جواب: جڏهن مُنهنجو پُٽ محمد علي سمون لاڏو بڻيو مٺا عمران سومرا تو وارو نوٽ اکين تي پر خوشي خوشي کڻي ٻين پئسن سان گڏ جمع ڪرائڻ بينڪ ۾ ويس ته ڪيشيئر اهو نوٽ پڪڙي ورتو تصوير ملاحضه آهي جنهن ۾ ڪيشيئر اهو نوٽ پڪڙي هو رهيو آهي۔ ڇا کڻيو ڏسان جو تو واري موڪليل نوٽ جي پويان عيد مُبارڪ لکيو پيو آهي، ادا خير آهي ، اسان ته خير وڏي مُشڪل سان بينڪ مان جان ڇڏائي پر گهور ته اُڌاري ڀاڄي آهي، اسان جي خوشي ۾ تو هڪ پاسي عيد مُبارڪ لکيل هڪ هزار جو نوٽ ڏنو آهي پر اسان وري تنهنجي خوشي ۾ اهڙا ٻه نوٽ ڏينداسين جن ۾ نوٽن جي ٻنهي پاسن عيد مُبارڪ ۽ پاڪستان زنده آباد لکيل هوندو۔ باقي مست جي موڪليل تصويرن ۽ لکيل ڳالهين ۾ ته توهان گڏجي ڪنهن زماني ۾ جعلي يا نقلي نوٽن جو ڪاروبار ڪندا هُئا سو ڀائو مست ۽ ڀائو درويش اها ڳالهه درويشن ۽ مستن جي وچ جِي آهي اسان زماني وارن جو ان ۾ ڇا وڃي۔ اسان کي يار جي ياري سان مطلب آهي انهن جي فعل سان ڇا ڄاڻون۔ جيئي درويش ۽ جيئي مست ۔ خوش هُجو مٺا۔