ڪچهري جو مور سيد صالح محمد شاهه ( ڏاڏو فتح خان )

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏12 سيپٽمبر 2010۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ادا اوهان بلڪل گم آهيو
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مور ماڻهو هيو .... لطيف جو پارکو
     
  3. عمران فقيرسنجراڻي پاٽويون

    عمران فقيرسنجراڻي پاٽويون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 سيپٽمبر 2013
    تحريرون:
    176
    ورتل پسنديدگيون:
    334
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    گاه پٺو
    ماڳ:
    پاٽويون
    آئون اسڪول واري دؤر ۾ ڏاڏاي جي ڪچھري ٻڌندو ھوس ، ان جي وڃڻ کانپوء ڪچھري ٻڌڻ ئي ڇڏي ڏنم
    [​IMG]
     
  4. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    [​IMG]
    سنڌي ثقافت جي عظمت جو اهڃاڻ، ڪچهري جو مور ،لطيف سائين جو پارکو ،سيد صالح محمد شاهه جي پهرين سيپٽمبر تي ڏهين ورسي جي مناسبت سان

    ابراهيم لاشاري (وارهه)

    صدين جي تهذيب ۽ تمدن جي سرواڻ سونهاري سنڌ هميشه املهه ۽ ماڻڪ ، موتي ڪردارن کي پنهنجي هنج م جنم پئي ڏنو آهي . جيڪي سچ ته سنڌي ادب جي فڪري وارث هئڻ جا سرچشما چئي سگهجن ٿا . جن پنهنجي قوم ، ٻولي ، ثقافت ۽ پنهنجي ڌرتي جو نالو ڏيهه توڙي پرڏيهه منجهه مشهور ڪيو . هت اهڙي ڪردار کي اڄ ياد ڪرڻ چاهيان ٿو جيڪو سنڌي ادب جي افق جو چمڪندڙ ستارو هو ، جنهن پنهنجي نرالي آواز ۽ انداز سان سنڌي لوڪ ادب ، ثقافت ۽ فن جي دنيا ۾ وڏو نالو نروار ڪيو .اهڙي عظيم ڪرادر جو نانءَهو سيد صالح محمد شاهه جيڪو 4 اپريل 1938ع ڌاري سومر جي ڀلاري ڏينهن تي سيد دادن شاهه جي گهر کان پنهنجي زندگي جو سفر شروع ڪيو . ريڊيو ٽيليويزن جو مشهور ڪمپيئر، سنڌ جي ٿڌڙي هوائن جي شهر حيدرآباد لڳ ڳوٺ دريا بيگ مغل ۾ اکيون کوليون. سيد صالح محمد شاهه جو گهراڻو علم ادب سان مالامال هو. سندس خاندان منجهه وڏا وڏا شاعر ، اديب ، ۽ عالم پيدا ٿي پنهنجو واري وڄائي ويا . سيد صالح محمد شاهه کي ننڍپڻ کان وٺي گهرو ماحول ۾ ( شاهه جو رسالو ) ۽ شاهه ڪريم بلڙي واري جو ڪلام درست نموني تلفظ ٻڌڻ ۽ پڙهڻ جو موقعو ميسر ٿيو . پاڻ ننڍي هوندي باڪمال ذهانيت جا مالڪ هئا ، سيد صالح محمد شاهه اديب عالم جو امتحان امتيازي نمبرن ۾ پاس ڪري وڌيڪ انگريزي تعليم پرائي . انگريزي زبان جو پڻ وڏو ڄاڻو هو. سندس فيملي جو هڪ وڏو شاعر سيد ڪبير شاهه جنهن کي (لوڪ ادب جو امام) مڃو وڃي ٿو .ان جي ڪلام کي پڙهي پنهنجي مطالعي ۾ اضافو ڪيائين ،سيد صالح محمد شاهه جي ننڍي هوندي سار سنڀال کيس پنهنجي ناني سيد نور محمد شاهه (نورل جولعل) ڪئي جيڪو پڻ وڏو شاعر ۽ صاحب ڪليات جو مالڪ هو. سيد صالح محمد شاهه کي ڏاهپ جا سڀ ڏس ۽ ادب جو شعور سان نوازي نروار ڪرايائينس .سيد صالح محمد شاهه اڃا تعليم به پوري نه ڪئي هئي ته سندس گڏجي پڙهندڙ هڪ دوست عبداللطيف عباسي مرحوم جيڪو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي اڳوڻي انائوسر جي مشوري سان سندس صالح محمد شاهه جي سالگرهه جي تاريخ 4اپريل 1958ع جمعي جي ڀلاري ڏينهن تي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي وٺي آيو بعد ۾ سيد صالح محمد شاهه هميشه لاءِ ريڊيو پاڪستان سان سلهاڙجي ويو ، جتي هن پنهنجي فن جا سڀ ڪمال انائونسمينٽ ، تقريرون پڙهڻ ،ڊرامن ۽ فيچرن ۾ حصو وٺڻ ۽ مختلف پروگرامن ۾ مختلف قسمن جا جوهر پئي ڏيکاري سنڌي لوڪ ادب کي نروار ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي .ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ڳوٺاڻي ڪچهري جي نالي سان پروگرام نشر ٿيندو هو .جيڪو سال 03 آڪٽوبر 1959ع کان جاري ٿيو بعد ۾ هن پروگرام جو نالو چينج ڪري 20 جولاءِ 1960ع ڌاري ساڳئي پروگرام جو نالو ( جمهور جو آواز ) رکيو ويو .هن پروگرام منجهه سيد صالح محمد شاهه پنهنجو سچو اصلي آواز لڪائي ، ٻهراڙي جي هڪ جهور پوڙهي جي ( فتح محمد خان ) ڪردارجي روپ منجهه پيش ڪندو هو .هن پروگرام کي پنهنجي صلاحيتن سان ٿوري اثر ۾ ماڻهن جي پسند جو پروگرام بڻائي ڇڏيو . سندس پروگرام منجهه نج ٻهراڙي ۽ ڳوٺاڻن ڪچهري جا سڀ رنگ نظر ايندا هئا .پنهنجي ماکي کان به مٺڙي آواز جا الاپ ڏئي .ڳجهارتون ، لوڪ گيت ، لوڪ ڪهاڻيون . مذهبي ڳالهيون ، صحت ، تعليم، لوڪ ادب ، زراعت ،موسيقي ، ٻهراڙي جي ماحول ، ريتن رسمن ۽ رهڻي ڪهڻي جي باري ۾ منفرد ڄاڻ ڏئي پروگرام کي چوڏهن چنڊ لڳائي ڇڏيندو هو. سندس پروگرام ۾ (فتح خان ) جي ڪردار عالمي شهرت سان نروار ڪيو . ۽ هر طبقي جي ماڻهن سندس پروگرام کي ساراهيو ۽ پسند ڪيو . سيد صالح محمد شاهه هن پروگرام ۾ فن جي دنيا سان تمام گهڻو ۽ نرالي لهجي ڄاڻ ، جملن جي جوڙ جڪ جملن جو استعمال وقتائتو مهل جي مناسبت سان تمام تر وڏي ڄاڻ . ٺيٺ عوامي لهجي ، پهاڪن ۽ اصطلاحن سان ٽمٽار هوندا هئا . کيس لوڪ ادب جي مڙني صنفن تي وڏي دسترس حاصل هئي .سيد صالح محمد شاهه واقعي علم ادب جو وڏو ڄاڻو وڏو نانءَ هو . ڪچهري پروگرام وارا کيس (ڏاڏا سائين ) يا (جهونا ) جي لقبن سان مخاطب ٿيندا هئا .سيد صالح محمد شاهه ، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جو وڏو پارکو ، ۽ سندس کي شاهه سائين جي ڪلام کي صحيح تلفظ ۽ لهجي سان پڙهڻ ۾ به وڏي مهارت حاصل هئي . لطيف سرڪار رح جو سڄو سارو رسالو سندس ماکي کان به مٺڙي آواز منجهه تحت اللفظ رڪارڊ پڻ ٿيل آهي . جيڪو وقت به وقت ريڊيو پاڪستان جي مختلف اسٽيشنن جهڙوڪ حيدرآباد ، ڪراچي ، خيرپور ، لاڙڪاڻو ۽ ڀٽ شاهه تان نشر ٿيندو رهي ٿو .ان کان علاوه سيد صالح محمد شاهه ٽيليويزن پاڪستان تي به پنهنجي فن جو جادو پروگرام (اوطاق ۽ رس رهاڻ ) جي ميزباني لوڪ ادب ۽ لوڪ ثقافت کي اجاگر ڪري عوام تائين پهچايو .سيد صالح محمد شاهه کي اهيو به اعزاز پڻ آهي ته هن سنڌي فلمن جي دنيا ۽ ڊرامن ۾ پڻ ڪم ڪري حصو ورتو .سندس شروعاتي ڊرامن منجهه ڊرامو (ستارا ۽ ڏاهر) شامل آهن ان کان علاوه سيد صالح محمد شاهه جهڙو ڊرامن ۾ رومانوي ڪردارنگاري ۾ ڪوبه مٽ ثاني نه هيو . سنڌ جي ناليواري اديب محترم امر جليل صاحب جي لکيل ڊرامي (سڄڻ سفر هليا ) عبدالقادر جوڻيجي جي لکيل (وانڪل جو گهيڙ ۽ مرحوم مست الست ڊرامانگار علي بابا جي لکيل ڊرامي ( رڃ جا راهي ) سندس فني دنيا جا يادگار ڊراما ۾ پڻ شامل آهن.سيد صالح محمد شاهه صاحب سنڌي فلم (رنگ محل ) ۾ پڻ زبردست ڪردار ڪري ڪم ڪيو. سيد صالح محمد شاهه جي آواز ۾ (شاهه جي رسالي ) جي سرن جي رڪاڊنگ ) انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۽ ثقافت کاتي حڪومت سنڌ وٽ محفوظ آهي سيد صالح محمد شاهه ريڊيو پاڪستان کي 50 سال ۽ ٽيليويزن پاڪستان ڪراچي کي فن جي دنيا ۾ 30 سال سان پنهنجي آواز ذريعي نوازيندو رهيو .سيد صالح محمد شاهه کي فني خدمتن جي عيوض حڪومت پاڪستان 23 مارچ 1991ع تي صدارتي ايوارڊ ( حسن ڪارڪردگي ) سان نوازيو . ٽيليويزن پاڪستان (گولڊ ميڊل) سگا گولڊ ميڊل ، شاهه لطيف ڪلچرل سوسائٽي پاران گولڊ ميڊل ۽ ٻين مختلف تنظيمن پاران ڪيترائي ايوارڊ ۽ سندون سان نوازيو ويو سيد صالح محمد شاه سمورن ايوارڊن ۽ سندن ۽ هزارين دوستن سنڌي ادب ، لوڪ ادب جي ڏاهن جي ڪچهري کي هميشه هميشه لاءِ پهرين سيٽمبر 2007ع تي شام جو ڪچهري پروگرام ڪري گهر واپس موٽو ته سندس اوچتو طبيت ناساز ٿي پئي هن عظيم لوڪ ادب جي ڏاهي کي سندس پٽ سيد شبير شاهه ترت اسپتال پهچايو، مڱر زندگي سندس ساٿ نه ڏنو شاهه سائين جي هن بيت جيان

    فاني تي فاني ، دنيا دم نه هيڪڙو،

    لٽي لوڙه لتن سين ، جوڙيندءِ، جاني

    ڪوڏر ۽ ڪاني ، آه سر سڀ ڪنهين (شاهه )

    لاڏاڻو ڪري زندگي جا 69 سال 4 مهينا ۽ 28 ڏينهن گذاري ڇنڇر ڏينهن هن ڏاهي انسان جي ساهه جو سڳو ٽٽي پيو سنڌي ثقافت جو هي امين هميشه هميشه لاءِ ادبي ، ثقافتي سڀني مصروفيتن جا دروازا بند ڪري راه رباني ٿئي ويو . سندس خدمتون سنڌ ۽ سنڌي ادب کي صدين تائين ياد رهنديون سندس جسد خاڪي کي حيدرآباد جي هٽڙي ڀرسان مرزامغل قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو آهي ، اڄ سندس ڏهين ورسي جي موقعي تي ريڊيو پاڪستان کانسواءِ سنڌ جا اديب ، لوڪ ادب جا ڏاها زندگي ۽ فني خدمتن کي اجاگر ڪري ڀيٽا پيش ڪندا .اڄ سندس جي پهرين سيپٽمبر 2017 تي ڏهين ورسي ملهائي ويندي.



    __________________________________________________



     
    ذيشان رشيد هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو