سنڌ جي سيلاني ۽ سنڌ جي سنڌباد الطاف شيخ جي سالگرھ جي موقعي تي کيس ڀيٽا

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏13 نومبر 2010۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
    الطاف شيخ : سنڌ جو سيلاني (جنم ڏينهن تي ڀيٽا)

    محمد سليمان وساڻ

    جڏهن به ڪنهن سفرنامي جو ذڪر نڪرندو آهي ته مونکي الطاف شيخ ياد اچي ويندو آهي. سفرنامي جي صنف جي حوالي سان مشهور ليکڪ ، سنڌي اسڪالر ، مئرين انجنيئر ۽ استاد (پروفيسر) الطاف شيخ 14 نومبر 1944 ۾ هالا ۾ ڄائو. سندس پورو نالو الطاف احمد شيخ ولد گل محمد شيخ آهي. انٽر ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان 1963 ۾ ڪرڻ کانپوء مئرين انجينئرنگ جي ڊگري چٽگانگ (هاڻي بنگلاديش ، ان وقت اوڀر پاڪستان ) مان حاسل ڪيائين. ايم ايس سي ان ميرين سيفٽي ايڊمنسٽريشن وري ورلڊ ميريٽائم يونيورسٽي مان ڪيائين. مڪينيڪل انجينئير امتحان انسٽيٽيوٽ آف انجنئير لنڊن، بي اي ايل ايل بي يونيورسٽي آف سنڌ، ڊپلوما ڊجيٽل ڪمپيوٽر ٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ آف ميرن انجنيئرس لنڊن اينڊ انسٽيٽيوٽ آف نيول ارڪيٽيڪٽ انگلينڊ مان ڪيائين. ان کنسواء دنيا جي مختلف ملڪن مان انجنيئرنگ سان لاڳاپيل ڪيترائي ڪورس ڪيا اٿس.

    پاڻ لکڻ جي شروعات ته 13 سالن جي عمر کان ئي گلستان رسالي ۾ لکڻ سان ڪيائين پر باقائدي لکڻ جي شروعات چٽگانگ ۾ مئرين انجنيئرنگ ڪورس دوران هلال پاڪستان لاء لکيل ڪالم “دريائن جي ديس مان ” سان ڪيائين. انکانپوء شپنگ ۾ نوڪري دوران هو جنهن به ملڪ ويو ، جنهن به شهر ويو ان تي سفرنامو لکي ورتائين. سندس لکڻين خاص ڪري سفرنامن ۾ تفريح سان گڏ انيڪ معلومات پڻ هوندي آهي. دنيا جي ملڪن جي حالتن کي سمجهائڻ لاء هميشه سنڌ جي ڳوٺن، شهرن ۽ بازارن جي ان ملڪ سان ڀيٽ ڪندو آهي ته ملائيشيا جو فلاڻي ڳوٺ جون گهٽيون اسان جي ٽنڊي آدم شهر وانگر پر ويڪريون آهن. سندس لکڻين جو اهو ڏانء کيس ٻين لکندڙن کان الڳ ڪري خاص سڃاڻ بڻجي ويو آهي.

    سندس 75 کان مٿي ڪتاب ڇپيا آهن. جن ۾ گهڻوڪري سفرنامه ۽ ٻيون ڪهاڻيون ۽ ترجمه آهن. سندس ڪتابن ۾ هيٺيان ڪتاب گهڻو مشهور آهن:

