حاڪم
سينيئر رڪن
ڪراچي (رپورٽ:مجيد عباسي/ضياءَ قريشي) سنڌ جي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو آهي ته ڪراچي ۾ ٿيندڙ رت جي هولي ۾ سڀئي سياسي پارٽيون ملوث آهن، مفاهمتي پاليسي سبب راز جون ڳالهيون دل ۾ دفن ڪريان ٿو. جيڪڏهن هيرو ٿيڻ لاءِ ڪجهه چوان ٿو ته وڌيڪ 10 ماڻهو مري سگهن ٿا. ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ 60 جوابدار گرفتار ڪيا آهن. جن ۾ سنڌي، بلوچ، پشتو ۽ اردو ڳالهائيندڙن سميت سڀني قومن جا ماڻهو ملوث آهن ۽ حڪومت وٽ اهڙو ڪو به فرشتو ناهي، جيڪو بنا نظر ايندي جوابدار کي سڳ سميت سوگهو ڪري وٺي. هن وزيراعليٰ هائوس ۾ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت کان پوءِ صحافين کي بريفنگ ڏني. پريس بريفنگ ۾ اطلاعات واري صلاحڪار شرميلا فاروقي، صوبائي وزير رفيق انجنيئر، وقار مهدي ۽ ٻيا موجود هئا. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو ته ڪراچي ۾ هلندڙ ٻن ڏينهن واري ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ 25 ماڻهو مارجي ويا آهن ۽ 45 زخمي ٿيا آهن ۽ اهي اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن. هن چيو ته 10-2009 ۾ 53 ٽارگيٽ ڪلر گرفتار ڪيا هئا، جوابدارن ڇهه ڇڪا هنيا هئا، انهن کان جاچ ۾ خبر پئي ته انهن جو سياسي پارٽين سان تعلق هو، آئون ڪنهن هڪ به سياسي پارٽي تي الزام نٿو هڻان. ڪراچي ۾ ٿيندڙ خون جي هولي ۾ شرمندگي سان چوڻو ٿو پوي ته ان ۾ اسان سڀ ملوث آهيون، مون کي اهو چوڻ ۾ آساني محسوس ٿيندي ته انهن واقعن ۾ ٻاهرين طاقت يا ”را“ ملوث آهي پر مان پنهنجي ذميواري ٻين تي نٿو وجهڻ چاهيان، ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ پيٽ بکايل سياسي پارٽين جا ڪارڪن قتل ٿي رهيا آهن، هن چيو ته ڪراچي ۾ گارڊن مان اغوا ٿيل ٻن ماڻهن جي قتل کان پوءِ قتل وڌيا ۽ انهن جي جاچ ڪيون پيا ته اهي ڪاروبار جي سلسلي ۾ ٻئي علائقي ۾ ويا هئا يا ڪو ٻيو سبب هو ۽ ان کان پهرين به واقعو پيش آيو هو ۽ جاچ بعد خبر پئي ته اهو ماڻهو ڇوڪريءَ جي چوڻ تي ان علائقي ۾ ويو، جتي کيس ڇوڪري جي ڀاءُ قتل ڪيو، جڏهن ته عمران فاروق جي قتل کي به 3 هفتا گذري ويا آهن پر خبر نه پئي ته ان کي ڪنهن قتل ڪيو آهي. بهتر جاچ ۾ وقت لڳندو آهي ۽ اسان کي به مناسب وقت ڏنو وڃي. هن چيو ته ڪراچي صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سياسي پارٽين جي ليڊرن کي اپيل ڪئي آهي ته ٻاهر نڪرن ۽ سندس ساٿ ڏين، جيئن اسان ڪراچي کي ٻيهر روشنين جو شهر بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿيون، هن چيو ته ڪراچي واقعي ۾ ملوث 60 ماڻهو ڪراچي ايسٽ، ويسٽ ۽ نارٿ زونن مان گرفتار ڪيا آهن، جن جو تعلق سنڌي، بلوچ، پشتو ۽ اردو ڳالهائيندڙن سان آهي. هن چيو ته ڪراچي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ سڀ بي قصور ماڻهو ماريا ويا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڪجهه ميڊيا جا ماڻهو افواهه هلائن پيا ته ڪراچي ۾ آپريشن ڪيو پيو وڃي. اهو سراسر غلظ آهي، جيڪڏهن ڏوهاري ماڻهو گرفتار ڪيو آهي ته پرچي يا خط لکي گرفتار نه ڪيو آهي. ان لاءِ فورس گهرائي ڇاپا هنيا آهن ۽ ڪجهه علائقا اهڙا آهن، جن ۾ فورس گهرائي گرفتاريون ڪيون ٿا، جيئن رتوڇاڻ نه ٿئي.