پاڻ کي تبديل ڪريو نه ڪي دنيا کي ۔۔۔۔!

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏4 آڪٽوبر 2010۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته ڪنهن خوبصورت ۽ ترقي يافته ملڪ جو بادشاهه هوندو هيو ۔۔۔۔ هڪ ڏينهن بادشاهه پنهنجي ملڪ جو پهاڙي علائقو گهمڻ جو فيصلو ڪيو۔۔۔۔
    هڪ هفتي جي سير و سياحت کان واپسي تي بادشاهه سخت ٿڪاوٽ جو اظهار ڪيو۔۔۔ هن دربار ۾ پنهنجي پيرن ۾ سوڄ ۽ تڪليف جو اظهار ڪندي چيو ته ”هن ڊگهي سفر ۽ سخت پهاڙي علائقي گهمڻ ڪري مون کي پيرن ۾ سخت تڪليف ۽ سوڄ ٿي پئي آهي۔۔۔ جنهن جو سبب يقينن خراب ۽ پٿريلو رستو آهي۔۔۔ ان ڪري مون هڪ فيصلو ڪيو آهي۔۔۔“
    سڀئي وزير بادشاهه جي ڳالهه غور سان ٻڌي رهيا هئا۔۔۔ بادشاهه ڪجهه سيڪنڊ ساهي پٽي ۽ وڌيڪ چيائين ته ”ان سموري پهاڙي رستي تي چمڙو وڇايو وڃي۔۔۔۔“
    سڀني وزيرن بادشاهه جي عقل ۽ دانائي جي واکاڻ ڪئي ۽ هڪ آواز ٿي چيو ته ”بادشاهه سلامت جي حڪم جي پوئواري ٿيندي۔۔۔۔ “
    انهن سمورن وزيرن منجهان هڪ ضعيف عمر ۽ ڏاهي شخصيت جو وزير ڪافي دير سوچ ۾ گُم هيو ۔۔۔۔ هو سوچي رهيو هو ته رستي تي چمڙي وڇائڻ واري عمل ۾ هڪ ته هزارين ماڻهن کي مشقت ڪرڻي پوندي ٻيو ته لکين جانورن کي ماري سندن چمڙي حاصل ڪئي ويندي۔۔۔۔ ان کانسوا لاتعداد رقم جو‌ذيان پڻ ٿيندو۔۔۔۔ ان ڪري اهو وزير بادشاهه جي اهڙي فيصلي سان خوش نه ٿيو ۽ ڊڄندي ڊڄندي عرض ڪيائين ۔۔۔۔ ”بادشاهه جو اقبال بلند هجي ۔۔۔ جي جان جي امان ملي ته هڪ ننڍڙو عرض ڪجي۔۔۔۔“
    بادشاهه کيس ناپسنديده نظر سان ڏسندي اجازت ڏني۔۔۔۔
    وزير عرض ڪريو۔۔۔۔ ”بادشاهه سلامت ۔۔۔! اجايو جو اسان اهڙي ڪم کي ڪيون جنهن ۾ هزارين ماڻهن کي پريشان ڪرڻ سان گڏو گڏ لکين جانورن کي قتل ڪرڻ کانسوا ڪروڙين رقم خرچ ٿئي۔۔۔۔ ڇو نه اسان هڪ ننڍي ۽ بهترين چمڙي منجهان توهان جي پيرن لاءِ ڪو اهڙو جوتو تيار ڪيون جيڪو توهان پنهنجي پيرن ۾ پهري سگهو ۔۔۔۔ “
    بادشاهه اهڙي صلاح ٻڌي حيران ٿي ويو وزير کي انعام و اڪرام ڏيڻ کان سواءِ پنهنجي پيرن لاءِ چمڙي جو جوتو بنائڻ جو حڪم ڏنو۔۔۔

    سبق؛ هن دنيا ۾ خوشي سان رهڻ لاءِ بهتر آهي ته پنهنجو پاڻ ۽ پنهنجي ذهن کي تبديل ڪجي نه ڪي سموري دنيا کي ۔۔۔
     
  2. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: پاڻ کي تبديل ڪريو نه ڪي دنيا کي ۔۔۔۔!

    ادا رشيد سمون اوهان هي ننڍڙي پر گهڻو ڪجهه سيکارڻ‌واري ڪهاڻي ونڊي دل خوش ڪري ڇڏي آهي۔
    يقينن جيڪڏهن تبديلي سوچ جي هجي ته گهڻا ڪم آسان ٿي پوندا آهن۔۔۔

    انهي سان لاڳاپيل شيڪس پيئر جي هڪ چوڻي آهي ته؛

    [Winners Did not Do The Different Things......... They Do Things Differently.

    زبردست ونڊ آهي۔۔۔ =D>
     
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: پاڻ کي تبديل ڪريو نه ڪي دنيا کي ۔۔۔۔!

    واھ واھ سائين بهترين سهڻي ونڊ۔۔۔۔۔۔۔ونڊڻ جي مهرباني
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: پاڻ کي تبديل ڪريو نه ڪي دنيا کي ۔۔۔۔!

    قصو ننڍڙو پر ان ۾ حقيقت تمام وڏي بيان ڪيل آهي

    انتهائي سبق آميز قصو آهي ونڊڻ جي مهرباني ادا رشيد

    تمام بهترين ڪوشش آهي توهان جي

    سنڌ سلامت فورم لا۽ پنهنجا اهڙا قصا جاري رکجو

    سدائين گڏ
     
  5. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: پاڻ کي تبديل ڪريو نه ڪي دنيا کي ۔۔۔۔!

    ادا رشيد بهترين شيئرنگ آهي.
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: پاڻ کي تبديل ڪريو نه ڪي دنيا کي ۔۔۔۔!

    ادا رشيد اوهان جي مهرباني جو اڄڪلھ هيڏيون وڏيون ڏاهپ ۽ دانائي واريون ڳالهيون پيا سمجهايو۔ سچ ته مان روز سوچيندو آهيان ته اڄ مان اهڙو ڪهڙو ڪم ڪيو جنهن سان منهنجو ضمير ۽ دماغ مطمعن رهي ته نه اهو ڪم ماروئڙن لاء فائديمند آهي۔

    اسان جو معاشرو پنهنجا قدر تيزي سان وڃائي رهيو آهي اهڙي حالتن ۾ ڪير آهي جو حق جو نعرو هڻي۔ اوهان جون ڳالهيون ڏاڍو ٿيون وڻن۔ مان ڪنهن جو قول پڙهيو هو ته :

    جيڪڏهن اوهان دنيا کي تبديل نٿا ڪري سگهو ته پنهنجي پاڻ کي تبديل ڪريو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو