• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ جي سيلاني ۽ سنڌ جي سنڌباد الطاف شيخ جي سالگرھ جي موقعي تي کيس ڀيٽا

1471277_1567211143502009_7891824048634864535_n.jpg
 
محترم سائين الطاف شيخ صاحب جن کي جنم ڏينهن تي لک لک واڌايون .محترم سائين الطاف شيخ صاحب جن سنڌ ڌرتي جو ارڏو پٽ آهي جنهن کي سنڌ ڌرتي صدين تائين ياد رکندي ۽ سنڌ جا عاشق سائين لاء هرپل دعاگو رهندا .الله پاڪ سائين کي وڏي ڄمار عطا فرمائي سندن تي پنهنجو خاص ڪرم فرمائي کيس پنهنجي حفظ و امان ۾ رکي آمين
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
هو مسلسل لکي پيو، بلڪل ٿڪجي ئي نه ٿو، لکڻ ڄڻ ته هاڻ سندس مقصد بڻجي ويو آهي. هو هن وقت به سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ پڙهيو ويندڙ ليکڪ آهي. 80 کان مٿي ڪتاب لکي چڪو آهي جن مان لڳ ڀڳ 70 کان مٿي سفرناما آهن. هن اسان کي دنيا گهمائي آهي،
ڪي کيس سندباد سڏين ته اڪثر وري کيس سنڌ جو ڪولمبس سڏين، ڪو کڻي کيس ڪهڙي به نالي سان سڏي پر هو سفرنامن جو شهنشاهه آهي. هو ماڻهو به ملنسار آهي، مکڻ ماڻهو آهي.
عظيم سفرناما نگار، ليکڪ ۽ مئرين انجنيئر
الطاف شيخ
کي جنم ڏينهن جون واڌايون .
سندس جنم ڏينهن تي سندس صحتيابي ۽ ڊگهي ڄمار لاءِ ڌڻي در دعاگو آهيون.


bqKjwm.jpg


xkufjbg.jpg


 
Back
Top