• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

روهڙي ۾ 5 سئو سالا قديم ڪربلا جو تعزيو برآمد، لکين ماڻهن جو ماتم، 2 سئو زخمي

جواد رضا

سينيئر رڪن
سڄي ملڪ مان پهتل لکين مومنن جو ياحسين يا حسين جي صدائن سان ماتم، عورتون به شامل

روهڙي ۾ 5 سئو سالا قديم ڪربلا جو تعزيو برآمد، لکين ماڻهن جو ماتم، 2 سئو زخمي
Rohri%20Matam.jpg


روهڙي (ن ع آ) : ڪربلا جي شهيدن حضرت امام حسين ۽ سندس ساٿين جي ياد ۾ روهڙي ۾ 9 محرام جي رات شمع گل واري رسم ادا ڪري پنج سئو سالا قديم ڪربلا موليٰ جو تعزيو مسجد شاهه عراق وٽان برآمد ڪري صبح جو منڊو کبڙ پڙ تي زيارت لاءِ رکيو ويو. جتان 9 محرام الحرام خميس ڏينهن منجهند ڌاري ڪربلا موليٰ تعزيو ٻيهر برآمد ٿيو. جيڪو پنهنجي روايتي روٽن شاهي بازار، درگاهه وار مبارڪ گهٽي، ڍڪ بازار، جيلاني روڊ، وڇوڙو چوڪ تير ٻين ٻن ماتمي تعزيتن ٻگهلو ۽ ڦرڻو مان وڇوڙو ڪرائڻ بعد ڪربلا موليٰ جي تعزيي کي اولياءِ حيدر شاهه حقاني جي درگاهه سامهون ڪربلا جي ميدان واري پڙ تي شام جو دير سان پهچايو ويو. جتان اڄ 10 محرم الحرام تي منجهند ڌاري هڪ دفعو ٻيهر برآمد ڪري ريلوي اسٽيشن لڳ ٽڪر تي نهر ڪيو ويندو. انتظاميا پاران شهر جي اچ وڃ وارن رستن تي توڙي روڊن تي ڪنڊي دار تارون هڻي ٽرڪون بيهاري انهن کي بند ڪيو ويو آهي. جتي پوليس ۽ رينجرس جي وڏي انگ ۾ نفري مقرر ٿيل آهي. جڏهن ته شهر توڙي ماتمي پڙ ڏانهن ويندڙ عزادار مردن عورتن ٻارڙن توڙي شهرين کان مڪمل تلاشي وٺي کين وڃڻ ڏنو پيو وڃي. جڏهن ته ماتمي روڊ تي واڪ ٿرو گيٽ پڻ لڳايا ويا آهن. جتي وڏي انگ ۾ ليڊيز پوليس عزدار مرد، عورتن توڙي ٻارن کي سئي کان بچائڻ لاءِ ميدان ڪربلا ۽ ڀرپاسي جي هندن تي شاميانا لڳايا ويا آهن. جتي هزارن جي تعداد ۾ عزادار ويٺل رهيا. ماتمني تعزيي جي نظر اچڻ بعد عزادار يا حسين يا حسين جون سدائون لڳائي سينا زني ۽ نوحا خواني ڪري رهيا هئا. ٻئي طرف تعزيي کي ڪلهو ڏيڻ دوران سخت پيهه ۽ ماتم دوران 200 کان وڌيڪ عزادار بيهوش ۽ زخمي ٿي پيا. جن کي ڪربلا ميدان لڳ قائم ڪيل مختلف تنظيمن، شهري دفاع، آءِ ايس او ۽ انصاري ٽرسٽ ۽ ٻين تنظيمن جي طبي ڪئمپن ۾ طبي امداد ڏيڻ بعد فارغ ڪيو ويو.
 
جواب: روهڙي ۾ 5 سئو سالا قديم ڪربلا جو تعزيو برآمد، لکين ماڻهن جو ماتم، 2 سئو زخمي

ادا عمران انهيءَ‌ جلوس جي ته ڳالهه ئي الڳ آهي، ان ۾ ٻه سال مان پاڻ‌شرڪت ڪئي آهي ۽ لکين ماڻهن جي جلوس جي اندر به قدرتي طور تي مونکي زيارت نصيب ٿي وئي۔۔۔ وڏي روحانيت هوندي آهي، ڀلي ڪيترو به سياڻو هجي يا گرمي، هي جلوس 450 سالن کان وٺي پنهنجي روايتي طريقي سان هلندو پيو اچي۔۔
 
جواب: روهڙي ۾ 5 سئو سالا قديم ڪربلا جو تعزيو برآمد، لکين ماڻهن جو ماتم، 2 سئو زخمي

جي ادا مست سچ چئو ٿا توهان بلڪل روحانيت هوندي آهي ان جلوس ۾ ۽ زيارت به ڪنهن ڪنهن کي بصيب ٿنيدي آهي ادا مست توهان خوش نصيب آهيو۔
 
جواب: روهڙي ۾ 5 سئو سالا قديم ڪربلا جو تعزيو برآمد، لکين ماڻهن جو ماتم، 2 سئو زخمي

روهڙي ۾ 5 سئو سالا قديم ڪربلا جو تعزيو برآمد، لکين ماڻهن جو ماتم، 2 سئو زخمي
عوامي آواز
 
جواب: روهڙي ۾ 5 سئو سالا قديم ڪربلا جو تعزيو برآمد، لکين ماڻهن جو ماتم، 2 سئو زخمي

روهڙي ۾ 5 سئو سالا قديم ڪربلا جو تعزيو برآمد، لکين ماڻهن جو ماتم، 2 سئو زخمي
عوامي آواز

ادا منهنجي نظر شايد توهان ان تحرير جي حوالي نه هجڻ جي ڳالهه ڪئي آهي ؟
ادا ٿورو هنن لفظن ( روهڙي (ن ع آ) : ) ڏي ڏسو ها ته سمجهي سگهيو پئي۔۔
شايد توهان جو اهيو مطلب نه هجي؟

والله اعلم بالصواب
 
جواب: روهڙي ۾ 5 سئو سالا قديم ڪربلا جو تعزيو برآمد، لکين ماڻهن جو ماتم، 2 سئو زخمي

ادا عمران انهيءَ‌ جلوس جي ته ڳالهه ئي الڳ آهي، ان ۾ ٻه سال مان پاڻ‌شرڪت ڪئي آهي ۽ لکين ماڻهن جي جلوس جي اندر به قدرتي طور تي مونکي زيارت نصيب ٿي وئي۔۔۔ وڏي روحانيت هوندي آهي، ڀلي ڪيترو به سياڻو هجي يا گرمي، هي جلوس 450 سالن کان وٺي پنهنجي روايتي طريقي سان هلندو پيو اچي۔۔

واقعن سچ ڇيو اٿو ڀاءُ انهي عشق ۾ ڪنهن کي به موسم جي خبر نه پوندي آهي۔
 
Back
Top