ڪچهري جو مور سيد صالح محمد شاهه ( ڏاڏو فتح خان )

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏12 سيپٽمبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ڪچهري جو مور ڏاڏو فتح خان
    ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ڳوٺاڻي ڪچهري المعروف فتح خان جي هو ڪچهري ۾ امُلهه ماڻڪ ڪردار هو. سيد صالح محمد شاهه عُرف ڏاڏو فتح خان سنڌ جي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف جي شاعري جو پارکُو هو، فتح خان جي ڪچهري سڄي سنڌ جي شهرن توڙي ڳوٺن ۾ وڏي مشهوري ماڻي ورتي. فتح خان جي ڪچهري جنهن وقت ريڊيو پاڪستان تان شام جو نشر ٿيندي هئي، ان وقت ڪچهري ٻڌڻ وارا سمورا ماڻهو پنهنجي سمورو ڪم ڪار ڇڏي، ڪچهري کي وڏي غور سان ٻڌندا هئا. هر ڪو ماڻهو اهو محسوس ڪندو هو ته ڏاڏو فتح خان اسان سامهون ويٺل آهي، سندس ڪچهري جو انداز ٻهراڙي وارو هو. ڏاڏي فتح خان جي ڪچهري سنڌ توڙي پرڏيهه ۾ مشهور هئي. سندس ڪچهري واري پروگرام جي ڪيسٽ ريڪارڊ ڪري، ماڻهو دبئي، سعودي عرب موڪليندا هئا. اتي رهندڙ سنڌي به وڏي دلچسپي سان ڪچهري کي ٻڌندا هئا. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان 29 آڪٽوبر 1959ع ۾ هفتيوار ڪچهري وارو پروگرام جمهور جو آواز جي نالي سان شروع ڏاڏي فتح خان جو ڪردار نجُ ثقافت ۽ ٻهراڙي سنڌي وڏي جهُوني جي حيثيت سان ڪچهري وسيلي سنڌ جي نمائندگي ڪئي. ڪچهري واري پروگرام جمهور جو آواز کي تمام گهڻي مڃتا ملي، جنهن تي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي انتظاميه ڪچهري کي روزانو شام جو اڌ ڪلاڪ جي وقت تائين نشر ڪيو. ماڻهن جي وڌيڪ اسرار تي ڪچهري جو وقت وڌائي 50 منٽ ڪيو ويو. ڪچهري جا نالا تبديل ٿيندا رهيا، جمهور جو آواز مان اوطاق، ڪچهري جو نالو رکيو ويو. ڪجهه وقت کان پوءِ ڪچهري جو پروگرام سون ورني ڌرتي جي نالي سان نشر ٿيندو رهيو. صالح محمد شاهه ڏاڏي فتح خان جي بهترين ڪچهري واري ڪردار تي سندس ئي زندگي ۾ مڃتا ڏيندي ڪچهري واري ڪردار تي سندس ئي زندگي ۾ ڪچهري جو نالو فتح خان جي ڪچهري رکيو ويو. مشهور شاعر قمر ڪوهستاني ڏاڏي فتح خان جي وڇوڙي تي نظم وسيلي پنهنجو اظهار ڪيو آهي.
    فتح خان ڀائو! آهين تون ڪٿي؟
    ڀلا يار هاڻي رهين ٿو ڪٿي؟
    سڄو سارو مهينو آ گذري ويو
    مگر يار تنهنجو پتو ڪونه پيو
    ڏاڏي فتح خان جهڙا املهه ماڻڪ ماڻهو ڌرتي تي تڏهن ڪڏهن پيدا ٿيندا آهن. اهڙا ماڻهو هر وقت تاريخ ۾ زندهه هوندا آهن. سيد صالح محمد شاهه عرف ڏاڏي فتح خان شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو سڄو رسالو تحت اللفظ رڪارڊ ڪرائي آڊيو ۾ محفوظ ڪيو. سيد صالح محمد شاهه حيدرآباد ريڊيو تي ڊرامن ۾ به ڪم ڪيو. سائين صالح محمد شاهه ريڊيو جي مشهور ڊرامي امرت جيون پيار ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. سيد صالح محمد شاهه ولد سيد دادن شاهه 4 اپريل 1938ع تي حيدرآباد ويجهو درياهه بيگ مغل ۾ جنم ورتو هو. سيد صالح محمد شاهه سنڌي لاءِ ادب، ثقافت ۽ فن جي دنيا ۾ وڏو مان حاصل ڪيو. هُن 4 اپريل 1958ع تي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي انائونسر جي حيثيت سان شروعات ڪئي هئي. سيد پاڻ پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سينٽر تان ٽيليڪاسٽ ٿيندڙ عوامي پروگرام اوطاق ۽ رس رهاڻ ۽ ڪچهري ۾ پڻ ڪئي. سيد صالح محمد شاهه کي سڄي سنڌ ۾ ڏاڏا سائين ۽ جهوني جي نالي سان هينئر به ياد ڪيو وڃي ٿو. رِيڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ڪچهري واري پروگرام ۾ ڏاڏي فتح خان سان مون به پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. ڏاڏي فتح خان جي رهنمائي هيٺ مون گهڻو ڪجهه سنڌي ٻولي جي تلفظ بابت سکيو، ٻولي جو اچار ٻولي لاءِ انتهائي اهم آهي. ڏاڏي فتح خان جي ڪچهري آئون ٻڌندڙن طرف موڪليل خط سائين کي پڙهي ٻڌائيندو هئس. سائين سان گڏ ريڊيو وسيلي ڪيل ڪچهري مون کي هميشه ياد رهندي آئون هينئر به ڪچهري پروگرام فتح خان جي اوطاق ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهيان. ڏاڏي فتح خان جي نه هئڻ ڪري اوطاق اداس لڳي ٿي. ڏاڏي فتح خان جي وفات کان پوءِ ڪچهري پروگرام جو نالو صرف ڪچهري رکيو ويو. اسان سنڌ جي مشهور شاعر ۽ موجوده وقت ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صلاحڪار سرفراز راڄڙ، لياقت علي شاهاڻي ۽ مون گڏجي صلاح ڪئي ته سيد صالح محمد شاهه ڏاڏي فتح خان کي مڃتا ڏيارڻ لاءِ ڪچهري پروگرام جو نالو فتح خان جي اوطاق رکرايون. اسان گڏجي اڳوڻي وفاقي وزير اطلاعات ۽ نشريات شيري رحمان آڏو ڪچهري جو نالو رکڻ لاءِ لکت ۽ تجويز ڏني. جنهن تي پ پ پ جي جمهوري حڪومت فوري طر اسلام آباد پي بي سي هيڊڪواٽر ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي انتظاميه ڏي ليٽر جار ڪيو جنهن تي پروگرام جو نالو فتح خان جي ڪچهري رکيو ويو، جيڪو اڃا تائين برقرار آهي. سيد صالح محمد شاهه جون ڪيل خدمتون هميشه ياد رهنديون. تاريخ وسيلي ڏاڏو فتح خان هر وقت ياد رهندو.
    بشڪريه عوامي آواز۽ شيعه دوست فورم
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏1 سيپٽمبر 2014
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ڪچهري جو مور سيد صالح محمد شاهه ( ڏاڏو فتح خان )

