مست
سينيئر رڪن
ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ اڻ ڄاتل ماڻهن پاران عمران فاروق جي قتل خلاف مختلف نعرن ۽ شعرن تي مشتمل وال چاڪنگ متحده کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي۔ ان وال چاڪنگ ۾ متحده جي مختلف مشهور شخصيتن جي قتل ۽ انهن جي قاتلن جي ظاهر نه ٿيڻجي خلاف نعرا ۽ شعر شامل آهن۔ جيئن ايس ايم طارق، عظيم احمد طارق، رضا حيدر ۽ عمران فاروق جو قاتل ڪير جا نعرا۔۔ ذريعن موجب انهن نعرن سان گڏ مختلف پوسٽر پڻ هنيا پيا وڃن۔ اهي پوسٽر ۽نعرا سراسر انهيءَ ڳالهه جي نشاندهي پيا ڪن ته متحده ۾ ڌڙا بندي ٿي رهي آهي ۽ متحده جي ڪارڪنن جي اڪثريت نه ته ڪجهه ماڻهو ئي متحده جي قيادت جي هاڻوڪي عمل مان خوش نهآهن۔۔
هيٺئين تصوير ۾ اوهان اهڙا نعرا ڏسي سگهو ٿا۔۔
اهڙي وال چاڪنگ نه صرف مختلف علائقن ۾ پر ڪراچي ۾ متحده جي اڪثريت ۽ اثر وارن علائقن ۾ پڻٿي رهي آهي، متحده انهيءَوال چاڪنگ کي مٽائڻشروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ متحده جي انتظاميه پنهنجي سيڪٽر ۽ يونٽ انچارجن کي هدايت ڪئي آهي ته بنا دير جي اهي پوسٽر ڦاڙيا وڃن ۽چاڪنگ مٽائي وڃي۔ وال چاڪنگ واري مک جڳهين ۾ شاراههِ فيصل جي نرسري روڊ ويجهو، ايف ٽي سي بلڊنگ ويجهو، ڊرگ روڊ، شاهه فيصل ڪالوني، ڪورنگي، لانڊهي، اورنگي ٽائون، ڪورٽ روڊ، ڪيماڙي ۽ ٻين علائقن ۾ ”ڊاڪٽر عمران فاروق جو قاتل ڪير“ جي نعرن جي وال چاڪنگ ڪئي وئي آهي جڏهن ته مٿي ڏسايل علائقن ۾ هڪ پوسٽر پڻ لڳايو ۽ ورهايو پيو وڃي، جنهن ۾ مٿي ڏسايل اڳواڻن جو قاتل ڪير جا نعرا ۽ هڪ شعر جيڪو مٿي ڏنل تصوير ۾ واضح نظر اچي پيو پڻشامل آهي۔ انهيءَچاڪنگ جي خلاف متحده انهن ريڙهي وارن کان پڇا ڳاڇا ڪري رهي آهي جيڪي انهن چاڪنگ واري جڳهن جي ڀرسان ريڙها هڻن ٿا ۽ ان کان علاوه متحده انتظاميه ان سلسلي ۾ مشڪوڪ ماڻهن تي نظر رکڻجو ڪم پڻ شروع ڪري ڏنو آهي۔
هيٺئين تصوير ۾ اوهان اهڙا نعرا ڏسي سگهو ٿا۔۔
