• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

موري ۾ هوس پرستن بدفعلي بعد نينگر کي ساڙي ماري ڇڏيو

عاشق سولنگي

سينيئر رڪن



موري ڀرسان انسانيت کي لڄائيندڙ واقعو پيش آيو آهي. جتي جوابدارن نوجوان کي زيادتي جو نشانو بڻائڻ بعد زندهه ساڙي ڇڏيو. ان حوالي سان رپورٽن موجب موري کان 2 ڪلوميٽر پري ڳوٺ حبيب ۾ ڪمند جي فيصل ۾ گاهه ڪندڙ 17 سالن جي نوجوان خالد حسين مغل کي چئن وحشي جوابدارن تشدد ڪرڻ بعد هٿ پير ٻڌي ساڻن بدفعلي ڪرڻ بعد بيٺل ڪمند جي فصل کي باهه ڏئي نينگر کي جيئرو ساڙي ڇڏيو. باهه جا شعلا ڏسي ڳوٺاڻن اتي پهچي ڏٺو ته نينگر زخمي حالت ۾ اڀ ڏاريندڙ دانهون ڪري رهيو هو. جنهن کي زخمي حالت ۾ تعلقي اسپتال پهچايو ويو جتي هن ٻڌايو ته مون کي غلام حيدر چنڊ، عرس چنڊ ۽ غلام اصغر چنڊ زيادتي جو نشانو بڻائڻ بعد باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو آهي. ڪجهه دير بعد زخمي نينگر تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو. پوليس حد جو تڪرار ڄاڻائي ڪيس داخل نه ڪيو آهي. بدفعلي بعد باهه ڏئي ساڙيل نينگر خالد حسين مغل جي وارثن پاران جوابدارن جي گرفتاري لاءِ لاش قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو هڻي ٻه ڪلاڪ ٽريفڪ بند ڪري ڇڏي. جنهن سبب سنڌ ۽ پنجاب ايندڙ ويندڙ سوين گاڏيون بيهجي ويون. پوليس گرفتارين لاءِ ڇاپن جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو. ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه آئي.​
حوالو۔عوامي آواز
 
جواب: موري ۾ هوس پرستن بدفعلي بعد نينگر کي ساڙي ماري ڇڏيو

ادا عاشق هن تي ڇا لکون۔ اک ۽ دل رت جا ڳوڙها پئي روئي
 
جواب: موري ۾ هوس پرستن بدفعلي بعد نينگر کي ساڙي ماري ڇڏيو

رب العالمين قرآن شريف ۾ حضرت لوط عليه السلام جي قوم جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن جي مٿان عذاب الاهي آيو ۽ اهو عذاب الاهي صرف ۽ صرف انڪري آيو جو اها قوم فطري جنسي ميلاپ جي بجا ڇوري بازي ڪندا هئا ۔۔۔ ان قوم تي رب العالمين ايترو ڪاوڙيو جو انکي تباهه ۽ برباد ڪري سڄي ۽ رهندي دنيا تائين مثال قائم ڪري ڇڏيو ۔۔۔

رب پناهه ڏئي، اسانجي قوم به مختلف ڏوهن ۽ بيمارين ۾ جڪڙجندي پئي وڃي، ڪٿي ڪنهن وڏي عذاب جو سبب نه ٿئي ۔۔۔ رب اسانکي انهن نه بخشجندڙ گناهن کان محفوظ رکي ۔۔۔ آمين
 
جواب: موري ۾ هوس پرستن بدفعلي بعد نينگر کي ساڙي ماري ڇڏيو

ڇا اهي شخص انسان چوئڻ جا حقدار آهن؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟
 
جواب: موري ۾ هوس پرستن بدفعلي بعد نينگر کي ساڙي ماري ڇڏيو

ڏوهي کي سر عام ڦاهي تي لٽڪايو وڃي ۔
 
Back
Top