عاشق سولنگي
سينيئر رڪن

موري ڀرسان انسانيت کي لڄائيندڙ واقعو پيش آيو آهي. جتي جوابدارن نوجوان کي زيادتي جو نشانو بڻائڻ بعد زندهه ساڙي ڇڏيو. ان حوالي سان رپورٽن موجب موري کان 2 ڪلوميٽر پري ڳوٺ حبيب ۾ ڪمند جي فيصل ۾ گاهه ڪندڙ 17 سالن جي نوجوان خالد حسين مغل کي چئن وحشي جوابدارن تشدد ڪرڻ بعد هٿ پير ٻڌي ساڻن بدفعلي ڪرڻ بعد بيٺل ڪمند جي فصل کي باهه ڏئي نينگر کي جيئرو ساڙي ڇڏيو. باهه جا شعلا ڏسي ڳوٺاڻن اتي پهچي ڏٺو ته نينگر زخمي حالت ۾ اڀ ڏاريندڙ دانهون ڪري رهيو هو. جنهن کي زخمي حالت ۾ تعلقي اسپتال پهچايو ويو جتي هن ٻڌايو ته مون کي غلام حيدر چنڊ، عرس چنڊ ۽ غلام اصغر چنڊ زيادتي جو نشانو بڻائڻ بعد باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو آهي. ڪجهه دير بعد زخمي نينگر تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو. پوليس حد جو تڪرار ڄاڻائي ڪيس داخل نه ڪيو آهي. بدفعلي بعد باهه ڏئي ساڙيل نينگر خالد حسين مغل جي وارثن پاران جوابدارن جي گرفتاري لاءِ لاش قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو هڻي ٻه ڪلاڪ ٽريفڪ بند ڪري ڇڏي. جنهن سبب سنڌ ۽ پنجاب ايندڙ ويندڙ سوين گاڏيون بيهجي ويون. پوليس گرفتارين لاءِ ڇاپن جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو. ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه آئي.