    بندر بازاريون 1971، جاني ته جهاز ۾ 1972، پيار جي گهُٽ 1973، دنيا آهي ڪاڪ محل 1975، وايون وڻجارن جون 1976، سي ئي جوڀن ڏينهن 1977، ارائونڊ دي ورلڊ 1979، ڪويت ڪنارا 1980، سانباهو سمونڊ جو 1980، هي بيت هي ڪنارا، ملير کان مالمو تائين، ڇا جو ديس ڇا جو وديس، اڇن جي ديس ۾ اسين ڪارا، ماسٽر هريام جو بئنڪاڪ وڃڻ، دهليء جو درشن، سي ٻيڙيون رکين ٻاجھ سين، منهنجو ساحل منهنجو ساگر، سمنڊ جن ساڻيھ، سي ئي جوڀن ڏينهن، بندر ديسان ديس، خبرون خيرن جون، جاني ته جهاز ۾، جپان جن جي جيء سين، ڳالهيون تنهن جپان جون، خدا ڏي خط، جپان رس، موج نه سهي مڪڙي، الطاف شيخ جي نوٽ بوڪ تان، بهترين سفرنامه، لنڊن تائين لفٽ، ٻارن جون آکاڻيون، ٽوڪيو جي گيشا گرل، مڪليء کان ملاڪا تا ئين، سنگاپور ويندي ويندي، ڪوللمپور ڪجهه ڪوھ، دنيا منجھ درياء، ڏاهي جهرڪي ۽ ٻيون آکاڻيون، جِت جر وهي ٿو جال، يادن جي انڊلٺ، ڳالهيون آهن ڳچ، اي جرني ٽو ٿائيلينڊ، اوهريا جي عميق ڏي، جت برف پئي ٿي جام، ڪراچيء کان ڪوپن هيگن، رُٺي آهي گهوٽ سان، يورپ جا ڏيهن ۽ يورپ جون راتيون، اي روڊ ٽو مدينه، هيلنسڪي جي حسينه
    سنگاپور ٿو ساڙ ڪري، آل ابائوٽ سنگاپور، ملائيشيا منهنجي مَن ۾، سوزيء سان پيار، جل پريون، تيستائين گُڊ باء، جپان پنجويهن ورهين بعد، نيو هالا کان نيو يارڪ، بخشو لغاريء کان بالٽيمور، ايران ڏانهن اوڏام، چنڊ چوانء سچ، اناميڪا، خدا ڏي خط، مس سدابهار چنبيلي، پکي اڏاڻا پنهنجي ڏيهه، ممباسا شيدي باشاه هم باشا، هلي ڏسجي هندستان، بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾، ڀلي پار تان ڀيرو وغيره شامل آهن. ان کان علاوه اردو ۾ به سندس ڪجهه سفرناما ڇپيا آهن جهڙوڪ سمندر ڪي دن سمندر کي راتين، مليشيا ڪي دن، يورپ ڪي دن، ڪراچي سي ڪوپن هيگن، ايران ڪي دن.

    انکانسواء الطاف شيخ جا ڪيترن ئي رسالن ، اخبارن م آئي ڏينهن سفر جا قصا ، ڪهاڻيون پيون ڇپجن. جيڪڏهن کيس سنڌي سفرنامي جو سنڌ باد سڏجي ته ان ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونهي. الطاف شيخ جي هڪ ٻي خوبي آهي فوٽوگرافي هو جتي به ويندو، جنهن سان به ملندو ته سڀ کان اڳ تصوير ڪڍندو ۽ پاڻ به بيهي تصوير ڪڍرائيندو. فيسبوڪ، سوشل ميڊيا ۽ انٽرنيٽ تي سندس ڪٺي ڪيل هزارين تصويرون مختلف البمس جي صورت ۾ محفوظ آهن ، جنهن تائين هر ڪنهن کي آسان رسائي به حاصل آهي. مان سوچيندو آهيان هي شخص جيڪو گهڻو عرصو يا ته سفر ۾ جهازن تي رهيو، يا ملڪ کان ٻاهر رهيو يا وري گهڻو عرصو لکڻ ۾ گذاريائين ان وٽ پنهنجي علائقن ، ڳوٺن ۽ ماڻهن جي ايتري ڄاڻ ڪٿان آئي؟ ڇو ته سندس سفرنامن ۾ بيان ڪيل پنهنجي ئي سنڌ جي گهڻن ڳالهين کان اسان به واقف ناهيون هوندا.

    الطاف شيخ سنڌ جو اهو ليکڪ آهي جنهن کي شايد سڀ کان گهڻو پڙهيو ويندو آهي، سندس سفرنامن جا ڪيترائي ايڊيشن ڇپيا آهن. هو سنڌ جو اهو ليکڪ آهي جيڪو مسلسل لکندو رهي ٿو. الطاف شيخ هڪ سٺي ليکڪ سان گڏ بهترين ۽ ملنسار انسان پڻ آهي. هو جڏهن به ۽ جتي به مليو آهي سدائين حوصلا افزائي ۽ لکڻ جي صلاح ڏيندو رهيو آهي. دعا آهي ته سنڌ جو هي ڏاهو ڏات ڌڻي سدائين خوش رهي، زندگيء جون ڪيئي بهارون ڏسي ۽ دنيا گهمندي اسان کي به گهر ويٺي دنيا جو سير ڪرائيندو رهي.


    اسان جي دوست ممتاز وگهيو پاران ونڊ ڪيل الطاف شيخ بابت مضمون لاء هيٺ ڪلڪ ڪيو :

    http://www.sindhsalamat.com/showthread.php?t=5819

    الطاف شيخ جا سفرناما پڙهن لاء هن لنڪ تي ڪلڪ ڪيو


    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏14 نومبر 2014
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌ جي سيلاني ۽ سنڌ جي سنڌباد الطاف شيخ جي سالگرھ جي موقعي تي کيس ڀيٽا

    ادا سليمان وساڻ توهان کي جس هُجي جو اسان جي سنڌي ڏاهن، جي باري ۾ ڄاڻون اسان اڻ ڄاڻن تائين پهچايو پيا، سائين الطاف شيخ جو نالو سفرنامن جي حوالي سان پوري دنيا ۾ مشهور آهي، دنيا جا جيڪي به سيلاني هُئا يا آهن انهن ڪو هڪ اڌ سفرنامو ڪنهن سان شيئر ڪيو هُوندو پر سائين الطاف شيخ اسان جو اهو سنڌي جوڌو آهي جنهن جا سفر نامان ڪتابي صورت ۾ ڪافي سارا آهن اسان جي هن سنڌ سپوت پنهنجي نيڻن جو نُور نچوئي ايترا سارا سفر ناما لکيا آهن ان کان علاوه اهو ته سائين الطاف شيخ جي سفر نامن پڙهڻ سان بلڪل ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ اسان به انهي مُلڪ جي بازارن گهٽين، شهر ۾ موجود هُجون سائين الطاف شيخ جي سفرنامن ۾ ڏات ۽ ڏان  به اتم موجود آهي جنهن سان اسان سنڌي بجا طور فخر ڪري سگهون ٿا، پوري دنيا جي سيلانين مان سائين الطاف شيخ سڀني کان منفرد آهي، جو هُو جنهن جنهن ديس ويو اتي جون رهڻيون ڪهڻيون اتي جا ماڳ مڪان، اتي جي سُونهن اتي جون هوٽلون اتي جا بندر گاهه الغرض ته جاني ته منهنجو جهاز ۾ جهڙيون لاتعداد انساني زندگي سان سلهاڙيل ڳالهيون سي به اسان جي سليس ۽ سُهڻي سنڌي ٻولي ۾ سنڌي عوام کي ارپيون اٿس۔ جيئين ته 14 نومبر سڀاڻي آهي محمد سليمان وساڻ اڄ 13 نومبر 2010ع تي سائين الطاف شيخ جو هي مضمون اسان سان ونڊي هڪڙو اهم ترين ڪارنامون سرانجام ڏنو آهي، اسان سنڌسلامت جي سموري سٿ پاران سنڌ جي هن عظيم سيلاني کي سندس جنم ڏينهن جون واڌايون ايڊوانس ۾ ڏيون ٿا ۽ جنم ڏينهن جون مُبارڪون انهي دُعا سان کيس ڏيون ته ته رب سائين کيس اڻميون خوشيون ڏي، سندس راهون سنڌ جي تازن گُلابن سنڌ جي رابيلن سان سدائين سجيل هُجن۔ (آمين)
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ جي سيلاني ۽ سنڌ جي سنڌباد الطاف شيخ جي سالگرھ جي موقعي تي کيس ڀيٽا

    سائين نثار ناز سلام

    جي سائين اوهان بلڪل صحيح فرمايو ته 14 اڄ ناهي پر ٿي سگهي ٿو مان اڄ رات يا صبح جو سوير پنهنجي ڳوٺ لاء روانو ٿيان۔ اتي مون وٽ نيٽ جي سهولت ڪا نه هوندي۔ سنڌ سلامت جي دوستن کان ڪجه ڏينهن جي دوري رهندي۔

    ٻيو ته سائين الطاف شيخ اسان تي خاص مهربان آهي۔ پاڻ سچل ڳوٺ ايندو رهندو آهي ۽ سائين سان ڪچهري ٿيندي آهي ۽ سفر جا ڪيئي داستان ٻڌائيندو آهي۔ پر وقت جلدي ختم ٿي ويندو آهي۔ پاڻ وري جنوري ۾ ايندا ۔اهو ذڪر هڪ ميسيج ۾ فيس بوڪ تي ڪيو اٿن۔

    http://www.facebook.com/photo.php?fbid=1657118586046&set=a.1388445229380.2056662.1179567033


    اوهان جا قرب
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سنڌ جي سيلاني ۽ سنڌ جي سنڌباد الطاف شيخ جي سالگرھ جي موقعي تي کيس ڀيٽا

    مان وارا سائين سليمان وساڻ ڀا اوهان جي ونڊ ته هميشه انمول هوندي آهي، جنهن مان اسان کي گهڻو ڪجھ سکڻ جي لا ملندو آهي۔ مان الطاف صاحب جن جا هڪ يا ٻه سفر نامه پڙهيا آهن۔۔۔۔انهي جي ڪري سائين جن جي سفر نامن تي وڌيڪ روشني وجهي ڪان ٿو سگهان۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔اوهان جي ونڊ کي روائتي جملا ڏيندي سٺو ڪان لڳندو آهي۔ ڇوته اوهان به سٺي ۾محنت ڪئي آهي هن سنڌ ۽ سنڌين جي لا ۽ سنڌسلامت جي لا اسان جو دعائون اوهان اوهان سان گڏ ۽ اوهان جي لا۔


    ڳوٺ ڪٿي آهي اوهان جو ادا۔۔۔؟
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ جي سيلاني ۽ سنڌ جي سنڌباد الطاف شيخ جي سالگرھ جي موقعي تي کيس ڀيٽا

    ادا عاشق مهرباني پنهنجي راء ڏيڻ جي

    ادا الطاف شيخ جا سفرنامه ته هاڻي اوهان کي انٽرنيٽ تي آساني سان پيا ملن ۔ جيڪي سولائي سان پڙهي سگهجن ٿا۔
    الطاف شيخ جيڪا ڄاڻ ڏني آهي اها انمول آهي۔ سندس پوري ڄمار ڪم ڪرڻ سان گڏ لکڻ ۾ گذري آهي۔

    ادا منهنجو ڳوٺ ڪوٽڏجي لڳ ضلع خيرپور ۾ آهي۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ جي سيلاني ۽ سنڌ جي سنڌباد الطاف شيخ جي سالگرھ جي موقعي تي کيس ڀيٽا

    ڪي ماڻهون ڄمندا آهن ۽ مري ويندا آهن، مطلب ته سندن حياتيءَ جي تاريخ خالي کوکو هوندي آهي، ڪي ماڻهون ڄمندا آهن ۽ مرندا ئي ناهن، مطلب ته سندن حياتي تاريخ سان ڀريل هوندي آهي ۽ جسماني طور وڇڙڻ کانپوءِ به هو حيات هوندا آهن ۽ سندن ڪيل ڪمائي پيا پونيا کائيندا آهن،

    سائين محترم الطاف شيخ به سنڌ جي اهڙن ماڻهن مان آهي، جيڪي سنڌ جي تاريخ ۾ هميشه جيئرا رهندا ۽ سندن ڪيل ڪم مان اسين هميشه پيا مستفيض ٿينداسون ...

    رب کيس وڏي ڄمار ڏي ... پارس جهڙو سهڻو ماڻهون، اسانجي وچ ۾ موجود آهي ته اسانجي سون ٿيڻ جا امڪان موجود آهن ...

    لطيف سڳوري اهڙن ماڻهن لاءِ ئي شايد هي بيت چيو هو؛
    ماڻهـــــون سڀ نه سهڻـــــا، پکــــــي سڀ نه هنـــــــج،
    ڪنهن ڪنهن ماڻهونءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ جي سيلاني ۽ سنڌ جي سنڌباد الطاف شيخ جي سالگرھ جي موقعي تي کيس ڀيٽا

    سائين نثار صاحب اوهان بلڪل بجا فرمايو آهي۔

    هيترا سارا ڪتاب لکڻ ڪو سولو ڪم ناهي پر الطاف شيخ صاحب بهتر طريقي سان سنڌي ٻولي ۾ اڻ مٽ ليک لکي پنهنجو نالو امر ڪري ڇڏيو آهي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سنڌ جي سيلاني ۽ سنڌ جي سنڌباد الطاف شيخ جي سالگرھ جي موقعي تي کيس ڀيٽا

    محترم الطاف شيخ جن کي هر اهو ماڻهو سڃاڻي جنهن ڪتاب پڙهيو آهي۔۔ سندس جا سفرناما اڄ ڪلهه اردو اخبارن ۾ به تسلسل سان اچي رهيا آهن۔۔۔ يقينن اها اسان لاءِ فخر جي ڳالهه آهي ته محترم الطاف شيخ جهڙو برک ليکڪ ۽ سيلاني سنڌ سلامت بابت پنهنجي پسنديدگي جو اظهار ڪري۔۔۔
    سائين الطاف جا اهي لفظ سڌو سئون فيس بوڪ تي ڏسڻ لاءِ جڏهن لنڪ تي ڪلڪ ڪيم ته نه کليو ۔۔۔ ٿوري ئي دير ۾ ڳالهه واضح ٿي وئي ته توهان دراصل سائين الطاف شيخ جي پروفائيل تي سنڌ سلامت جو لنڪ لڳايو هيو جتي سائين الطاف شيخ پنهنجي پسنديدگي جو اظهار ڪيو۔۔۔ ۽ جيئن ته مان سائين الطاف جي فرينڊس ۾ شامل نه هيم ان ڪري اهو ڏسي نه سگهيس۔۔۔
    خير فرينڊس ۾ شامل ٿيڻ لاءِ درخواست موڪلي آهي۔۔۔ جنهن کان پوءِ توهان جي ان لنڪ تي به جواب ڏبو۔۔۔ توهان جي وڏي مهرباني جو توهان سنڌ سلامت کي مختلف قابل ماڻهن جي اڳيان پڻ متعارف ڪرائي رهيا آهيو۔۔۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌ جي سيلاني ۽ سنڌ جي سنڌباد الطاف شيخ جي سالگرھ جي موقعي تي کيس ڀيٽا

    مان فخر سان چئي سگهان ٿو ته نومبر جي مهيني ۾ ڪيترائي جينيئس ماڻهو پيدا ٿيا آهن،
    علامه اقبال، سائين الطاف شيخ، شاعر تابش دهلوي، عمران خان، ۽ ٻيو۔۔۔۔ وڌيڪ توهان پاڻ سمجهي سگهو ٿا، فقير جي ڳالهه وانگر ته مون کي پنهنجي منهن سان پنهنجي تعريف ڪرڻ نه ايندي آهي۔۔ ها ها ها۔۔
    اها ته هئي مذاق پر واقعي به تاريخ تي غور ڪرڻ سان خبر پوندي ته نومبر ۾ جيڪي شخصيتون پيدا ٿيون اهي ذهني طور سگهاريون آهن،
    سائين الطاف شيخ جي تعريف اسان جي لکڻ کان مٿي آهي، سائين جي اهڙي شخصيت آهي جنهن پنهنجي دلچسپ سفرنامن، سياڻپ جي ڳالهين ۽ ڪهاڻين ذريعي سڀني سنڌين کي پنهنجو چاهيندڙ بڻائي ورتو آهي۔۔
    سندن هڪ خاص ڳالهه جيڪا کين سڀني کان الڳ بڻائي ٿي، جيڪا مون محسوس ڪئي آهي، اها هي آهي ته پاڻ هر شئي جي تاريخ غير جانبداري سان بيان ڪن ٿا، يعني ڪنهن به ڳالهه کي ان تي حاوي ٿيڻ نه ٿا ڏين۔۔۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سنڌ جي سيلاني ۽ سنڌ جي سنڌباد الطاف شيخ جي سالگرھ جي موقعي تي کيس ڀيٽا

    ادا سائين سليمان وساڻ جن جي ونڊ ته هميشا بهترين هوندي آهي ..................
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌي سفرنامن جي بادشاهه، ليکڪ، مئرين انجنيئر ۽ بهترين انسان سائين الطاف شيخ کي سندس جنم ڏينهن تي سنڌ سلامت سٿ پاران جنم ڏينهن جون واڌايون پيش ڪيون ٿا۔
    [​IMG]
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. جاويد حسين

    جاويد حسين
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    546
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    Manager I.T & Finance - Bawany Group Of Companies
    ماڳ:
    حيدرآباد
    سائين الطاف شيخ جا ڪجه سفرنامه مون به پڙهيا آهن۔ پڙهڻ سان ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ اسان خود سفر ڪري رهيا هجون هر شيءِ خود ڏسي پسي رهيا هجون. تمام بهترين ليکڪ ، لکت جو انداز به وڻندڙ ۽ من کي موهندڙ. سفرنامن ۾ شاندار ، جاندار ۽ هڪ منفرد حيثيت رکندڙ سائين الطاف شيخ کي جنم ڏينهن تي واڌايون پيش ڪيون ٿا
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    خوبصورت ڀيٽا
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    روزانه هلال پاڪستان جي 14 نومبر 2012 ۾ ڇپيل ڪالم
    [​IMG]
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    [​IMG]
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. عباس ڪوريجو

    عباس ڪوريجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    930
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    شاگرد ۽ استاد
    ماڳ:
    قمبر، سنڌ
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  18. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جنم ڏينهن مُبارڪ. الله کين صحت ڏي ۽ اڃان گهڻو گهُمي ڦِري ۽ ڏِسي ته جيئن سندس قلم سان اُڪريل اکرن جي اکين آسري اسان جا ماڻهو به اُهو سڀ ڏِسن جتي هو پُڄي نه ٿا سگهن پر ڄاڻڻ گهُرن ٿا.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  19. شير ا ز سومر و

    شير ا ز سومر و
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 آگسٽ 2013
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Karachi, Pakistan
  20. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو