نثارناز
سينيئر رڪن
پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ ساري دنيا جا سنڌي دوستو گُذريل ڏينهن محترم سليم سنڌي سمون سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت شاخ پنگريو ضلع بدين سنڌ جي خصوصي دعوت تي سندس والد مرحوم نور محمد نور سمون جي ٻي ورسي جي موقعي تي شهر پنگريو وياسين ۽ ورسي ۾ شرڪت ڪئي سين توهان دوستن کي ياد هوندو ته گُذريل سال آڪٽوبر مهيني ۾ محترم سليم سمون پنهنجي بابا سائين جي ڪتاب سوچن جي سفر جي مهورت به ڪئي هُئي ۽ مون ان مهورت جو اکين ڏٺو احوال تصويرن ۽ وڊيو ذريعي توهان دوستن سان ونڊ ڪيو هو، هيل منهنجي طبيعت به ناساز هُئي پر ان هوندي به شهر پنگريو وڃي نڪتس، اسان جو ڪئميرا مين عبدالغفور سمون به ڪنهن ذاتي مجبوري سبب انهي خالص ادبي تقريب کي ڪوريج ڪرڻ لا ڪونه پهتو، مان پنهنجي ڪئميرا کڻي پهتس، ڏاڍو پريشان هُئس ته ان تقريب ۾ کوڙ سارا سنڌي فنڪار شرڪت ڪري رهيا انهن جي تصويري ته ڪوريج ڪري پي سگهيس پر انهن جا وڊيو مونکان منهنجي ڪئميرا مان ڀرجي ڪونه پي سگهيا، انهي تقريب ۾ سمان برادري جا ڪافي ماڻهو شريڪ ٿيا هُئا، انهن سان به عليڪ سليڪ ٿي، سليم سمون صاحب سان به دُعا سلام ٿي، اوچتو، هڪڙي همراهه السلام عليڪم۽ سائين ناز چئي مونکي ڀاڪرن ۾ ڀري ڇڏيو، ڪنڌ ورائي ڏٺم ته شڪل ڄاتل سُڃاتل پي لڳي، اڙي ادا عاجز سمان تون ، چيائين هائو سائين نثار ناز مان، عاجز سمون اسان جي سنڌ سلامت جو ميمبر دوست آهي، ان کان علاوه فيس بُڪ ۽ سنڌي لنڪ جو انچارج به آهي فيس بوڪ تي سنڌ تصويرون ڪافي ڀيرا ڏٺيون هُئم ، هڪ ٻه ڀيرو ٽيلي فون تي هيلو ها ٿيل هُئي۔ باقي ذاتي طور فيس ٽو فيس پهريون ڀيرو ملاقات ٿي رهي هُئي۔ عاجز تو مونکي ڪيئن سُڃاتو، چوڻ لڳو ته سائين توهان ڪا ڀُلجي وڃڻ جهڙي شخصيت آهيو ڇا؟ مون چيو يار، مان ڪنهن کي ڪونه سُڃاڻان پر مونکي سارو راڄ ٿو سُڃاڻي، اهي توهان سڀني سُٺن دوستن جون مهربانيون آهن جو مون ٽي درجي واري هڪڙي ادنا شاعر کي ياد رکو ٿا، ۽ پيار ڪريو ٿا۔ چوڻ لڳو سائين توهان وارو ڪئميرا مين عبدالغفور سمون نظر ڪونه پيو اچي اهڙين ادبي يا شو بز وارن تقريبن ۾ هو توهان جو سدائين ٻانهه ٻيلي رهيو آهي، چيومانس ته ها پر هُن کي عين ٽائم تي هڪڙي تمام ارجنٽ مجبوري ٿي پئي هُئي ان ڪري هو نٿو اچي سگهي۔ خير انهي ورسي وارين تقريبن کي تمام سُٺي نموني فوٽو گرافي ڪري مون ڪوريج ڪئي جڏهن راڳ رنگ جي محفل ٿي ته مونکي انهي راڳ رنگ جي وڊيوز جي رڪارڊنگ به ڪرڻي هُئي پر مونکان پنهنجي ڪئميرا ۾ وڊيو رڪارڊنگ ٿي نه سگهي۔ نيٺ اها منهنجي پريشاني ادا عاجز سمون حل ڪري ڇڏي، جو هن جيڪا وڊيو جي رڪارڊنگ ڪئي هُئي ان مان هن وڊيو جو ڪلپ منهنجي يوايس بي ۾ اُتاري ڏنو۔ جيڪو سندس ٿورن سان ايڊيٽنگ ڪري هتي لڳايان پيو، انشاالله تصويرن واري ونڊ انهي تقريب جي اڄ يا سڀاڻي توهان دوستن سان ونڊ ڪندس
هي وڊيو جيڪا خالص سنڌ سلامت جي پنهنجي پيش ڪش آهي توهان سان ونڊ ڪريان پيو