شبانه امتياز سمون
سينيئر رڪن
مونکي سگهندو ڪين ڪِي روڪي تُنهنجو رُڪ،
سانگِي تنهنجون سنگهرون ڀڃي ڪندا ڀُڪ،
ٻئي هٿ گڏي ٻُڪ، کنيم لاکِيڻي لڄ لئه ! ( مُنشي ابراهيم)
سانگِي تنهنجون سنگهرون ڀڃي ڪندا ڀُڪ،
ٻئي هٿ گڏي ٻُڪ، کنيم لاکِيڻي لڄ لئه ! ( مُنشي ابراهيم)
آئون شبانه امتياز سمون پنهنجو تعارف سنڌ سلامت جي دوستن سان ڪرائيندي ڏاڍي خوشي پئي محسوس ڪريان، امتياز منهنجو جيون ساٿي آهي، منهنجي تعليم ايم ايس سي ايل ايل بي آهي، ڪنهن نياڻي جي اک جو ڳوڙهي ڏسي تڙپي پوندي آهيان ، ڪوشش ڪندي آهيان ته ان اک جي ڳوڙهي کي ڌرتي تي ڪرڻ کان روڪيان، انسان ذات جي خدمت کي پنهنجو نصب العين سمجهندي آهيان، سنڌ ڌرتي جي ڄائي آهيان سنڌ منهنجي ما آهي، ۽ سنڌ ڌرتي تي جبر ظلم ۽ ڏاڍ کي روڪڻ جي خواهش مند آهيان، انهي خواهش کي عملي جامون پهرائڻ لا گُذريل پنجن سالن کان ناري ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن ٽنڊو محمد خان ۽ بدين جي پليٽ فارم تان پاڻ پتوڙي رهي آهيان، دوکيبازن سان به وفائن سان نڀايو اٿم ، ڇو جو وفائون ئي دوکيبازي جو انت آڻين ٿيون۔ دنيا جي هر شي سان نڀاهه ڪري ويندي آهيان پر ڪوڙ سان سخت نفرت آهي، ڇو جو ڪوڙ دنيا هر هر برائين جي پاڙ هوندو آهي۔ سنڌ سلامت جي هن خوبصورت منزل جو پتو اسان جي شهر ٽنڊو محمد خان جي يگاني ۽ فقيراڻي طبيعت رکندڙ محترم نثار ناز ڏنو نثار ناز کي پنهنجو وڏو ڀا سمجهندي آهيان۔ سنڌ سلامت جا سمورا ميمبر توڻي جو مونکي ڪونه سڃاڻندا هوندا، پر آئون ادا عبدالرشيد سمون ، ادا نثار ابڙو، ڀا اسد مست ، ادا محمد سليمان وساڻ، ادا وحيد ڦلپوٽو فقير، ادا علي علي ، ادا ممتاز علي وگهيو، ادا طاهر سنڌي جي لکڻين کان بخوبي واقف آهيان، ان کان علاوه سنڌ سلامت جا سمورا ڀائر منهنجي لا انتهائي احترام جي لائق آهن ڇو جو انهن اسان جي جيجل سنڌ ڌرتي جي خدمت سنڌ سلامت جي اڱڻ تان ڪئي آهي۔ آئون به توهان جي سٿ ۾ شامل ٿي هڪڙي ڪارڪن جي حيثيت سان پنهنجي ڪچي ڦڪي لکڻين سان سنڌ ڌرتي جي خدمت ڪرڻ ٿي چاهيان ۔ توهان جي ساٿ جي منتظر
سنڌ سلامت سان ساٿ نڀايون
اچو ته پنهنجو پاڻ ملهايون (شبانه امتياز)
اچو ته پنهنجو پاڻ ملهايون (شبانه امتياز)