• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مائڪروسافٽ ونڊوز جي 25 سالگره۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
Happy_Birthday.jpg

اڄ کان 25 سال اڳ 20 نومبر 1985 ۾ مائڪروسافٽ وارن پهريون ونڊوز آپريٽنگ سسٽم 0۔1 متعارف ڪرايو۔۔۔ ڊاس کان پوءِ مائڪروسافٽ وارن جو هي پهريون آپريٽنگ سسٽم هيو جيڪو فل فليج ۽ گرافڪس تي مشتمل هو۔۔۔اڄ ونڊوز آپريٽنگ سسٽم توهان جي پي سي تائين 25 سالن ۾ ڪيترو سفر ڪيو آهي۔۔۔ اهو به هڪ ريڪارڊ آهي۔۔۔۔
اڄ اسان جي ڪمپيوٽرس ۾ مائڪروسافٽ وارن جو ونڊوز 7 آپريٽنگ سسٽم آهي جيڪو هڪ اندازي موجب پنهنجي مشهوري ۽ دوستانه سيٽ اپ ڪري تقريبن 90 فيصد ڪمپيوٽرس ۾ انسٽالڊ آهي۔۔۔
هتي هڪ تصوير ذريعي توهان کي ونڊوز آپريٽنگ سسٽم جي 25 سالا سفر گرافڪس جي صورت ۾ ونڊي رهيو آهيان۔۔

windows_25_happy_birthday.jpg

يقينن مٿئين گراف مان توهان ڪافي معلومات حاصل ڪئي هوندي۔۔۔ هاڻي مان توهان کي مائڪروسافٽ ونڊوز آپريٽنگ سسٽم 0۔1 کان مائڪرو سافٽ ونڊوز 7 تائين ايندڙ سمورن آپريٽنگ سسٽم جي بوٽ ايبل تصوير ونڊيندس ۔۔۔

Windows1-to-Windows7_Boot_Screen_Collection.jpg

مائڪرو سافٽ وارن جو ايندڙ آپريٽنگ سسٽم ونڊوز 8 هوندو جنهن لاءِ مختلف قياس آرايون هاڻي کان ئي شروع آهن۔۔ پر ماضي کي ڏسي ڪري هڪ تصور ڪري سگهجي ٿو ته ان آپريٽنگ سسٽم جو خوبيون ڇا هونديون۔۔۔
 
جواب: مائڪروسافٽ ونڊوز جي 25 سالگره۔۔

مائڪرو سافٽ وارن ڪمپيوٽر جي دنيا م هڪ انقلاب آندو ۽ گهڻيون آسانيون پيدا ڪيون آهن۔

مائڪرو سافٽ وارن کي سالگره مبارڪ
 
جواب: مائڪروسافٽ ونڊوز جي 25 سالگره۔۔

ادا تمام بيهترين ونڊ آهي ۽ ان سان گڏو گڏ ناليج به
۽ مائڪرو سافت وارن کي سالگره مبارڪ هجي
 
Back
Top