• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عمران فاروق جي قتل خلاف وال چاڪنگ!! متحده لاءِ‌نئين پريشاني

مست

سينيئر رڪن
ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ اڻ ڄاتل ماڻهن پاران عمران فاروق جي قتل خلاف مختلف نعرن ۽ شعرن تي مشتمل وال چاڪنگ متحده کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي۔ ان وال چاڪنگ ۾ متحده جي مختلف مشهور شخصيتن جي قتل ۽ انهن جي قاتلن جي ظاهر نه ٿيڻ‌جي خلاف نعرا ۽ شعر شامل آهن۔ جيئن ايس ايم طارق، عظيم احمد طارق، رضا حيدر ۽ عمران فاروق جو قاتل ڪير جا نعرا۔۔ ذريعن موجب انهن نعرن سان گڏ مختلف پوسٽر پڻ هنيا پيا وڃن۔ اهي پوسٽر ۽‌نعرا سراسر انهيءَ ڳالهه جي نشاندهي پيا ڪن ته متحده ۾ ڌڙا بندي ٿي رهي آهي ۽ متحده جي ڪارڪنن جي اڪثريت نه ته ڪجهه ماڻهو ئي متحده جي قيادت جي هاڻوڪي عمل مان خوش نه‌آهن۔۔

هيٺئين تصوير ۾ اوهان اهڙا نعرا ڏسي سگهو ٿا۔۔

pic-02.jpg


اهڙي وال چاڪنگ نه صرف مختلف علائقن ۾ پر ڪراچي ۾ متحده جي اڪثريت ۽ اثر وارن علائقن ۾ پڻ‌ٿي رهي آهي، متحده انهيءَ‌وال چاڪنگ کي مٽائڻ‌شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽‌ متحده جي انتظاميه پنهنجي سيڪٽر ۽ يونٽ انچارجن کي هدايت ڪئي آهي ته بنا دير جي اهي پوسٽر ڦاڙيا وڃن ۽‌چاڪنگ مٽائي وڃي۔ وال چاڪنگ واري مک جڳهين ۾‌ شاراههِ فيصل جي نرسري روڊ ويجهو، ايف ٽي سي بلڊنگ ويجهو، ڊرگ روڊ، شاهه فيصل ڪالوني، ڪورنگي، لانڊهي، اورنگي ٽائون، ڪورٽ روڊ، ڪيماڙي ۽‌ ٻين علائقن ۾ ”ڊاڪٽر عمران فاروق جو قاتل ڪير“ جي نعرن جي وال چاڪنگ ڪئي وئي آهي جڏهن ته مٿي ڏسايل علائقن ۾ هڪ پوسٽر پڻ لڳايو ۽ ورهايو پيو وڃي، جنهن ۾ مٿي ڏسايل اڳواڻن جو قاتل ڪير جا نعرا ۽‌ هڪ شعر جيڪو مٿي ڏنل تصوير ۾ واضح نظر اچي پيو پڻ‌شامل آهي۔ انهيءَ‌چاڪنگ جي خلاف متحده انهن ريڙهي وارن کان پڇا ڳاڇا ڪري رهي آهي جيڪي انهن چاڪنگ واري جڳهن جي ڀرسان ريڙها هڻن ٿا ۽ ان کان علاوه متحده انتظاميه ان سلسلي ۾ مشڪوڪ ماڻهن تي نظر رکڻ‌جو ڪم پڻ شروع ڪري ڏنو آهي۔
 
جواب: عمران فاروق جي قتل خلاف وال چاڪنگ!! متحده لاءِ‌نئين پريشاني

سائين مطلب ته صاف ظاهر آهي پر جيڪڏهن متحده جا ڪارڪن مارجي ويا آهن انهن جي قاتلن کي وائکو ڪرڻ جي ڳاله ڪير به ڪري انهي ڳاله تي ته متحده کي خوش هئڻ گهربو آهي نه ڪي اهي نعره يا بينر مٽائڻ کپندا آهن

متحده جي وال چاڪنگ کي ڊاهڻ جو مقصد ۽ مشڪوڪ ماڻهن تي نظر رکڻ جو مقصد ؟؟؟


سدائين گڏ
 
جواب: عمران فاروق جي قتل خلاف وال چاڪنگ!! متحده لاءِ‌نئين پريشاني

متحدا هن معاملي م پاڻ ملوث آهي نازي ا زم جا پوئلگ آهن جن لکين انسانن جو قتلي عام ڪري انسانيت جو ڪنڌ شرم کان جڪائي ڇڏيو آهي ايم ڪيو ايم سنڌي ماڻهن جي قاتل آهي جنهن کي اسان جا حڪمران مفاهمت جي نالي ۾ پاڻ سان ڳڏ کڻي امريڪا جي خوشنودي حاصل ڪري رهيا آهن
 
جواب: عمران فاروق جي قتل خلاف وال چاڪنگ!! متحده لاءِ‌نئين پريشاني

متحدا هن معاملي م پاڻ ملو ث آهي نا زي ا زم جا پوئلگ آهن جن لکين انسانن جو قتلي عا۾ ڪري انسانيت جو ڪنڌ شرم کان جڪايي ڇڏيو آهي ايم ڪيو ايم سنڌي ماڻهن جي قاتل آهي جنهن کي اسان جا حڪمران مفاهمت جي نالي ۾ پاڻ سان ڳڏ کڻي امريڪا جي خوشنودي حاصل ڪري رهيا آهن

سائين ايڊوڪيٽ صاحب اسان توهان سان مطفق آهيون

پر سائين مهرباني ڪري پنهنجو تعارف ته ڪرايو

توهان ڪٿان سان واسطو رکو ٿا توهان جي ڪهڙي ڪرت آهي توهان جي تعليم ڇا آهي

جي اهڙي معلومات ونڊ ڪندا ته توهان جي مهرباني ٿيندي اهڙي قسم جي معلومات توهان تعارف واري سيڪشن ۾ ونڊ ڪري سگهو ٿا

سدائين گڏ
 
جواب: عمران فاروق جي قتل خلاف وال چاڪنگ!! متحده لاءِ‌نئين پريشاني

ادا حقيقتن کي ڪيستائين لڪائيندا۔
 
Back
Top