جڏهن ثريا سومرو سنڌي جيئي سنڌ وارا جيئن گيت ڳايو

'سنڌ سلامت شوڀز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏15 نومبر 2010۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ ساري دنيا جا سنڌي دوستو گُذريل ڏينهن محترم سليم سنڌي سمون سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت شاخ پنگريو ضلع بدين سنڌ جي خصوصي دعوت تي سندس والد مرحوم نور محمد نور سمون جي ٻي ورسي جي موقعي تي شهر پنگريو وياسين ۽ ورسي ۾ شرڪت ڪئي سين توهان دوستن کي ياد هوندو ته گُذريل سال آڪٽوبر مهيني ۾ محترم سليم سمون پنهنجي بابا سائين جي ڪتاب سوچن جي سفر جي مهورت به ڪئي هُئي ۽ مون ان مهورت جو اکين ڏٺو احوال تصويرن ۽ وڊيو ذريعي توهان دوستن سان ونڊ ڪيو هو، هيل منهنجي طبيعت به ناساز هُئي پر ان هوندي به شهر پنگريو وڃي نڪتس، اسان جو ڪئميرا مين عبدالغفور سمون به ڪنهن ذاتي مجبوري سبب انهي خالص ادبي تقريب کي ڪوريج ڪرڻ لا ڪونه پهتو، مان پنهنجي ڪئميرا کڻي پهتس، ڏاڍو پريشان هُئس ته ان تقريب ۾ کوڙ سارا سنڌي فنڪار شرڪت ڪري رهيا انهن جي تصويري ته ڪوريج ڪري پي سگهيس پر انهن جا وڊيو مونکان منهنجي ڪئميرا مان ڀرجي ڪونه پي سگهيا، انهي تقريب ۾ سمان برادري جا ڪافي ماڻهو شريڪ ٿيا هُئا، انهن سان به عليڪ سليڪ ٿي، سليم سمون صاحب سان به دُعا سلام ٿي، اوچتو، هڪڙي همراهه السلام عليڪم۽ سائين ناز چئي مونکي ڀاڪرن ۾ ڀري ڇڏيو، ڪنڌ ورائي ڏٺم ته شڪل ڄاتل سُڃاتل پي لڳي، اڙي ادا عاجز سمان تون ، چيائين هائو سائين نثار ناز مان، عاجز سمون اسان جي سنڌ سلامت جو ميمبر دوست آهي، ان کان علاوه فيس بُڪ ۽ سنڌي لنڪ جو انچارج به آهي فيس بوڪ تي سنڌ تصويرون ڪافي ڀيرا ڏٺيون هُئم ، هڪ ٻه ڀيرو ٽيلي فون تي هيلو ها ٿيل هُئي۔ باقي ذاتي طور فيس ٽو فيس پهريون ڀيرو ملاقات ٿي رهي هُئي۔ عاجز تو مونکي ڪيئن سُڃاتو، چوڻ لڳو ته سائين توهان ڪا ڀُلجي وڃڻ جهڙي شخصيت آهيو ڇا؟ مون چيو يار، مان ڪنهن کي ڪونه سُڃاڻان پر مونکي سارو راڄ ٿو سُڃاڻي، اهي توهان سڀني سُٺن دوستن جون مهربانيون آهن جو مون ٽي درجي واري هڪڙي ادنا شاعر کي ياد رکو ٿا، ۽ پيار ڪريو ٿا۔ چوڻ لڳو سائين توهان وارو ڪئميرا مين عبدالغفور سمون نظر ڪونه پيو اچي اهڙين ادبي يا شو بز وارن تقريبن ۾ هو توهان جو سدائين ٻانهه ٻيلي رهيو آهي، چيومانس ته ها پر هُن کي عين ٽائم تي هڪڙي تمام ارجنٽ مجبوري ٿي پئي هُئي ان ڪري هو نٿو اچي سگهي۔ خير انهي ورسي وارين تقريبن کي تمام سُٺي نموني فوٽو گرافي ڪري مون ڪوريج ڪئي جڏهن راڳ رنگ جي محفل ٿي ته مونکي انهي راڳ رنگ جي وڊيوز جي رڪارڊنگ به ڪرڻي هُئي پر مونکان پنهنجي ڪئميرا ۾ وڊيو رڪارڊنگ ٿي نه سگهي۔ نيٺ اها منهنجي پريشاني ادا عاجز سمون حل ڪري ڇڏي، جو هن جيڪا وڊيو جي رڪارڊنگ ڪئي هُئي ان مان هن وڊيو جو ڪلپ منهنجي يوايس بي ۾ اُتاري ڏنو۔ جيڪو سندس ٿورن سان ايڊيٽنگ ڪري هتي لڳايان پيو، انشاالله تصويرن واري ونڊ انهي تقريب جي اڄ يا سڀاڻي توهان دوستن سان ونڊ ڪندس
    هي وڊيو جيڪا خالص سنڌ سلامت جي پنهنجي پيش ڪش آهي توهان سان ونڊ ڪريان پيو​


     
  2. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: جڏهن ثريا سومرو سنڌي جيئي سنڌ وارا جيئن گيت ڳايو

    بهترين آهي .......
     
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: جڏهن ثريا سومرو سنڌي جيئي سنڌ وارا جيئن گيت ڳايو

    سائين اهو اوهان جا قرب آهن جو اوهان هر ادبي سماجي پروگرام جو اکين ڏٺو احوال ڏيو ٿا۔ ساڻ وري ان پروگرام جو وڊيو به اسان سان شيئر ڪريو ٿا۔ سائين اسان ته ايترا مصروف آهيون جو ڪمپيوٽر تان هيٺ لهون ئي ڪان ٿا۔۔۔۔۔۔۔اها ڪا ننڍي محنت نه آهي اوهان جي۔۔۔۔۔تمام گهڻي محنت آهي اوهان جي يقين ڪيو ته اوهان جي ونڊ تي مان واھ واھ ڪندي شرم محسوس ڪندو آهيان۔۔۔۔انهي‌جي ڪري ڪڏهن ڪڏهن اوهانجي ونڊ تي ڪوبه جواب نه ڏيندو آهيان۔۔۔ان جي لاء معزرت۔
    مان ته اوهان جو تمام گهڻو ٿورائتو آهيان جو اوهان اسان کي گهر ويٺي انهن پروگرامن جو وڊيو سان گڏ اکين ڏٺو احوال پڻ ڏيو ٿا۔
     
  4. عاجز سمون

    عاجز سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 فيبروري 2010
    تحريرون:
    28
    ورتل پسنديدگيون:
    11
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    ڪنري ضلع عمرڪوٽ
    جواب: جڏهن ثريا سومرو سنڌي جيئي سنڌ وارا جيئن گيت ڳايو

    سنڌ سلامت جي روح روان ۽ سرپرست سائين نثار احمد ناز جنهن جون سنڌ سلامت تي هميشه خوبصورت وڊيو ڏسڻ سان گڏ مختلف پروگرامن جون رپورٽس ته هميشه پڙهندو رهيو آهيان ، سائين ا نهي تي ڪيتري محنت ٿو ڪري ڪئين ٿو هٿ ڪري اهو روبرو ڏسي سچ به مان حيران ٿي ويس ، اهي سائين جون سنڌ سلامت لاءُ محبتون ، جاکوڙ ساراه جوڳيون آهن ، تازو سائين ناز سان پنگر يو ۾ نورمحمد سمون جي ٻي ورسي ۾ پهرين ملاقات ۽ ڪچهري ٿي جهڙو ٻڌو هوم انهي کان وڌيڪ سائين کي پاتم ۽ ڏٺم جنهن ڪري سائين جي ساراھ ۾ هت لکڻ کان سواءُ رهي نه سگهيس سائين جي طبيعت به ناساز هئي انهي جي باوجود ڪنهن به قسم جي پرواه نه ڪندي سائين پروگرام جي ڪوريج ڪندو رهيو ڪوريج درران سائين ٿڪجي ٿي پيو ڪجھ وقت آرام ڪرڻ لاءُ پنڊال طرف ڏٺائين ٿي ته ڪابه سيٽ خالي هئڻ جي ڪري اتي اسٽيج تي ئي وهي رهيو 2 منٽ آرام ڪرڻ کان پوءِ وري پنهنجي ڪم کي لڳي ٿي ويو شاباش هجي سائين کي سچ به هڪ محنتي ۽ جاکوڙي آهي اسان جي دعا آهي ته سائين هميشه خوش هجي آباد هجي سندس چهري تي ٻهڪندڙ مسڪراهٽون هميشه قائيم رهن سائين ناز کي سندس ئي هِي شعر ارپيان ٿو
    چنڊ جهڙا او پرين سڀ گهور توتان چاندنيون
    روپ تنهنجي ساڻ ئي ساري جهان جون رونقون
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: جڏهن ثريا سومرو سنڌي جيئي سنڌ وارا جيئن گيت ڳايو

    مهرباني ادا وسيم۔
     
  6. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: جڏهن ثريا سومرو سنڌي جيئي سنڌ وارا جيئن گيت ڳايو

    مٺا عاشق سولنگي مهرباني توهان جي جو توهان اسان ڪيل محنت جي همت افزايون ڪريو ٿا۔ ڪمپيوٽر واقعي وڏي ڪم جي شيءَ آهي پر ان کان وڏي شيءَ فطرت جي مشاهدو آهي، هميشهه فطرت جا رنگ دنيا جي ساري رنگن کان مختلف ۽ نرالا هوندا آهن فطرت ۾ الله سائين انسان جي ڀلائي وارا رنگ رکيا آهن۔ ادا اسان جي ونڊ تي ڪوشش ڪريو ته ڪامينٽس ڏيو، جيئن توهان جي لکڻ واري سگهه سنڌي ڪمپيوٽر تي اڃا به سگهاري ٿئي۔
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: جڏهن ثريا سومرو سنڌي جيئي سنڌ وارا جيئن گيت ڳايو

    محترم ادا عاجز سمون ، تعريفون سڀ منهنجي مٺي الله سائين جي نالي آهن، مان گناهه گار، ڪنهن لائق ئي ڪونه آهيان، اهي تُنهنجون محبتون آهن جو پنهنجي پرخلوص همت افزائن سان اسان کي شاباسون ڏين پيو۔ الله سائين سدائين توکي پنهنجن پيار ڪندڙن سان گڏ اڻ ميون خوشيون عطا ڪري، شال سدائين محبتون ماڻيندو رهين (آمين ثم آمين)
     
  8. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: جڏهن ثريا سومرو سنڌي جيئي سنڌ وارا جيئن گيت ڳايو

    ها سائين بلڪل مان سنڌي لکڻ ئي هي فورم جوائن ڪري سکيو آهيان.

    shal judy hujeen
     
  9. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: جڏهن ثريا سومرو سنڌي جيئي سنڌ وارا جيئن گيت ڳايو

    ادا عاجز توهان کي هڪ دفعو ٻيهر فورم تي ورڻ تي ڀليڪار۔۔۔
    سائين نثار جا وڏا وڙ آهن جو سنڌ سلامت ۽ انهن جي رڪنن لاءِ ايتري محنت ڪري رهيا آهن۔۔۔ اڄ وڊيو کي ٻيهر ڏسڻ جو اتفاق ٿيو ته ڪيمرامين لاءِ توهان جو نالو ڏٺم ۔۔۔ توهان جا قرب جو توهان اهڙي پياري گيت جي ريڪارڊنگ سنڌ سلامت لاءِ ڪئي۔۔۔ ٿي سگهي تي پنهنجو وي فون وارو نمبر ذاتي پيغام ڪندا جو مون کان مِس ٿي ويو آهي۔۔۔ انشاء‌ الله وڌيڪ فون تي ڪچهري ڪبي۔۔۔
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: جڏهن ثريا سومرو سنڌي جيئي سنڌ وارا جيئن گيت ڳايو

    سائين نثار ناز سلام

    اوهان جي ڪوششن کي اوهان کي سلام آهي۔ اوهان سنڌ سلامت جي سرپرست جي حيثيت سان سنڌ سلامت اسٽوڊيوز جي سيڪشن کي هميشه آباد ڪري، نوان نوان رنگ ونڊي اصل چار چنڊ لڳائي ٿا ڇڏيو۔

    اوهان جي مهرباني
     
  11. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: جڏهن ثريا سومرو سنڌي جيئي سنڌ وارا جيئن گيت ڳايو

    سائين نثار ناز اوهان جي محنت کي سلام آهي جو اوهان سنڌ سلامت لاءِ ايترا بهترين ونڊ خالص پنهنجي محنت سان تيار ڪريو ٿا۔۔۔۔ سائين عاجز سمون جا به لک ٿورا، جن جي شخصيت ڪنهن تعارف جي محتاج نه آهي، اوهان جي مهرباني جو سنڌ سلامت جي لاءِ هي وڊيو پنهنجي ڪيمرا ذريعي ريڪارڊ ڪيواٿوَ۔۔مهرباني۔۔
    ٿورا ناهن ٿورا مون تي ماروئڙن جا۔۔۔
     
  12. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: جڏهن ثريا سومرو سنڌي جيئي سنڌ وارا جيئن گيت ڳايو

    شڪر شڪر وڏي ائڊمن ڪنهن کي ڀليڪار ته چئي اسان ته جادوگر رشيد سمون جي واتان اهڙا لفظ ٻُڌڻ کان ئي ترسي ويا هُئاسين، ڀلا ڀاڳ چئبا ادا عاجز سمون جا جو کين وڏي ائڊمن جي طرفان ڀليڪار نصيب ٿِي۔ نثار ناز ته وڏي ائڊمن کان وٺي هر سنڌي ڀا ۽ ڀيڻ جو خادم آهي، اصل گولو غلام آهي جيڪي سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تان سنڌ درتي جي خدمت ڪن پيا ۽ محبت جو پيغام عام ڪن پيا۔ مهرباني ادا رشيد سمان۔
     
  13. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: جڏهن ثريا سومرو سنڌي جيئي سنڌ وارا جيئن گيت ڳايو

    پيارا مينيجنگ ايڊيٽر محترم سليمان وساڻ وعليڪم السلام، مٺا سلام توهان جي محبتن کي آهي، جو اسان جون همت افزايون ڪريو ٿا، ۽ سنڌ سلامت تي موڪليل اسان جي هر رنگ کي پنهنجي رنگ ۾ رنڱيو ٿا، سنڌ سلامت جو هر سيڪشن کي پيار ڀرين رنگ لڳائڻ ۾ نه صرف نثار ناز پر سڀني سنڌ سلامت جي دوستن جو پورو پورو حصو آهي الله توهان جي سنڌي ٻولي سان محبت واري انهي جذبي کي سلامت رکي۔ سدائين سَرها هُجو۔ مهرباني۔
     
  14. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: جڏهن ثريا سومرو سنڌي جيئي سنڌ وارا جيئن گيت ڳايو

    پيارا مست يار پنهنجي اڱڻ کي سجايون پيا، سنڌ سان ناتو نينهن نڀايون ۽ ائين ڪري اسين سڀ مست، عاشق، ناز، جادوگر، درويش، مولائي، ابڙا، زاهد، فقير، الغرض سڀ جا سڀ سنڌ سلامت جا ساٿي پنهنجو پاڻ ملهايون پيا، پر مٺا اهو وڊيو ادا عاجز سمون جي ڪئميرا جو آهي، کيس توهان سان گڏ مان به سلام پيش ٿو ڪريان جو هُن سنڌ سلامت جي اڱڻ ۾ اسان سڀني سان گڏجي رنگ ڀريو ۔ لک لائق
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو