TAHIR SINDHI
سينيئر رڪن
السلام عليڪم دوستو!
7 ست ڊسمبر 2010 تي رات جو 10:42 تي منهنجي موبائل تي هڪ ايس ايم ايس (ميسيج) آيو جنهن جو متن هي هئو:
علامه غلام مصطفي قاسمي جن جي ستين ورسي هن مهيني جي 10 تاريخ، جمع جو شام 5 بجي سنڌي لينگئيج اٿارٽي هال ۾ ٿيندي، اوهان کي شرڪت جي دعوت آهي.
نظير قاسمي. (دوستو سائين پروفيسر نظير احمد قاسمي صاحب علامه غلام مصطفي قاسمي رحمه الله جن جا فرزند آهن).
جيئن ته جمعي جي ڏينهن ڪراچي ۾ مونکي تمام گهڻا ڪم هئا تنهن هوندي به ڀڄي ڀڄي شام 4 بجي ڪراچي کان نڪتس ۽ سڌو سنڌي لينگيوئيج اٿارٽي هال قاسم آباد حيدر آباد پهتس.
مين گيٽ تي هڪ دوست منهنجي آجيان ڪئي، جنهن کان پوءِ بلڊنگ جي مين گيٽ تي محترم سائين پروفيسر نظير احمد قاسمي صاحب جن آجيان ڪندي هال ڏانهن وٺي ويا.
پروگرام علامه غلام مصطفي قاسمي رحمه الله چيئر سنڌ يونيورسٽي ۽ محترم سائين پروفيسر نظير احمد قاسمي صاحب جن جي سهڪار سان محترم سائين قاضي خادم صاحب جن جي سرپرستي ۾ رٿيو ويو هو.
هال ۾ داخل ٿيندي ئي منهنجي نظر هڪ هر دل عزيز شخصيت تي پئي، جيڪي پهرين لائن جي ڪرسي تي ويٺا هئا، ۽ اها شخصيت (منهنجي من پسند) محترم سائين مظهر الحق صديقي صاحب جن جي، جن ڪيئي سال مادر علمي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي دل و جان سان هر طرح خدمت ڪئي آهي، ۽ هن وقت تائين هي شخصيت علم جي هر سطح تي خدمت ۾ منهمڪ آهن.
گيٽ کان داخل ٿيندي ئي آءُ محترم سائين مظهر الحق صديقي جن سان مليس، جن وڏي محبت سان اٿي منهنجو آڌر ڀاءُ ڪيو.
انهن جي وٽ ۾ هڪ ٻي سهڻي شخصيت سنڌ جا اديب ۽ ڏاها سائين حميد سنڌي جن سان مليس، جيڪي پڻ وڏي محبت سان مليا.
هال ۾ وڌندو سائين محترم ڊاڪٽر سعيد احمد قاسمي (علامه غلام مصطفي قاسمي رحمه الله جن جا فرزند) ۽ سندن پيارن شهزادن محترم محمود قاسمي، محترم اسامه قاسمي ۽ محترم محمد قاسمي (علامه غلام مصطفي قاسمي رحمه الله جن جا پيرا پوٽا)، محترم محمد انس راڄپر صاحب، محترم قاضي خادم صاحب، محترم تاج جويوصاحب، محترم نثار منگي صاحب، سائين عابد ليغاري صاحب، محترم قلندر شاه لڪياري صاحب، علامه قاسمي رحمه الله صاحب جن جا آخري شاگرد رشيد محترم سائين محمد رفيق مڱريو صاحب، سنڌ سلامت جي پياري رڪن محترم ادا افتخار چوهاڻ ۽ سندن استاد محترم سائين عبد الصمد رئيساڻي صاحب جن سان ملاقات ٿي.
پروگرام ته شام جو 5 ڌاري شروع ٿيڻو هو، پر منهنجي خوشنصيبي جو آءُ تقريبا 6:30 ڌاري پهتس ته ان کان پوءِ ئي پروگرام شروع ٿيو.
هت اچي معلوم ٿيو ته سائين علامه غلام مصطفي قاسمي رحمه الله جن جي ورسي سان گڏ انهن جي ڪتاب (شذرات) جي پڻ مهورتي تقريب به آهي جيڪا ٻين انيڪ ڪاوشن سان گڏ علامه غلام مصطفي قاسمي چيئر سنڌ يونيورسٽي جي ڪاوشن جو هڪ بهترين اضافو آهي.
جلدي جلدي رستي ۾ محترم ادا افتخار چوهاڻ صاحب جن کي هڪ فون ڪري ڇڏي هئي جيڪي به اچي هال ۾ پهتا.
پروگرام جي باقاعده شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ٿي جيڪا انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽي جي محترم شخصيت علامه غلام مصطفي قاسمي رحمه الله جن جي هونهار شاگرد سائين محمد انس راڄپر صاحب جن ڪئي.
اسٽيج جا فرائض علامه غلام مصطفي قاسمي رحمه الله جا محبوب دوست محترم سائين تاج جويو صاحب جن بخوبي ادا ڪري رهيا هئا.
تنهن کان پوءِ محترم پروفيسر سائين نظير احمد قاسمي جن پير مظهر الحق ۽ ڊاڪٽر نذير احمد مغل سنڌ يونيورسٽي جا وائيس چانسلر جن جا پيغام پڙهيا جيڪي ڪن مجبورين سبب اچي نه سگهيا هئا، تن کان سواءِ سنڌ جي اديب محترم سائين نبي بخش بلوچ صاحب جن به پنهنجي طبيعت ناساز هجڻ جي ڪري پروگرام ۾ نه اچي سگهيا هئا.
ان کان پوءِ علامه غلام مصطفي قاسمي رحمه الله جن جي شاگرد رشيد محترم سائين عابد ليغاري صاحب جن علامه غلام مصطفي قاسمي رحمه الله جن جي شان ۾ نظم شاعري پڙهي پنهنجي عقيدت جو اظهار ڪيو.
تنهن کان پوءِ يونيورسٽي جي اردو شعبي جي هڪ استاد پروفيسر سائين علامه قاسمي رحمه الله جن جي شان ۾ ڪجهه پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو.
انهن کان بعد محترمه سائڻ مهر النساء لاڙڪ صاحبه جن علامه قاسمي رحمه الله جن جي شخصيت تي پنهنجن تجربن آڌار روشني وڌي.
انهن کان پوءِ محترم جناب قلندر شاه لڪياري صاحب جن پنهنجي خيالات جو اظهار ڪندي سائين علامه قاسمي رحمه الله جن جون ڪجهه يادون ونڊي جت محفل جي چهرن تي مسڪراهٽون آنديون ات سائين جن جو اسان جي درميان نه هجڻ جو احساس ڏياريندي ساري مجلس تي غم جي ڪيفيت طاري ڪري ڇڏي.
انهن کان پوءي محترم پروفيسر نظير احمد قاسمي (فرزند رشيد علامه قاسمي رحمه الله) جن پنهنجي والد بزرگوار جون اهڙيون ياديون ۽ ڳالهيون ونڊيون جيڪي اسان پهريون ڪڏهن به نه ٻڌيون هيون، جنهن ۾ علامه رحمه الله جن جي شخصيت وڌيڪ هڪ مربي، مصلح، دين جا مبلغ، شاه ولي الله رحمه الله جن جي نقش قدم تي هلندي پنهنجي استاد محترم مولانا عبيد الله سنڌي رحمه الله جن جي ڪردار تي هلندي نمايان نظر ٿي آيا.
تنهن کان پوءِ اديب محترم سائين حميد سنڌي صاحب جن پنهنجي خيالات جو اظهار ڪندي سائين قاسمي رحمه الله جن جي شخصيت جي ڪجهه زاوين تان پردي ڪشائي ڪئي.
آخر ۾ محترم عالم اديب ڏاهي شخصيت علامه مظهر الحق صديقي صاحب جن پنهنجي عقيدت جو اظهار ڪندي قاسمي چيئر جي خدمات کي ساراهيو ۽ اهو پڻ ٻڌايو ته سنڌ يونيورسٽي ۾ قاسمي چيئر جيڪو ڪم ڪيو آهي ڪنهن ٻي چيئر اهڙو ڪم نه ڪيو آهي، ۽ اهو پٻ چيائون ته قاسمي چيئر جي قيام کان پوءِ ئي ٻين چيئرز جو قيام عمل ۾ جلد جلد آيو.
سائين صديقي صاحب علامه قاسمي رحمه الله جن جون يادون تازه ڪرائي ڇڏيون، ۽ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي حوصله افزائي ڪئي.
تنهن کان پوءِ محترم جناب تاج جويي صاحب جن هن تقريب جي اختتام جو اعلان ڪيو.
ان کان پوءِ مجلس برخاست ٿي ته مون دوستن کان موڪلائڻ شروع ڪيو پر مونکي علامه قاسمي رحمه الله جن جي شهزادن محترم جناب ڊاڪٽر سعيد احمد قاسمي، محترم جناب پروفيسر نظير احمد قاسمي، سندن فيملي ميمبرن ۽ خاص طور تي منهنجا پيارا ساٿي علامه غلام مصطفي قاسمي رحمه الله جن جي پوٽن محترم محمود قاسمي، محترم اسامه قاسمي ۽ محترم محمد قاسمي جن مونکي موڪلائڻ نه ڏنو ۽ وڏي محبت سان چيائون ته انهن حيدرآباد جيم خانه ۾ ڊنر جو اهتمام ڪيو آهي جنهن ۾ مونکي پاڻ سان گڏ پنهنجي گاڏي ۾ وٺي ويا.
اتي هڪ عاليشان ڊنر جو بندوبست ڪيو ويو هو، جت مونکي پنهنجي من پسند پرارين شخصيتن سان وڌيڪ ويجهي ٿيڻ ۽ ڪچهري جو موقعو مليو، تن ۾ محترم سائين مظهر الحق صديقي صاحب جن کان علاوه محترم سائين حميد سنڌي، محترم سائين قاضي خادم صاحب، محترم سائين تاج جويو صاحب کان علاوه به ٻين سنڌي اديبن محققن ۽ ڏاهن سان ڪچهري ڪرڻ جو موقعو مليو.
ڊنر کان رات تقريبا 12 بجي فارغ ٿي مون ڪراچي ورڻ جي اجازت گهري پر شهزادن مونکي چارئي طرفن کان گهيري ورتو ته اوهان رات اسان وٽ ترسو جن کي ٻي واري جو واعدو ڏنو، تنهن کان پوءي انهن مونکي ڪراچي واري گاڏي ۾ روانو ڪري موڪلايو.
دوستو!
هاڻ آءُ اوهان دوستن سان ان پروقار ورسي ۽ ڪتاب (شذرات) جي مهورتي تقريب ۽ هال ۾ ويٺل دوستن جون ڪجهه يادگار تصوريون ونڊيان ٿو، اميد آهي ته اوهان کي پسند اينديون.
دوستو اوهان هي رپوٽ پڙهي ۽ تصويرون ڏسي پنهنجي خيالن کان ضرور آگاه ڪجو.
سدائين گڏ