• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

علامه ڊاڪٽر غلام مصطفي قاسمي رح جن جي ستين ورسي ۽ سندن ڪتاب (شذرات) جي مهورتي تقريب

جواب: علامه ڊاڪٽر غلام مصطفي قاسمي رح جن جي ستين ورسي ۽ سندن ڪتاب (شذرات) جي مهورتي ت

ادي طاهر کي به رپوٽر ٿيڻ تي مبارڪون

سنڌ سلامت وٽ هڪ ئي نثار ناز هيو جيڪو پيو لکندو هو ۽ رپورٽون ونڊ ڪندو هو۔ هاڻي ان ۾ واڌورو ٿيو آهي جو سليمان ۽ طاهر به اچي ڪم کي کنيو آهي۔ ادا رشيد کي صلاح آهي ته سنڌ سلامت جي چئنل تي ڪم شروع ڪري جو هاڻي بهترين تيم پئي ٺهي۔

ادا طاهر چڱي رپورٽنگ ۽ فوٽوگرافي آهي

ادا مرتضي اوهان جون مهربانيون ٿورا۔
حقيقت هي آهي ته وڏڙن جي رهنمائي کان سواءِ اسان ڪجهه به نه آهيون۔
 
جواب: علامه ڊاڪٽر غلام مصطفي قاسمي رح جن جي ستين ورسي ۽ سندن ڪتاب (شذرات) جي مهورتي ت

ادا رشيد سمون سان سهمت ٿيندي واقعي مان مڃان ٿو ته منتظم اعلى جي سونپڻ بنا يا حُڪم بنا اکين ڏٺا احوال، تصويري حوال موڪليندو آهيان، اها منهنجي وڏي غلطي آهي پر منهنجا عزيز دوستو هميشهه ڪوشش ڪئي اٿم ته اسان جي سنڌ سلامت تي ڪجهه نئين کان نئون هُجي۔ ۽ جيڪو ڪجهه ڪجي ان مان اسان جا نوان دوست لاڀ حاصل ڪن۔ مان مڃان ٿو ڪافي دوستن وٽ ڪئميرائون وغيره ڪونه هونديون پر دوستو اهڙا اکين ڏٺا احوال بنا ڪنهن تصويري شيئرنگ جي به ونڊ ڪري سگهجن ٿا۔ ڳالهه صرف پنهنجي صلاحيتن کي نکارڻ جي آهي۔ هتي باربار ڳالهه پروفيشنل ۽ غير پروفيشنل رپورٽنگ جي به نڪتي آهي، ڀلا توهان ٻُڌايو ڇا آئون ڪو پروفيشنل رپورٽر آهيان بلڪل نه، جيڪڏهن منهنجون رپورٽون سنڌ سلامت جي اڱڻ واسطي پروفيشنل سمجهو ٿا، ته اهوتوهان جي سمجهه جو وڏو ڀنڍ آهي۔ ادا سائين اسان فقيرن جي رپورٽنگ ڪرڻ ۽ عام صحافي جي رپورٽنگ ڪرڻ ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق آهي اول ته صحافي ان وڏي تقريب جو اکين ڏٺو احوال موڪليندو ڪونه جيڪڏهن توهان ان سلسلي ۾ ڪنهن صحافي جو اکين ڏٺو احوال ڪٿي ڏسو ته ان احوال ۾ سڪي رائج الوقت جو ڪمال ضرور هوندو آهي، پر اسان جهڙا فقير پنهنجي مدد پاڻ جي اصولن تحت پنهنجي راتين جو ننڊون ڦٽائي، صرف سنڌ سلامت جي جي اڱڻ کي مهڪائڻ وارا خيال ذهن ۾ سمائي ادبي علمي يا شوبز جو تقريبون ونڊيندا آهيون ادا اسان زندگيءَ جي هاڻي انهيءَ حصي ۾ آهيون جو واهه واهه ڪرائي پنهنجي پاڻ کي وڻارايون وارو خيال به اسان لاءِ ڪا معنى نٿو رکي اهو توهان دوستن جي مهرباني هوندي آهي جو هن جهوني کي پيار سونپيندا آهيو ۽ مان سدائين توهان جي همت افزائين جو شڪريو ادا ڪري توهان جا ٿورا مڃندو آهيان۔ سڀ کان وڏو منهنجي زندگيءَ جو مقصد صرف اهو هوندو آهي ته منهنجي ونڊ ڪيل پوسٽن کي ڏسي سنڌ سلامت جو هرڪو سينئر يا جونيئر ميمبر سنڌي مضمون ، سنڌي اکين ڏٺا احوال پنهنجي پنهنجي فڪر ۽ فهم سان لکي سنڌ سلامت تي ونڊ ڪري ائين ڪرڻ سان سنڌي ڪمپيوٽنگ، سنڌي ٻولي، ۽ سڀ کان وڌيڪ سندن لکڻ واري فن ۾ واڌارو ٿيندو، نت نوان ۽ نڪور خيال سندن ذهنن ۾ سرجندا۔ ادا باقي منهنجي شاعري ته هڪڙي تخليق آهي، توهان کي ٻُڌايان ته جڏهن ڪا منهنجي ذهن تي شاعري واري تخليق سرجندي پئي آهي مان سنڌ سلامت جي منتظم کان بغير ڪنهن سونپيل ڪم ۽ بنا ڪنهن اجازت رولز جي وائيوليشن ڪريو ڪڏهن بدين جي ڪنهن ادبي تقريب ۾ ويٺو هوندو آهيان ته ڪڏهن پنگريو، ڪڏهن ٺٽو، ڪڏهن ڄامشورو، ڪڏهن حيدرآباد جي سنڌ ميوزم جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ ته ڪڏهن سنڌي لينگويج اٿارٽي جي هال ۾ سنڌ سلامت لاءِ ڪوريج پيو ڪندو آهيان، توهان هر انهي شاعر کان پڇي ڏسندا ته جڏهن سندس سوچ جو سفر پنهنجي سوچ جي اُڏام لاءِ تيار ٿيندو آهي تڏهن ان کي اڪيلائي جي ڪيڏي ضرورت هوندي آهي پر سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ واسطي ڪافي ڀيرا ڪافي تخليقي ڪاوشن کي بائي باس ڪري رڳو سنڌ سلامت کي پنهنجي حواسن تي طاري ڪيو اٿم اهو به پنهنجي سڀني حواسن ۾ ۔ مونکي خوشي آهي ته منهنجي سنڌ سلامت جا ٻه انتهائي محنتي دوست محترم سليمان وساڻ ۽ پيارو دوست ادا طاهر سنڌي سنڌ سلامت جي لاءِ پنهنجي مدد پاڻ واري اصول تحت رپورٽنگ ڪري ونڊ ڪن پيا، شڪر الحمد الله آئون پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي ويس۔ مونکي خبر آهي ته انهن جي ديکا ديکي ۾ سنڌ سلامت جا ڪافي سارا دوست اڳيان ايندا۔ ۽ منهنجي اسان سڀني جي محبتي اڱڻ سنڌ سلامت کي چار چنڊ لڳائيندا رهندا۔ ادا سليمان پنهنجو اکين ڏٺو احوال ايڪتا ڏيهاڙي متعلق موڪليو، ان باري ۾ پنهنجا ڪامينٽس ڏئي چُڪو آهيان، باقي ادا طاهر سنڌي جي هن اکين ڏٺي احوال جو مشاهدو ڪري ڇڏيو اٿم رواجي ڪامينٽس واهه واهه يا سٺو آهي چئي جان ڪونه ڇڏائيندس۔ انشاالله سندس انهي محنت تي اڄ يان سڀاڻي تفصيلي ڪامينٽس ڏيندس۔[/justify][/justify]

لک لائق محترم سائين۔
يقين ڪريو ته اوهان کان سواءِ اسان ڪجهه به نه آهيون۔
 
جواب: علامه ڊاڪٽر غلام مصطفي قاسمي رح جن جي ستين ورسي ۽ سندن ڪتاب (شذرات) جي مهورتي ت

پيارا طاهر سنڌي توهان جو هي اکين ڏٺو احوال ۽ تصويرون ڏسي انتهائي خوشي ٿِي هاڻي گهٽ ۾ گهٽ نثار ناز پنهنجي ساٿ ۾ ٻن بهترين دوستن محترم محمد سليمان وساڻ ۽ ادا طاهر سنڌي کي ساڻ کڻي ٽيم ورڪ جي حيثيت سان بنا ڪنهن پريشاني جي ڪم ڪري سگهي ٿو۔ سنڌي ليگوينج اٿارٽي ۾ سنڌ جي مهان ڏاهي غلام مصطفى قاسمي مرحوم جي ستين ورسي ۽ مرحوم جي ڪتاب شذرت جي مهورت واري تقريب جي سنڌ سلامت لاءِ ڪوريج مڪمل طور تي هڪڙي نهايت ئي خوشگوار ونڊ آهي جنهن لاءِ ادا طاهر توهان لکين کيرون لهڻو، مونکي خبر آهي ادا طاهر جڏهن سنڌ سلامت جون محبتون سر تي چڙهي وينديون آهن تڏهن ئي اسان پنهنجي صلاحيتن کي بروءِ ڪار آڻي اهو ڪجهه ڪري ڏيکاريندا آهيون جيڪو سڀني کان مختلف هُجي، ۽ مڪمل طور سنڌ سلامت لاءِ عملي طور پنهنجو پاڻ‌کي پيش ڪجي۔ سلام آهي ادا طاهر سنڌي توهان کي جو توهان پنهنجون صلاحيتون سنڌي جي حيثيت سان سنڌ سلامت لاءِ سنڌي ٻولي لاءِ وقف ڪيون، پنهنجو قيمتي وقت وقف ڪري هڪڙي سنڌ جي ڏاهي مفڪرجي ورسي ۽ ان جي ڪتاب جي مهورت واري تقريب دنيا جي ساري سنڌين سان ونڊ ڪئي ۔ آئون اميد ٿو ڪريان ته سنڌ سلامت لاءِ توهان جو اهو محبت وارو جذبو سدائين توهان جي دل ۾ قائم ۽ دائم رهندو، توهان جي ڀر پاسي جون تمام تر ادبي تقريبون، يا فنون لطيفه سان تعلق رکندڙ تقريبون اسان سان خلوص سان ونڊيندو رهندين ۽ سنڌي ڏاهن، سنڌي اديبن، سنڌي فنڪارن، سنڌي اسڪالرن جي ڪاوشن کي دنيا جي سامهون آڻيندو رهندين ته جيئن دنيا کي خبر پوي ته اسان جا سنڌي ڏاها هر معاملي ۾ ڪنهن کان به گهٽ ڪونهن۔ منهنجون دعائون سدائين توهان سان گڏ آهن شل سدائين سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪندو رهين شال سدائين آباد هُجين ۔ آمين ثم آمين​

مهرباني سهڻا سائين
اوهان جي رهنمائي يقينن اسان جي منزل آسان ڪندي۔
پر آءُ صرف وڏڙن جي محنتن کي سامهون ڪو نه آڻيندس جو صرف اهو چوان ته اسان جي سنڌي وڏڙن ڏاهن جا هي ڪم آهن، پر ان شاءَ الله اهو ڏينهن به قريب آهي جڏهن آءُ چئي سگهندس ته منهنجو هي ڪم آهي، يا سنڌي ڏاها چوندا ته طاهر سنڌي هي ڪم ڪري ڏيکاريو۔
ان شاءَ الله۔
 
جواب: علامه ڊاڪٽر غلام مصطفي قاسمي رح جن جي ستين ورسي ۽ سندن ڪتاب (شذرات) جي مهورتي ت

ڪجهه ئي ڏينهن اڳ جڏهن نثار ناز سان ڳالهه ٿي هئي ته مون کيس سندس شاعري ۽ بهترين رپورٽنگ پيش ڪرڻ تي ساراهيو هيو۔۔۔ ظاهر آهي سندن ڪم به تمام گهڻو محنت سان تيار ڪيل هوندو آهي ان ڪري کيس ٻين موضوعن ۽ تحريرن تي رايا ڏيڻ يا تبصرو ڪرڻ جو وقت نه ملندو آهي ان باوجود سندس سان هلڪي شڪايت ڪيم ته پاڻ به چيائين ته ڀلا رپورٽنگ جو ڪم ڪجهه ٻين دوستن تي به رک ۔۔۔ ته جيئن مان ٻين موضوعن ڏي توجه ڏئي سگهان۔۔۔
مون ٿوري دير لاءِ سوچيو ۽ پوءِ جواب ٺاهيندي کيس چيم ته سائين پهرين ڳالهه ته رپورٽنگ وارو ڪم مون توهان کي نه سونپيو آهي توهان خود ان ۾ دلچسپي رکي آهي ٻيو ته توهان جي لکڻ کان وٺي تصويرن شيئر ڪرڻ تائين ۽ وري وڊيو ريڪارڊ ڪري ايڊيٽنگ ۽ يوٽيوب تي اپلوڊ ڪري فورم تي شيئر ڪرڻ تائين سڀ ڪجهه منفرد ۽ الڳ ٿلڳ ٿيندو آهي ۔۔ ظاهر آهي باقي دوست نه اديب آهن ۽ نه وري انهن وٽ ڪيمراز آهن۔۔۔ سڀ کان اهم ڳالهه ته سمورا دوست انهن اهڙن ميڙاڪن کان ڪٽيل آهن تنهنڪري کين دعوتون به گهٽ ٿيون ملن ان ڪري مون سميت ڪنهن ٻئي جي وس جي ڳالهه نه آهي۔۔۔
پر پهريون دفعو ادا سليمان ۽ هاڻي وري ادا طاهر هي رپورٽ ڳنڍي حيران ڪري ڇڏيو۔۔ پنهنجي پيرائتي تمهيد کان وٺي هڪ هڪ تصوير بابت وضاحت ۽ تفصيلي ليک مون کي منهنجي سوچ مٽائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو۔۔۔ واقعي هاڻي مان سائين نثار ناز جن کي برملا چئي سگهان ٿو ته سنڌ سلامت تي مهربان ۽ جاکوڙي دوستن جي کوٽ نه آهي۔۔۔
ادا طاهر تمام ڀلي ۽ دلچسپ رپورٽ ونڊ ڪئي آهي توهان۔۔۔۔ جيئن ته توهان جي پهرين ۽ جامع رپورٽ هئي ان ڪري ظاهر آهي ته ڪاٿي ڪجهه رهجي ضرور ويو آهي پر مجموعي طور تي هن کي بهترين رپورٽ پڻ چئي سگهجي ٿو۔۔۔
رپورٽ ڪرڻ وقت هڪ ڳالهه جو خاص خيال ڪيو ته تصوير ڪشي سان گڏو گڏ ان ميڙاڪي جي مقصد ۽ اتي موجود معزز شخصيت جي تقريرن کي به خاص طرح نوٽ ڪجي ۽ جي مناسب هجي ته اتي اٿندڙ خاص ڳالهه کي وڌيڪ واضح ڪجي۔۔ مثال طور جيڪڏهن ڪنهن ڪتاب بابت تقريب آهي ته ڪتاب بابت ضرور ڳالهيون لکجن يا وري مهمانِ خصوصي جي ٻولن کي ياد ڪري لکجي۔۔۔۔
بحرحال بهترين رپورٽ پيش ڪرڻ تي مهرباني۔۔۔
ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا۔۔۔۔

پيارا سائين اوهان جا ٿورا جو اوهان کي منهنجو ڪم پسند آيو۔
دوست يقين ڪيو ته اوهان وڏڙن جي رهنمائي مان آءُ تمام گهڻو مستيفد ٿيو اهيان۔
رب سائين اوهان سڀ دوستن کي سلامت رکي۔
 
Back
Top