منڇر ڍنڍ اٿلي پئي آهي، جنهن جي ڪري جهانگارا، باجارا جي شهرن سميت 50 ڳوٺ ٻڏي ويا آهن

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏17 سيپٽمبر 2010۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    منڇر ڍنڍ اٿلي پئي آهي، جنهن جي ڪري جهانگارا، باجارا جي شهرن سميت 50 ڳوٺ ٻڏي ويا آهن

    اسين چئون ٿا ته منڇر ڍنڍ اٿلي پئي آهي، جنهن جي ڪري جهانگارا، باجارا جي شهرن سميت 50 ڳوٺ ٻڏي ويا آهن، جيڪڏهن ڪو چوي ته اها پاڻيءَ جي ڇَرَ آهي ته اها عقلمندي نه چئبي، منڇر اٿلي چڪي آهي، جيڪڏهن پاڻي وڌيڪ جهانگارا، باجارا واري پاسي وڃي ٿو ته پوءِ ڪائي، پير آري ۽ ٻنڌڙي ڏانهن پاڻي ويندو ۽ اهي شهر به ٻڏي ويندا، پاڻي ماهر اهو به چون ٿا ته جيترو پاڻي وڌندو اوترو جهانگارا واري پاسي ڏانهن به ويندو پر ايترو نه ويندو جيتري اسان کي ضرورت آهي، اسان جي نمائندن جي چوڻ موجب منڇر جي بند جي سطح باقي هڪ فوٽ وڃي بچي آهي، جڏهن ته پاڻي تيزيءَ سان بندن کي کائي رهيو آهي، ٻئي طرف انتظاميا جو چوڻ آهي ته منڇر ڍنڍ جي پاڻيءَ جي آخري سطح 123 آر ايل آهي، جيڪڏهن انتظاميا جي چوڻ تي به هلجي ته اڃا بند 3 فوٽ باقي آهي ته منڇر جي روزانو پاڻي وڌڻ جي رفتار هڪ کان ڏيڍ فوٽ آهي، تڏهن به اڃا منڇر 2 ڏينهن پاڻ وٽ پاڻي کي برداشت ڪندي يا وڌ ۾ وڌ 3 ڏينهن، ان کان پوءِ پاڻي هر صورت ۾ اوور ٽاپ ٿيندو، ان بعد ايتري وڏي تباهي ايندي جنهن بابت ڪير به سوچي نه ٿو سگهي، جيڪڏهن اسان وٽ اڃا تائين به 3 ڏينهن آهن ته اسين هٿ تي هٿ رکي ويهڻ کان بهتر آهي ته منڇر جي پاڻيءَ کي اهڙو رستو ڏيون جنهن سان گهٽ ۾ گهٽ نقصان ٿئي ۽ اهڙو فيصلو وقت تي ٿئي ۽ اهو اسين سمجهون ٿا ته ڪرم پور، نيو ڪٽ واهه کي ڪٽ ڏنو وڃي ۽ انهن ڳوٺن جي ماڻهن کي ٽن ڏينهن جي اندر اندر لڏ پلاڻ ڪرائي محفوظ هنڌن تي پهچايو وڃي اهو ئي واحد ۽ آخري حل آهي. جڏهن 120 فوٽن جي پاڻيءَ واري بند پنهنجي مرضيءَ سان ڪٿان گهارو هنيو جيڪو اڻ ٽر نظر اچي رهيو آهي ته ان سان هزارين ماڻهو به ٻڏي ويندا ۽ ماڻهن جون مال ملڪيتون پڻ تباهه ٿي وينديون.

    منڇر ڍنڍ ۾ 50 هزار ڪيوسڪس پاڻي داخل ٿي رهيو آهي، جڏهن ته ڪل 15 هزار ڪيوسڪس پاڻي خارج ٿي رهيو آهي، باقي 35 هزار ڪيوسڪس پاڻي منڇر ۾ گڏ ٿي رهيو آهي، منڇر ڍنڍ ۾ پاڻي جڏهن 116 آر ايل تي پهچندو آهي ته منڇر لاءِ خطرناڪ صورت حال قرار ڏني ويندي آهي، جڏهن ته هن وقت +120 آر ايل جي سطح تي پاڻي پهتل آهي جڏهن ته منڇر ڍنڍ پنهنجي پکيڙ جي آخري منزل تي پهچي چڪي آهي، ٻين لفظن ۾ ايئن چئجي ته منڇر ڍنڍ جي پکيڙ هاڻي انهيءَ کان اڳتي وڌي نه سگهندي، هڪ طرف منڇر جي پکيڙ ختم ٿي وئي ته ٻئي طرف پاڻي 35 هزار ڪيوسڪس لڳاتار وڌي رهيو آهي، جنهن جو نتيجو اهو نڪرندو ته بندن تي سخت دٻاءُ وڌندو ۽ پاڻي پنهنجو دٻاءُ بندن ڏانهن وڌائيندو.

    ٻوڏ جو پاڻي سڄي سنڌ ٻوڙيندو آخر ۾ انهيءَ جو پريشر دادو ضلعي تي اچي پهتو آهي. هڪ طرف پاڻيءَ جون ڇوليون بند کي پائي رهيون آهن ته ٻئي طرف پاڻيءَ جو سخت دٻاءُ برقرار آهي اهو عالمي اصول آهي ته جڏهن به ڪنهن پريشر کي روڪيو ويندو آهي ته اهو ٻئي هنڌان پنهنجو زور ڏيکاريندو آهي، هن وقت اها حالت منڇر ڍنڍ جي به آهي، اسين نه ٿا سمجهون ته منڇر ڍنڍ پاڻيءَ جي اهڙي سخت دٻاءَ کي وڌيڪ برداشت ڪري سگهندي، ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته تڪڙن بنيادن تي بهتر فيصلا ڪري منڇر ڍنڍ جي پاڻيءَ کي وقت سر درياهه ۾ ڇوڙ ڪرايو وڃي، هڪ ان جو حل اهو آهي ته لال باغ جي اولهه کان اڙل واهه کي ڪٽ ڏئي پاڻي لال باغ ۽ آرمي پبلڪ اسڪول جي وچ واري علائقي مان گذاري ريلوي جي پل ذريعي درياهه ۾ ڇوڙ ڪرايو وڃي جنهن سان به هڪ هزار کان 12 سئو ڪيوسڪس پاڻيءَ جو ڇوڙ منڇر مان درياهه ڏانهن ويندو ٻيو حل اهو آهي ته دانستر واهه وٽان ڪٽ ڏئي ڪرم پور واري پاسي کان پاڻيءَ جو ڇوڙ درياهه ۾ ڪرايو وڃي. عقلمندي جي ڳالهه اها آهي ته ڪنهن وڏي نقصان کان بچڻ لاءِ گهٽ نقصان ڪيو وڃي اهو آهي ڪرم پور کان ڪٽ ڏيڻ

    منڇر ڍنڍ ۾ ٻوڏ جو پاڻي 40 کان 50 هزار ڪيوسڪس داخل ٿي رهيو آهي، جڏهن ته منڇر ڍنڍ جو اڙل واهه ذريعي درياهه ۾ ڇوڙ 15 هزار ڪيوسڪس آهي. پاڻي جي سطح وڌڻ جي ڪري منڇر جو پاڻي جي ايم سي بندن جي ڪنارن سان اچي لڳو آهي منڇر ڍنڍ +120 آر ايل جي خطرناڪ سطح تي پهچي وئي آهي، پاڻي وڌي وڃڻ جي ڪري جهانگارا باجارا شهر ٻڏي ويا آهن ۽ منڇر ڍنڍ کي روڻيون پوڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. گذريل ڏينهن ۾ 4 هنڌن تي روڻيون پيون هيون جن کي بند ڪيو ويو آهي، منڇر جي پاڻيءَ جو درياهه ۾ ڇوڙ ڪرائڻ لاءِ اڙل هيڊ وٽ ڪٽ ڏنو ويو آهي، جڏهن ته ڀان سيد آباد، بوبڪ جي ماڻهن کي سيوهڻ جي رليف ڪئمپن ۾ لڏي وڃڻ جي صلاح ڏني وئي آهي،، جنهن جي ڪري يوسي جهانگارا جا 50 ڳوٺ پاڻيءَ هيٺ اچي ويا آهن. ، جيڪڏهن پاڻيءَ کي محفوظ رستو نه ٿو ڏنو وڃي ته پوءِ پاڻي رات تائين يا ٻن ڏينهن جي اندر پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيندو، جنهن سان تمام وڏي تباهي ايندي ۽ آراضي، بوبڪ، ڀان سيد آباد، سيوهڻ ۽ دادوءَ جا شهر ٻڏي ويندا، جن کي ٻڏڻ کان ڪير به روڪي نه ٿو سگهي، ان ڪري عقل جي تقاضا اها آهي ته وڏي نقصان کان بچڻ لاءِ گهٽ نقصان اسان کي برداشت ڪرڻ گهرجي.هت اسين سنڌ حڪومت کي صلاح ڏينداسين ته ننڍن ننڍن ڳوٺن جي ماڻهن کي لڏائي محفوظ هنڌن تي پهچائي ڪرم پور وٽان ڪٽ ڏئي سيوهڻ، دادو، ڀان سيد آباد، بوبڪ، آراضي، پڪا چنا ۽ ٻين سوين شهرن کي بچايو وڃي جيڪڏهن ايئن نه ڪيو ويو ۽ پاڻيءَ کي محفوظ هنڌ نه ڏنو ويو ته ڪنهن وڏي تباهيءَ کان انهن شهرن کي ڪير به بچائي نه سگهندو
     
  2. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: منڇر ڍنڍ اٿلي پئي آهي، جنهن جي ڪري جهانگارا، باجارا جي شهرن سميت 50 ڳوٺ ٻڏي ويا

    تمام سٺي ونڊ آهي مهرباني
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: منڇر ڍنڍ اٿلي پئي آهي، جنهن جي ڪري جهانگارا، باجارا جي شهرن سميت 50 ڳوٺ ٻڏي ويا

    ادا تمام بهترين شيئرنگ آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو