڇندئو ته، محقق ۽ اديب ۾ واضح فرق ٻڌايو؟... ته ادا، محقق اهو هوندو آهي جيڪو هڪ اهڙي ڳالهه ڪري جو انهيءَ ڳالهه تان ماڻهو پاڻ ۾ وڙهي پون ۽ اديب اهو هوندو آهي، جيڪو هڪ اهڙي ڳالهه ڪري جو انهيءَ ڳالهه تان اديب پاڻ ۾ وڙهي پون...! دنيا ۾ تحقيق سائنسي بنيادن تي ٿيندي آهي ۽ اسان جو ڪم آهي سائنس کي نه مڃڻ، چنڊ تي ماڻهو ڪونه پهتو آهي، اهي انگريز گشا پيا هڻن، اولاد ڪروموسومس جي مدد سان ٿيندو آهي، پر اسان ان کي به ڪونه مڃينداسين...اها به انگريزن جي سازش آهي...جيڪڏهن لطيف پُٽ ڏيئي سگهي ٿو ته پوءِ لطيف کي ڇو نه چئون ته اڳئين سال تو پُٽ ڏنو هو، هن سال جاڙا ڏجئين...لطيف کي اهو به چونداسين ته، هن دفعي ارڙهين گريڊ جي پوسٽ ڏيار ته سڄي درگاهه ۾ حليم ورهائيندس...۽ پوءِ لطيف ضرور سوچيندو ته، ڏسون ته اهو حليم ڪهڙو ٿو ٿئي...آخر ڪلهوڙن جي دور ۾ حليم ايترو مشهور ڇو نه هو!...رڳو ان ڪري جو انهيءَ دور جا ماڻهو خسيس ارڙهين گريڊ جي ڪري عظيم بزرگن کي تڪليفون نه ڏيندا هئا!

    تحقيق ۽ ريسرچ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟...جيڪا مفت ۾ ٿئي، اها تحقيق ۽ جيڪا پئسن سان ٿئي، اها ريسرچ...جيئن هڪڙي دوست پڇيو، ”شاهه جو رسالو ڪنهن ڏنو؟“ چيم ”شاهه لطيف...“ چيائين نه، ڊاڪٽر ٽرمپ!“وري پڇيائين، ”ڀلا، شاهه جو رسالو ترجمو ڪنهن ڪيو؟“ چيم ”ظاهر آهي...ترجمي نگار!“ چيائين ”نه...سورلي!“ چيم ”ڀلا، سڀ ڪجهه ٽرمپ ۽ سورلي پئي ڪيو ته پوءِ اسان وارن همراهن ڇا پئي ڪيو!؟“ هڪ سنڌي محقق اعلان ڪيو ته ”جيڪڏهن توهان گهر ۾ اڳٺ جي ڪاني ڦيرائيندئو ته گهر ۾ جهيڙو ٿيندو!“...اها تحقيق ٻڌي اڪثر شادي شدهه مڙسن ته اڳٺ ڪانيون گهرن مان اڇلي ڇڏيون...اسان جو دوست گلڻ ڪاسائي ته بازار مان نئين اڳٺ ڪاني وٺي آيو ۽ رات جو اٿي پاڙي واري جي گهر اڇلي ڇڏيائين...هن کي انهيءَ تحقيق تي ”تمغهءِ شجاعت“پئي مليو ته هن اهو وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو...چيائين ”آئون تمغهءِ شجاعت نٿو وٺي سگهان...ڇو ته آئون پِي پِيءَ ۾ آهيان!“ سنڌ ڇاڪاڻ ته سڀني شين ۾ مالا مال آهي، ان ڪري هتي ڪڻڪ، ڦٽيون، شاعر ۽ محقق گهڻا ٿا پيدا ٿين...جيئن هڪ ٻئي محقق پنهنجي ٽئين تحقيقي پيپر ۾ چوٿين دفعي اعلان ڪيو ته، ”توهان جيڪڏهن ڪُتي کي لَٺ هڻندئو ته انهيءَ جي دانهن مَريخ تي ٻڌڻ ۾ ايندي!“ پڇيوسين ”توهان مريخ تي ويا هئا ڇا؟“ چيائين ”نه...دراصل مريخ تي ڪير ڪتي کي لَٺ هڻندو آهي ته ان جي دانهن زمين تي ٻڌڻ ۾ ايندي آهي!“

    اهڙي ئي هڪ سرڪاري سنڌي محقق کان پڇيوسين ته ”چاٻيءَ ۽ ڪُنجيءَ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟“ چيائين ”انهيءَ تي هڪڙو ريسرچ پيپر ٺهندو، جنهن کانپوءِ هڪ ڪميٽي ويهندي...اها ويهڻ کانپوءِ اٿي بيهندي ۽ وري ويهي رهندي...مهيني کانپوءِ اها ڪميٽي ٻيهر ويهندي ۽ اها پڪ ڪندي ته هوءَ ويهي به سگهي ٿي يا نه...ان کانپوءِ اها ڪميٽي چار سب ڪميٽيون ٺاهي، انهن کي به ويهڻ لاءِ چوندي ۽ پاڻ اٿي بيهندي..۽ وڃي ٻي جاءِ تي ويهندي...۽ انهيءَ سڄي اٿڻ ويهڻ واري تحقيق تي پنجاهه لک رپيا خرچ ٿيندا...!“ ساڳيو سوال گلڻ ڪاسائيءَ کان پڇيم ته ”ٻڌاءِ...چاٻيءَ ۽ ڪُنجيءَ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟“ ته هن هڪڙي منٽ ۾ بنا ساهيءَ جي جواب ڏنو ته ”چاٻي اها، جنهن سان صاحب ملازمَن کي هلائي ۽ ڪنجي اها، جنهن سان ملازمَ صاحب جي هٿان هلن!“

    گلڻ ڪاسائي هڪڙي ڏينهن آيو...چيائين ”مون به تحقيق شروع ڪئي آهي!“ حيرت ۾ گلڻ کي ڏٺم، جيڪو ڪاتيءَ سان پنهنجي ٺوڙهه کنهي رهيو هو...چيائين ”مون کي جيڪڏهن پنجاهه لک رپيا ڏنا وڃن (پر شرط اهو ته نوٽن تي عيد مبارڪ لکيل نه هجي) ته آئون لطيف تي اها تحقيق ڪري ڏيکاريان، جيڪا اڄ تائين ڪنهن به نه ڪئي آهي.“ پڇيوسين ”ڪهڙي تحقيق...؟“ چيائين ”مون تحقيق ڪئي آهي ته سنڌ جي شهرن ۾ رڳو لطيف جي نالي کي ڪيترا هزار دفعا استعمال ڪيو ويو آهي!“ پڇيوسين ”ڪيئن؟“ چيائين ”جيئن لطيف پان هائوس، لطيف پيٽرول پمپ، لطيف باڊي بلڊنگ سينٽر، لطيف پڪوڙا هائوس، لطيف اسٽوڊنٽ برياني، لطيف نِمڪو سينٽر، لطيفي دواخانو، لطيف جوئيلرز، لطيف ٽيلرز، لطيف بيوٽي پارلر، لطيف انگلش ڪوچنگ سينٽر، لطيف ميڊيڪل اسٽور، لطيف ايئرڪنڊيشن، لطيف بغير ايئرڪنڊيشن،...رڳو لطيف ڊرائي ڪلينر جا سڄي سنڌ ۾ هڪ سئو ايڪيتاليهه دڪان آهن...اهي ته ٿي ويا دڪان...هاڻي وري ٻيا سامان...لطيفي مَنجن، لطيفي ٿاڌل، لطيفي عطر، لطيفي سُرمون....۽ ان کانسواءِ اردوءَ ۾ به مون هڪ اشتهار پڙهيو هو، لکيل هو ”لطيف بناسپتي...جو سب کو بنائي لطيف!“ اسين محققن کي شاباس به ڏينداسين، ڇو ته جيڪڏهن محقق موهن جي دڙي مان ناچڻيءَ بدران ناچڻو ڪڍن ها ته ڀلا اسين ڇا ڪريون ها...شاباس آهي سورليءَ کي، جنهن سُور سَهي هالا جي هوٽلن تي چانهيون پي، سنڌيءَ جهڙي ڏُ کي ٻولي سکڻ کانپوءِ لطيف کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو...سُورلي هڪڙي ڏينهن خواب ۾ مونکي چيو ته ”جيڪي اڄڪلهه تحقيق ڪن پيا، پهرين انهن تي تحقيق ٿيڻ گهرجي!“ جيئن اسان جو هڪ دوست جڏهن کان ڄائو آهي، تڏهن کان تحقيقي مقالا پڙهي رهيو آهي...مقالو پيو پڙهندو ته اهو وسري ويندس ته مقالو پڙهي هيٺ به لهڻو آهي...۽ اهو به وسري ويندس ته هيٺ به ڪي خدا جا بندا ويٺا آهن، جيڪي رڳو لَنچ جي آسري ۾ آيل آهن...پڇيوسين ”توهان جا مقالا ايترا وڏا ڇو هوندا آهن؟“ چيائين ”اها تڪليف رڳو پهريون ڪلاڪ محسوس ٿيندي آهي!“ پڇيوسين ”پوءِ؟“ ته چيائين، ”پوءِ ٻڌندڙ اٿي هليا ويندا آهن!“

    abro_Imtiaz@hotmail.com
     
  15. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب امتياز ابڙو جي لکين ڪالمن جو مجموعو

    پيار جو پرڻو!



    خميس 29 مارچ 2007ع

    هوءَ جڏهن گهٽيءَ مان لنگهندي هئي ته نه ڄاڻ ڪيترين دلين تان لنگهندي هئي...هن کي جيڪو پهريون لَو ليٽر مليو، اهو گهٽيءَ جي هڪ پڪوڙن واري جو هو، جنهن اهو خط ڏيڍ پاءُ مرچائي پڪوڙن ۾ ويڙهي هن کي موڪليو هو...لکيو هئائين، ”زندگي هڪ مرچائي پڪوڙي مثل آهي...ان کان اڳ ۾ جو اها ڪنهن جي وات ۾ اچي وڃي، اچ ته هڪ پيار جو پرڻو ڪري وٺون!“ ڇوڪريءَ چيو، ”ٺيڪ آهي...پر آئون جمع رات ڪانه ڀڄنديس!“ پڇيائين، ”ڇو؟“ چيائين، ”ڇو ته جمع رات اسٽار پلس تي منهنجي پسند جو ڊرامو ”ڪُم ڪُم“ هلندو آهي...!“

    پيار جو پرڻو ڪندڙ هڪ نوجوان کان پڇيوسين، ”ڀلا هرُوڀَرُو پسند جي شادي ڇو؟“ چيائين، ”جڏهن پيدا ٿيس ته ماءُ پيءُ به پسند جا ڪو نه مليا، ڇو ته اهي خود به هڪٻئي کي پسند ڪونه ڪندا هئا...وڏو ٿيس ته اسڪول به پسند جو ڪو نه مليو...ايتري قدر جو جيڪو ماستر پڙهائيندو هو، ان کي ته ڪير به پسند ڪونه ڪندو هو....ان کانپوءِ مون کي نوڪري به پسند جي ڪانه ملي...هاڻي اسان غريبن لاءِ باقي شادي وڃي بچي آهي، گهٽ ۾ گهٽ اها ته پسند جي ڪرڻ ڏيو!“

    پڇيوسين، ڀلا پسند جي شاديءَ ۾ ڀڄڻ کي اهميت ڇو ٿا ڏيو؟“ چيائين، ”ڀڄڻ ۾ وڏا فائدا آهن...هڪڙو ته شاديءَ جا ڪارڊ ڪونه ڇپرائڻا پوندا... ڊيڪوريشن واري جو خرچ ۽ ڀَتَ جي تڪليف به معاف...نه پِڙو، نه ڏيج...نه شادي هالَ جي مسواڙ...اڃا ڪهڙي سهولت کپي...ٻيو فائدو اهو ته اسان جو فوٽو اخبار ۾ ايندو...پهرئين ڏينهن فوٽو ايئن ڇپيل هوندو، ڄڻ اسين چَرس وڪڻندي پڪڙيا ويا هجون، پر ٻئي ڏينهن کان اسان تي رش ٿيڻ لڳندي ۽ مختلف اين جي اوز جا همراهه اچي اسان سان گڏ ايئن فوٽا ڪڍائيندا، ڄڻ اسان هوائي جهاز ايجاد ڪيو هجي!“

    پيار جو پرڻو ڪندڙ هڪ ڇوڪريءَ ٻڌايو ته، ”ڀڄڻ جو مون کي ننڍپڻ کان شوق هو...اسڪول ۾ سدائين رسيس ۾ ڀڄي ويندي هئس. ان کانسواءِ ڪاليج ۾ هئس ته ”ڊوڙَ ڊُڪ“ راند ۾ بهترين ڀڄڻ تي سونو ٻلو به مليو، جنهن کانپوءِ مون قسم کنيو ته جيستائين منهنجو نالو اخبار ۾ وڏي سرخيءَ ۾ نه ايندو، تيستائين آئون ڀڄڻ ڪانه ڇڏينديس. سهيلين صلاح ڏني ته، ”اخبار ۾ ڇپجڻ جو ايترو شوق اٿئي ته پوءِ ڪنهن صحافيءَ سان ڀڄ!“ چيم، ”هڪڙي صحافيءَ سان به ڀڳي هئس، پر جتان اسين ڀڄي رهيا هئاسين، اتي ڪو وڪيلن هڙتال ڪئي هئي...سو همراهه اتي رپورٽنگ ڪرڻ لاءِ بيهي رهيو...نتيجي ۾ پڪڙجي پياسين!“

    اخبارن ۾ ته اڄڪلهه گهران ڀڄي وڃڻ جون خبرون ايتريون ٿيون پڙهجن جو لڳي ٿو سنڌ ۾ ڪو سئو ميٽر ريس جو مقابلو پيو ٿئي...جيئن هڪڙي چئن ٻارن جي ماءُ هڪ پنجن ٻارن جي پيءُ سان نڪري وئي، ڪنهن سبب پڇيو ته چيائين، ”منهنجو ڀڄڻ ۾ ريڪارڊ آهي...آئون دراصل ٻارنهنِ مهينن ۾ چوڏهنِ ڄڻن سان سورنهن دفعا ڀڳي آهيان!...هر دفعي آئون پڪڙجي پوندي آهيان ۽ وري ڀڄي ويندي آهيان...هاڻي ته مائٽ به بيزار ٿي پيا آهن...جو هنن جو چوڻ آهي ته، اسين پنهنجي نوڪري ڪريون يا توکي ڳوليندا وتون!“

    پڇيوسين، ”سڀ کان پهرئين ڪنهن سان ڀڳئو؟“ چيائين، ”اهو هڪ بدن جو ٿلهو شخص هو...مون کي هن جا ٽهڪ وڻندا هئا، جنهن مهل کلندو هو، ته سندس شرٽ جا بٽڻ ڦاٽي پوندا هئا ۽ پيٽ ايئن هيٺ مٿي ٿيڻ لڳندو هوس ڄڻ هُنَ ڪا جيئري مڇي ڳهي ورتي هجي...امڙ مون کي خبردار به ڪيو هو ته، ”ڇوري ٿلهو توکي بک ماريندو...اهو تنهنجي حصي جي ماني به کائي ويندو!“ امڙ کي چيم، ”تون منهنجي ٿلهي جي غربت تان مذاق پئي اڏائين؟“ امڙ چيو، ”پٽ...ٿلها غريب نه ٿيندا آهن...ٿلهو ته ڪٿي مهمان ٿي وڃي ته ڌڻين کي غريب ڪري ڇڏي!“

    پوءِ جڏهن آئون ٿلهي سان وين اسٽاپ تي پهتس ته هن چيو، ”آئون وين ۾ ويهان ڪونه...ڇو ته هڪڙي دفعي پٺئين سيٽ تي ويٺس ته وين جا اڳيان ڦيٿا مٿي ٿي ويا..۽ ڊرائيور بنا ڏسڻ جي رڙ ڪئي ته، جن مسافرن وٽ هيوي سامان آهي، اهي پنهنجو سامان ٽرڪ ۾ موڪلين...“ اهو ٻڌي، آئون ٿلهي سان ڀڳل، وري اَڌَ مان واپس گهر ڀڄي آيس!

    پڇيوسين، ”ڀلا ڪنهن توهان سان پيار جو اظهار ڪيو؟“ چيائين، ”اسان جي محلي ۾ هڪڙو زلفي ڪلفيءَ وارو هو...جنهن مهل آئون اسڪول مان موٽندي هئس ته نڀاڳو پٺيان هوڪو ڏيئي چوندو هو، ”ڪُلفي ڪُلفي...نالو اٿم زُلفي زُلفي!“ اڃا آئون هن جي صدا جو اقرار ئي ڪرڻ واري هئس ته خبر پئي ته اسان جي پاڙي ۾ رهندڙ اُبتو ولد سُبتو، جنهن تازو ٻي شادي ڪئي هئي، هيءُ وري ان جي پهرئين زال سان ڀڄي ويو!“

    چيوسين، ”ڇا، توهان محبت پهرئين نظر ۾ ڪئي؟“ چيائين، ”نه، آخري نظر ۾...پهرئين نظر ۾ ته مون رڳو اهو پئي ڏٺو ته هن جي منٿلي ڪمائي ڪيتري آهي...پوءِ مون هن کان پهرئين ڏهن سالن جو بانڊ لکائي ورتو، ته ڏهه سال مون کي طلاق ڪونه ڏيندين...ڇو ته اڄ تون مون کي پيو ڀڄائين، سڀاڻي ڪنهن ٻيءَ کي به ڀڄائڻ ۾ ويرم نه ڪندين!“ هن مون کي بي اعتبار هئڻ جو طعنو ڏنو ته چيومانس، ”جن مائيٽن توکي هيترا سال نپائي وڏو ڪيو، انهن کي ڌڪُ ڪڍي رهيو آهين ته آئون ڇا آهيان؟“

    اهڙي ئي هڪ ٻي ڇوڪريءَ کان صحافين پڇيو ته، ”توهان جمڙي ڀنگيءَ سان ڀڳيون آهيو، انهيءَ ۾ توهان کي ڪهڙي خوبي ڏسڻ ۾ آئي؟“ چيائين، ”مون کي هن جو گٽرن مان گند ڪڍڻ جو انداز وڻي ويو...الا...ڪيڏو نه خوبصورتيءَ سان ٻهارو ڦيرائيندو هو...ڄڻ ڪنهن سرڪاري اداري جي ڪنهن فنڊ کي پيو ٻهارو ڦيرائي...گهٽيءَ جون ناليون ته ايتري ايمانداريءَ سان صاف ڪندو هو جو شهر جا گٽڪائي پنهنجا ڏند کڻي اچي اڳيان بيهندا هئس ته، ادا ويهَه رپيا وڌيڪ وٺ...هي ڏند به صاف ڪري ڏي...!“

    اهڙي ئي هڪ پيءُ کان پڇيوسين، ”توهان ڀلا ڌيءَ جي پسند جي شادي ڇو نٿا ڪرايو؟“ چيائين، ”پسند به اهڙا اهڙا ٿي ڪري، جن کي ڏسبو ته لڳندو ڪو ڍڳو آهي...شادي معنيٰ پئسو...دنيا ۾ يا پيار ٿيندو آهي يا پرڻو ٿيندو آهي...باقي پيار جو پرڻو معنيٰ اخبار وارن سان مشڪري ڪرڻ!“ پڇيوسين، ”ڀلا هيستائين ڪنهن ڪنهن سان وئي آهي؟“ چيائين، پهرئين، هڪڙي مَنڊي سان...چيومانس، پٽ، جيڪو پاڻ نٿو ڀڄي سگهي، اهو توکي ڇا ڀڄائيندو...ٿيو به ايئن ٻئي ڏينهن منڊو پڪڙيو ته پوليس هن جي ٻي ٽنگ به ڀڃي ڇڏي...وري هڪڙي ڪاڻي سان وئي، چيومانس، اهو ته ويچارو پاڻ ئي اڌُ ٿو ڏسي...چيائين، ڪاڻو آهي، پر هن وٽ ناڻو آهي...چيومانس، ها، پر هتي پيار جي منزل ٿاڻو آهي! چيائين، ڪا ڳالهه ڪانهي...هونءَ به اسان جي سڄي سوسائٽي گهاڻو آهي...۽ جيڪو ارادي جو مضبوط آهي، اهو ئي راڻو آهي...مون کڻي ماٺ ڪئي...نه سمجهيائين، ڪاڻي سان ويئي، پر ڪاڻو به صفا ”زيالڪ“ جو هم شڪل هو...نَوي ڏينهنِ ۾ شادي ڪرڻ جو واعدو ڪري، بي وفا ٿي ويو!“

    abro_Imtiaz@hotmail.com
     
  16. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب امتياز ابڙو جي لکين ڪالمن جو مجموعو

    موبائيل جو وائرس



    خميس 19 اپريل 2007ع

    موبائيل ۾ ايندڙ وائرس جي حملي کان اڄڪلهه ماڻهو ايترو ته ڊڄي ويا آهن، جو هڪ ٻهراڙيءَ جي همراهه ته چيو:”ائين ٿو لڳي جهڙو اسين ڌاڙيلن کان پيا ڊڄون...!“ جيئن اسانجي هڪ ليڪچرار دوست وري ٻڌايو ته، ”منهنجي موبائيل مان وائرس نڪتو، منهنجو مُنهن ڏٺائين ۽ واپس موبائيل ۾ هليو ويو... وائرس کان پڇيم: ڇو ڀائو.... واپس اندر ڇو هليو وئين؟ ته وائرس موبائيل مان ئي اندران رڙ ڪندي چيو: اسان وائرسن ۾ به غيرت آهي ... اسين ڪنهن ٻئي وائرس تي حملو نه ڪندا آهيون!“

    اسين سائنسي ايجادن ۾ ايترو ته يقين رکندا آهيون، جو ڪير چوي ته هن هڪڙي مشين ٺاهي آهي، جيڪا گڏهه جي وات تي رکبي ته انهيءَ مان ڪتي جي ڀئونڪ ٻڌڻ ۾ ايندي ... ته اسين گڏهه کان ڪنفرم به ڪونه ڪرائينداسين ۽ يڪدم اعتبار ڪري ويهنداسين. جيئن هڪ دوست کان پڇيوسين: ”ڀلا جنهن مهل توکي خبر پئي ته موبائيل مان وائرس نڪري بيهوش ڪريو ٿو ڇڏي، ته تو سڀ کان پهرئين ڇا ڪيو؟“ چيائين: ”مون ته يڪدم پنهنجي موبائيل فون زال کي ڏيئي ڇڏي!“

    جنهن مهل اها خبر آئي ته موبائيل فون مان وائرس نڪريو اچي... ۽ ٻاهر نڪريو اچيو ڪرسيءَ تي ويهي ۽ چوي ته، هاڻي چانهن پيار!.... ته چانهن پيارڻ جي ڊپ کان اسانجي ڪجهه ڪنجوس دوستن ته انهيءَ ڏينهن نه صرف پنهجيون موبائيلون آف ڪري ڇڏيون پر موبائيل فونن جي دڪانن اڳيان به لنگهڻ ڇڏي ڏنو، ته متان ڪو وائرس ڪنهن دڪان تان ٽپو ڏيئي نه حملو ڪري. جيئن اسانجي هڪ ڪنجوس دوست کي هڪ ڇوڪريءَ چيو ته، ”جيڪڏهن مون توسان مڱڻي ڪئي، ته آئون توکان هڪڙي رنگِ وٺنديِس.“ چيائين، ”ها، ڇو نه.... تون پنهنجو موبائيل نمبر ٻڌاءِ، آئون توکي هينئر ئي ٿو رِنگ ڏيان!“

    هڪڙي ٻئي دوست ٻڌايو ته، ”منهنجي موبائيل مان وائرس نڪتو ۽ مون ۾ نهاري کلڻ لڳو ۽ وري روئڻ لڳو... مون وائرس کان پڇيو ته ادا وائرس... تون کلين به پيو، روئين به پيو؟ تون وائرس آهين يا سنڌي لوڪ ڪهاڻين جو ديوُ آهين؟ چيائين: ٻڌ اي نادان شخص... آئون کلان انڪري پيو، ته جيئن آئون توکي ٻڌائي سگهان ته آئون کلي به سگهان ٿو ۽ روئان انڪري پيو ته جيئن توکي اها خبر پوي ته وائرس روئندا به آهن! چئمانس، يار وائرس... مشڪري نه ڪر... مون ته ٻڌو آهي ته وائرس روئاڙيندا آهن... تون صحيح ٻڌاءِ ته کلين ڇو پيو ۽ روئين ڇو پيو؟ وائرس پنهنجي سِسِي موبائيل جي اسڪرين مان ٻاهر ڪڍندي چيو، چڱو ٻڌ.... کلان انڪري پيو ته تنهنجي فون ۾ اهڙا ”ايس ايم ايس“ جا لطيفا پيا آهن، جو اهي پڙهي جڏهن آئون تنهنجي ڀاڄائي محترمه”وائرسيءَ “ کي ٻڌائيندو آهيان ته انهيءَ جي سڄي ڪاوڙ ختم ٿي ويندي آهي... ۽ روئان انڪري پيو جو تون ڪنهن ڪنجوس جو پوٽو ٿو لڳين، جو ڪنهن به ماڻهوءَ سان فون تي ڪونه ٿو ڳالهائين. تو جيڪو 6 مهينا اڳ سئو وارو ڪارڊ لوڊ ڪيو هو، اهو هاڻي ايڪسپائر ٿي ويو اٿئي!“

    اسين وري اهڙن شهرن ۾ ٿا رهون، جتي وائرسن جا ”مئٽرنٽي هومس“ کليا پيا آهن. ايترا وائرس ته پنهنجن گهرن ۾ به پيدا ڪونه ٿيندا هوندا، جيترا هنن شهرن ۾ ٿا پيدا ٿين! هتي ته ماڻهو سهڻو ئي تڏهن لڳندو آهي، جڏهن هن جي ڪنهن وائرس سان سڃاڻپ هجي!... انگ اکر ٻڌائين ٿا ته سڀ کان وڌيڪ وائرس موبائيل جي اندر ڪونه آهن، جيترا موبائيل کان ٻاهر آهن... اسان پاڻ هڪڙو وائرس ڏٺو، جيڪو ڪجهه ڏينهن اڳ ٽيويءَ تي پراڻا ڪوڙ ڳالهائي رهيو هو... هن کي چوندا آهن ڊس انفرميشن جو وائرس. هن جي ڊيل ڊول اهڙي آهي، جو پاڻ به ڄڻ ڪنهن ڊِيل جي نتيجي ۾ پيدا ٿيو هجي. ڪنهن هن سان ڊيل جي باري ۾ ٿي پڇيو، ته يڪدم ٿي چيائين، ”مونکان ڊِيل جي باري ۾ نه پڇو ... نه پڇو ... آئون ڊِيلَرُ ناهيان!“ ملڪ ۾ هونءَ به وائرس ايترا آهن، جو ٽن ماڻهن سان ڪچهري ڪبي آهي ته انهن مان اڍائي وائرس نڪرندا آهن. ڪن شهرن ۾ ته وائرس رڳو راتين جو نڪرندا آهن، جو ڏينهن جي شينهن کان هنن کي پڪڙجي پوڻ جو ڊپ هوندو آهي. شهرن ۾ ته وائرس گڏجاڻين جون صدارتون ڪندي به نظر ايندا. اسان پاڻ هڪڙي وائرس کي پنهنجي بيروزگاريءَ جي درخواست ڏني، ته چيائين، ”جيڪڏهن نوڪري کپنئي ته پهرئين توکي به وائرس ٿيڻو پوندو!“ بحث ان شئي کي چئبو آهي، جنهن ۾ ٻئي ڌريون هڪٻئي کي نه ٻڌن، پر رڳو ٻڌائين. جيئن هڪ ڪانفرنس ۾ ٻه عورتون بحث ڪري رهيون هيون... هڪڙيءَ چيو،”موبائيل فون جنهن رفتار سان معاشري کي بگاڙي رهي آهي، ان مان اهو وائرس ئي جند ڇڏائي سگهي ٿو!“ ٻيءَ پڇيو،”تون ڇا ڄاڻين ته مِس ڪال ڇا آهي؟.. ڪنهن مسز کي مس ڪال جي ڪيتري خوشي ٿيندي آهي، توکي ڪهڙي خبر...!“ پهرئينءَ چيو،”موبائيل فونن جي چوريءَ ۾ ڏس ڪيترو اضافو ٿيو آهي!“ ته ٻيءَ يڪدم چيو، ”ها... پر موبائيل جي چوريءَ سان اهو ٿيو آهي ته ڪافي قدر بيروزگاريءَ جو مسئلو حل ٿيو آهي!“

    پراڻي زماني ۾ پيغام پهچائڻ لاءِ گهوڙن تي چڙهي وڃبو هو...پوءِ يا ته گهوڙو مري ويندو يا همراهه مري ويندو. برصغير ۾ ته پيغام پهچائڻ لاءِ ويچارن ڪبوترن کي ايترو ته استعمال ڪيو ويو، جو هندستان ۾ ته ڪبوتر ئي ختم ٿي ويا... نيٺ ڳجُهن کي منٿون ڪرڻيون پيون ته مهرباني ڪري توهان پيغام پهچايو.... برصغير اڃا صغير ئي هو ته هتي جي ماڻهن کي لَو ليٽر پهچائڻ جي عادت هوندي هئي... انڪري هر نوجوان وٽ ٻه ٻه ڪبوتر ته هوندا ئي هئا... اڄڪلهه ٻه ٻه موبائيلون آهن. جيئن هڪڙي جهوني همراهه چيو ته، ”هاڻي پيغام پهچائڻ جو ڪم ٻيهر ڪبوترن کان وٺڻ گهرجي... جو موبائيل ۽ ڪبوتر ۾ گهٽ ۾ گهٽ اهو فرق ضرور آهي ته ڪبوتر کي وائرس ڪونه ٿي لڳي!“ جيئن انهيءَ ڏينهن هڪ ٻئي همراهه ته مرڳو اهو ٻڌايو ته، ”منهنجي موبائيل ۾ ڊينگو وائرس اچي پيو آهي!“

    جيئن اسانجو هڪ دوست آهي.. جڏهن به ملندو هڪڙي هٿ سان ملندو، جو ٻئي هٿ ۾ موبائيل تي ڪنهن سان نه ڪنهن سان ڳالهائي رهيو هوندو.... جنهن مهل وائرس جي حملي جو ٻڌائين ته افسوس ائين ڪرڻ لڳو، ڄڻ عراق تي حملو ٿيو هجي. اوچتو سندس موبائيل مان رنگ وڳي، ته موبائيل اڇلي وڻ تي چڙهي ويو... ۽ گهر وڃڻ شرط موبائيل مان بيٽري ڪڍي ان کي هڪ هڙ ۾ ويڙهيائين ۽ هَڙ وري ڪٻٽ ۾ رکي مٿان ٽراءِ سرڪل جو قلف لڳائي ڇڏيائين. هن جي زال کان پڇيوسين، ته هن وري چيو، ”منهنجو مڙس خوامخواهه پيو ڊڄي... ڊڄڻ ته وائرس کي گهرجي!“

    abro_Imtiaz@hotmail.com
     
  17. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب امتياز ابڙو جي لکين ڪالمن جو مجموعو

    ايشوريا ۽ اڀيشڪ



    خميس 26 اپريل 2007ع

    اڀيشڪ بچن هڪڙي ڏينهن سوچيو ته، ”منهنجي فلم ته گهڻو وقت نٿي هلي، ان ڪري گهٽ ۾ گهٽ شادي اهڙي ڪجي، جيڪا گهڻو وقت هلي سگهي...!“ ايشوريا ته شاگردن ۾ به ايتري ئي مقبول آهي جيتري ماسترن ۾ آهي. جيئن هڪڙي شاگرد ٻڌايو ته، ”جوڙي ٻنهي جي ايئن آهي جو ايشوريا ته ننهن کان چوٽيءَ تائين خوبصورت آهي ۽ ان چوٽي تائين پهچندي ئي ايترو ٽائيم ٿو لڳي جو تيستائين رسيس جو گهنڊ لڳيو وڃي...باقي اڀيشڪ جي خوبصورتي ڏسڻ لاءِ وري منهن کان واپس منهن تائين اچڻو ٿو پوي ۽ مُنهن کانپوءِ وري سڌو هن جي بئنڪ بئلنس تائين وڃڻو ٿو پوي!“...اسان جو به اهو ئي خيال آهي ته مڙس اهو سٺو، جنهن جو بئنڪ بئلنس سٺو هجي...اسان جا اداڪار وري اهڙا جو انهن جو ته موبائيل ۾ به بئلنس نه هوندو آهي!

    انڊيا ۾ اداڪارائون ايترو ته مصروف ٿيون رهن، جو ڪجهه اداڪارائن کي ته سندن شادي جي خبر ئي اخبار مان پوندي آهي...اسڪينڊل ايترا جو صبح جو ننڊ مان اٿي پهرئين اهو ڳولينديون ته اڄ اسان کي ڪهڙو مڙس مليو آهي...مڱڻيون ته هتي اهڙيون ٿينديون آهن جو هڪڙي اداڪارا جي ماءُ ڌي کي چيو ته، ”پٽ صبح جيڪا تو مڱڻي ڪئي هئي، اهڙي هڪڙي شام جو به ڪري ڇڏجئين...۽ ٻَه کن منهنجي لاءِ به ڳولي رکجئين!“

    اڀيشڪ بچن جڏهن ڪرشما ڪپور سان مڱڻي ٽوڙي هئي ته چيو هئائين ”مون کي قدآور ڇوڪريون پسند آهن.“ سندس اهو بيان ڇپجڻ کانپوءِ پاڪستاني اداڪارائن ته انڊيا ئي وڃڻ ڇڏي ڏنو جو انهن جا قد ته اهڙا آهن جو ٻه ڄڻيون هڪٻئي مٿان بيهارجن، تڏهن وڃي هڪڙي ٺهندي...خود جيا بهادري جو قد به ايترو آهي جو جڏهن اميتاب سان شادي پئي ڪيائين ته هن جي اکين سان اکيون ملائڻ لاءِ هن کي ٽن اُٺڙين کان ٽريننگ وٺڻي پئي هئي...ڪيترائي سال اڳ جڏهن اميتاب ريکا جي ڊگهن وارن ۾ جُوئون تلاش ڪندو هو، تڏهن جيا هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته، ”ڪنهن به مرد سان شادي ڪرڻ کان اڳ انهيءَ سان دل ملي يا نه ملي، پر اکيون ملائڻ جي اداڪاري هر عورت کي اچڻ گهرجي!“ ۽ اڀيشڪ ڊگهين ڇوڪرين جي ايتري ته ائڊورٽائيز ڪرائي ڇڏي جو جن مڙسن جون زالون بندريون هيون، انهن کي غشي جا دورا پوڻ لڳا...نيٺ ڪجهه زالن کي ته مجبوريءَ ۾ پنهنجن مڙسن کي آٿت ڏيڻي پئي ته، ” آپ پريشان نه هون...ايک کي جگه دو اگربتيان جلائين!“

    اداڪارا کي زال بنائڻ ايئن ئي آهي، جيئن پاڻي مان برف ٺاهڻ...هاڻي برف جي نگهباني توهان کي ايئن ئي ڪرڻي آهي، متان اها وري پاڻي نه ٿي وڃي..! ايش جو افيئر جيترو سلمان خان سان هليو، اوترو افيئر جيڪڏهن سلمان خان جو ايش سان هلي ها ته پهرئين شادي انهن جي ٿئي ها...

    جيڪڏهن زال اداڪارا آهي ته پوءِ ٺيڪ آهي، پر جيڪڏهن اداڪارا زال آهي ته پوءِ مڙس رڳو دعائون پيو گهرندو ته هي مون سان رڳو وقفي تائين گڏ هجي ته به مهرباني! شابس ته آهي ارباز خان کي جو ملائيڪا کي جڏهن به ڏسبو ته لڳندو هي ٿورا ڪپڙا پائي ئي ان ڪري ٿي جو انڊيا ۾ شايد ڪپڙو ايترو مهانگو آهي، جو ڪروڙ رپيا ميٽر ملندو هوندو...اهو ئي سبب آهي جو ايشوريا به ڪاجل وانگر شادي کانپوءِ فلمن مان ريٽائر ٿيڻ جو چيو آهي...ته هاڻي جيڪا به باقي اداڪاري آهي اها اتي ئي گهر ۾ ويهي ڪبي! جيئن ٽئنڪل کنا شادي کانپوءِ اڄڪلهه ٻارن کي رڳو اهو سيکاريندي نظر ايندي آهي ته، ” ٽُئنڪل ٽُئنڪل لِٽل اسٽار!“

    اسان جي خيال ۾ ته سڄي دنيا ۾ صرف ٻه جنسون آهن...هڪڙي عورت ۽ ٻي به عورت...مرد ته رڳو انهن ٻنهي جي وچ ۾ آيل هڪ پُل آهي يا جيئن ٻن ڪارين جي ايڪسيڊنٽ ۾ هڪڙو ريڙهو وچ ۾ اچي وڃي...سو هي شادي به دراصل ايشوريا راءِ جو سفر آهي صرف ۽ صرف جيا بهادري تائين پهچڻ لاءِ...باقي جيڪڏهن انڊيا جي اداڪارائن جي زندگين ۾ جهاتي پائبي ته خبر پوندي ته اهي افيئر ايئن ڪنديون آهن، جو پڇبو ته ”اڄ توهان لنچ ۾ ڇا ڪيو؟“ ته چونديون ”two pizzas with one boy friend “...جيئن هڪڙي صحافي سلمان خان کان پڇيو ته، ”تنهنجي پسند جي اداڪارا ڪهڙي آهي؟“ چيائين ”زال...“ پڇيائون ”پر توهان کي ته زال ڪانهي.“ چيائين ”ان ڪري ته پسنديدا آهي!“ بلڪل ايئن ئي هڪڙي ٻئي صحافي اٽل بهاري واجپائيءَ کان پڇيو هو ته، ”توهان جي پسند جي اداڪارا ڪهڙي آهي؟“ ته چيو هئائين ”زال..!“ پڇيائون ”پر توهان کي ته زال ڪانهي؟“ چيائين ” آئون پنهنجي زال جي ڳالهه ڪونه پيو ڪريان!“

    ڪاوش ۾ ته انڊين اداڪارائن کي اهڙن سهڻن نالن سان پڪاريو ويندو آهي جو اهڙن نالن سان ته هنن کي مائيٽ به ڪونه سڏايندا هوندا...جيئن ڀورين اکين واري ممبئي جي ڪاري ٻلي...يا بنگالي هرڻي جيا بهادري...يا ايشوريا لاءِ لکيل هو...پوپري ايش...۽ ايئن لکيل هو ڄڻ اها رپورٽر جي پاڙي ۾ رهندي هجي...حرام جو ڪڏهن پاڪستاني اداڪارائن لاءِ ايئن لکن..ڪڏهن مسرت شاهين لاءِ ته من موهڻي لکن...يا ڪڏهن به هنن نجمه ڪاوش لاءِ پوپري ڪونه لکيو...ان جي جواب ۾ وري چوندا ته، ”نجمه ڪاوش جو خود وزن ايئن پيو وڌي جيئن سنڌ ۾ آدمشماري پئي وڌي!“ اسان جي شوبز ۾ ته رومانس به ايئن ئي ٿيندو آهي، جو هڪ ڪي ٽي اين جي اداڪار هڪ اداڪارا کان پڇيو، ”ڇا توکي پڪ آهي ته تون صرف مون کي ئي چاهين ٿي؟“ اداڪارا چيو، ”ها...اڃا صبح ته مون لِسٽ ڏسي پَڪَ ڪئي آهي...!“

    ايشوريا جتي پيدا ٿي، اتي وڏي ڪا نه ٿي سگهي، جيئن اڀيشڪ جتي وڏو ٿيو، اتي رهي نه سگهيو، رهڻ لاءِ هن کي ايشوريا جي اکين جيتري ايراضي کپندي هئي...ايشوريا جڏهن سورنهن سالن جي هئي ته جيڪي سورنهن سالن کان مٿي جون هيون، اهي وري هن ۾ نهاري پنهنجن سورنهن سالن کي پِٽينديون هيون...ايئن ايشوريا اها اداڪارا هئي، جيڪا مسلسل چار پنج سال ته سورنهن سالن جي ئي رهي...جيئن اسان واري اداڪارا انجمن هوندي هئي، سدائين پنهنجي عمر سورنهن سال ٻڌائيندي ۽ ڪير ڪاوڙ ۾ نهاريندس ته يڪدم چوندي ”هاڻي ٽن سان ضرب ڪريو!“...آخري ڏينهنِ ۾ ته چوندي هئي، ”هاڻي چئن سان ضرب ڪريو...پر جواب نه ٻڌائجو!“

    abro_Imtiaz@hotmail.com
     
  18. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب امتياز ابڙو جي لکين ڪالمن جو مجموعو

    هڙتالون



    خميس 12 اپريل 2007ع

    اسان جي ملڪ ۾ ماڻهن پنهنجو وزن گهٽ ڪرڻ جا ڪيترائي ذريعا ايجاد ڪري رکيا آهن...جيئن 6 ست پائونڊ وزن گهٽ ڪرڻو هوندو ته بجليءَ جو بل ڏسي ڇڏيندا... ڪنهن وقت ۾ سلمنگ سينٽرن کي اهميت هئي...پر جنهن مهيني پيٽرول جو اگهه چڙهي وڃڻ جو اعلان ٿيندو آهي ته انهيءَ مهيني سلمنگ سينٽرن تي رش گهٽجي ويندي آهي، جو ماڻهو پيٽرول جو اگهه ٻڌي پنهنجي زبان مان اهڙا ڳرا لفظ ڪڍندا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ انهن جو چار پنج ڪلو وزن گهٽجي ويندو آهي...!

    هاڻي وري نئين دور ۾ وزن گهٽ ڪرڻ جو نئون طريقو دريافت ڪيو ويو آهي...۽ اهو آهي بک هڙتال ڪرڻ...اهو طريقهءِ علاج ايترو ته ڪامياب ويو آهي جو پري پري جي شهرن کان به ماڻهن اچي پريس ڪلب جي اڳيان ويهڻ شروع ڪندا آهن...اسان ته ٻڌو آهي ته هاڻي پريس ڪلب وارن باقائدا ان جي فِي به رکي ڇڏي آهي ته ”ستن ڏينهن ۾ ست پائونڊ وزن گهٽ نه ٿئي ته بک هڙتال جا پئسا واپس!“ جيئن اتي ايندڙ هڪ همراهه پڇيو ”ڀلا مسئلي ڪهڙي تي بک هڙتال ڪنداسين؟“ چيائون ”توهان رڳو پئسا جمع ڪرايو مسئلو اسين پاڻهي پيدا ڪنداسين!“

    هڪڙو همراهه ڪار مان اچي لٿو...پڇيائين ”وزن گهٽ ڪرائڻ لاءِ بک هڙتال ڪٿي ٿيندي آهي؟“ همراهه چيس ”او...هن طرف جيڪا قطار آهي...ان ۾ وڃي بيهو!“ چيائين ”آئون جلد کان جلد سنهڙو ٿيڻ چاهيان ٿو؟“ جواب مليس ”جلد کان جلد ته توهان رڳو اسمگلر ٿي سگهو ٿا...!“ ايئن ئي هڪ ٻيو صفا سنهڙو همراهه پهتو ته ”منهنجي زال رُسي ويئي آهي هاڻي اها واپس وٺي ڏيو!“ ته ان کي چيائون ”بک هڙتال لاءِ پهرئين توکي ٿلهو ٿيڻو پوندو!“ همراهه ويو ۽ چئن مهينن کانپوءِ ڪافي ٿلهو ٿي موٽيو، پر تيسين سندس زال ٻيو مڙس ڪري چڪي هئي!

    هڪڙو ٽيون همراهه آيو ته ”مون کي ويهه پائونڊ وزن گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪيترا ڏينهن هڙتال ڪرڻي پوندي؟“ چيائون ”گهٽ ۾ گهٽ ٻه مهينا...!“ همراهه پڇيو ”پوءِ مون کي سامان ڪهڙا کڻي اچي ويهڻو پوندو؟“ چيائون ”سامان سڀ اسين مهيا ڪنداسين...پمفليٽ غاليچا...نعرن هڻڻ وارا همراهه...آخر ۾ توهان کي گُلن جا هار پارائي ويهاربو ڄڻ پُٽن جا طُهرَ پيو ڪرائين!“ همراهه چيو ”ٺيڪ آهي...خرچ گهڻو ٿيندو؟“ چيائون ”انهيءَ جي لاءِ اسان وٽ مختلف هڙتال پيڪيج آهن...وائيف پيڪيج، اغوا پيڪيج، پوليٽيڪل پيڪيج...“ چيائين ”يارو...آئون مسڪين آهيان...ڪو غريباڻو پيڪيج ٻڌايو؟“ چيائون ”پوءِ توهان هي پبلڪ يتيم پيڪيج وٺو...پر انهي ۾ توهان کي جُوسَ جا ٺلها دٻا ملندا ۽ توهان کي رڳو پيئڻ جي ڪوڙي اداڪاري ڪرڻي پوندي...توهان کي جيڪي گلن جا هار پوندا اهي رڳو فوٽا ڪڍائي واپس ڪجو ته جيئن اهي هارَ وري اسان ٻين هڙتالن تي ويٺل همراهن کي پارائي سگهون!“

    هڪڙي مائي وري پريس ڪلب اڳيان اها شڪايت کڻي پهتي ته ”منهنجو مڙس بک هڙتالن کان پوءِ به سنهڙو نٿو ٿئي...مُئي تي چَرٻي ايئن پئي چڙهي، جهڙو آءِ ايم ايف جو قرض پيو چڙهي...۽ هاڻي ته شادين جا ڀَتَ کائي کائي اهڙو ٿي ويو آهي، جو ملڪ جو ڪهڙو به ٻيو ٿلهو هن جي ڀر ۾ بيهاري ڇڏيو ته هي ان کان به وڌيڪ ٿلهو لڳندو!“ جواب مليس ”انهيءَ جو علاج اسان وٽ ناهي...توهان پنهنجي مڙس کي ٽينشن ڏيو...مهانگائيءَ جو ٽينشن...بيروزگاريءَ جو ٽينشن...امن امان جو ٽينشن...پاڻيهي سنهڙو ٿي ويندو!“

    دراصل جيڪي ماڻهو بک هڙتال ڪندا آهن، انهن کي رڳو اهو ٻڌائڻو هوندو آهي ته اسين بغير کائڻ جي به زندگي گذاري سگهون ٿا...پڇيو ويو هڙتال تي ويهي ماڻهو ٻه آڱريون مٿي ڇو کڻندا آهن؟“ چيائين ”ڇو ته پنج آڱريون مٿي کڻندا ته ماڻهو ڪاوڙجي پوندا...!“ ٻئي چيو ”ٻه آڱريون کڻي هُو اهو ٻڌائيندا آهن ته جيڪڏهن هن هڙتال ۾ مزو اچي ويو ته وري ٻئي دفعي به هڙتال ڪنداسين!“

    ڪجهه سياسي پارٽين جو ته اهو موقف آهي ته بک هڙتال سان حڪومت تي اثر پوي نه پوي، پر پيٽ تي وڏو اثر پوي ٿو...پيٽ کي اندر ڪرڻ جو اهو فارمولو سنڌ ۾ ايترو ته ڪامياب ويو، جو ڪجهه اين جي اووز ته پنهنجن ملازمن کي بک هڙتالي ڪئمپن جا دورا ڪرائڻ شروع ڪيا ته جيئن بک هڙتالن تي سيمينار ۽ ورڪشاپ ڪري اهو ثابت ڪري سگهجي ته بک هڙتال جو هن سنهڙي سماج ۾ هڪ وڏو ۽ ٿلهو ڪردار آهي...بک هڙتال رڳو پنهنجن مطالبن لاءِ نه پر پنهنجي ٿولهه کي نظر ۾ رکي به ڪري سگهجي ٿي!

    ”علامتي هڙتال“ وري ان کي چئجي جيڪا رڳو پري کان ڏسڻ ۾ هڙتال جهڙي اچي...پر ڪَمَ اتي به ساڳيا ويهي ڪجن، جيڪي گهر ۾ ويهي ڪبا آهن...ڪجهه ماڻهو ته شاديءَ جو خرچ بچائڻ لاءِ هڙتال جو سڏ ڏيئي ڇڏيندا، پوءِ جڏهن ماڻهو گڏ ٿيندا ته چوندا ”هلو...ماڻهو آيا آهن ته يَڪو نڪاح به اتي ئي ڪرائي ٿا وٺون...ان کي وري چئبو آهي...مَلامتي هڙتال!“

    هڙتالن جا ايترا ته قسم آهن جو رڳو قسم معلوم ڪرڻ لاءِ به هڪ عدد هڙتال ڪرڻي پوندي...هڪڙي ٻي هوندي آهي ”ڦيٿا روڪ هڙتال“...جنهن ۾ رڳو ڦيٿن کي نه هلڻ ڏنو ويندو آهي، باقي گاڏين کي هلڻ جي اجازت هوندي آهي! ”قلم ڇوڙ هڙتال“ وري اهي ماڻهو ئي ڪندا آهن، جن ڪڏهن پنهنجي هٿ ۾ قلم به نه جهليو هوندو آهي...جيتوڻيڪ اڄڪلهه بال پين هڙتال يا مارڪر هڙتال هئڻ گهرجي...پر اهي هڙتالون رڳو انهن ملڪن ۾ ڪامياب وينديون آهن، جتي ماڻهن جي هٿن ۾ هٿيار نه هوندا آهن...!

    هڙتالون ماڻهو پنهنجي طبيعت مطابق به ٺاهيندا آهن، جيئن جمعو موالي هڙتال ڪندو ته سڄو ڏينهن سگريٽ ۾ هٿ ڪونه لاهيندو، چوندو ”اڄ سگريٽ ۾ هٿ به ڪونه لاٿو اٿم ۽ جيڪو به سگريٽ پيتم، هينڊ گِلوَز پائي پيتم!“ ڊاڪٽر جيڪڏهن مرد آهي ته ان جي هڙتال معنيٰ سڄو ڏينهن نرسن کي ڪونه ڏسنداسين...۽ ڊاڪٽر عورت آهي ته انهن جي هڙتال معنيٰ بغير مئڪپ جي اسپتال وينديونسين ته ڀلي مريضن جا هانءَ ڦاٽن...ته ڪالهه ڪهڙي هئي، اڄ ڪهڙي آهي...هڙتال جيڪڏهن يونيورسٽيءَ ۾ شاگردن جي آهي ته پهرئين ”ڪامن روم“ ۾ پهچي ڇوڪرين کي موڪل ڪرائيندا...۽ هڙتال جيڪڏهن ماسترن جي آهي ته پوءِ ڪل خير لڳو پيو هوندو، ڇو ته ماستري ته هونءَ به اهڙي نوڪري آهي جو ماستر ويچارو اسڪول مان پڙهائي گهر پيو موٽندو ته به لڳندو ڄڻ ڪٿان هڙتال ڪريو پيو موٽي!

    هَڙتالن ۾ پينٽر ۽ مصور ايترو ڪمائيندا آهن جو اسان جي هڪ دوست ته پنهنجو اشتهار ٽي ويءَ تي ڪجهه هن طرح ڏنو ته ”سپر هَڙتالي پينٽر...هڙتال ڪهڙي به هجي...پنهنجا پمفليٽ ۽ بينر ٺهرائڻ لاءِ اڄ ئي رابطو ڪريو...پنج بينر ٺهرائڻ واري کي ملندو نعرن هڻڻ لاءِ هڪ لائوڊ اسپيڪر گفٽ...پوءِ ڏسو ڇا ٿا...هينئر جو هينئر فون ڪريو، ڇو ته پهرئين فون ڪرڻ واري کي ملنديون هڙتال ۾ ٻانهنِ تي ٻڌڻ واريون هڪ هزار ڪاريون پَٽيون بلڪل فِري...!

    abro_Imtiaz@hotmail.com
     
  19. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب امتياز ابڙو جي لکين ڪالمن جو مجموعو

    عالمي مشاعرو



    خميس 3 مئي 2007ع

    هڪڙو وقت هوندو هو ته شاعر رڳو شاعر هوندو هو...پر هاڻي ته هي ماڻهن وارا ڪم به ڪرڻ لڳا آهن...هاڻي ته شاعرن جون ڪيٽيگريون به ايئن پيون ٺهن، ڄڻ پلاٽن جو وڪرو پيو ٿئي...ته، ادا تون ضلعي ليول جو شاعر آهين...تون يُوسي ليول جو شاعر آهين...تون عالمي شاعر آهين...عالمي شاعر وري ان کي چئجي جنهن همراهه جو يا ته نالو عالم هجي...يا ان جي پاڙي ۾ ڪو عالم نالي شخص رهندو هجي يا ان ماڻهوءَ جي زال جي مائيٽن مان ڪو ”عالم“ نالي شخص نڪري پوي ته به ان همراهه کي چئي سگهجي ٿو هڪ اصلي عالمي شاعر...جيئن امجد نان اسلام امجد کان پڇيوسين، ”توهان عالمي شاعر ڪيئن ٿيا؟“ چيائين يار، اسين ته پري کان ئي عالمي ٿا لڳون...۽ پوءِ پنهنجي گنجي مٿي تي هٿ ڦيريندي چيائين، ”اسين ته اهي آهيون جو پاڻ سان گڏ هر وقت هڪ دنيا جو گولو کڻيو هلون!“

    مشاعرن ۾ شعر پڙهڻ ڏکيو ڪم آهي...جو ان ۾ زخمي ٿيڻ جو خطرو هر وقت موجود رهي ٿو...اهو ئي سبب آهي جو ميزبان هر شاعر لاءِ اهو ئي پيو چوندو ته هاڻي آئون زحمت ڏيندس فلاڻي شاعر کي...جنهن مان هن جو مقصد اهو هوندو آهي ته هاڻي جيڪي ڪجهه ٿيندو، ان جو ذميوار ڌڻي پاڻ هوندو...شيخ اياز به هڪ اهڙي ئي مشاعري جي لاءِ لکيو هو ته؟ ”سڀ پنهنجي ڪرڻي ڀرڻي آ“ جيئن هڪ ٻئي مشاعري ۾ هڪ شاعر جي ڪنهن دشمن ڄاڻي ٻجهي هڪ ننڍڙو پٿر اسٽيج تي اڇليو ته شاعر چيو ”هيرا ته ڏسو ڪنڪر نه هڻو، ايندو نه وري هي وڻجارو...“ مطلب اهو ته آئون؟ وڻجارو، هاڻي ڪڏهن به ڪنهن مشاعري ۾ ڪونه ايندس...رڳو هن ڀيري شعر پڙهڻ ڏيو!

    مشاعرن جا ميزبان به عجيب هوندا آهن...شاعرن کي ايئن ڊڄي ڊڄي پيا سڏ ڪندا، ڄڻ اهي شاعر نه پر سندن زالون هجن...چوندا آئون گذارش ٿو ڪريان...آئون عرض ٿو ڪريان...۽ جيڪڏهن ڪو شاعر پنهنجو شعر ڊگهو ڪري ڇڏيندو ته ان جي اڳيان هڪ پرچي ايئن رکي ويندا، جيئن پٺاڻ جي هوٽل وارو ڇوڪرو چانهه جو بل ڏيئي ويندو آهي...۽ پرچيءَ ۾ لکيل هوندو ته؟ جيڪڏهن هينئر ئي شعر بند نه ڪيو ته پوءِ تو لئه هر مشاعري جو دروازو بند هوندو...! ايئن ئي هڪ مشاعري ۾ جڏهن پرچي ڏيڻ کانپوءِ به شاعر نه اٿيو ته ماڻهن مان هڪ همراهه اچي شاعر جي اڳيان هڪ لفافو ڇڏي ويو...شاعر سمجهيو لفافي ۾ پئسا هوندا...جيئن ئي لفافو کوليائين ته ان ۾ بَمُ هو...!

    ڪجهه ميزبان ته شاعر کي اهڙي عزت سان پيا سڏ ڪندا جو خود شاعر به پيو هيڏانهن هوڏانهن نهاريندو ته هي ايتري محبت سان ڪنهن کي پيو سڏيو وڃي...جيئن هڪڙي ميزبان چيو آئون عرض ٿو ڪريان... ۽ ايئن چيائين ڄڻ بينڪ کان ڪا قرض معاف ڪرائڻ جي درخواست ٿي لکيائين...هڪ ٻئي ميزبان چيو هاڻي آئون دعوت ڏيندس گلڻ ڪاسائيءَ کي...ته گلڻ يڪدم رڙ ڪندي چيو؟ ”دعوت سگهري آهي يا ڇَڙي؟“

    مشاعرن ۾ شريڪ ماڻهن کي فروٽ کڻي اچڻ جي بندش هجي ۽ مشاعري ڪرائڻ وارن کي وري شاعرن کي هيلمٽ به مهيا ڪرڻ گهرجن...جو ماڻهن کي جيڪڏهن شعر نه وڻيو ته گهٽ ۾ گهٽ چهرو ته بچي وڃي...جيئن هڪ مشاعري ۾ هڪ شاعر جي اڳيان اوچتو هڪ زنانو سينڊل اچي ڪريو...شاعر به سينڊل کڻي پنهنجي ڀر ۾ رکي ڇڏيو...دوست چيس؟ ”ڏاڍو افسوس ٿيو!“ چيائين؟ ”ڪا ڳالهه ڪانهي...هتي به جهڙو آئون گهر ويٺو آهيان!“

    مشاعرا وري ان ڪري ڪرايا ويندا آهن ته جيئن شاعرن کان هڪڙو شعر ٻڌي ۽ ٻيا ويهه شعر ٻڌڻ لاءِ ڇڏي ڏجي ته جيئن انهن کي به خبر پوي ته ويچارن ٻڌڻ وارن تي ڇا ڇا گذرندو هوندو...مشاعرن کانپوءِ ماڻهن ۾؟ ”واهه واهه“ جي عادت اهڙي پئجي ويندي آهي جو ڀلي ڪنهن ملڪ جو بادشاهه ڪنهن ٻڪري سان پيو فوٽو ڪڍائيندو ته به چوندا، ”واهه واهه!“ اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪَنَ ۾ پڇبو ته چوندا؟ اسان واهه واهه ٻڪريءَ لاءِ ڪئي هئي!“ اسان جي ڪلچر ۾ ته اها ”واهه واهه“ جي عادت اهڙي آهي جو وزير، هاٿي، ٽِنگِي، گهوڙي ۽ پيادي جي ڳالهين تي به پيا واهه واهه ڪندا آهن...اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪجهه ماڻهو هاڻي اهڙا هوشيار ٿي ويا آهن جو سامهون ”واهه ”چئي پويان؟ ”لاهه“ ڪڍي ڇڏيندا آهن!

    حيدرآباد ۾ عالمي مشاعرو ٿيو ته اسان جو دوست گلڻ ڪاسائي پنهنجي غزلن واري انتهائي ٿلهي ڊائريءَ سان گڏ پهچي ويو...ڊائري اسان انهيءَ ڊپ ۾ ڪا نه ڏٺي ته مشهور هو ته، جيڪو هن جي ڊائري ٿو ڏسي ان کي ڊائريا ٿيو پوي...ڊائري بس ايئن هئي جو هر صفحي تي غزل جي اختتام کانپوءِ لکيل هو،...صبح ناشتي جي وقت... ٻنپهر باٿ روم ۾ ويندي...هڪڙي غزل هيٺان ته لکيل هو، رات جو ٽئين بجي موشن جي حالت ۾ لکيل...اهو ڪونه لکيل هو ته First law of Motion يا Second law of Motion...!

    گلڻ ڪاسائي شاعرن جي وچ ۾ اسٽيج تي ايئن ويٺو هو، جهڙو ٻيلي ۾ هرڻ ڦاسي پيو هجي...سندس وارو آيو ته ميزبان چيو ”اسان جو هي شاعر دوست ريڊيو کان آيو آهي!“ ته گلڻ پري کان ئي رڙ ڪئي ته، ”نه ادا...آئون ته پنهنجي گهران آيو آهيان!“ مائيڪ جي ويجهو اچي چيائين، ”هڪڙو ڪوسو غزل پيش ڪندس!“ ٻين شاعرن حيرت ۾ ڏٺس ته يڪدم چيائين، ”ڇو...تازو غزل ٿي سگهي ٿو، باقي ڪوسو غزل نٿو ٿي سگهي؟“ ايئن چئي پاڻ سان گڏ آندل هڪ ٿيلهو کوليائين، جنهن ۾وري هڪ ٻيو ٿيلهو پيو هو، اهو کوليائين ته ان مان اندران هڪ ٻٽون نڪتو، ٻٽون کوليائين ته ان جي اندران هڪ رومال نڪتو ۽ اهو کوليائين ته اندران هڪڙو ڪاغذ نڪتو، جنهن ۾ لکيل هو گلڻ ڪاسائيءَ جو تاريخي نظم...ڪاغذ کوليندي چيائين، ”دوستو، هڪ غلام نظم پيش ڪندس!“ ڀر ۾ ويٺل شاعر چيس، ”اسان ته آزاد نظم ٻڌو آهي!“ چيائين، ”پيارا، غلام قومن ۾ وري ڪهڙا آزاد نظم...!“ ان کانپوءِ چيائين، ”منهنجي نظم جو عنوان آهي، بدعنوان...“ ته اسٽيج تي ويٺل ڪيترائي شاعر ڪاوڙجي اٿي ويا!

    حيدرآباد ۾ جيڪڏهن عالمي مشاعرو نه ٿئي ها ته اسان کي اها خبر ئي نه پوي ها ته اسان وٽ ڪهڙا ڪهڙا شاعر آهن، جيڪي اڃا عالمي نه ٿي سگهيا آهن...سو پڇيوسين، ”سنڌ جي ٻين شاعرن کي دعوت ناما ڇو نه پهتا“ ته گلڻ چيو ”ادا...مون کي چيائون ته تون سنڌي شاعرن جي هڪ لِسٽ ٺاهي ڏي...تون آرگنائيزر آهين...پوءِ مون شاعرن جي هڪ لِسٽ ٺاهي موڪلي، پر اها لِسٽ منهنجي سيڌي جي سامان واري لِسٽ سان بدلجي ويئي...هاڻي هُنن وٽ جيڪا لِسٽ پهتي، انهيءَ ۾ لکيل هو، ”چانور پنج ڪلو، کنڊُ اڍائي سير، سَرف جي ٿيلهي فيملي پيڪ...“ هنن سمجهيو ته شايد اهي شاعر حضرات آهن....سو جيڪي دعوتناما ڇپيا ويا، انهن جي مٿان لکيل هو ”محترم چانور پنج ڪلو صاحب“....”محترمه کنڊ اڍائي سير صاحبه“ ...”محترمه سَرف جي ٿيلهي فيمليءَ سميت“.

    abro_Imtiaz@hotmail.com
     
  20. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب امتياز ابڙو جي لکين ڪالمن جو مجموعو

    انقلابي!



    جمع 11 مئي 2007ع

    نان سنڌي بي ادبي يار دوست سنگت جي هڪ تقريب ۾ صدارت ڪندي هڪ صدر پنهنجو پاڻ کي صدر سمجهندي اها ڦوڪ اڇلي ته، سنڌ جي قلمڪارن تي اهو فرض آهي ته اهي سنڌ جو قرض چڪائين...اهو ڪونه ٻڌايائين ته ڪهڙو قرض...عرض اهو آهي ته آخر اديبن اهو قرض سنڌ کان ڪڏهن ورتو، ان جا ڪيترا شاهد هئا ۽ جيڪڏهن اديب قرض چڪائيندا ته ان تي وياج ڪيترو لڳندو؟ اديبن جي باري ۾ جيترو اسين ڄاڻون ٿا سو اهو ته پهرئين ته اديب قرض وٺندو ڪونهي ۽ وٺندو آهي ته واپس ڪندو ڪونهي...ٻي ڳالهه اها ته سنڌ جنهن وقت اديبن کي قرض ڏيئي رهي هئي ته ڪنهن کان پڇي ڏنو هئائين...ڇا سنڌ کي ڪنهن ٻڌايو ڪونه ته اديب وٽان قرض واپس ڪونه ملندو...ڇا سنڌ کي ڪنهن ٻڌايو ڪونه ته ”اوڌر ته هڪ جادوءَ وانگر آهي جيڪو وٺندو آهي، اهو غائب ٿي ويندو آهي...!“

    اسان وٽ اديبن کي مزاحمت لاءِ ايترو ته چيو ويندو آهي ڄڻ اديب ريسلنگ ايسوسئيشن جا ميمبر هجن...اديب جي حوالي سان پهرئين ته اسان کي اهو طئي ڪرڻو پوندو ته اسان کي ”رائيٽر“ گهرجن يا ”ريسلر“ گهرجن....! اڄ تائين ته اسين اهو ئي سمجهندا رهياسين ته شاعر ٿيڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هڪ غزل لکڻ شرط آهي پوءِ چاهي اهو ڪنهن امتحاني پيپر ۾ لکندا هجو...جيئن هڪڙي همراهه چيو، ”آئون غزل لکندو آهيان..“ پڇيوسين، ”ڇا توهان شاعر آهيو؟“ چيائين، ”نه آئون پينٽر آهيان ۽ آئون ٽرڪن جي پٺيان غزل لکندو آهيان!“

    هڪڙي ٽئين دانشور هڪ ٻيو ٺڪاءُ ڪيو ته، ”جيڪو اديب مزاحمت نٿو ڪري، اهو دودي جي نه پر چنيسر جي صف ۾ بيٺل آهي!“...هتي عورت تنظيمن کي جاڳڻ گهرجي، ڇو ته چنيسر غريب ته رڳو ماءُ کان مشورو ورتو هو...بجاءِ ان جي جو اتي بيٺل چمچن کان مشورو وٺي. هن هڪ عورت کان مشورو ورتو...هاڻي جيڪڏهن عورت وزيراعظم ٿي سگهي ٿي ته حڪومت هلائڻ لاءِ عورت جي مشوري کي هي اديب ڪديب غلط ٿا سمجهن...تاريخ تبديل ٿي چڪي آهي...جيڪي شيون اڳي غلط هيون، هاڻي صحيح ۽ جيڪي اڳي صحيح هيون، هاڻي غلط ٿي ويون آهن! ”بس، رائيٽر ۽ ريسلَرَ ۾ فرق رڳو اهو آهي ته ريسلر رڳو انهيءَ جا مڪا کائيندو آهي، جيڪو هن جي سامهون هوندو آهي!“

    جيئن اسان جو دوست شاعر ڊڄڻو انقلابي آهي، ان چيو ته، ”آئون انقلاب آڻيندس!“ پڇيوسين، ”يار تون ته پنهنجي گهر جي ڀاڄي ڪونه آڻين، سو انقلاب ڪيئن آڻيندين؟“ چيائين، ”آئون پنهنجي شاعريءَ سان انقلاب نه آڻي سگهيس ته ڏسجانءِ...ڪجهه نه ڪجهه ضرور آڻيندس... ڀلا..ٻيو نه ته پنهنجي پٽ لاءِ ڪنوار آڻيندس!“ هن کي شاعريءَ جو ايترو ته شوق آهي جو شاعري لکرائڻ لاءِ به هن ٻه ملازم رکيا آهن...غزل سان ته هي مڇر ماريندو آهي يعني جنهن ڪمري ۾ هو ويهي غزل لکندو آهي، اتي مڇر ايترا آهن جهڙي مڇرن جي ادبي سنگت ۾ اليڪشن پئي ٿئي...جيتوڻيڪ هيءُ ايئن مڇر ماري ٽڪلين جا پئسا بچائيندو آهي جو سڄي ڪمري ۾ هن جا پنا جن تي هي غزل لکندو ويندو آهي، ايترا ته پکڙيا پيا هوندا آهن جو مڇرن کي وري ڪنهن ڪاغذ تي ويهڻ لاءِ اهو خيال رکڻو پوندو آهي ته متان ڪنهن ٽيڙوءَ جي مٿان ويٺس ته ٽيڙو ٿي مرندس...ڪنهن آزاد نظم تي ويٺس ته پوءِ اتان سڄي زندگي آزاد نه ٿي سگهندس...جيڪڏهن ڪنهن وائيءَ مٿان ويٺس ته وائي سُور ۾ مرندس...جيتوڻيڪ هن جي ڪمري جا مڇر به هاڻي ايترا چالاڪ ٿي ويا آهن جو ڊڄڻو صاحب سمجهندو آهي ته مون مڇر ماريو آهي ۽ مڇر صاحب سمجهندو آهي ته مون غزل ماريو آهي!

    چيائين، ”ادا...مون پنهنجو تخلص انقلابي انهن ڏينهنِ ۾ رکيو هو، جن ڏينهن ۾ مائوزي تنگ مان اڃا ڪير به تنگ نه ٿيو هو...۽ روس جو اڃا جُوس نه نڪتو هو...هڪڙي ڏينهن مون گهر وڃي اهو سبق ياد ڪيو ته آئون هڪ انقلابي آهيان...ان کان پوءِ پنهنجي پُٽ کان پڇيم ته ان به چيو ته، منهنجو پيءُ هڪ انقلابي آهي...پوءِ مون پاڙي جي ڀت تي هڪ حڪيم جو بواسير جو اشتهار ڊاهي انهن جي مٿان لکي ڇڏيو، آئون هڪ انقلابي آهيان...ايئن ڪندو ڏسي منهنجي زال ڪاوڙجي پئي ته هيءُ ڀتين ۾ منهن وجهيو ڇا پيو لکي...پوءِ جڏهن ان کي به ٻڌايم ته تون هڪ انقلابيءَ جي زال آهين ۽ اهو سوچيم ته هيءَ خوش ٿيندي پر هوءَ مرڳو ڪاوڙ ۾ تپي ٽامي کان ٿورو گهٽ ڳاڙهي ٿي ويئي ۽ چيائين، ”جيڪڏهن آئون هڪ انقلابيءَ جي زال آهيان ته پوءِ تون ڪير آهين؟“

    اسان سنڌ جي سڀني جيئرن اديبن کي پڙهيو آهي، ان باوجود انهن سان عزت سان ملندا آهيون...شاعرن جو ته هيءُ اهو اهو فصل آهي جيڪو دنيا جي هر ملڪ ۾ بغير روشنيءَ ۽ پاڻيءَ جي به پيدا ٿي ويندو آهي، ايترو جو جن ملڪن جي ميٽرنٽي هومس ۾ آپريشن جي سهولت نه آهي، اتي به شاعر بغير آپريشن جي پيدا ٿيندا رهندا آهن...شاعرن کي وري ڇا کپي بس هڪڙو ٻڌڻ وارو...ٻوڙن جي ملڪ ۾ شاعر جلد مري ويندا آهن...جيتوڻيڪ اسان جي خيال ۾ شاعرن جي مٿان به ايڪسپائري ڊيٽ لکيل هئڻ گهرجي، ڇو ته سنڌ ۾ ته ايترا شاعر آهن جو ڪيترا ڪيترا ڏينهن ته اسين ماڻهوءَ جي شڪل ڏسڻ لاءِ به پيا ترسندا آهيون!

    انقلاب جو قانون اديبا تي لاڳو نٿا ڪن جو اديبا جڏهن به انقلاب آندو ته انقلاب آيو، ڪجهه دير ويٺو ۽ پوءِ ڪجهه سالن کانپوءِ خبر پئي ته هن مرڳو انقلاب سان شادي به ڪري ڇڏي ۽ جنهن مان هن کي ٻه ننڍڙا به آهن...اهي شاعرائون جن جو شعر نه ٻڌجي ته به ”واهه “چوڻ تي دل چوندي آهي ۽ اهي شاعرائون جن جو پورو غزلن جو ڪتاب پڙهي وڃجي ته دل مان واهه جي بدران هڪ ”آهه“ نڪرندي آهي ۽ دل چوندي آهي ته انهن شاعرائن کي واهه جي بدران ”بي واهه “چئجي...جيئن هڪ مشاعري ۾ هڪ ميزبان چيو، هاڻي ايندي تاڙين جي گونج ۾ توهان جي دوست شاعرا مِس ويچاري...ته هيٺان ڪنهن به تاڙي ڪا نه وڄائي...۽ شاعرا ويچاري ايئن ته اسٽيج تي پئي چڙهي، جو ماحول ۾ اهڙي خاموشي جو اهڙي خاموشي صرف ان وقت هوندي آهي جنهن مهل ڪنوار مائيٽن جو گهر ڇڏي پئي ويندي آهي...!

    ڊڄڻي انقلابيءَ کان پڇيم، ”جيتري قدر مون کي ياد ٿو پوي ته توهان پنهنجي زندگيءَ ۾ رڳو هڪڙو غزل لکيو آهي ۽ سو به جنهن پاڙي جي شاعر کان توهان ٺهرايو هو، ان کي پورا پئسا به ڪونه ڏنا هئا!“ چيائين، ”بس يار...اصل ۾ مون کي ڪنهن ٻڌايو هو ته غزل جو مطلب آهي عورتن سان ڳالهيون ڪرڻ...اهو سوچي مون ڪجهه غزل لکيا پر هڪ عورت ته ڇا، ڪا جنڙي به مون سان ڳالهيون ڪرڻ ڪا نه آئي!“

    ڊڄڻو جنهن جو تخلص اڃا تائين انقلابي آهي، تنهن چيو، ”منهنجا ڪيترائي غزل مهانگائي هئڻ جي ڪري اختتام تائين نه پهچي سگهيا...۽ مون کي لڳو پئي مرڳو آئون خود نه اختتام تائين پهچي وڃان...آئون جڏهن به ڪنهن نظم لکڻ جي اڃا وچ ۾ ئي مس هوندو هوس ته اوچتو توهان جي ڀاڀيءَ جي هڪ ناقابل يقين ۽ ناقابل برداشت رڙ منهنجي ڪمري جي تنهائي ٽوڙيندي داخل ٿيندي هئي ته، ”ٽماٽا ختم ٿي ويا آهن...بصر به وٺي اچ ته ٻوڙ رڌي وٺان!“...ايئن انهيءَ ٻوڙ ٺاهڻ جي جستجو پٺيان انقلاب ته پري ...پر منهنجا ڪيترائي غزل ٻوڙ ٿي ويا ۽ آئون پاڻ چٽڻي ٿي ويس!“

    abro_Imtiaz@hotmail.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو