• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آخرت جي تياري، مولانا عبد چانڊيو

TAHIR SINDHI

سينيئر رڪن
نيٺ ته هڪ ڏينهن مرڻو آ
هي ڌڙ ڌوڙ ۾ ڌرڻو آ

دنيا دولت ساڻ نه هلندي
ماسي ناني روئندي رڙندي
هتي حقيقت ٻي ڪا کلندي
ڳاراڻي ۾ ڳرڻو آ

سامي سوڙهي نانگ بلائون
ماڪوڙا ڀي چوندا کائون
ايندا جڏهن ملڪ مٿائون
چمڙي سوڌو چرڻو آ

ايندا ملڪ چپڇاڻي وارا
پيڙڻ خاطر گهاڻي وارا
يا ڪي سيج وهاڻي وارا
ٺرڻو آ يا سڙڻو آ

”عبد الله“ ڪري ڇڏ تياري
ڇڏڻي پوندئي سنگت ساري
چانڊيا ايندئي موت جا ماري
هي ڍڪ آخر ڀرڻو آ

مولانا عبد چانڊيو
 
جواب: آخرت جي تياري، مولانا عبد چانڊيو

نيٺ ته هڪ ڏينهن مرڻو آ
هي ڌڙ ڌوڙ ۾ ڌرڻو آ

دنيا دولت ساڻ نه هلندي
ماسي ناني روئندي رڙندي
هتي حقيقت ٻي ڪا کلندي
ڳاراڻي ۾ ڳرڻو آ

سامي سوڙهي نانگ بلائون
ماڪوڙا ڀي چوندا کائون
ايندا جڏهن ملڪ مٿائون
چمڙي سوڌو چرڻو آ

ايندا ملڪ چپڇاڻي وارا
پيڙڻ خاطر گهاڻي وارا
يا ڪي سيج وهاڻي وارا
ٺرڻو آ يا سڙڻو آ

”عبد الله“ ڪري ڇڏ تياري
ڇڏڻي پوندئي سنگت ساري
چانڊيا ايندئي موت جا ماري
هي ڍڪ آخر ڀرڻو آ

مولانا عبد چانڊيو

سائين طاهر سنڌي مولانا عبد چانڊيو جو زبردست نظم کڻي آئين سٺو ڪيو تو ، پر دوست هڪڙي ڳالهه ضرور آهي ته مُلان نه هُجن ته اسان کي آخرت جي تياري جي خبر ئي ڪانه پئي ها۔ گهٽ ۾ گهٽ ڊيڄاري ڊيڄاري اسان ولهن ۽ گنهگارن کي نڪ جون گيسون ته ڪرائين ٿا۔ زبردست
 
جواب: آخرت جي تياري، مولانا عبد چانڊيو

واھ واھ سائين اڄ ڪل اوهان جيڪا شاعري ونڊ ڪريو ٿا ۔۔۔۔اُها ڀلي آهي۔۔۔۔اهڙي ڪوشش جاري رکو۔
 
جواب: آخرت جي تياري، مولانا عبد چانڊيو

سائين طاهر سنڌي مولانا عبد چانڊيو جو زبردست نظم کڻي آئين سٺو ڪيو تو ، پر دوست هڪڙي ڳالهه ضرور آهي ته مُلان نه هُجن ته اسان کي آخرت جي تياري جي خبر ئي ڪانه پئي ها۔ گهٽ ۾ گهٽ ڊيڄاري ڊيڄاري اسان ولهن ۽ گنهگارن کي نڪ جون گيسون ته ڪرائين ٿا۔ زبردست

سائين پسند ڪرڻ جي مهرباني، هونئن به چوندا آهن ته ملان جيڪا ڳالهه ڪري ان تي غور ڪجي جو ان جي ڳالهه ته حجت ٿي سگهي ٿي پر ان جو عمل نه.
الله تعالي قرآن مجيد ۾ فرمايو آهي: انما يخشي الله من عباده العلماء: الله تعالي کان ان جي ٻانهن مان علماء ئي ڊڄندا آهن، پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو: العلماء ورثت الانبياء: علماء ئي نبين جا وارث آهن، يعني علماء جي حساب سان، پاڻ سڳورن اهو به فرمايو: نبين ڪو دينار درهم وراثت ۾ ڪانه ڇڏيو آهي، بلڪه وراثت ۾ نبين عالم ڇڏيا آهن، سو سائين ملان ۽ عالمن جي شان لاءِ الله تعالي ۽ ان جي حبيب جي گواهي ئي ڪافي آهي.
 
جواب: آخرت جي تياري، مولانا عبد چانڊيو

ادا پوئتي مون شاعر جو تعارف پي گهريم هتي پهتم ته جواب ملي ويو هي شاعري مون اڳ ۾ به بڌي هيم وري اوهان ياد ڏياري ڇڏي سائين مولانا عبد الله چانڏئي جو تخلص عبد آهي اها به هاڻ خبر پئي سائين جن جي هڪ ٻي به شاعري آهي معراج تي جنهنکي امداد الله ڳايو آهي هاڻ اها ڪيسٽ نٿي ملي حيدرآباد ۾ جيڪڏنهن اها شاعري اوهان وٽ آهي ته ضرور ونڊ ڪجو
 
مهرباني دوست اوهان جي، بلڪل سائين عبد الله چانڊئي صاحب جو تخلص عبد آهي، مون وٽ پراڻي شاعري جا ڪجهه مجموعا آهن جن تان ڪمپوز ڪري سنگت سان ونڊ ڪندو آهيان، اوهان جي فرمائش پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس ان شاءَ الله۔
 
Back
Top