    ليجنڊ اسٽار ۽ نه ورسندڙ شخصيت سيد صالح محمد
    محمد قاسم فاني
    شهر حيدر آباد جو بنياد 1768ع ۾ پيو، جڏهن هن شهر جي معمار ميان غلام شاهه ڪلهوڙي هن جو بنياد رکيو، ملتان ۽ سنڌ جا استاد ڪاريگر ۽ عمارت ساز راز ا هتي گهرايا ويا، انهن ڪاريگرن ۾ استاد الهه بخش ملتانيءَ جو نالو اوليت رکي ٿو. هي شهر پهرين نيرون ڪوٽ هو، جنهن ڪوٽ ۾ غازي محمد بن قاسم سندس خاص خاص اميرن ۽ مشيرن سان هتي سن 93هه بمطابق 712 عيسوي ۾ راجا سمني نيرون جي خاص دعوت تي پراڻي قلعي نيرون ۾ آيو. هتي قلعو راجا ڏاهر جي وڏن جوڙايو هو. وقت بروقت پوندڙ بارشن ۽ طوفانن هن عظيم شهر کي ويران ڪري ڇڏيو ۽ عيسوي سن 1770ع کان اڳ ۾ هن جي حيثيت هڪ اجڙيل کنڊر وانگر هئي. ميان غلام شاهه ڪلهوڙو پنهنجي اهل و عيال، لائو لشڪر ۽ خدا آباد جي رعيت ۽ ڪاريگرن سميت حضرت علي ڪرم الله وجه شير خدا جي اسم مبارڪ پٺيان آباد ٿيل شهر حيدر آباد ۾ عظيم مملڪت، پروقار عمارتن، ڪاريگرن، معمارن، اميرن، وزيرن، مشيرن ۽ فنڪارن جو شهر بڻجي ويو. هن شهر حيدر آباد ۾ نئين تعمير شده قلعي جو افتتاح الله تعليٰ جي بابرڪت نالي سان ٿيو ۽ ميان سرفراز خان ڪلهوڙي هن تي ”امن جو شهر“ نالو رکيو. هن شهر ۽ قلعي ۾ ڪيئن شخصيتون آيون، مهارشي رابندر ناٿ ٽيگور بنگال مان ڪهي هتي آيو ۽ هن هتي جون راتيون گهاري ڏٺيون، جن بابت چيو وڃي ٿو ته هتي جي رات پيرس جي رات برابر آهي. حيدر آباد بر صغير جو پيرس آهي. هن شهر بابت ڪيترن تاريخدانن ۽ ليکڪن لکيو. عظيم مفڪر ۽ محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب هن شهر بابت ڪيترائي ڪارآمد مضمون ۽ مقالا لکيا. هن شهر 1770ع کان پوءِ وڏي ترقي ڪئي. هن ۾ عظيم عمارتون، اسڪول، ڪاليج، مدرسا، مسجدون ۽ يونيورسٽي قائم ٿي، جيڪا پوءِ ڄامشوري ۾ منتقل ڪئي ويئي. هن شهر کي تڏهن وڏو مرتبو مليو، جڏهن هوم اسٽينڊ هال ٺوڙها چاڙهي تي هڪ عظيم الشان ريڊيو اسٽِشن قائم ٿي، جنهن جو افتتاح ان وقت جي وزير اطلاعات پير علي محمد شاهه راشدي 17 آگسٽ 1955ع تي ڪيو. هن ريڊيو اسٽيشن تان پهريون آواز استاد ماستر محمد ابراهيم جو ٻڌو ويو، جنهن حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي وائي ڳائي هئي.
    ريڊيو پاڪستان حيدر آباد جو هيءُ پهريون دور هو جنهن ۾ استاد بلاول بيلجم، استاد ماستر محمد ابراهيم، سائين محمد بخش انصاري، استاد عبداللطيف عباسي، ميڊم مهتاب اڪبر راشدي، مصطفيٰ استاد حمايت علي شاعر، محترمه نسيم مغل ۽ الهه بچايو خان لغاري صاحب پيش پيش هئا.
    ريڊيو پاڪستان حيدر آباد جو ٻيو دور تڏهن شروع ٿئي ٿو، جڏهن تاريخ 28 ڊسمبر 1962ع تي ريڊيو سندس اصل نئين بلڊنگ ۾ آيو. اها بلڊنگ جنرل پوسٽ آفيس جي سامهون آهي. ريڊيو پاڪستان حيدر آباد جو ٽيون دور 1970ع ۾ ليکيو وڃي ٿو، جڏهن هتي سمورا ليجنڊ آرٽسٽ جن ۾ ڊراما نگار، ڊراما آرٽسٽ، ڳائڻا عروج تي هئا. ڊرامن ۾ سائين محمد انصاري ۽ سائين صالح محمد شاهه پهرئين دور کان وٺي هئا. استاد من سائين سيد منظور نقوي جهانيان پوٽا شاعر ۽ ڊراما نگار شروع کان وٺي هئا. سائين مشتاق مغ: ٻئي دور ۾ ڊرامن ۾ آيو، ان کان اڳ ۾ هو ملازم هو محمد بخش انصاري صاحب، سائين منظور نقوي صاحب ۽ استاد عبداللطيف عباسي جي حيثيت استادن واري هئي.
    سائين صالح محمد شاهه به ريڊيو تي بطور انائونسر، ڪمپيئر ۽ ڊراما آرٽسٽ 1955ع کان وٺي رهيو. شاهه عبداللطيف جي ڪلام تي سيد صالح محمد شاهه کي دسترس حاص هئي. هو بيشڪ شاهه لطيف جو پارکو هو. صالح محمد شاهه جو هي فني سفر پهرين سيپٽمبر 2007ع تي پورو ٿيو. لطيف سرڪار ڪلياڻ ۾ چيو آهي:

    جيــــــئڻ ناهــــــــــــــــــي جــــڳ ۾، ڏينـــــهـــــن مڙيئـــــي ڏون“
    چانڊوڪي چئن ڏينهن جي آهي، اونداهيون راتيون سدائين آهن
    .ٻن چئن ڏينهن جي هن طويل سفر ۾ مون سائين سيد صالح محمد شاهه کي ڪيئن ڏٺو؟
    سيد صالح محمد شاهه جا ڊراما، آئون وڏي ذوق ۽ چاهه سان ٻڌندو هئس، هميشه خط لکندو هئس. نور محمد هاءِ اسڪول حيدر آباد ۾ پڙهائي دوران اڪثر تلڪ چاڙهي تي سيد صالح محمد شاهه کي ڏسندو هئس ۽ سلام ضرور ڪندو هئس. هو هڪ خوش پوش، خوش مزاج، خوش رو، ۽ نيڪ دل انسان منهنجي سلام جو جواب مون سان هٿ ملائي ڏيندو هو. دادن شاهه ۽ ان وقت ۾ رهندڙ عظيم ڊراما نگار سائين ابن الياس سومرو صاحب به سيد صالح محمد شاهه سان اڪثر گڏ هوندو هو. هو ٻئي پاڻ ۾ گهاٽا يار هئا. سوين ڀيرا استاد بلاول پرديسي سان شاهه صاحب کي ڏٺو هوندو. هڪ دفعي سچل سرمست ڪاليج ۾ مون پنهنجي ئي لکيل ڊرامي ۾ اسٽيج تي ڪم ڪيو ۽ سائين استاد محبوب علي چنا ۽ ٻين مهمانن سائين سيد صالح محمد شاهه صاحب، ابن الياس سومرو صاحب ۽ استاد بلاول پرديسي صاحب مون کي اسٽيج تي اداڪاري ڪندي ڏٺو.
    هڪ ڀيري آغا خالد ڪشميري (دوست) سان تلڪ چاڙهي مٿان ايراني هوٽل ”ڪيفي يونٽِ“ ۾ اسين چانهه پيئڻ ويا سين ته اتي استاد بلاول پرديسي ۽ سائين سيد صالح محمد شاهه ٻين دوستن سان ويٺا هئا. آغا خالد ڪشميري ۽ آئون هنن صاحبان سان هٿ ملائڻ ويا سين ته سيد صالح محمد شاهه چوڻ لڳو ته هي دوست اسٽيج ڊرامن ۾ ڏاڍو سٺو ڪم ٿو ڪري ۽ پيٽيس ۽ چانهه به شاهه صاحب گهرائي. آغا خالد چيو ته اسين ٻي ٽِبل تي ويهون ٿا، پر شاهه صاحب بضد هو ته آغا تون ته پراڻو دوست آهين، هي نئون دوست آهي.
    ڪيترائي دفعا ڄاموٽ هائوس سول لائين حيدر آباد ۾ سائين ايس گل (سيد فضل علي شاهه ڄاموٽ) صاحب سان ملڻ آغا خالد وٺي ويندو هو، اتي به سائين صالح محمد شاهه سان سوين ڀيرا ملاقاتون رهيون ۽ ڪچهريون ٿينديون هيون.
    حيدر آباد اسٽيج ڊرامن ۾ ته آئون ڪم ڪندو هئس پر اها جستجو هوندي هئي ته ريڊيو پاڪستان حيدر آباد جي ڊرامن ۾ ڪم ڪجي. ڪيئن ڀيرا آڊيشن ڏنا پر خط ۾ معذرت لکجي ايندي هئي.
    سائين الهه بخش شاهه بخاري صاحب (جيڪو ريڊيو تي پروڊيوسر هو) سان به ملاقاتون ٿينديون هيون. سائين امر جليل صاب، سائين مراد علي مرزا صاحب، محترم آغا سليم صاحب سان به ملاقاتون رهنديون هيون. پوءِ ته آغا سليم صاحب اسٽيج ڊراما سوسائٽي ”سنڌ ٿيئٽرس“ جو مان ميمبر به بڻجي ويس ۽ ريڊيو تي يا ڪيفي جارج توڙي ڪراچي هوٽل يا ڪيفي يونٽي تي منهنجي ڪلاس فيلو ۽ دوست فريد نواز بلوچ سان گڏ سيد صالح محمد شاهه صاحب سان هميشه ملاقاتون، ڪڇهريون رهيون. ٽنڊو ولي محمد ۾ استاد امدد پٺاڻ جيڪو حيدر آباد شهر جو معروف درزي ڪاريگر هوندو هو، تڏهن ته سيد صالح محمد شاهه صاحب سان اڪثر ملاقاتون اتي ٿينديون هيون. اتي سيد شريف شاهه ۽ سيد مهر علي شاهه صاحبان به ايندا هئا. ان وقت ۾ سيد صالح محمد شاهه جن ٽنڊو ولي محمد رهندا هئا.
    ان وقت سنڌ ورينٽل ڪاليج حيدر آباد ۾ سيد صالح محمد شاهه زير تعليم هيو. پير دادن شاهه محلي ۾ رهندڙ چاچو شيخ رسول بخش صاحب جيڪو پوليس ۾ هوندو هو، تنهن سان سيد صالح محمد شاهه کي ٽنڊو ولي محمد يا ڪيفي جارج ۾ ملڻ ٿيندو هو. آئون 1966ع ۾ ريڊيو تي ڊرامن ۾ پاس ٿيس. مون سائين سيد صالح محمد شاهه سان سائين استاد منظور نقري صاحب جي لکيل ڊرامي ۾ هڪڙو ننڙو ڪردار ادا ڪيو. اهو دور ريڊيو جو ٽيون دور هو. ان وقت ۾ صرف فلمي گانن جي رڪارڊس کان سواءِ ڊراما رڪارڊ نه ٿيندا هئا. پوءِ ڪافي سالن بعد ڊرامو ڪڏهن ڪڏهن رڪارڊ ٿيندو هو. هاڻي پروگرام سڌو سنئون يعني لائيو هلندو هو. مون کي سائين منظور نقوي صاحب گهٽ ۾ گهٽ اٺن نون هفتن وارو ۽ پندرهن روزه پروگرامن ۾ کنيو. آئون هميشه سيد صالح محمد شاهه کان معاونت وٺندو هئس. بابو ڀائي جي سنڌي فلم ”رنگ محل“ ۾ به شاهه صاحب هڪ ڪردار ادا ڪيو، ان ۾ ماهه پارهه، شهباز دراني ۽ رشيد هميراڻي خاص ڪردار ادا ڪيو، مون کي ماڊرن فلم اسٽوڊيو ڪراچي ۾ سپر اسٽار شهباز دراني وٺي ويو هو، ان فلم جي عڪاسي مشهور ڪيميرامين سيد نذير حسين ڪئي، موسيقي ماستر فيروز گل ڏني هئي. مون سائين سيد صالح محمد شاهه سان گهڻن ئي ريڊيو ڊرامن ۽ فيچرز ۾ ڪم ڪيو. 1970ع ڌاري منهنجي پروڊيوسر دوست محمد انور چانگ بلوچ مون کي هڪ معروف فهته روزه فيچر گامونءَ جا گفتا ۾ مُکُ ڪردار يعني گامونءَ جو ڪردار ڏنو، ان جو ليکڪ وڏو ڊرامه نگار سائين شهزادو گلفام هو. هي فيچر 15 سال هليو
    منهنجي خوشي نصيبي اها آهي جو هن فيچر ۾ جيجي ذرينه بلوچ (ليجنڊ آرٽسٽ) آپا زيب ميمڻ، مشتاق مغل صاحب، استاد سرور بلوچ ۽ ليجنڊ اسٽار تائين سيد صالح محمد شاهه جو به ڪيترن قسطن ۾ ساٿ رهيو ۽ ان کان سواءِ ٻيا به ڪيترا ان وقت جا ريڊيو ڊراما آرٽسٽ هئا جن فيچر گامونءَ جا گفتا ۾ ڪم ڪيو، جن ۾ آغا امداد علي، انور سولنگي، ميڊم سيما پنهور، حيات علي شآهه، گل حسن قريشي ۽ ٻين به ڪيترن حصو ورتو. صالح محمد شاهه سان گڏ سائين آغا سليم، سائين امر جليل، سائين مراد علي مرزا، استاد ڊاڪٽر محمد يوسف پنهور، استاد محترمه سيد منظور نقوي (سيد لطف علي شاهه جهانيان پوٽا) ۽ سپر اسٽار مصطفيٰ قريشِ منهنجا استاد آهن. مون کي ڳائڻ، صداڪاري، اداڪاري ڪرڻ ۽ ڊراما لکڻ جو بيحد شوق هو. ڊرامن ۾ منهنجا استاد سائين منظور نقوي، سائين ڊاڪٽر محمد يوسف پنهور، آغا سليم صاحب، مراد علي مرزا، امر جليل صاحب آهن. مراد علي مرزا صاحب گامونءَ جو آواز يعني منهنجو سنڌ الاجيءَ ۾ ڏيئي آيو ۽ جڏهن به ساڻس ملاقات ٿيندي آهي ته چوندا آهن ته قاسم تون ليجنڊ آواز آهين ۽ تنهنجو آواز (گامونءَ جا گفتا) جون ڪيئن قسطون رڪارڊ ڪري هميشه لاءِ سنڌ الاجي ۾ جمع ڪرائي آيو آهيان ته جيئن تنهنجو آواز هميشه لاءِ اتي رڪارڊ تي رهي.
    سائين صالح محمد شاهه جو چوڻ هو ته قاسم تون پڙهيل لکيل، جينٽل مين آهين پر گامون جي ڪردار ۾ تون هڪ بيوقوف، ڄٽ ڳوٺاڻو ٿو لڳين ۽ ان ڪردار لاءِ تون ڄاڻين. مان عرض ڪندو هوس ته سائين توهان هر ڊرامي ۾ مُک ڪردار ڪندا آهيون ۽ ڪامياب آهيون پر فتح خان جي ڪردار ۾ توهان هڪ سگهڙ ۽ ڏاها لڳو ٿا، اهو سڀني ٻڌندڙن جو رايو آهي. فتح خان جي ڪچهري يا جمهور جو آواز يا ڳوٺاڻي ڪچهري سائين ڏاڏي فتح خان کان سواءِ نامڪمل آهي. فتح خان جو ڪردار ڪندڙ هڪ مڪمل انسان ۽ عيم آرٽسٽ آهي. لطيف سرڪار جو چوڻ آهي ته:

    ”ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءِ بهار جي“
    سائين صالح محمد شاهه کي صدارتي ايوارڊ به مليو ۽ ٻيا به گهڻا انعام مليا. حيدر آباد وري ڪراچي هوٽل ڄڻ ته آرٽسٽن، موسيقارن، فنڪارن، شاعرن ۽ ليکڪن لاءِ هڪ اسٽوڊيو مثل هئي. هتي سائين ايس گل، سائين غلام محمد گرامي، سابق گورنر سنڌ سائين مير رسو بخش خان ٽالپور، استاد مصطفيٰ قريشي، محترم الهه بچايو خان توڙي هر سماجي ۽ سياسي پارٽين جا عهديدار توڙي ڪارڪن اچي ڪچهريون ڪندا هئا. صالح محمد شاهه به هر روز ڪراچي هوٽل ۾ هوندو هو.
    آئون صالح محمد شاهه کان شاهه لطيف جي سرن واين ۽ بيتن جا تلفظ ۽ معنائون پڇندو هوس، شاهه صاحب هر لفظ ۽ هر سُر جي باري ۾ مون کي چڱي طرح سڃاڻپ ۽ معنيٰ ٻڌائيندا هئا. ڳائڻ ۾ منهنجا استاد سائين استاد نياز حسين، سائين خير محمد شهزارو (ڀائي جان)، رجب علي رضا، استاد فيروز گل ۽ استاد امام بخش هوندا هئا. پوءِ مان ڳائڻ ۾ اپرووِ ٿي ويس ۽ گذريل 13 سالن کان ريڊيو پاڪستان حيدر آباد تي ڳائڻ به لڳس. هن ڏس ۾ دوستن احبابن ۾ محترم نصر مرزا، ظهير مرزا، استاد نياز حسين، استاد امام بخش ۽ غفور گل قابل تعريف آهن. آڊيو جي دنيا ۾ منهنجون ڳايل گانن، گيتن ۽ غزلن جون ڇهه ست ڪيسٽون به اچي چڪيون آهن، جيڪي گل حسن گل رليز ڪيون آهن. ريڊيو ۾ ”اڄ جو فنڪار“ ۾ مون ڪيترا پروگرام ڪيا ٻه يا ٽي آئٽم ته هونئن ڳائڻا پوندا هئا پر آخري ڪلام يا غزل يا گيت فتح خان جي ڪچهري ۾ ڳائڻ لازمي هو. پهرين پروگرام ۾ فتح خان جو حڪم ٿيو ته شاهه لطيف جو ڪلام ياد هُجئي ته چئه، مون هائوڪار ڪئي ۽ ڪوهياري مان: لالڻ آيو پيهي وييڙا سُر سڀني، جيسين جيسين مان ته جيڏيون … اتي هلندڙ پروگرام ۾ فتح خان (صالح محمد شاهه صاحب) ٽوڪيو ته شاهه لطيف لفظ مان استعمال نه ڪيو آهي، تون چئه ”آئون“ پوءِ مون ائين ئي ڳايو. پروگرام ۾ ڪچهري به هلندي رهي، دوست موسيٰ چانڊيو، ذوالفقار هيسباڻي به هئا، اتي شآهه صاحب چيو ته قاسم تون ته اعليٰ تعليم يافته آفيسر به آهين، تو کي ڳائڻ جو شوق ڪيئن ٿيو. منهنجو استاد ڪهڙو آهي؟ اتي استاد امام بخش اها ڌن ڪلارينٽ تي مون سان گڏ وڄائي رهيو هو، مون عرض ڪيو ته سائين منهنجو استاد امام بخش صاحب آهي، جيڪو سامهون ويٺو آهي. پوءِ کل ڀوڳ ۾ اها ڪچهري پوري ٿي. آئون شاهه لطيف جو ڪلام ڳائڻ کان اڳ ۾ سائين صالح محمد شاهه کان تلفظ ضرور پڇندو هئس. سُر سامونڊي مان هڪ ڀيري مون چيو ”اونهي هليا اوهڙي ترازو تاري“ ته سائين صالح محمد شاهه چيو ته اهو لفظ ”اوهري“ آهي.
    شاهه ٽاڪيز هالا نوان ۾ محترم عبدالڪريم بلوچ جي لکيل اسٽيج ڊرامي ۾ مون مين رول ادا ڪيو. ان پروگرام ۾ شاهه صاحب ڪمپيئر هو، اڄ جي حساب سان ان پروگرام کي چاليهه سال گذري ويا. اهو سال 1966 هو.
    مون صالح محمد شاهه سان ريڊيو جي ڊرامن ۾ ڪم ڪيو ۽ وڏو مشآهدو ۽ تجربو حاصل ڪيو. سدائين کلي ڳالهائڻ سندن شعار هو:

    مـــاڻهو ســــڀ نه سهـــڻا، پکي ســـڀ نه هنـــــجهه،
    ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءِ بهار جي.
    (شاهه عبداللطيف)
    ڪيترائي ڀيرا مون ڪچهريءَ ۾ ماسٽر چندر جا گانا ۽ ڪلام ڳايا ته شاهه صاحب بي اختيار چئي ڏيندو هو ته جهڙو چندر پيو ڳائي. منهنجو ڳائڻ جو انداز استاد ماسٽر محمد ابراهيم ۽ استاد ماسٽر چندر وانگر آهي. شاهه صاحب ۽ سڄي ڪچهري ان انداز کي ساراهيندا هئا.
    ”سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسي وسري““
    سيد صالح محمد شاهه، هڪ ليجنڊ، هڪ عظيم مانوارو انسان ۽ نه وسرندڙ شخصيت جا الڳ الڳ نالا آهن. ڪيئن ڀيرا مون کي ٽوڪيائون ته قاسم تون سهڻو ماڻهو آهين، پوءِ تون پنهنجي پاڻ کي ”فاني“ ڇو ٿو سڏائين. تون اهو تخلص مٽاءِ. پوءِ شاهه صاحب ڪچهري ۾ منهنجو تخلص قاسم جاويد رکيو. مون عرض ڪيو ته سائين شاعري ۾ اهو تخلص اچي ويو ته چوڻ لڳا ته تون فلمي هيرو لڳو پيو آهين. فاني هٽاءِ مون مذاقن عرض ڪيو ته سائين فاني لفظ انگريزي ٻوليءَ جو لفظ آهي Fawny آهي. پڇڻ لڳا ته ان جي معنيٰ آهي غزالي يا هرڻ جهڙو ڪچهري ۾ سڄي اوطاق ڀريل هجي ته صالح محمد شاهه چوڻ لڳا ته ”ٻڌ ٻڌ ڀلا هرڻ جو پيٽ نڪتل هوندو آهي ڇا“ پوءِ کلڻ جا ڪوڪريا پئجي ويا، کلي کلي سڄي ڪچهري کيري ٿي پئي. 1966ع ۾ دوست قمر ڪوهستاني جي ڪتاب جي افتتاح ۾ به صالح محمد شاهه، نصير مرزا، امين ارباب ۽ آئون به ٿاڻي بولان خان دعوت ۾ ويا سين. ڪيئن سال اڳ سائين صالح محمد شاهه چوندا هئا ته هل ته توکي ڪا وڏي نوڪري وٺي ڏيان، ڇو ته شاهه صاحب جي دوستي هر وزير، امير ۽ مشير سان هوندي آهي.
    صالح محمد شاهه ڪيترن ئي دوستن کي سُٺيون سُٺيون وڏيون نوڪريون وٺي ڏنيون هيون. شاهه صاحب جو انداز دوستانه، گفتگو ماهرانه، صالح فائديمند ۽ ڪچهري ۾ سيد صالح محمد شاهه رحه ۽ مخدوم نوح رحه جن جي باري ۾ جڏهن ڳالهايائون ته وقت جي گذرڻ جو احساس ڪو نه ٿيندو هو. دل جي اها تمنا هوندي هئي ته گفتگو هلندي رهي ۽ منزل ڪڏهن به اچي !
    صالح محمد شاهه صاحب جي اخلاق ملڻ جي انداز ۾ ڪڏهن به فرق نه آيو. آئون جڏهن نور محمد هاءِ اسڪول جو شاگرد هئس تڏهن ۽ هن دور ۾ مون سائين صالح محمد شاهه کي هڪ استاد، هڪ پيار ڪندڙ فنڪار ۽ همدرد همٿائيندڙ دوست محسوس ڪيو. شاهه لطيف سائين جي ميلي ۾ چاچي اڪبر صوبيدار، امداد علي، ماستر مولا بخش ۽ مون کي صالح محمد شاهه وٺي ويندو هو.

    هزارون ســـال نرگــس، اپني بي نوري په روتي هي،
    بڙي مشڪل سي هوتا هي، چمن ۾ ديده ور پيدا

    سيد صالح محمد شاه جي آواز ۾ شاه جا بيت هڪ وڊيو

    بشڪريه سنڌي ڪتاب ڊاٽ ڪام
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏1 سيپٽمبر 2014
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,486
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ڪچهري جو مور سيد صالح محمد شاهه ( ڏاڏو فتح خان )

    ادا لڳي ٿو شيعه دوست فورم تمام سٺو ڪم ڪري رهيو آهي۔
    اتان جو ڦيرو ڀرڻو پوندو۔
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ڪچهري جو مور سيد صالح محمد شاهه ( ڏاڏو فتح خان )

    ادا انهن دوستن تمام بهترين ڪم ڪيو آهي، ۽ مون کي جيڪا شيء پسند ايندي آهي مان اها ٻين لاء به پسند ڪرڻ شروع ڪندو آهيان، سو ان لاء انهن جي شڪرئي سان اهي شيون هت سنڌ سلامت تي به ونڊ ڪندو آهيان۔
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,486
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ڪچهري جو مور سيد صالح محمد شاهه ( ڏاڏو فتح خان )

    ادا مونکي توهان جو ڪم ڏاڍو وڻندو آهي
     
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ڪچهري جو مور سيد صالح محمد شاهه ( ڏاڏو فتح خان )

    ادا اهيا توهان جي مهرباني آهي جو توهان مون کي ان قابل سمجهو ٿا۔ ۽ منهنجي ڪم کي پسند ڪيو ٿا۔ مهرباني ۽ ٿورا توهان جا۔
     
  7. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    340
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    سيد صالح محمد شاهه کي قدرت هڪ اهڙي آواز جي ڏات سان نوازيو هو، جيڪو سنڌي ماڻهن جي دلين ۾ گهر ڪري ويو هو. ڏاڏي فتح خان جي ڪردار جو پيرسن لهجي وارو آواز هجي يا ريڊيو ڊرامن ۾ هيرو جو آواز هجي، ٻڌندڙ موهجي ۽ منڊجي ويندا هئا. سيد صالح محمد شاهه جو آواز ان دور جو هڪ حيرت انگيز لقاءُ هو، جنهن جو ڪو ثاني ڪونهي. سنڌ جو هي ٻهڳڻو ۽ عظيم فنڪار 3 سيپٽمبر 1936ع ۾ ڳوٺ دريا بيگ مغل، تعلقي حيدرآباد ۾ ڄائو. هو سنڌي فائنل پاس هو ۽ اديب فاضل هو. سيد صالح محمد شاهه ٿوري وقت لاءِ پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول ۾ ماستر ٿي رهيو، پر جڏهن کان هن جو ريڊيو سان عشق ٿيو، ته اهو آخري دم تائين قائم رهيو.
    سيد صالح محمد شاهه پهريون ڀيرو 1957ع ۾ حيدرآباد ريڊيو جي ڊرامي ”رستم و سهراب“ ۾ ڪردار ادا ڪيو. 1958ع ۾ هن کي ريڊيو ۾ سالياني ڪانٽريڪٽ تي مقرر ڪيو ويو ۽ کيس 125 رپيا ماهوار معاوضو ڏنو ويندو هو. هن کي ان وقت آفيس ۾ آرٽسٽن لاءِ ڊٽيل سپلائر جو ڪم ڪرڻو پوندو هو، پر هن کي مائڪرو فون تي اچڻ جو شوق هو ۽ آواز جي آڊيشن ۾ پاس ٿي چڪو هو. کيس ڪجهه فيچرن ۾ ننڍا ننڍا رول ملندا هئا. هڪ ڏينهن ڪنهن سبب جي ڪري ريڊيو اسيشن تي ڪو انائونسر موجود ڪو نه هو، ان ڪري سيد صالح محمد شاهه کي نشريات شروع ڪرڻ لاءِ چيو ويو. هن انائونسمنٽ ڪئي ته ان وقت جي فن شناس ريجنل ڊائريڪٽر حميد نسيم کي هن جو آواز ۽ انداز ايترو پسند آيو جو کيس مستقل انائونسر ڪري رکيو ويو. سيد صالح محمد شاهه جي ديرينه خواهش پوري ٿي وئي. ان وقت کان وٺي هو انائونسمينٽ ڪرڻ سان گڏ ڊرامن ۽ فيچرن ۾ به حصو وٺڻ لڳو. ٻارڙن جي پروگرام ۾ آکاڻيون ۽ ٻيو مواد پڙهندو هو. 1959ع ۾ ريڊيو حيدرآباد طرفان ٻهراڙي وارن لاءِ هڪ پروگرام ”ڳوٺاڻي ڪچهري“ شروع ڪيو ويو. هڪ پيرسن شخص جنهن جي عمر 80-90 ورهيه هجي، جيڪو اڻ پڙهيل هوندي به ڏاهو، جهانديده ۽ آزمودگار هجي، ان کي ڪچهري جي مُک ڪردار فتح خان جي روپ ۾ پيش ڪيو ويو. سيد صالح محمد شاهه ان جهوني بزرگ جو آواز ۽ ڪردار مشڪل هوندي ڪمال فنڪاريءَ سان ادا ڪيو. هن پروگرام ۾ ڳوٺاڻو حال احوال، سگهڙ، لوڪ ڳائڻا، مولود، مداحون سميت لوڪ ادب جون سموريون صنفون ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي بيتن تي گفتگو جهڙا مختلف اسم پيش ڪيا ويندا هئا. هي پروگرام ٿوري وقت اندر بي مثال مقبوليت ماڻي ويو. اهو پروگرام پهرين هفتي ۾ هڪ ڀيرو هلندو هو، سو ٻڌندڙن جي تقاضا تي هفتي ۾ ٻه ڀيرا نشر ٿيڻ لڳو. شهرن توڙي ڳوٺن ۾ ماڻهو وقت ڪڍي ”ڳوٺاڻي ڪچهري“ دلچسپي سان ٻڌڻ لڳا. ٻهراڙين جي هوٽلن ۾ ڪچهري جي ٽائيم تي ماڻهن کي ويهڻ لاءِ جاءِ ڪا نه ملندي هئي، ڄڻ ميڙو لڳي ويندو هو. هن پروگرام سيد صالح محمد شاهه کي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ شهرت جي ايڏي بلندين تي پهچائي ڇڏيو، جيڪي اڄ تائين ڪنهن ٻئي صداڪار کي نصيب ڪو نه ٿيون آهن. صالح محمد شاهه پنهنجي آواز ۽ لهجي کي اهڙو رکيو، جو ٻڌندڙ هن کي 80 ورهين جو هڪ جهونو ڳوٺاڻو سمجهندا هئا، پر پوءِ هڪ اخبار ۾ سيد صالح محمد شاهه جو انٽرويو ۽ فوٽو شايع ٿيا ته حقيقت ظاهر ٿي پئي ته هو نوجوان آهي، پوءِ ته ڪچهري پروگرام ختم ٿيڻ وقت سيد صالح محمد شاهه جي رڳو هڪ جهلڪ ڏسڻ جي لاءِ ريڊيو اسٽيشن جي اڳيان ماڻهن جا هشام گڏ ٿي ويندا هئا. عبدالقادر جوڻيجي جي لفظن ۾ ”پوڙهي مڙس جي چوڌاري بلي بلي لڳي ويئي“ اهو پوڙهو مڙس هو ”فتح خان!“ ريڊيو جو ڪردار، جڏهن شام ٿيندي هئي ته هر ڪو ريڊئي کي ڪن ڏيئي ويٺو هوندو هو. ماڻهو فتح خان جو ائين انتظار ڪندا هئا، جيئن ڪنهن محبوب جو ڪبو آهي. فتح خان جون ڳالهيون ٻڌي ماڻهو آهيرين زالين پاڻيءَ مان نڪري ويندا هئا. ڪنهن کي اها خبر نه هئي ته اهو ڪردار ادا ڪندڙ سائين صالح محمد شاهه سهڻو ”جوان مڙس“ آهي. فتح خان هر گهر جو ڀاتي بڻجي چڪو هو. جڏهن فتح خان جو آواز اڀرندو هو، ته ٻي زندگي اسٽاپ ٿي ويندي هئي. هرڪو کيس ٻڌڻ لاءِ آتو هوندو هو“. رڳو ٻڌڻ لاءِ نه پر کيس ڏسڻ لاءِ ماڻهو آتا هوند اهئا. هڪ اهڙو واقعو عبدالقادر جوڻيجي جي ڳوٺ ويجهو به ٿي گذريو، جنهن جو بيان ڪندي هن لکيو آهي: ”اوچتو ئي اوچتو سرن کي باهه لڳي ويئي ته فتح خان ڳوٺ آهوريءَ جي لغارين وٽ مهمان ٿيڻ وارو آهي....اسان جي ڳوٺ ۾ پڙهو گهمي ويو ته ڏاڏو فتح خان پهچي چڪو، کيس ڏسڻ لاءِ اڌ کان وڌيڪ ڳوٺ سنڀري پيو ۽ پيادو روانو ٿيو. ڍورو ٽپي همراهه جيئن اڳڀرا ٿيا ته وات تي چڪ چار جي ڀيلن جو وڏو ٽولو قافلي ۾ اچي شريڪ ٿيو. اهو قافلو جڏهن فضل ڀنڀري ۾ پهتو ته اتان جا ڀنڀرا ۽ ڪوري به قافلي ۾ شريڪ ٿيا، ائين اهو قافلو وڏو ٿيندو اڳتي وڌندو رهيو. آمريءَ ۾ ماڻهن جا هشام اچي گڏ ٿيا. انهيءَ قافلي ۾ آئون به هوس، چوڌاري خلقت ئي خلقت هئي. لغاري خرچ ڪرڻ جا مڙس ماڻهو هئا، خدمت ۾ نه گهٽايائون. ماڻهن جڏهن ڏاڏي فتح خان کي هڪ خوبصورت نوجوان جي صورت ۾ ڏٺو ته سڀني کي ڏندين آڱريون اچي ويون...اها شام منهنجي زندگيءَ جي اهم ترين شامن مان هڪ هئي، جو پرستار جي حيثيت ۾ سائين صالح محمد شاهه کي اکين سان ڏٺم.“
    سيد صالح محمد شاهه سنڌي زبان ۽ ثقافت جو ڄاڻو ۽ شاهه لطيف جو پارکو هو. فتح خان جي ڪردار ۾ هن جا گفتا ڪچهري جي جان هوندا هئا، فتح خان جي ڪچهري اصل ۾ سنڌ جي روايتي اوطاقي ڪچهري هئي، جنهن ۾ سنڌي ثقافت جا سمورا رنگ هوندا هئا. 1960ع ۾ هن پروگرام جو نالو بدلائي ”جمهور جو آواز“ رکيو ويو ۽ ان ۾ صدر ايوب خان جي حڪومت جي پروپيگنڊا ٿيڻ لڳي، اهوپروگرام هاڻي روزانو نشر ٿيڻ لڳو. سيد صالح محمد شاهه جي صلاحيتن جو ڪمال هو جو پروگرام ۾ سرڪاري پروپيگنڊا جي باوجود ان جي مقبوليت گهٽي ڪانه. تڏهن ٽرانزسٽر ريڊيو عام جام اچي ويا هئا. غريب ڳوٺاڻن، هارين نارين رڳو فتح خان کي ٻڌڻ لاءِ پنهنجا ڍور وڪڻي به ريڊيا ورتا. آغا سليم 1965ع ۾ ريڊيو حيدرآباد جو پروگرام آرگنائزر هو. هن هڪ دلچسپ ڳالهه لکي آهي: ”هڪڙو ماڻهو ڳوٺان مون وٽ پهتو، چيائين ”مون کي اهو ريڊيو وٺي ڏي، جنهن مان سيد صالح محمد شاهه جو آواز اچي. کيس مان ريڊيو جي دڪان تي وٺي ويس، ريڊيو خريد پئي ڪيوسين ته فورن آن ڪري ڏٺائين. ان وقت الائي ڪنهن پئي ڳالهايو، جهٽ چيائين، ”نه ڪو! مون کي هي ريڊيو نه، صالح محمد شاهه جي آواز وارو ريڊيو کپي.“ چيومانس، ”اهو ته شام جو ڇهين وڳي جمهور جي آواز پروگرام ۾ ڳالهائيندو“. ته چيائين ”پوءِ ريڊيو به ڇهين وڳي وٺنداسين.“ سيد صالح محمد شاهه بابت آغا سليم جو چوڻ آهي ته: ”صالح محمد شاهه جي ڳالهه ئي ڪهڙي ڪجي! ڊرامن ۾ هيرو جو ڪردار هجي يا ”ڪچهري“ پروگرام ۾ جهوني فتح خان جو، هو هر ڪردار ۾ هڪ اعليٰ ۽ ذهين صداڪار نظر ايندو هو. عجب اتفاق فتح خان جي ريڊيائي ڪردار هن جي ذاتي يا شخصي زندگيءَ کي کائي خلاص ڪري ڇڏيو، جنهن سبب پنهنجي زندگي لاءِ هو ڪجهه به نه ڪري سگهيو، نه ته پنهنجين صلاحيتن جي آڌار هن کي جنهن منصب تائين پهچڻ گهرجي ها، يا جيترو هن ۾ زبردست ”ٽئلينٽ“ هو، ان جو فائدو هو ماڻي نه سگهيو.“
    سيد صالح محمد شاهه جنهن ”فتح خان“ کي سنڌ جو هڪ امر ڪردار بنائي ڇڏيو هو، تنهن جي ايتري شهرت هڪ اهڙو نئون لقاءُ هو، جنهن ريڊيو جي آفيسرن ۽ پروڊيوسرن کي وائڙو ڪري ڇڏيو. پوءِ هنن ۾ جيڪو ساڙ ۽ حسد پيدا ٿيو، ان جي نتيجي ۾ هنن سيد صالح محمد شاهه کي ذهني اذيتن ۽ مالي نقصانن ڏيڻ ۾ ڪا به ڪثر ڪا نه ڇڏي، اهو هڪ نهايت ئي ڏکوئيندڙ داستان آهي
    روزاني ڪاوش جي ٿورن سان شوڪت حسين شورو
     
  8. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سيد صالح محمد شاهه: لاثاني آواز جو بادشاهه

    هزارون ســـال نرگــس، اپني بي نوري په روتي هي،
    بڙي مشڪل سي هوتا هي، چمن ۾ ديده ور پيدا​

    سيد صالح محمد شاهه، هڪ ليجنڊ، هڪ عظيم مانوارو انسان ۽ نه وسرندڙ شخصيت جا الڳ الڳ نالا آهن سائين صالح محمد شاهه کي صدارتي ايوارڊ به مليو ۽ ٻيا به گهڻا انعام مليا ، شاهه صاحب سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر جي ڪنڊ ڪرڇ ۾ سڃاتا ويندڙ عالم ۽ اديب هئا، پاڻ جيڪا ڪچهري مچائيندا هئا تن ۾ سنڌ جي ڪنڍ ڪرڇ جا سگهڙ اچي گڏ ٿيندا هئا، ۽ اچي پنهنجي فن سان سنڌ جي ماڻهن جي دل وندرائيدا هئا پاڻ شاهه صاحب جي شاعري جا به وڏا ڄاڻو هوندا هئا، ۽ ان سان گڏ تمام سهڻي آواز ۾ شاهه صاحب جا بيت پڙهندا هئا، هيٺ سندس آواز ۾ شاهه جا بيت پيش ڪجن ٿا۔

     
  9. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,875
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سيد صالح محمد شاهه: لاثاني آواز جو بادشاهه

    ٻنهي دوستن جا لک ٿورا جو سائين محترم سيد صالح محمد جي ياد تازي ڪرائي ... بيشڪ اسين جڏهن ريڊيو جو زمانو هوندو هو ته سندس آواز تي موهت هوندا هياسين ....

    اهڙيون سهڻيون ڪچهريون ڪندو هو جو وڃي ٿين خئير ... پوءِ وري ٽي ويءَ تي کيس ڏٺوسون ....

    سنڌ جو هڪ سهڻو انسان ۽ ساراهتو آواز ...

    لک ٿورا دوستن جا .. رياض گلال ۽ ممتاز جا ....​
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,869
    ورتل پسنديدگيون:
    27,210
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سيد صالح محمد شاهه: لاثاني آواز جو بادشاهه

    ادا رياض مهرباني

    سيد صالح محمد شاه جي هڪ سڃاڻ هئي لطيف سائين جي بيتن کي سولي نموني عوام تائين آڻڻ، سندس فتح خان وارو ڪيل عوامي ڪردار سندس دور جا ماڻهو سدائين ياد رکندا۔ پي ٽي وي جي پروگرام ڪچهري ۾ سنڌ جي سگهڙن سان ڪيل رهاڻيون ۽ سندس انداز لاجواب رهيو آهي۔

    سنڌ جي اهڙي بي مثال شخصيت کي سلام ۽ سندس لاء دعائون ته رب پاڪ سندن مغفرت ڪري ۽ درجات بلند ڪري ۔۔۔۔آمين
     
  11. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    340
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سيد صالح محمد شاهه: لاثاني آواز جو بادشاهه

    سائين ممتاز صاحب سڀ کان پهريان ته اوهان جي مهرباني همت افزائي لاء
    ٻيو ته توهان سائين جا بيت شيئر ڪيا تمام سٺو لڳو
    اوهان جي وڏي مهرباني قرب​
     
  12. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    340
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سيد صالح محمد شاهه: لاثاني آواز جو بادشاهه

    سائين ممتاز صاحب سڀ کان پهريان ته اوهان جي مهرباني همت افزائي لاء
    ٻيو ته توهان سائين جا بيت شيئر ڪيا تمام سٺو لڳو
    اوهان جي وڏي مهرباني قرب​
     
  13. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    340
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سيد صالح محمد شاهه: لاثاني آواز جو بادشاهه

    جي سائين بلڪل ادا نٽار اهو وقت هيو
     
  14. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    340
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سيد صالح محمد شاهه: لاثاني آواز جو بادشاهه

    ادا سليمان همت افزائي لاء اوهان جي مهرباني ۔
     
  15. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,869
    ورتل پسنديدگيون:
    27,210
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    اڄ سنڌ جي اهڙي سدا بهار شخصيت جي ورسي آهي جنهن پنهنجي منفرد آواز ذريعي سنڌ جي ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪيو آهي. ريڊيو خاص ڪري ڪچهري پروگرام ۾ ڏاڏي فتح خان جي ڪردار ذريعي شهرت ماڻيندڙ سيد صالح محمد شاهه 3 سيپٽمبر 1936ع ۾ ڳوٺ دريا بيگ مغل، تعلقي حيدرآباد ۾ ڄائو. هو سنڌي فائنل پاس هو ۽ اديب فاضل هو. ڪجهه وقت پنهنجي اسڪول ۾ استاد ٿي رهيو پر ريڊيو سان عشق ۽ پوء هو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد سان سلهاڙجي ويو. سن
    دس آواز ۾ ڪو جادو هيو جيڪو ماڻهن جي دلين تي ڇانئجي ويندو هيو. پروگرام ڪچهري ۾ ڏاڏي فتح خان جي ڪردار سندس سڃاڻ ڪرائي پر هو ان کان وڌيڪ لطيف سائين جي سرن ۽ بيتن کي صحيح انداز ۽ تخلص سان پيش ڪرڻ ڪري به مشهور ٿيو. سيد صالح محمد شاهه سنڌي زبان ۽ ثقافت جو ڄاڻو ۽ شاهه لطيف جو پارکو هو. فتح خان جي ڪردار ۾ هن جا گفتا ڪچهري جي جان هوندا هئا. هن ريڊيو تي ڪيترن ئي ڊرامن جا ڪردار به ادا ڪيا ۽ اهي سندس منفرد آواز سبب گهڻو مشهور ٿيا.

    صالح محمد شاهه ريڊيو تي بطور انائونسر، ڪمپيئر ۽ ڊراما آرٽسٽ 1955ع کان وٺي ڪم ڪندو رهيو ۽ هن ريڊيو پاڪستان کي پنهنجي زندگيء جا 50 سال ارپيا. شاهه عبداللطيف جي ڪلام تي سيد صالح محمد شاهه کي دسترس حاص هئي. هو شاهه لطيف جو پارکو هو، ٽي وي تي سندس پروگرام ڪچهري گهڻو مقبول رهيو جنهن ۾ سنڌ جي ثقافت ۽ سنڌ جي سگهڙن کي هن نئين انداز سان مقبول ڪرايو، هن پي ٽي وي تي 30 سال ڪچهري پروگرام ڪيو. کيس سندس فني خدمتن جي عيوض 1991ع ۾ صدارتي اوارڊ پڻ ڏنو ويو.

    سيد صالح محمد شاهه پهرين سيپٽمبر 2007 تي لاڏاڻو ڪري ويو.
    ____
     
  16. مجيب سنڌي ڪورائي

    مجيب سنڌي ڪورائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    282
    ورتل پسنديدگيون:
    297
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    ڏاڏو فتح خان
    سيد صالح محمد شاھ ، سنڌ جو بهترين ڏاهو ڪچهري جو مور ماڻهو هيو ، سندس ريڊيو تي پيش ٿيندڙ پروگرام ڪچهري سندس يادگار آهي ،

    سائين جي ڪردار ۽ شخصيت تي سهڻو ليک لکيو اٿو ۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,869
    ورتل پسنديدگيون:
    27,210
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ۽ اڄ وري ڏاڏي فتح خان جي ڪردار سان مشهوري ماڻيندڙ لطيف جي پارکو ۽ ڪچهري جي مور سيد صالح محمد شاهه کي سندس ورسي تي ڀيٽا پيش ڪيون ٿا۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  18. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,869
    ورتل پسنديدگيون:
    27,210
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
  19. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,774
    ورتل پسنديدگيون:
    5,823
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ريڊيو ٽي وي جي مشهور ڪمپيئر، صداڪار ۽ لوڪ ادب جي ڄاڻو سيد صالح محمد شاهه ولد سيد دادن شاهه جو جنم 4 اپريل 1938ع تي حيدرآباد ڀرسان ڳوٺ درياءَ بيگ مغل ۾ ٿيو، هن اديب عالم جو امتحان پاس ڪيو، کيس انگريزي سٺي ايندي هُئي، زمينداري پيشي سان لاڳاپيل رهيو، سيد صالح محمد شاهه سنڌي لوڪ ادب، ثقافت ۽ فن جي دنيا ۾ هڪ وڏو نالو ٿي نالو ٿي گذريو آهي، هن لوڪ ادب ۽ لوڪ ثقافت کي عوام تائين پهچايو، سندس خاندان ۾ وڏا شاعر، اديب ۽ عالم ٿي گذريا آهن، گهريلو ماحول ۾ کيس ”شاهه لطيف جو رسالو“ ۽ ”شاهه ڪريم جو ڪالم“ صحيح تلفظ سان ٻُڌڻ ۽ پڙهڻ جو موقعو مليو، سندس خاندان جو هڪ وڏو شاعر سيد ڪبير شاهه ”لوڪ ادب جو امام“ سڏيو ويندو هو، سيد نور محمد شاهه ”نورل“، ”صاحب ڪليات شاعر“ سندس نانو هو، ناني جي ذاتي شفقت ۽ پرورش کيس زبان ۽ ادب جو شعور بخشيو، سيد صالح محمد شاهه اڃا تعليم مڪمل نه ڪئي هئي ته پنهنجي هم ڪلاسي عبداللطيف عباسي ريڊيو پاڪستان جي انائونسر جي صلاح تي 4 اپريل 1958ع تي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد سان منسلڪ ٿيو، جتي انائونسر کانسواءِ تقريرن، ڊرامن ۽ فيچرن ۾ حصو ورتائين، ريڊيو تي ”فتح خان“ جي ڪردار کيس عالمي شهرت بخشي، هن ”ڳوٺاڻي ڪچهري“ جو پروگرام چاليهن سالن تائين مسلسل ڪيو، اهو پروگرام ريڊيو حيدرآباد تان 3 آڪٽوبر 1959ع کان ”ڳوٺاڻي ڪچهري“ جي نالي سان هلندو رهيو، 20 جولاءِ 1960ع تي ان جو نالو بدلائي ”جمهور جي آواز“ رکيو ويو، هن پروگرام ۾ صالح محمد شاهه شروع کان وٺي پنهنجو اصل آواز بدلائي ٻهراڙي جي هڪ جهور پوڙهي جي ڪردار ”فتح خان“جي روپ ۾ پيش ڪندو رهيو، جنهن کي هر طبقي جي ماڻهن بيحد پسند ڪيو، هن پروگرام کي ڪارائتو بڻائڻ لاءِ ان ۾ موسيقي، ڳجهارتون، بيتن، لوڪ ڪهاڻين، ڪافين، مذهبي واقعن، قصن، زراعت، تعليم، صحت، ادب وغيره جا موضوع شامل ڪيا ويا، جنهن ڪري هي پروگرام ريڊيو جي تاريخ جو يادگار پروگرام بڻجي ويو، سيد صالح محمد شاهه جو تعلق نج ٻهراڙي سان هو، کيس ٻهراڙي جي ماحول، ريتن رسمن ۽ رهڻي ڪهڻي جي ڄاڻ کيس هڪ علم دوست ۽ پارکو طور مقبوليت ڏني، کيس لوڪ ادب جي سمورين صنن تي عبور هو ۽ موسيقي جي فن بابت وسيع ڄاڻ رکندو هو، سيد صالح محمد شاهه يار ويس، راڄائتو، مهمان نواز، ڳڻ ڀريو ڳالهير، کل مک ۽ لوڪ ادب جو جيئرو ڄاڳندو مثال هو، سيد صالح محمد شاهه شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو مداح ۽ سندس ڪلام جو قدردان هو، جڏهن به ڪو بيت پڙهندو هو ته درست اچار سان ۽ زير زبر، شد مد جو خيال رکي پڙهندو هو، سنڌي ٻولي جي سٽاءُ، مزح ۽ اثرن کان ڀليءَ ريت واقف هو، سيد صالح محمد شاهه علم ۽ ادب جو وڏو پارکو هو، ڪچهري وارا کيس ”ڏاڏا سائين“ يا ”جهونا“ چئي مخاطب ٿيندا هئا، شاهه لطيف جو سڄو رسالو شاهه صاحب جي آواز ۾ تحت اللفظ رڪارڊ ٿيل آهي، جيڪو ريڊياو پاڪستان حيدرآباد، ڪراچي، خيرپور ۽ لاڙڪاڻي تان اڄ به نشڙ ٿيندو رهي ٿو، سيد صالح محمد شاهه پي ٽي وي ڪراچي سينٽر تان نشر ٿيندڙ سنڌي پروگرام ”اوطاق“ ۽ ”رس رهاڻ“ جو به ڪيترو وقت ميزبان رهيو، هن سنڌي فلمن ۽ ڊرامن ۾ به ڪم ڪيو، سندس شروعاتي ڊرامن ۾ منظوم ڊرامو ”ستارا“ ۽ ”ڏاهر“ قابل ذڪر آهن، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۽ ثقافت کاتي حڪومت سنڌ وٽ سندس آواز ۾ شاهه جي رسالي جي سرن جي رڪارڊنگ محفوظ آهي، سيد صالح محمد شاهه کي فني خدمتن جي عيوض حڪومت پاڪستان صدارتي ايوارڊ ”حسن ڪارڪردگي“ ٽيليوزن گولڊ ميڊل، سگا گولڊ ميڊل، شاهه لطيف ڪلچرل سوسائٽي طرفان گولڊ ميڊل ۽ ٻين مختلف تنظيمن ڪيترا ايوارڊ ۽ سندون ڏنيون، سيد صالح محمد شاهه پهرين سيپٽمبر 2007ع تي وفات ڪئي.

    (وڌيڪ پڙهڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو)

    روازانه ڪاوش جي ٿورن سان

    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  20. نذير احمد لغاري

    نذير احمد لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏19 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    201
    ورتل پسنديدگيون:
    396
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقو سنجهورو، ضلعو سانگهڙ۔
    سيد صالح محمد شاھ جهڙو ڪمپيئر ۽ صداڪار شايد ورلي ڪو پيدا ٿئي، کيس تحت الفظ ۾ شاعري پڙهڻ جو الڳ مقام حا صل هيو جيڪو ٻئي ڪنهن کي حاصل نٿو ٿي سگهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو