جواب: محترم جناب امتياز ابڙو جي لکين ڪالمن جو مجموعو
وتائي فقير سان ڪچهري!
ڇنڇر 19 مئي 2007ع
-توهان کان سوال پڇنداسين.
وتايو: اڇا...معنيٰ توهان وڪيل آهيو؟
-نه نه...اسين توهان کان انٽرويو جا سوال پڇنداسين.
وتايو: پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته توهان اهڙا سوال ڪري ڪهڙا نوان سوال اٿارڻ ٿا چاهيو...؟ اهو ته امان پڇندي هئي ته وتايا، هاڻي توکي شاديءَ لاءِ ”ها“ چوڻ گهرجي، ڇو ته اهو منهنجي زندگيءَ ۽ موت جو سوال آهي...۽ آئون به امان کي اهو ئي چوندو هوس ته، ”شادي ان ڪري ته ڪو نه ٿو ڪريان جو اهو تنهنجي ئي زندگي ۽ موت جو سوال آهي..!“
-توهان پنهنجو پاڻ کي فقير ڇو ٿا سڏايو؟
وتايو: آئون پنڻ وارو فقير ڪونه آهيان...آئون ته بس لَڪِير جو فقير آهيان ...هڪڙي ڏينهن آئون ڳوٺ جي وڏيري جي چاليهي جي ڀت تان موٽي رهيو هوس ته ڪجهه ڪتا مون کي اڪيلو ڏسي ڀئونڪڻ لڳا... تڏهن مون کي پهريون دفعو خبر پئي ته آئون چاليهَن جا ڀَت کائي کائي فقيرن جهڙو ٿي ويو آهيان. جيتوڻيڪ اسان جي ڳوٺ جا ڪتا پهرين فقيرن جي پٺيان ڪونه ڀئونڪندا هئا...اهو رواج مون اچي وڌو..!
-توهان جو ڪافي سالن کان پوءِ سنڌ اچڻ ٿيو آهي...توهان کي سنڌ جي ماڻهن ۾ ڪا تبديلي نظر آئي؟
وتايو : نه...هي اڳي به مڇيءَ کي ”مَشِي“چوندا هئا...هاڻي به ”مَشِي“ئي چوندا آهن...البت اها تبديلي آهي ته هي اڃا تائين گڏهه کي به گڏهه ئي چوندا آهن. گڏهه کي گهوڙو رڳو ان مهل چوندا آهن، جنهن مهل هنن کي گهوڙن کي چيڙائڻو هوندو آهي...!
- اسان ٻڌو آهي توهان کي ماحولياتي گدلاڻ جي سلسلي جي هڪ سيمينار ۾ سڏايو ويو آهي...
ڇا توهان جي دور ۾ ماحولياتي گدلاڻ هئي؟
وتايو : اسان جي دور ۾ به هئي....پر اسان ڪنهن کي ٻڌائيندا ڪونه هئاسين، متان انهي تي سيمينار نه ڪرائڻا پون... هڪڙو ڇوڪرو منهنجي گهر جي ٻاهران باٿ روم ٺاهيو ويٺو هو ۽ ماحولياتي گدلاڻ ڦهلائي رهيو هو...مون هن کي ڪَن کان جهلي چيو هو ته ڪنهن جو پٽ آهين؟
-پوءِ ڇا ٿيو؟
وتايو : پوءِ ڇا، سڀ لطيفا توکي هتي ئي ٻڌائي ڇڏيان ڇا؟...باقي لطيفو منهنجي ڪتاب ۾ پڙهي ڇڏجان...!
-توهان کي خبر آهي....توهان جون ڳالهيون ٻڌي ماڻهو ڏاڍو کلندا آهن؟
وتايو : ڇو آئون ڊس انفرميشن منسٽر آهيان...؟
-نه...دراصل توهان جي لطيفن ۾ وڏو سبق هوندو آهي؟
وتايو : سبق ته ٺهندا ئي ان ڪري آهن ته جيئن انهن کي ڪير به حاصل نه ڪري سگهي...جيئن اها ڳالهه جنهن کي هڪ ڪَن مان ٻُڌي ٻئي ڪَن مان ڪڍي ڇڏجي ته ان ڳالهه کي نصيحت چئبو آهي!
-توهان پنهنجي ماءُ جي نالي ايئن ڇو چيو هو ته .. هڪڙي ڳالهه امان جي هٿ ۾ آهي ...وڻيس ته ڀت رڌي، وڻيس ماني پچائي....؟
وتايو : ها...پر هڪڙي ڳالهه مون کي چوڻ وسري ويئي...۽ اها هيءَ ته ڪڏهن ڪڏهن امان ٻئي ڪم ڪندي هئي..يعني ڀَتُ به رڌيندي هئي ۽ ماني به پچائيندي هئي...!
-توهان جي انهي ڀت ۾ ڪهڙي فلاسافي هئي؟
وتايو : ڀت ۾ رڳو چانور هوندا آهن!
- توهان جي لطيفن ۾ توهان جي ماءُ جو ذڪر گهڻو ڇو آهي؟
وتايو : ڇو ته جنهن مهل آئون پيدا ٿي رهيو هوس ته امان ئي منهنجي قريب هئي!
- ڀلا ڇو توهان جي قصن ۾ ڪٿي به توهان جي زال جو ذڪر ڪونهي؟
وتايو: توهان منهنجي زال جا قصا پڙهو...انهن ۾ وري منهنجو ذڪر ڪونه هوندو... دراصل مونکي گهڻو ته ياد ڪونه ٿو پوي، پر شايد مون شادي ڪانه ڪئي هئي...۽ مون شادي ان ڪري ڪانه ڪئي هوندي جو هڪ دفعي منهنجي ماءُ بابي کي چيو هو ته ”هي ٻاهران ننڍڙو گهمائي اچ!“ ته بابي چيو هو ”هر هر ٿي چوين...ٻار گهمائي اچ...ڇا آئون ٽانگو آهيان؟“...ان کان پوءِ منهنجي دماغ ۾ اهو ويهي رهيو ته شادي ڪرڻ معنيٰ ٽانگو هلائڻ...!
- توهان تعليم حاصل ڇو نه ڪئي؟
وتايو : اسان جي دور ۾ تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ جيڪي ڪجهه حاصل ٿيندو هو، اهو ته اسان وٽ اڳ ۾ ئي موجود هو...جيئن اڄ صبح هڪ شاگرد کان پڇيم ته ”پٽ تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ توکي ڇا حاصل ٿيو ؟“ چيائين ”تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ بس اها تعليم ئي حاصل ٿي...!“ آئون وري تعليم حاصل ڪريان ها، اگر ان ۾ امتحان نه هجن ها...مون کي ته ڏکئي ۾ ڏکيو ڪم لڳندو ئي هو امتحان ڏيڻ، ان ڪري ته مون شادي به ڪانه ڪئي... جو اهو اهڙو امتحان آهي، جنهن ۾ فرسٽ ڪلاس ته آهي ڪونه، سيڪنڊ ڪلاس ڪنهن کي ملي ڪونه..۽ ٿرڊ ڪلاس اڄ تائين ڪنهن کنيو ڪونه ..!
- توهان جي دور ۾ هٿيار هوندا هئا؟
وتايو : هوندا هئا...پر اسان جي دور ۾ حڪمرانن زنانين جتين تي لائيسنس مقرر ڪري رکيو هو... مون ڏٺو آهي ته هن دور ۾ به گهڻي کان گهڻو هٿيار اهو ئي ٿو استعمال ٿئي!
- توهان کي خبر آهي ته توهان جا لطيفا اليڪشن ۾ ٻڌائي، ماڻهن کي کلايو ويندو آهي؟
وتايو: انهي جي ضرورت به نٿي رهي...اليڪشن ۾ ته ماڻهو بغير لطيفن جي به پيا کلندا آهن!
-توهان جي لطيفن ۾ ڪافي هنڌن تي توهان جلدبازي ڪندي نظر اچو ٿا؟
وتايو: جيڪي جلدباز هوندا آهن، اهي ڇهن ستن ٻارن جا پيءُ ٿي ويندا آهن... منهنجو ايمان آهي ته سُستي هزار نعمت آهي...جيڪڏهن هزار نعمت نه هجي ته به سُستيءَ مان سئو سئو واريون ڏهه نعمتون ٺهي وينديون... سُست ۽ جلد باز ۾ رڳو اهو فرق آهي ته جيڪو سائيڪل هلائي پيو، اهو جلد باز آهي ۽ جيڪو سائيڪل جي پٺيان ويٺو آهي اهو سست آهي!
- توهان جي دور ۾ آزادي ڪيتري هئي...؟
وتايو: اسان جي دور ۾ ايترو ته ساهه کنيو ويندو هو جو جيترو ساهه کڻڻو هوندو هو، بس اوترو ئي کڻندا هئاسين، مٿي ڪونه کڻندا هئاسين....اسان جي ڳوٺ ۾ جڏهن اڃا آڪسيجن به ڪانه پهتي هئي تڏهن وڏيري کي چيوسين ته ”اليڪشن کٽيو ته ڳوٺ کي آڪسيجن منظور ڪرائي ڏجو...!“ وڏيري چيو ”ڪوشش ڪريون ٿا...في الحال توهان هوا مان ساهه کڻو!“
-ڇا توهان جي دور ۾ ماڻهو مهمان نواز وڌيڪ هئا...؟
وتايو: ها....اڄڪلهه ڪنهن وٽ پهچي چئبو ته آئون توسان ملڻ آيو آهيان ته همراهه خوش ٿيندو آهي...۽ وري چئبو ته آئون ماني به کائي آيو آهيان ته اڃا به وڌيڪ خوش ٿيندو آهي!
-توهان کي هيءُ اسان جو جمهوري دور ڪيئن لڳو؟
وتايو: چون ٿا ته هتي ماڻهن کي ڳالهائڻ جي آزادي آهي ...پر مونکي ته هتي ڳالهائڻ جي آزادي ڏسڻ ۾ نه آئي...ايتري قدر جو زال سان موبائيل تي ڳالهائڻ لاءِ به پهرين ڪارڊ ٿو وٺڻو پوي...!
abro_Imtiaz@hotmail.com