علامه ڊاڪٽر غلام مصطفي قاسمي رح جن جي ستين ورسي ۽ سندن ڪتاب (شذرات) جي مهورتي تقريب

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏12 ڊسمبر 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    [JUSTIFY]السلام عليڪم دوستو!
    7 ست ڊسمبر 2010 تي رات جو 10:42 تي منهنجي موبائل تي هڪ ايس ايم ايس (ميسيج) آيو جنهن جو متن هي هئو:
    علامه غلام مصطفي قاسمي جن جي ستين ورسي هن مهيني جي 10 تاريخ، جمع جو شام 5 بجي سنڌي لينگئيج اٿارٽي هال ۾ ٿيندي، اوهان کي شرڪت جي دعوت آهي.
    نظير قاسمي. (دوستو سائين پروفيسر نظير احمد قاسمي صاحب علامه غلام مصطفي قاسمي رحمه الله جن جا فرزند آهن).
    جيئن ته جمعي جي ڏينهن ڪراچي ۾ مونکي تمام گهڻا ڪم هئا تنهن هوندي به ڀڄي ڀڄي شام 4 بجي ڪراچي کان نڪتس ۽ سڌو سنڌي لينگيوئيج اٿارٽي هال قاسم آباد حيدر آباد پهتس.
    مين گيٽ تي هڪ دوست منهنجي آجيان ڪئي، جنهن کان پوءِ بلڊنگ جي مين گيٽ تي محترم سائين پروفيسر نظير احمد قاسمي صاحب جن آجيان ڪندي هال ڏانهن وٺي ويا.
    پروگرام علامه غلام مصطفي قاسمي رحمه الله چيئر سنڌ يونيورسٽي ۽ محترم سائين پروفيسر نظير احمد قاسمي صاحب جن جي سهڪار سان محترم سائين قاضي خادم صاحب جن جي سرپرستي ۾ رٿيو ويو هو.
    هال ۾ داخل ٿيندي ئي منهنجي نظر هڪ هر دل عزيز شخصيت تي پئي، جيڪي پهرين لائن جي ڪرسي تي ويٺا هئا، ۽ اها شخصيت (منهنجي من پسند) محترم سائين مظهر الحق صديقي صاحب جن جي، جن ڪيئي سال مادر علمي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي دل و جان سان هر طرح خدمت ڪئي آهي، ۽ هن وقت تائين هي شخصيت علم جي هر سطح تي خدمت ۾ منهمڪ آهن.
    گيٽ کان داخل ٿيندي ئي آءُ محترم سائين مظهر الحق صديقي جن سان مليس، جن وڏي محبت سان اٿي منهنجو آڌر ڀاءُ ڪيو.
    انهن جي وٽ ۾ هڪ ٻي سهڻي شخصيت سنڌ جا اديب ۽ ڏاها سائين حميد سنڌي جن سان مليس، جيڪي پڻ وڏي محبت سان مليا.
    هال ۾ وڌندو سائين محترم ڊاڪٽر سعيد احمد قاسمي (علامه غلام مصطفي قاسمي رحمه الله جن جا فرزند) ۽ سندن پيارن شهزادن محترم محمود قاسمي، محترم اسامه قاسمي ۽ محترم محمد قاسمي (علامه غلام مصطفي قاسمي رحمه الله جن جا پيرا پوٽا)، محترم محمد انس راڄپر صاحب، محترم قاضي خادم صاحب، محترم تاج جويوصاحب، محترم نثار منگي صاحب، سائين عابد ليغاري صاحب، محترم قلندر شاه لڪياري صاحب، علامه قاسمي رحمه الله صاحب جن جا آخري شاگرد رشيد محترم سائين محمد رفيق مڱريو صاحب، سنڌ سلامت جي پياري رڪن محترم ادا افتخار چوهاڻ ۽ سندن استاد محترم سائين عبد الصمد رئيساڻي صاحب جن سان ملاقات ٿي.
    پروگرام ته شام جو 5 ڌاري شروع ٿيڻو هو، پر منهنجي خوشنصيبي جو آءُ تقريبا 6:30 ڌاري پهتس ته ان کان پوءِ ئي پروگرام شروع ٿيو.
    هت اچي معلوم ٿيو ته سائين علامه غلام مصطفي قاسمي رحمه الله جن جي ورسي سان گڏ انهن جي ڪتاب (شذرات) جي پڻ مهورتي تقريب به آهي جيڪا ٻين انيڪ ڪاوشن سان گڏ علامه غلام مصطفي قاسمي چيئر سنڌ يونيورسٽي جي ڪاوشن جو هڪ بهترين اضافو آهي.
    جلدي جلدي رستي ۾ محترم ادا افتخار چوهاڻ صاحب جن کي هڪ فون ڪري ڇڏي هئي جيڪي به اچي هال ۾ پهتا.
    پروگرام جي باقاعده شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ٿي جيڪا انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽي جي محترم شخصيت علامه غلام مصطفي قاسمي رحمه الله جن جي هونهار شاگرد سائين محمد انس راڄپر صاحب جن ڪئي.
    اسٽيج جا فرائض علامه غلام مصطفي قاسمي رحمه الله جا محبوب دوست محترم سائين تاج جويو صاحب جن بخوبي ادا ڪري رهيا هئا.
    تنهن کان پوءِ محترم پروفيسر سائين نظير احمد قاسمي جن پير مظهر الحق ۽ ڊاڪٽر نذير احمد مغل سنڌ يونيورسٽي جا وائيس چانسلر جن جا پيغام پڙهيا جيڪي ڪن مجبورين سبب اچي نه سگهيا هئا، تن کان سواءِ سنڌ جي اديب محترم سائين نبي بخش بلوچ صاحب جن به پنهنجي طبيعت ناساز هجڻ جي ڪري پروگرام ۾ نه اچي سگهيا هئا.
    ان کان پوءِ علامه غلام مصطفي قاسمي رحمه الله جن جي شاگرد رشيد محترم سائين عابد ليغاري صاحب جن علامه غلام مصطفي قاسمي رحمه الله جن جي شان ۾ نظم شاعري پڙهي پنهنجي عقيدت جو اظهار ڪيو.
    تنهن کان پوءِ يونيورسٽي جي اردو شعبي جي هڪ استاد پروفيسر سائين علامه قاسمي رحمه الله جن جي شان ۾ ڪجهه پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو.
    انهن کان بعد محترمه سائڻ مهر النساء لاڙڪ صاحبه جن علامه قاسمي رحمه الله جن جي شخصيت تي پنهنجن تجربن آڌار روشني وڌي.
    انهن کان پوءِ محترم جناب قلندر شاه لڪياري صاحب جن پنهنجي خيالات جو اظهار ڪندي سائين علامه قاسمي رحمه الله جن جون ڪجهه يادون ونڊي جت محفل جي چهرن تي مسڪراهٽون آنديون ات سائين جن جو اسان جي درميان نه هجڻ جو احساس ڏياريندي ساري مجلس تي غم جي ڪيفيت طاري ڪري ڇڏي.
    انهن کان پوءي محترم پروفيسر نظير احمد قاسمي (فرزند رشيد علامه قاسمي رحمه الله) جن پنهنجي والد بزرگوار جون اهڙيون ياديون ۽ ڳالهيون ونڊيون جيڪي اسان پهريون ڪڏهن به نه ٻڌيون هيون، جنهن ۾ علامه رحمه الله جن جي شخصيت وڌيڪ هڪ مربي، مصلح، دين جا مبلغ، شاه ولي الله رحمه الله جن جي نقش قدم تي هلندي پنهنجي استاد محترم مولانا عبيد الله سنڌي رحمه الله جن جي ڪردار تي هلندي نمايان نظر ٿي آيا.
    تنهن کان پوءِ اديب محترم سائين حميد سنڌي صاحب جن پنهنجي خيالات جو اظهار ڪندي سائين قاسمي رحمه الله جن جي شخصيت جي ڪجهه زاوين تان پردي ڪشائي ڪئي.
    آخر ۾ محترم عالم اديب ڏاهي شخصيت علامه مظهر الحق صديقي صاحب جن پنهنجي عقيدت جو اظهار ڪندي قاسمي چيئر جي خدمات کي ساراهيو ۽ اهو پڻ ٻڌايو ته سنڌ يونيورسٽي ۾ قاسمي چيئر جيڪو ڪم ڪيو آهي ڪنهن ٻي چيئر اهڙو ڪم نه ڪيو آهي، ۽ اهو پٻ چيائون ته قاسمي چيئر جي قيام کان پوءِ ئي ٻين چيئرز جو قيام عمل ۾ جلد جلد آيو.
    سائين صديقي صاحب علامه قاسمي رحمه الله جن جون يادون تازه ڪرائي ڇڏيون، ۽ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي حوصله افزائي ڪئي.
    تنهن کان پوءِ محترم جناب تاج جويي صاحب جن هن تقريب جي اختتام جو اعلان ڪيو.
    ان کان پوءِ مجلس برخاست ٿي ته مون دوستن کان موڪلائڻ شروع ڪيو پر مونکي علامه قاسمي رحمه الله جن جي شهزادن محترم جناب ڊاڪٽر سعيد احمد قاسمي، محترم جناب پروفيسر نظير احمد قاسمي، سندن فيملي ميمبرن ۽ خاص طور تي منهنجا پيارا ساٿي علامه غلام مصطفي قاسمي رحمه الله جن جي پوٽن محترم محمود قاسمي، محترم اسامه قاسمي ۽ محترم محمد قاسمي جن مونکي موڪلائڻ نه ڏنو ۽ وڏي محبت سان چيائون ته انهن حيدرآباد جيم خانه ۾ ڊنر جو اهتمام ڪيو آهي جنهن ۾ مونکي پاڻ سان گڏ پنهنجي گاڏي ۾ وٺي ويا.
    اتي هڪ عاليشان ڊنر جو بندوبست ڪيو ويو هو، جت مونکي پنهنجي من پسند پرارين شخصيتن سان وڌيڪ ويجهي ٿيڻ ۽ ڪچهري جو موقعو مليو، تن ۾ محترم سائين مظهر الحق صديقي صاحب جن کان علاوه محترم سائين حميد سنڌي، محترم سائين قاضي خادم صاحب، محترم سائين تاج جويو صاحب کان علاوه به ٻين سنڌي اديبن محققن ۽ ڏاهن سان ڪچهري ڪرڻ جو موقعو مليو.
    ڊنر کان رات تقريبا 12 بجي فارغ ٿي مون ڪراچي ورڻ جي اجازت گهري پر شهزادن مونکي چارئي طرفن کان گهيري ورتو ته اوهان رات اسان وٽ ترسو جن کي ٻي واري جو واعدو ڏنو، تنهن کان پوءي انهن مونکي ڪراچي واري گاڏي ۾ روانو ڪري موڪلايو.

    دوستو!
    هاڻ آءُ اوهان دوستن سان ان پروقار ورسي ۽ ڪتاب (شذرات) جي مهورتي تقريب ۽ هال ۾ ويٺل دوستن جون ڪجهه يادگار تصوريون ونڊيان ٿو، اميد آهي ته اوهان کي پسند اينديون.
    دوستو اوهان هي رپوٽ پڙهي ۽ تصويرون ڏسي پنهنجي خيالن کان ضرور آگاه ڪجو.
    سدائين گڏ[/JUSTIFY]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]


    [​IMG]


    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: علامه ڊاڪٽر غلام مصطفي قاسمي رح جن جي ستين ورسي ۽ سندن ڪتاب (شذرات) جي مهورتي ت

    ڪجهه وڌيڪ تصويرون​


    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: علامه ڊاڪٽر غلام مصطفي قاسمي رح جن جي ستين ورسي ۽ سندن ڪتاب (شذرات) جي مهورتي ت

    ڪجهه وڌيڪ تصويرون​


    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]


    [​IMG]
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: علامه ڊاڪٽر غلام مصطفي قاسمي رح جن جي ستين ورسي ۽ سندن ڪتاب (شذرات) جي مهورتي ت

    ڪجهه وڌيڪ تصويرون​


    [​IMG]

    [​IMG]
    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]



    [​IMG]

    حيدرآباد جيم خانه ۾ هڪ اهڙي شخصيت جيڪا تعارف جي محتاج نه آهي سان گڏ هڪ يادگار تصوير
    سائين محترم مظهر الحق صديقي صاحب​


    [​IMG]
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: علامه ڊاڪٽر غلام مصطفي قاسمي رح جن جي ستين ورسي ۽ سندن ڪتاب (شذرات) جي مهورتي ت

    سائين محترم مظهر الحق صديقي صاحب جن سان هڪ ٻي يادگار تصوير حيدرآباد جيم خانه ۾​


    [​IMG]
     
  6. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: علامه ڊاڪٽر غلام مصطفي قاسمي رح جن جي ستين ورسي ۽ سندن ڪتاب (شذرات) جي مهورتي ت

    سائين طاهر پيارا علامه غلام مصطفيٰ قاسمي سنڌ جو وڏو عالم اديب ۽ ليکڪ هو ساڻس هن عاجز جي به ٻه ٽي دفعا ملاقات ٿي تمام پر وقار شخصيت محبت واري طبيعت رکندڙ ملنسار علم جو گوهر هو سنڌي زبان ۾ سندن ڪافي خدمتون آهن توهان انهن جي ڪتاب بابت ڄاڻ ڏني اوهان جي مهرباني.
     
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: علامه ڊاڪٽر غلام مصطفي قاسمي رح جن جي ستين ورسي ۽ سندن ڪتاب (شذرات) جي مهورتي ت

    ڪاوش جي هن پيج تي ان تقريب جي خبر ڇنڇر 11 ڊسمبر 2010 تي ڇپي هئي۔


    [​IMG]
     
  8. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: علامه ڊاڪٽر غلام مصطفي قاسمي رح جن جي ستين ورسي ۽ سندن ڪتاب (شذرات) جي مهورتي ت

    ادا اهڙي يادگار ۽ لاجواب ونڊ لاء آئون اوهان جو دل سان ٿورائتو آهيان۔ يقينن اهي زندگي جي ڪي يادگار پل هئا جنهن کي اوهان تصوير ۾ آڻي ڪري هميشه لاء محفوظ ڪري ڇڏيو آهي۔ جڏهن به اها ونڊ ڏسبي ته وري ياد تازه ٿي ويندي۔ ادا وري به آخر ۾ مهرباني
     
  9. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: علامه ڊاڪٽر غلام مصطفي قاسمي رح جن جي ستين ورسي ۽ سندن ڪتاب (شذرات) جي مهورتي ت

    ورسي ۽ ڪتاب جي رونمائيءَ جو شاندار بيان تصويرن سميت پيش ڪري ادي طاهر تمام سهڻو ڪم ڪيو آهي ۔۔۔ هن تفصيلي خبر سان گڏ جي علامه صاحب جي مختصر زندگي ۽ ڪيل خدمتن جو ذڪر به هجي ها ته اڃان ڀلو ۽ جنهن ڪتاب ”شذرات“ جي رونمائي ٿي ان بابت به ڪو تعرف هجي ها ته ڪتاب جي ڪهڙي نوعيت ۽ ڪهڙي موضوع تي لکيل هو ته ڄاڻ ۾ اضافي جو سبب ٿئي ها ۔۔۔

    ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔
     
  10. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: علامه ڊاڪٽر غلام مصطفي قاسمي رح جن جي ستين ورسي ۽ سندن ڪتاب (شذرات) جي مهورتي ت

    مهرباني مٺا سائين جو اوهان کي منهنجي هي عاجزانه محنت وڻي۔
     
  11. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: علامه ڊاڪٽر غلام مصطفي قاسمي رح جن جي ستين ورسي ۽ سندن ڪتاب (شذرات) جي مهورتي ت

    پيارا دوست اوهان جي به مهرباني، باقي اوهان جي تصوير تي ريڊ سرڪل جو ڪم رهيل آهي!! ڇا خيال آهي؟؟
     
  12. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: علامه ڊاڪٽر غلام مصطفي قاسمي رح جن جي ستين ورسي ۽ سندن ڪتاب (شذرات) جي مهورتي ت

    [justify]
    مٺا سائين اوهان جا وڏا وڙ جو مونکي اهي ڳالهيون نوٽ ڪرايون جيڪي مونکان رهجي ويون هيون۔
    مٺا سائين آءُ ڪو پروفيشل صحافي نه آهيان، بلڪِ اسان جي مانَ وارن سائين نثار ناز صاحب جن جي نقش قدم تي هلندي هڪ تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪيم، جيڪا منهنجي پهرين ڪوشش آهي، يقينن مونکا ڪافي زاويا سير طلب رهجي ويا هوندا، ڪافي شين تي آءُ روشني نه وجهي سگهيو هوندس، جو اوهان کي جيئن عرض ڪيو ته آءُ ڪو پروفيشنل نه آهيان بلڪِ پهرين ڪوشش آهي۔
    مون جمعي جي ڏينهن محترم سائين نثار ناز صاحب (جيڪي منهنجا آئيڊيل پڻ آهن) جن کي فون به ڪئي هئي هي پروگرام اٽينڊ ڪرڻ کان پهرين تاڪِ انهن کان ڪجهه فيض حاصل ڪري سگهان ڪجهه ٽيڪنيڪ حاصل ڪري سگهان پر سائين شايد مصروف هئا جو منهنجي ڪال اٽِنڊ نه ڪئي ۽ آءُ بغير ڪنهن تياري جي پروگرام ۾ وڃي پهتس۔
    پوءِ به اوهان ڪافي بهترين ڳالهيون نوٽ ڪرايون جنهن لاءِ آءُ اوهان جو ٿورائتو آهيان، اوهان جي خواهش جي تعميل ڪندي ان شاءَ الله ٻين پروگرامن ۾ به انهن ڳالهين جو خيال ڪيو ويندو۔
    لک لائق۔۔۔
    [/justify]
     
  13. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: علامه ڊاڪٽر غلام مصطفي قاسمي رح جن جي ستين ورسي ۽ سندن ڪتاب (شذرات) جي مهورتي ت

    ادا طاهر اوهان جي مهرباني

    سائين قاسمي صاحب جي پروگرام جي تصويري رپورٽ پڙهي واقعي ڏاڍي خوشي ٿي آهي جو سائين نثار ناز کانپوء اوهان اهڙي شاندار ڪوشش ڪئي آهي۔

    اوهان جا لک قرب ۔ دعائن ۾ ياد
     
  14. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: علامه ڊاڪٽر غلام مصطفي قاسمي رح جن جي ستين ورسي ۽ سندن ڪتاب (شذرات) جي مهورتي ت

    پيارا ڀاءُ لک لائق اوهان منهنجي هن ڪاوش کي پسند ڪيو۔
     
  15. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: علامه ڊاڪٽر غلام مصطفي قاسمي رح جن جي ستين ورسي ۽ سندن ڪتاب (شذرات) جي مهورتي ت

    ڪجهه ئي ڏينهن اڳ جڏهن نثار ناز سان ڳالهه ٿي هئي ته مون کيس سندس شاعري ۽ بهترين رپورٽنگ پيش ڪرڻ تي ساراهيو هيو۔۔۔ ظاهر آهي سندن ڪم به تمام گهڻو محنت سان تيار ڪيل هوندو آهي ان ڪري کيس ٻين موضوعن ۽ تحريرن تي رايا ڏيڻ يا تبصرو ڪرڻ جو وقت نه ملندو آهي ان باوجود سندس سان هلڪي شڪايت ڪيم ته پاڻ به چيائين ته ڀلا رپورٽنگ جو ڪم ڪجهه ٻين دوستن تي به رک ۔۔۔ ته جيئن مان ٻين موضوعن ڏي توجه ڏئي سگهان۔۔۔
    مون ٿوري دير لاءِ سوچيو ۽ پوءِ جواب ٺاهيندي کيس چيم ته سائين پهرين ڳالهه ته رپورٽنگ وارو ڪم مون توهان کي نه سونپيو آهي توهان خود ان ۾ دلچسپي رکي آهي ٻيو ته توهان جي لکڻ کان وٺي تصويرن شيئر ڪرڻ تائين ۽ وري وڊيو ريڪارڊ ڪري ايڊيٽنگ ۽ يوٽيوب تي اپلوڊ ڪري فورم تي شيئر ڪرڻ تائين سڀ ڪجهه منفرد ۽ الڳ ٿلڳ ٿيندو آهي ۔۔ ظاهر آهي باقي دوست نه اديب آهن ۽ نه وري انهن وٽ ڪيمراز آهن۔۔۔ سڀ کان اهم ڳالهه ته سمورا دوست انهن اهڙن ميڙاڪن کان ڪٽيل آهن تنهنڪري کين دعوتون به گهٽ ٿيون ملن ان ڪري مون سميت ڪنهن ٻئي جي وس جي ڳالهه نه آهي۔۔۔
    پر پهريون دفعو ادا سليمان ۽ هاڻي وري ادا طاهر هي رپورٽ ڳنڍي حيران ڪري ڇڏيو۔۔ پنهنجي پيرائتي تمهيد کان وٺي هڪ هڪ تصوير بابت وضاحت ۽ تفصيلي ليک مون کي منهنجي سوچ مٽائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو۔۔۔ واقعي هاڻي مان سائين نثار ناز جن کي برملا چئي سگهان ٿو ته سنڌ سلامت تي مهربان ۽ جاکوڙي دوستن جي کوٽ نه آهي۔۔۔
    ادا طاهر تمام ڀلي ۽ دلچسپ رپورٽ ونڊ ڪئي آهي توهان۔۔۔۔ جيئن ته توهان جي پهرين ۽ جامع رپورٽ هئي ان ڪري ظاهر آهي ته ڪاٿي ڪجهه رهجي ضرور ويو آهي پر مجموعي طور تي هن کي بهترين رپورٽ پڻ چئي سگهجي ٿو۔۔۔
    رپورٽ ڪرڻ وقت هڪ ڳالهه جو خاص خيال ڪيو ته تصوير ڪشي سان گڏو گڏ ان ميڙاڪي جي مقصد ۽ اتي موجود معزز شخصيت جي تقريرن کي به خاص طرح نوٽ ڪجي ۽ جي مناسب هجي ته اتي اٿندڙ خاص ڳالهه کي وڌيڪ واضح ڪجي۔۔ مثال طور جيڪڏهن ڪنهن ڪتاب بابت تقريب آهي ته ڪتاب بابت ضرور ڳالهيون لکجن يا وري مهمانِ خصوصي جي ٻولن کي ياد ڪري لکجي۔۔۔۔
    بحرحال بهترين رپورٽ پيش ڪرڻ تي مهرباني۔۔۔
    ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا۔۔۔۔
     
  16. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: علامه ڊاڪٽر غلام مصطفي قاسمي رح جن جي ستين ورسي ۽ سندن ڪتاب (شذرات) جي مهورتي ت

    ادا رشيد سمون سان سهمت ٿيندي واقعي مان مڃان ٿو ته منتظم اعلى جي سونپڻ بنا يا حُڪم بنا اکين ڏٺا احوال، تصويري حوال موڪليندو آهيان، اها منهنجي وڏي غلطي آهي پر منهنجا عزيز دوستو هميشهه ڪوشش ڪئي اٿم ته اسان جي سنڌ سلامت تي ڪجهه نئين کان نئون هُجي۔ ۽ جيڪو ڪجهه ڪجي ان مان اسان جا نوان دوست لاڀ حاصل ڪن۔ مان مڃان ٿو ڪافي دوستن وٽ ڪئميرائون وغيره ڪونه هونديون پر دوستو اهڙا اکين ڏٺا احوال بنا ڪنهن تصويري شيئرنگ جي به ونڊ ڪري سگهجن ٿا۔ ڳالهه صرف پنهنجي صلاحيتن کي نکارڻ جي آهي۔ هتي باربار ڳالهه پروفيشنل ۽ غير پروفيشنل رپورٽنگ جي به نڪتي آهي، ڀلا توهان ٻُڌايو ڇا آئون ڪو پروفيشنل رپورٽر آهيان بلڪل نه، جيڪڏهن منهنجون رپورٽون سنڌ سلامت جي اڱڻ واسطي پروفيشنل سمجهو ٿا، ته اهوتوهان جي سمجهه جو وڏو ڀنڍ آهي۔ ادا سائين اسان فقيرن جي رپورٽنگ ڪرڻ ۽ عام صحافي جي رپورٽنگ ڪرڻ ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق آهي اول ته صحافي ان وڏي تقريب جو اکين ڏٺو احوال موڪليندو ڪونه جيڪڏهن توهان ان سلسلي ۾ ڪنهن صحافي جو اکين ڏٺو احوال ڪٿي ڏسو ته ان احوال ۾ سڪي رائج الوقت جو ڪمال ضرور هوندو آهي، پر اسان جهڙا فقير پنهنجي مدد پاڻ جي اصولن تحت پنهنجي راتين جو ننڊون ڦٽائي، صرف سنڌ سلامت جي جي اڱڻ کي مهڪائڻ وارا خيال ذهن ۾ سمائي ادبي علمي يا شوبز جو تقريبون ونڊيندا آهيون ادا اسان زندگيءَ جي هاڻي انهيءَ حصي ۾ آهيون جو واهه واهه ڪرائي پنهنجي پاڻ کي وڻارايون وارو خيال به اسان لاءِ ڪا معنى نٿو رکي اهو توهان دوستن جي مهرباني هوندي آهي جو هن جهوني کي پيار سونپيندا آهيو ۽ مان سدائين توهان جي همت افزائين جو شڪريو ادا ڪري توهان جا ٿورا مڃندو آهيان۔ سڀ کان وڏو منهنجي زندگيءَ جو مقصد صرف اهو هوندو آهي ته منهنجي ونڊ ڪيل پوسٽن کي ڏسي سنڌ سلامت جو هرڪو سينئر يا جونيئر ميمبر سنڌي مضمون ، سنڌي اکين ڏٺا احوال پنهنجي پنهنجي فڪر ۽ فهم سان لکي سنڌ سلامت تي ونڊ ڪري ائين ڪرڻ سان سنڌي ڪمپيوٽنگ، سنڌي ٻولي، ۽ سڀ کان وڌيڪ سندن لکڻ واري فن ۾ واڌارو ٿيندو، نت نوان ۽ نڪور خيال سندن ذهنن ۾ سرجندا۔ ادا باقي منهنجي شاعري ته هڪڙي تخليق آهي، توهان کي ٻُڌايان ته جڏهن ڪا منهنجي ذهن تي شاعري واري تخليق سرجندي پئي آهي مان سنڌ سلامت جي منتظم کان بغير ڪنهن سونپيل ڪم ۽ بنا ڪنهن اجازت رولز جي وائيوليشن ڪريو ڪڏهن بدين جي ڪنهن ادبي تقريب ۾ ويٺو هوندو آهيان ته ڪڏهن پنگريو، ڪڏهن ٺٽو، ڪڏهن ڄامشورو، ڪڏهن حيدرآباد جي سنڌ ميوزم جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ ته ڪڏهن سنڌي لينگويج اٿارٽي جي هال ۾ سنڌ سلامت لاءِ ڪوريج پيو ڪندو آهيان، توهان هر انهي شاعر کان پڇي ڏسندا ته جڏهن سندس سوچ جو سفر پنهنجي سوچ جي اُڏام لاءِ تيار ٿيندو آهي تڏهن ان کي اڪيلائي جي ڪيڏي ضرورت هوندي آهي پر سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ واسطي ڪافي ڀيرا ڪافي تخليقي ڪاوشن کي بائي باس ڪري رڳو سنڌ سلامت کي پنهنجي حواسن تي طاري ڪيو اٿم اهو به پنهنجي سڀني حواسن ۾ ۔ مونکي خوشي آهي ته منهنجي سنڌ سلامت جا ٻه انتهائي محنتي دوست محترم سليمان وساڻ ۽ پيارو دوست ادا طاهر سنڌي سنڌ سلامت جي لاءِ پنهنجي مدد پاڻ واري اصول تحت رپورٽنگ ڪري ونڊ ڪن پيا، شڪر الحمد الله آئون پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي ويس۔ مونکي خبر آهي ته انهن جي ديکا ديکي ۾ سنڌ سلامت جا ڪافي سارا دوست اڳيان ايندا۔ ۽ منهنجي اسان سڀني جي محبتي اڱڻ سنڌ سلامت کي چار چنڊ لڳائيندا رهندا۔ ادا سليمان پنهنجو اکين ڏٺو احوال ايڪتا ڏيهاڙي متعلق موڪليو، ان باري ۾ پنهنجا ڪامينٽس ڏئي چُڪو آهيان، باقي ادا طاهر سنڌي جي هن اکين ڏٺي احوال جو مشاهدو ڪري ڇڏيو اٿم رواجي ڪامينٽس واهه واهه يا سٺو آهي چئي جان ڪونه ڇڏائيندس۔ انشاالله سندس انهي محنت تي اڄ يان سڀاڻي تفصيلي ڪامينٽس ڏيندس۔[/justify][/justify]
     
  17. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: علامه ڊاڪٽر غلام مصطفي قاسمي رح جن جي ستين ورسي ۽ سندن ڪتاب (شذرات) جي مهورتي ت


    اسان ڪيڏا نه خوش نصيب آهيون جو اسان کي سنڌ سلامت جهڙو پليٽ فارم مليو آهي، ( جنهن لاء محترم دوست عبدالرشيد سمون صاحب ۽ نثار ناز صاحب جا ٿورائته آهيون جن اسان کي اهڙو بهترين اڱڻ، پليٽ فارم، مهيا ڪري ڏنو۔ الله هميشه انهن کي پنهنجي امان ۾ رکي ۽ اڃان کين وڌيڪ سنڌي قوم ۽ سنڌي ٻولي لاء ڪم ڪرڻ جي توفيق عطاء ڪري ۽ سدائين سکيو ستائبو رکي آمين۔ ) سنڌ سلامت هڪ اهڙو اڱڻ آهي جتي توهان کي هر قسم جو فرد، دوست ساٿي همراض ملاقات لاء ملندو، جنهن سان توهان پنهنجا حال اوري سگهو ٿا ۽ پنهنجا حال ونڊي سگهو ٿا، هتي هر ذهني ليول جو ماڻهون توهان کي ملي ويندو اگر توهان اها نيڪ نيتي واري عينڪ پائي ڪري ڳوليندو ته
    هڪ طرح سان هي اڱن( سنڌ سلامت ) به اسان جو هڪ ڪاڪ محل، يا ڪاڪ ترين آهي ۽ بقول شاه عبداللطيف ڀٽائي رح ته
    هلو هلو، ڪاڪ ترين جتي نينهن اڇل​
    نه ڪا جهل نه ڪا پل ، سڀڪا پسي پرين کي۔ ​

    سنڌ سلامت تي توهان کي مذهبي شوق ۽ عشق محبت رکندڙ کان وٺي، اديب، شاعر، ليکڪ صحافي ڪمپيوٽر جي ماهر تائين توهان کي سڀ دوست ملي ويندا۔ مان جڏهن سنڌ سلامت جي اڱڻ تي آيو هئس ته مون کي ايتري اميد نه هئي ته ڪو هن اڱڻ تي اهڙا سُريلا ، علم ادب سان چاهه رکندڙ باوقار، سلڇڻا، جاکوڙي، محبتي، يارن جا يار، هڏ ڏوکي، ۽ پنهنجي ٻولي سان محبت ڪندڙ دوست ملندا مگر هت ته منهنجي گمان کان ڪئين دفعا وڌيڪ سٺا، محبتي علم سان چاهه رکندڙ دوست مليا۔ ۽ هر ساٿي پنهنجي وس آهر سنڌ سلامت تي ڪم ڪندڙ نظر پيو اچي جنهن سان هر هڪ کي ڪنهن نه ڪنهن ڳالهه جو فائدو حاصل ٿيندو رهي ٿو۔ ادا مان ته ائين چوندس ته
    ( تنهن عشق کي شاباس جنهن محبتي مڙيا )​
    سنڌ سلامت جا دوستو مان ڏسان پيو ته ڪافي وقت کان اسان جو دوست محترم سائين نثار ناز صاحب ئي هو جيڪو وڏي محنت سان ادبي محفلن جون ، سرگرمين جون گڏجاڻين جون، پروگرامن جون سهڻيون رپورٽون تيار ڪري سنڌ سلامت جي اڱڻ تي ونڊ ڪري سنڌ سلامت جي اڱڻ کي اجاريندا رهندا هئا ، مگر هاڻ ته اسان جو هڪ ٻيو جاکوڙي هر دل عزيز دوست محترم ڀاء طاهر سنڌي صاحب پڻ اهڙيون محنتون شروع ڪري ڏنيون آهن (((((طاهر سنڌي صاحب هڪ سلڇڻا بااخلاق، يار ويس، محبتي، ڪچهري جا مور ، مکڻ ماڻهون علم ادب، ۽ عالمن بزرگن سان محبت ڪندڙ باوقار ۽ نرم مذاج رکندڙ، طبعن سادي شخصيت جا مالڪ آهن، اسان جي زندگي جي پهرين ملاقات ابن سينا اسپتال ڪراچي ۾ ٿئي هئي ۽ ان پهرين ملاقات ئي اسان جي دلين جي ميکن کي مظبوط ڪري ڇڏيو، ۽ ان پهرين ڏينهن ئي اسان جي هڪ بهترين يادگار قرب ڪچهري ۽ روح رهاڻ ٿئي جنهن کي مان ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهان۔ بقول شاه صاحب
    جڏهان ڪئون ٿيام، ساڃاهه سپيرين سين
    تڏهان ڪر تر، جيترو ويل نه وسريام
    اندر روح رهيام سڄڻ اوطاقون ڪري ​
    شايد زندگي ۽ قسمت موقعو ڏنو ته طاهر سنڌي صاحب جي ان پهرين ملاقات کان وٺي زندگي جي آخري ملاقات تائين جي سفر جو تذڪرو مان پنهنجي دوستن جي لکيل خاڪن جي ڪتاب ۾ پڻ ڪيان۔)))))

    محترم طاهر صاحب ان رپورٽن جي سلسلي ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو ۾ رٿيل پروگرام جناب علامه غلام مصطفه قاسمي صاحب رح جن جي ورسي جي موقعي تي هڪ رپورٽ تيار ڪري آيا آهن جنهن ۾ رپورٽ کان وٺي الفاظن جي استعمال تائين بهترين ڪم ڪيل آهي، ان کان علاوه سنڌي صاحب جيڪو فوٽو گرافي تي ڪم ڪيو آهي ان جي ڇا ڳالهه ڪجي، اهو هڪ يادگار سرمايو آهي، جنهن کي سنڌي صاحب سنڌ سلامت تي ونڊ ڪري محفوظ ڪري ڇڏيو آهي، محترم طاهر سنڌي صاحب جي ان ڪم تي جيتري تعريف ڪجي اها گهٽ آهي،
    منهنجي خيال ۾ سنڌي صاحب فوٽو گرافي جا شايد مون وانگر شوقين مڙس آهن، اهو مون ان ڳالهه مان اندازو لڳايو جو ، جن ڏينهن ۾ مان بيماري جي ڪري ابن سينا اسپتال نزد نيپا ڪراچي وٽ داخل هئس ته اتي محترم طاهر سنڌي صاحب جن آيا ۽ اتي پڻ منهنجون تصويرون ورتائون، ۽ ڄام شورو جي تيار ڪيل رپورٽ لاء پنهنجي موبائل جون تصويرون پڻ مون کي ڏيکاريائون، ۽ اهيو پڻ ذڪر ڪيائون ته هن رپورٽ کي سنڌ سلامت تي پڻ ونڊ ڪرڻو آهي ۽ پاڻ ائين ئي ڪري ڏيکاريائون۔ جيڪا ڳالهه تعريف جي لائق آهي،

    [​IMG]
    ادا طاهر علامه غلام مصطفه قاسمي صاحب رح جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، ادا جڏهن پوئتي ڏسجي ٿو ته سنڌ ڌرتي الائي ڪيترا اهڙا ثپوت پيدا ڪيا آهن جن تي سنڌ، سنڌي ماڻهون ۽ سنڌي ٻولي کي فخر حاصل آهي،
    انهن ثپوتن مان حضرت علامه غلام مصطفه قاسمي صاحب جن به هڪ هئا، علامه صاحب 21 ذي القعد 1342ه مطابق 1916ع تي ڳوٺ ڀنڀو خان چانڊيو ضلع لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيا، علامه صاحب ذات جا چانڊيا هئا، ۽ سندس والد صاحب جو نالو حافظ محمود چانڊيو هو جيڪو پڻ پنهنجي وقت جو هڪ وڏو عالم ۽ بزرگ هئا ، ۽ وقت جي جيد عالم مولانه غلام صديق شهدادڪوٽيء رح جا شاگرد هئا
    علامه صاحب نه صرف مذهبي عالم هئا مگر ان سان گڏ ٻين علمن جا پڻ ماهر عالم ۽ اڪابر هئا، ۽ هنن پاڻ کي صرف مذهبي تعليمات تائين محدود نه رکيو بلڪه پاڻ ديوبند مان فارغ ٿيڻ کان پوء دهلي جي اورئنٽل ڪاليًج ۾ داخل ٿئي مشرقي علمن جي حاصلات لاء پڻ پاڻ پتوڙيائين۔
    علامه صاحب اهي خوشنصيب عالم آهن جن جي نگراني ۾ گهٽ مان گهٽ به 100 عالمن اديبن ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي آهي، جن ۾ مشهور نالا هي آهن
    ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب ، سيد محمود شاه صاحب ۔ ڊاڪٽر عبدالخالق راز سومرو صاحب ، ڊاڪٽر محمد جمن ٽالپر صاحب، ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي صاحب، ڊاڪٽر عبدالجبار مغل صاحب ، ڊاڪٽر آپا شمس عباسي صاحبه ، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي صاحب، ڊاڪٽر شاهنواز سودر صاحب، ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري صاحب، ڊاڪٽر عبدالهادي سرهيو صاحب، ڊاڪٽر مظهرالدين سومرو صاحب، ڊاڪٽر يار محمد قاضي صاحب، ڊاڪٽر محمد ادريس صاحب، ڊاڪٽر عبدالرزاق سومرو صاحب،ڊاڪٽر حبيب الله صديقي صاحب، ڊاڪٽر حافظ عبدالقيوم السندي ( ميراڻي ) صاحب ، ڊاڪٽر عبدالحي ابڙوصاحب جن شامل آهن۔ ( مدير ماهنامه السنڌ اسلام اباد جيڪي پڻ نه ناچيز ممتاز جا دوست آهن )
    علامه صاحب هڪ ئي وقت سنڌي، اردو، فارسي، ۽ عربي جا ماهر عالم هئا، سندس انهن ٻولين ۾ ڪيترائي مضمون ۽ مقالا لکيل آهن، جيڪي مقالات قاسمي جي نالي سان پڻ شايع ٿئي چڪا آهن۔
    قاسمي صاحب نه صرف اسلامي ڪتابن تي ڪم ڪيو مگر قاسمي صاحب جن شاه جي رسالي تي پڻ ڪم ڪيو هو جيڪو ڪن سبب جي ڪري اڌورو رهجي ويو هو۔ علامه قاسمي صاحب جن مولانه عبيدالله سنڌي جي مڪتبه فڪر سان فيضياب هئا، علامه صاحب جن حيدرآباد ۾ پڻ شاه ولي الله جي نالي سان اڪيڊمي جا ڊاريڪٽر پڻ رهيا، ان کان علاوه پاڻ سنڌ يونيورسٽي جا پروفيسر پڻ رهيا،
    علامه غلام مصطفه قاسمي جهڙيون شخصيتون صدين پڄاڻان ئي پيدا ٿينديون آهن دعا آهي ته رب پاڪ سندس بشري خطائون ميٽي ڪري کيس جنت الفردوس ۾ جايون عطاء ڪري آمين
    ۔
     
  18. غلام مرتضى وساڻ

    غلام مرتضى وساڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    191
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: علامه ڊاڪٽر غلام مصطفي قاسمي رح جن جي ستين ورسي ۽ سندن ڪتاب (شذرات) جي مهورتي ت

    ادي طاهر کي به رپوٽر ٿيڻ تي مبارڪون

    سنڌ سلامت وٽ هڪ ئي نثار ناز هيو جيڪو پيو لکندو هو ۽ رپورٽون ونڊ ڪندو هو۔ هاڻي ان ۾ واڌورو ٿيو آهي جو سليمان ۽ طاهر به اچي ڪم کي کنيو آهي۔ ادا رشيد کي صلاح آهي ته سنڌ سلامت جي چئنل تي ڪم شروع ڪري جو هاڻي بهترين تيم پئي ٺهي۔

    ادا طاهر چڱي رپورٽنگ ۽ فوٽوگرافي آهي
     
  19. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: علامه ڊاڪٽر غلام مصطفي قاسمي رح جن جي ستين ورسي ۽ سندن ڪتاب (شذرات) جي مهورتي ت

    [justify]پيارا طاهر سنڌي توهان جو هي اکين ڏٺو احوال ۽ تصويرون ڏسي انتهائي خوشي ٿِي هاڻي گهٽ ۾ گهٽ نثار ناز پنهنجي ساٿ ۾ ٻن بهترين دوستن محترم محمد سليمان وساڻ ۽ ادا طاهر سنڌي کي ساڻ کڻي ٽيم ورڪ جي حيثيت سان بنا ڪنهن پريشاني جي ڪم ڪري سگهي ٿو۔ سنڌي ليگوينج اٿارٽي ۾ سنڌ جي مهان ڏاهي غلام مصطفى قاسمي مرحوم جي ستين ورسي ۽ مرحوم جي ڪتاب شذرت جي مهورت واري تقريب جي سنڌ سلامت لاءِ ڪوريج مڪمل طور تي هڪڙي نهايت ئي خوشگوار ونڊ آهي جنهن لاءِ ادا طاهر توهان لکين کيرون لهڻو، مونکي خبر آهي ادا طاهر جڏهن سنڌ سلامت جون محبتون سر تي چڙهي وينديون آهن تڏهن ئي اسان پنهنجي صلاحيتن کي بروءِ ڪار آڻي اهو ڪجهه ڪري ڏيکاريندا آهيون جيڪو سڀني کان مختلف هُجي، ۽ مڪمل طور سنڌ سلامت لاءِ عملي طور پنهنجو پاڻ‌کي پيش ڪجي۔ سلام آهي ادا طاهر سنڌي توهان کي جو توهان پنهنجون صلاحيتون سنڌي جي حيثيت سان سنڌ سلامت لاءِ سنڌي ٻولي لاءِ وقف ڪيون، پنهنجو قيمتي وقت وقف ڪري هڪڙي سنڌ جي ڏاهي مفڪرجي ورسي ۽ ان جي ڪتاب جي مهورت واري تقريب دنيا جي ساري سنڌين سان ونڊ ڪئي ۔ آئون اميد ٿو ڪريان ته سنڌ سلامت لاءِ توهان جو اهو محبت وارو جذبو سدائين توهان جي دل ۾ قائم ۽ دائم رهندو، توهان جي ڀر پاسي جون تمام تر ادبي تقريبون، يا فنون لطيفه سان تعلق رکندڙ تقريبون اسان سان خلوص سان ونڊيندو رهندين ۽ سنڌي ڏاهن، سنڌي اديبن، سنڌي فنڪارن، سنڌي اسڪالرن جي ڪاوشن کي دنيا جي سامهون آڻيندو رهندين ته جيئن دنيا کي خبر پوي ته اسان جا سنڌي ڏاها هر معاملي ۾ ڪنهن کان به گهٽ ڪونهن۔ منهنجون دعائون سدائين توهان سان گڏ آهن شل سدائين سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪندو رهين شال سدائين آباد هُجين ۔ آمين ثم آمين[/justify]
     
  20. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: علامه ڊاڪٽر غلام مصطفي قاسمي رح جن جي ستين ورسي ۽ سندن ڪتاب (شذرات) جي مهورتي ت

    پيارا ڀاءُ مهرباني اوهان جي۔
    ڊاڪٽر عبد القيوم ميراڻي هن عاجز جا والد محترم آهن۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو