هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته ڪنهن خوبصورت ۽ ترقي يافته ملڪ جو بادشاهه هوندو هيو ۔۔۔۔ هڪ ڏينهن بادشاهه پنهنجي ملڪ جو پهاڙي علائقو گهمڻ جو فيصلو ڪيو۔۔۔۔
هڪ هفتي جي سير و سياحت کان واپسي تي بادشاهه سخت ٿڪاوٽ جو اظهار ڪيو۔۔۔ هن دربار ۾ پنهنجي پيرن ۾ سوڄ ۽ تڪليف جو اظهار ڪندي چيو ته ”هن ڊگهي سفر ۽ سخت پهاڙي علائقي گهمڻ ڪري مون کي پيرن ۾ سخت تڪليف ۽ سوڄ ٿي پئي آهي۔۔۔ جنهن جو سبب يقينن خراب ۽ پٿريلو رستو آهي۔۔۔ ان ڪري مون هڪ فيصلو ڪيو آهي۔۔۔“
سڀئي وزير بادشاهه جي ڳالهه غور سان ٻڌي رهيا هئا۔۔۔ بادشاهه ڪجهه سيڪنڊ ساهي پٽي ۽ وڌيڪ چيائين ته ”ان سموري پهاڙي رستي تي چمڙو وڇايو وڃي۔۔۔۔“
سڀني وزيرن بادشاهه جي عقل ۽ دانائي جي واکاڻ ڪئي ۽ هڪ آواز ٿي چيو ته ”بادشاهه سلامت جي حڪم جي پوئواري ٿيندي۔۔۔۔ “
انهن سمورن وزيرن منجهان هڪ ضعيف عمر ۽ ڏاهي شخصيت جو وزير ڪافي دير سوچ ۾ گُم هيو ۔۔۔۔ هو سوچي رهيو هو ته رستي تي چمڙي وڇائڻ واري عمل ۾ هڪ ته هزارين ماڻهن کي مشقت ڪرڻي پوندي ٻيو ته لکين جانورن کي ماري سندن چمڙي حاصل ڪئي ويندي۔۔۔۔ ان کانسوا لاتعداد رقم جوذيان پڻ ٿيندو۔۔۔۔ ان ڪري اهو وزير بادشاهه جي اهڙي فيصلي سان خوش نه ٿيو ۽ ڊڄندي ڊڄندي عرض ڪيائين ۔۔۔۔ ”بادشاهه جو اقبال بلند هجي ۔۔۔ جي جان جي امان ملي ته هڪ ننڍڙو عرض ڪجي۔۔۔۔“
بادشاهه کيس ناپسنديده نظر سان ڏسندي اجازت ڏني۔۔۔۔
وزير عرض ڪريو۔۔۔۔ ”بادشاهه سلامت ۔۔۔! اجايو جو اسان اهڙي ڪم کي ڪيون جنهن ۾ هزارين ماڻهن کي پريشان ڪرڻ سان گڏو گڏ لکين جانورن کي قتل ڪرڻ کانسوا ڪروڙين رقم خرچ ٿئي۔۔۔۔ ڇو نه اسان هڪ ننڍي ۽ بهترين چمڙي منجهان توهان جي پيرن لاءِ ڪو اهڙو جوتو تيار ڪيون جيڪو توهان پنهنجي پيرن ۾ پهري سگهو ۔۔۔۔ “
بادشاهه اهڙي صلاح ٻڌي حيران ٿي ويو وزير کي انعام و اڪرام ڏيڻ کان سواءِ پنهنجي پيرن لاءِ چمڙي جو جوتو بنائڻ جو حڪم ڏنو۔۔۔
سبق؛ هن دنيا ۾ خوشي سان رهڻ لاءِ بهتر آهي ته پنهنجو پاڻ ۽ پنهنجي ذهن کي تبديل ڪجي نه ڪي سموري دنيا کي ۔۔۔