
اڄ کان 25 سال اڳ 20 نومبر 1985 ۾ مائڪروسافٽ وارن پهريون ونڊوز آپريٽنگ سسٽم 0۔1 متعارف ڪرايو۔۔۔ ڊاس کان پوءِ مائڪروسافٽ وارن جو هي پهريون آپريٽنگ سسٽم هيو جيڪو فل فليج ۽ گرافڪس تي مشتمل هو۔۔۔اڄ ونڊوز آپريٽنگ سسٽم توهان جي پي سي تائين 25 سالن ۾ ڪيترو سفر ڪيو آهي۔۔۔ اهو به هڪ ريڪارڊ آهي۔۔۔۔
اڄ اسان جي ڪمپيوٽرس ۾ مائڪروسافٽ وارن جو ونڊوز 7 آپريٽنگ سسٽم آهي جيڪو هڪ اندازي موجب پنهنجي مشهوري ۽ دوستانه سيٽ اپ ڪري تقريبن 90 فيصد ڪمپيوٽرس ۾ انسٽالڊ آهي۔۔۔
هتي هڪ تصوير ذريعي توهان کي ونڊوز آپريٽنگ سسٽم جي 25 سالا سفر گرافڪس جي صورت ۾ ونڊي رهيو آهيان۔۔

يقينن مٿئين گراف مان توهان ڪافي معلومات حاصل ڪئي هوندي۔۔۔ هاڻي مان توهان کي مائڪروسافٽ ونڊوز آپريٽنگ سسٽم 0۔1 کان مائڪرو سافٽ ونڊوز 7 تائين ايندڙ سمورن آپريٽنگ سسٽم جي بوٽ ايبل تصوير ونڊيندس ۔۔۔

مائڪرو سافٽ وارن جو ايندڙ آپريٽنگ سسٽم ونڊوز 8 هوندو جنهن لاءِ مختلف قياس آرايون هاڻي کان ئي شروع آهن۔۔ پر ماضي کي ڏسي ڪري هڪ تصور ڪري سگهجي ٿو ته ان آپريٽنگ سسٽم جو خوبيون ڇا هونديون۔۔۔