• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جهالت جي انتها

جواب: جهالت جي انتها

سائين بشير صاحب بقول اوهان جي ته قبرن ته مقبرا جوڙڻ به جائز نه آهي
ته پو سائين مديني شريف ۾ نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جي قبرِ انوار مٿان به ته مقبرو اڏيل آهي۔ ڇا اهي به صوفي ازم جا ماڻهو آهن؟ (اوهان کي شايد خبر هوندي ته مديني منوره ۾ ڪهڙي فرقي وارا اڪثريت ۾ آهن مان ته وري به ڪنهن فرقي جو نالو به نٿو کڻان) يا اٻوجهن ماڻهن کي گمراهه ٿا ڪن۔ پاڪستان کان ٻاهر ٿورڙي نظر ڦرائيندو ته تقريبا امامن سڳورن ۽ اصحابن سڳورن يا ٻين ولي الله جي قبرن مبارڪن جي مٿان به مقبرا اڏيل آهن ڇا اهي به صوفي ازم سان تعلق رکن ٿا؟ يا ان جو به طريقو۔۔ طريقت، معرفت، جبروت، ملڪوت ۽ لاهوت وارو آهي يا اهي به ماڻهن کي ڦرڻ لا اتي ويٺا آهن
سائين متان ڀليا آهيو منهجي ڪهڙي مجال جو آئون ڪنهن کي جائز يا ناجائز چوان
مون پنهنجي نبي ﷺ جن جي حديث تي ايمان آندو آهي
رسول اڪرم ﷺ قبرن کي پختو ڪرڻ انهي تي اڏاوت ڪرڻ کان ۽ انهي تي ويهڻ کان روڪيو آهي .
صحيح لمسلم
ادا اسائين هي ڪافرقواريت جي ڳالھ چارن فقهن ۾ ۾ قبرتي مقبرو اڏڻ جائز نه آهي

چار امامن جو مذهب
فقه حنفي جي مطابق
مقبرا ٺاهن مڪروھ تحريمي آهي
امام محمد جي فتوي پڙهي وٺو:

[font="al_mushaf"]مذهب الحنفية الكراهة التحريمية
والكراهة بهذا المعنى الشرعي قد قال به هنا الحنفية فقال الإمام محمد تلميذ أبي حنيفة في كتابه " الآثار " ( ص 45 ) : [/font]
[font="al_mushaf"]لا نرى أن يزاد على ما خرج من القبر ونكره أن يجصص أو يطين أو يجعل عنده مسجد[/font]
مذهب شافعي جي مطابق
مذهب شافعي جي عالمن وٽ مقبرو اڏڻ ڪبيرو گناھ آهي
[font="al_mushaf"]مذهب الشافعية انه كبيرة
قال الفقيه ابن حجر الهيتمي في " الزواجر عن اقتراف الكبائر
( 1 / 120 ) : الكبيرة الثالثة والرابعة والخامسة والسادسة والسابعة والثامنة والتسعون
اتخاذ القبور مساجد وإيقاد السرج عليها واتخاذها أوثانا والطواف بها واستلامها والصلاة إليها[/font]
مذهب مالڪي جي مطابق
مقبرا اڏڻ حرام آهي
امام قرطبي لکي ٿو :
وقال القرطبي في تفسيره ( 10 / 38 )
قال علماؤنا : وهذا يحرم على المسلمين أن يتخذوا قبور الأنبياء والعلماء مساجد "
حنبلي مذهب جي مطابق به حرام آهي
تفصيل جي لاءِ ڏسندا " شرح المنتهى " ( 1 / 353 )


رسول اڪرم ﷺ جي قبر تي ڪنهن قسم جو مقبرو ناهي پاڻ ﷺ جي قبر ام المومنين عائشه رضي الله عنها جي حجري ۾ آهي جنهن کي ماڻهن جي لاءِ ظاهر به ڪيوويو صحيح مسلم جي روايت جا لفظ آهن ته
جيڪڏهن قبر کي عبادت گاھ بنجڻ جو خطرو نه هجي ها ان کي ظاهر ڪيو وڃي ها
صحيح لمسلم حديث نمبر 532
مسجد نبوي جي گنبذ خضرا کي مقبرو نه سمجيو وڃي
سائين اهوئي اسلام آهي ۽ چار مذهب جيڪڏهن توهان جو ڪو پنجون مذهب آهي ته انهي جي اسان کي ضرورت به نه آهي سائين هاڻ اوڻيھ سئو اونداهي جو ڳالھيون نه هلنديو جذباتي ٿين جي ضرورت ناهي دليل هجي ته پيش ڪريو


پاڪستان کان ٻاهر ٿورڙي نظر ڦرائيندو ته تقريبا امامن سڳورن ۽ اصحابن سڳورن يا ٻين ولي الله جي قبرن مبارڪن جي مٿان به مقبرا اڏيل آهن ڇا اهي به صوفي ازم سان تعلق رکن ٿا؟ يا ان جو به طريقو۔۔ طريقت، معرفت، جبروت، ملڪوت ۽ لاهوت وارو آهي يا اهي به ماڻهن کي ڦرڻ لا اتي ويٺا آهن

سائين جيڪڏهن ڪنهن ولي بزرگ يا امام مقبري اڏڻ جي وصيت ڪئي هجي ته پوءِ ثابت ڪريو جيڪڏهن پويرن انهن جي قبرن تي مقبرا اڏي نذرانا لٽيا آن ته انهن انهن نيڪ بزرگن جو ڪوبه قصور ناهي پرانهن اهڙن لٽيرن جو حساب ڪتاب ضرور ٿيندو ڪهڙي نيڪ بزرگ چيو آهن ته انهن جي قبرن جي ٻاهران موالين جا اوتارا هجن ؟ هاڻي جيڪڏهن ان قسم جا اڏا قائم ٿي چڪا آهن ته توهان انهي کي به جائز چوندا ڇا


مٺا هر ڪو پنهنجي گريبان ۾ نظر وجهي پو ڪنهن تي گند اڇلائي تنهنجو عقيدو تو تائين آهي ۽ انهن صوفين جو عقيدو انهن تائين آهي
هرڪو پنهنجي قبر ۾ ويندو ڪنهن کي به ڪو حق حاصل ناهي ته ڪنهن کي برو چوي۔ اوهان هن فورم ته سرعام اهڙا ويچار ٿا ونڊيو جو ٻين جي دل آزاري ٿي ٿئي۔
مهرباني ڪري ڪنهن جي پير يا ڪنهن جي فقه تي نه ڳالهايو وڃي ته بهتر ٿيندو

ڪنهن برائي کي برائي چيو ويندو مٿين مون ڪنهن تي ذاتي حملو نه ڪيو آهي هر اهو ڪم جيڪو رسول اڪرم ﷺ جي فرمان جي خلاف آهي ان کي برو چيو ويندو جيڪڏهن انهي سان ڪنهن تڪليف پهچي ته ان کي گهرجي پنهنجي ايماني فارميٽ کي صحيح ڪري. . پير ۽ فقير قابل صد احترام آهن پر پيرپرستي جائز نه آهي



وڌيڪ پاڻ سمجهدار آهيو السلامي معلومات رکو ٿا۔ دوستن کي اهڙو درس ڏيو جنهن ۾ صرف ۽ صرف محبت ڀريل هجي نه ڪي نفرت
ٿورڙو لکيو گهڻو سمجهندا
مهرباني

سائين هتي ڪو مناظر نه پيو ٿئي جنهن جو توهان رنگ پيا ڏيڻ جي ڪوشش پيا ڪريوجيڪڏهن مستنداسلامي معلومات سان توهان کي نفرت آهي ته توهان پنهنجي دل ۾ ان جي لاءِ محبت پيدا ڪريو
والسلام

 
Back
Top