TAHIR SINDHI
سينيئر رڪن
نيٺ ته هڪ ڏينهن مرڻو آ
هي ڌڙ ڌوڙ ۾ ڌرڻو آ
دنيا دولت ساڻ نه هلندي
ماسي ناني روئندي رڙندي
هتي حقيقت ٻي ڪا کلندي
ڳاراڻي ۾ ڳرڻو آ
سامي سوڙهي نانگ بلائون
ماڪوڙا ڀي چوندا کائون
ايندا جڏهن ملڪ مٿائون
چمڙي سوڌو چرڻو آ
ايندا ملڪ چپڇاڻي وارا
پيڙڻ خاطر گهاڻي وارا
يا ڪي سيج وهاڻي وارا
ٺرڻو آ يا سڙڻو آ
”عبد الله“ ڪري ڇڏ تياري
ڇڏڻي پوندئي سنگت ساري
چانڊيا ايندئي موت جا ماري
هي ڍڪ آخر ڀرڻو آ
هي ڌڙ ڌوڙ ۾ ڌرڻو آ
دنيا دولت ساڻ نه هلندي
ماسي ناني روئندي رڙندي
هتي حقيقت ٻي ڪا کلندي
ڳاراڻي ۾ ڳرڻو آ
سامي سوڙهي نانگ بلائون
ماڪوڙا ڀي چوندا کائون
ايندا جڏهن ملڪ مٿائون
چمڙي سوڌو چرڻو آ
ايندا ملڪ چپڇاڻي وارا
پيڙڻ خاطر گهاڻي وارا
يا ڪي سيج وهاڻي وارا
ٺرڻو آ يا سڙڻو آ
”عبد الله“ ڪري ڇڏ تياري
ڇڏڻي پوندئي سنگت ساري
چانڊيا ايندئي موت جا ماري
هي ڍڪ آخر ڀرڻو آ
مولانا عبد چانڊيو