جواد رضا
سينيئر رڪن
سڄي ملڪ مان پهتل لکين مومنن جو ياحسين يا حسين جي صدائن سان ماتم، عورتون به شامل
روهڙي ۾ 5 سئو سالا قديم ڪربلا جو تعزيو برآمد، لکين ماڻهن جو ماتم، 2 سئو زخمي
روهڙي (ن ع آ) : ڪربلا جي شهيدن حضرت امام حسين ۽ سندس ساٿين جي ياد ۾ روهڙي ۾ 9 محرام جي رات شمع گل واري رسم ادا ڪري پنج سئو سالا قديم ڪربلا موليٰ جو تعزيو مسجد شاهه عراق وٽان برآمد ڪري صبح جو منڊو کبڙ پڙ تي زيارت لاءِ رکيو ويو. جتان 9 محرام الحرام خميس ڏينهن منجهند ڌاري ڪربلا موليٰ تعزيو ٻيهر برآمد ٿيو. جيڪو پنهنجي روايتي روٽن شاهي بازار، درگاهه وار مبارڪ گهٽي، ڍڪ بازار، جيلاني روڊ، وڇوڙو چوڪ تير ٻين ٻن ماتمي تعزيتن ٻگهلو ۽ ڦرڻو مان وڇوڙو ڪرائڻ بعد ڪربلا موليٰ جي تعزيي کي اولياءِ حيدر شاهه حقاني جي درگاهه سامهون ڪربلا جي ميدان واري پڙ تي شام جو دير سان پهچايو ويو. جتان اڄ 10 محرم الحرام تي منجهند ڌاري هڪ دفعو ٻيهر برآمد ڪري ريلوي اسٽيشن لڳ ٽڪر تي نهر ڪيو ويندو. انتظاميا پاران شهر جي اچ وڃ وارن رستن تي توڙي روڊن تي ڪنڊي دار تارون هڻي ٽرڪون بيهاري انهن کي بند ڪيو ويو آهي. جتي پوليس ۽ رينجرس جي وڏي انگ ۾ نفري مقرر ٿيل آهي. جڏهن ته شهر توڙي ماتمي پڙ ڏانهن ويندڙ عزادار مردن عورتن ٻارڙن توڙي شهرين کان مڪمل تلاشي وٺي کين وڃڻ ڏنو پيو وڃي. جڏهن ته ماتمي روڊ تي واڪ ٿرو گيٽ پڻ لڳايا ويا آهن. جتي وڏي انگ ۾ ليڊيز پوليس عزدار مرد، عورتن توڙي ٻارن کي سئي کان بچائڻ لاءِ ميدان ڪربلا ۽ ڀرپاسي جي هندن تي شاميانا لڳايا ويا آهن. جتي هزارن جي تعداد ۾ عزادار ويٺل رهيا. ماتمني تعزيي جي نظر اچڻ بعد عزادار يا حسين يا حسين جون سدائون لڳائي سينا زني ۽ نوحا خواني ڪري رهيا هئا. ٻئي طرف تعزيي کي ڪلهو ڏيڻ دوران سخت پيهه ۽ ماتم دوران 200 کان وڌيڪ عزادار بيهوش ۽ زخمي ٿي پيا. جن کي ڪربلا ميدان لڳ قائم ڪيل مختلف تنظيمن، شهري دفاع، آءِ ايس او ۽ انصاري ٽرسٽ ۽ ٻين تنظيمن جي طبي ڪئمپن ۾ طبي امداد ڏيڻ بعد فارغ ڪيو ويو.