ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
ڪچهري جو مور ڏاڏو فتح خان
فتح خان ڀائو! آهين تون ڪٿي؟
ڀلا يار هاڻي رهين ٿو ڪٿي؟
سڄو سارو مهينو آ گذري ويو
مگر يار تنهنجو پتو ڪونه پيو
ڏاڏي فتح خان جهڙا املهه ماڻڪ ماڻهو ڌرتي تي تڏهن ڪڏهن پيدا ٿيندا آهن. اهڙا ماڻهو هر وقت تاريخ ۾ زندهه هوندا آهن. سيد صالح محمد شاهه عرف ڏاڏي فتح خان شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو سڄو رسالو تحت اللفظ رڪارڊ ڪرائي آڊيو ۾ محفوظ ڪيو. سيد صالح محمد شاهه حيدرآباد ريڊيو تي ڊرامن ۾ به ڪم ڪيو. سائين صالح محمد شاهه ريڊيو جي مشهور ڊرامي امرت جيون پيار ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. سيد صالح محمد شاهه ولد سيد دادن شاهه 4 اپريل 1938ع تي حيدرآباد ويجهو درياهه بيگ مغل ۾ جنم ورتو هو. سيد صالح محمد شاهه سنڌي لاءِ ادب، ثقافت ۽ فن جي دنيا ۾ وڏو مان حاصل ڪيو. هُن 4 اپريل 1958ع تي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي انائونسر جي حيثيت سان شروعات ڪئي هئي. سيد پاڻ پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سينٽر تان ٽيليڪاسٽ ٿيندڙ عوامي پروگرام اوطاق ۽ رس رهاڻ ۽ ڪچهري ۾ پڻ ڪئي. سيد صالح محمد شاهه کي سڄي سنڌ ۾ ڏاڏا سائين ۽ جهوني جي نالي سان هينئر به ياد ڪيو وڃي ٿو. رِيڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ڪچهري واري پروگرام ۾ ڏاڏي فتح خان سان مون به پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. ڏاڏي فتح خان جي رهنمائي هيٺ مون گهڻو ڪجهه سنڌي ٻولي جي تلفظ بابت سکيو، ٻولي جو اچار ٻولي لاءِ انتهائي اهم آهي. ڏاڏي فتح خان جي ڪچهري آئون ٻڌندڙن طرف موڪليل خط سائين کي پڙهي ٻڌائيندو هئس. سائين سان گڏ ريڊيو وسيلي ڪيل ڪچهري مون کي هميشه ياد رهندي آئون هينئر به ڪچهري پروگرام فتح خان جي اوطاق ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهيان. ڏاڏي فتح خان جي نه هئڻ ڪري اوطاق اداس لڳي ٿي. ڏاڏي فتح خان جي وفات کان پوءِ ڪچهري پروگرام جو نالو صرف ڪچهري رکيو ويو. اسان سنڌ جي مشهور شاعر ۽ موجوده وقت ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صلاحڪار سرفراز راڄڙ، لياقت علي شاهاڻي ۽ مون گڏجي صلاح ڪئي ته سيد صالح محمد شاهه ڏاڏي فتح خان کي مڃتا ڏيارڻ لاءِ ڪچهري پروگرام جو نالو فتح خان جي اوطاق رکرايون. اسان گڏجي اڳوڻي وفاقي وزير اطلاعات ۽ نشريات شيري رحمان آڏو ڪچهري جو نالو رکڻ لاءِ لکت ۽ تجويز ڏني. جنهن تي پ پ پ جي جمهوري حڪومت فوري طر اسلام آباد پي بي سي هيڊڪواٽر ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي انتظاميه ڏي ليٽر جار ڪيو جنهن تي پروگرام جو نالو فتح خان جي ڪچهري رکيو ويو، جيڪو اڃا تائين برقرار آهي. سيد صالح محمد شاهه جون ڪيل خدمتون هميشه ياد رهنديون. تاريخ وسيلي ڏاڏو فتح خان هر وقت ياد رهندو.
بشڪريه عوامي آواز۽ شيعه دوست فورم
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: