آئون شبانه امتياز سمون ، پنهنجو تعارف ٿي ڪرايان ته:

'تعارف' فورم ۾ شبانه امتياز سمون طرفان آندل موضوعَ ‏18 ڊسمبر 2010۔

  1. شبانه امتياز سمون

    شبانه امتياز سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    87
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    مونکي سگهندو ڪين ڪِي روڪي تُنهنجو رُڪ،
    سانگِي تنهنجون سنگهرون ڀڃي ڪندا ڀُڪ،
    ٻئي هٿ گڏي ٻُڪ، کنيم لاکِيڻي لڄ لئه ! ( مُنشي ابراهيم)​


    [​IMG]

    [JUSTIFY]آئون شبانه امتياز سمون پنهنجو تعارف سنڌ سلامت جي دوستن سان ڪرائيندي ڏاڍي خوشي پئي محسوس ڪريان، امتياز منهنجو جيون ساٿي آهي، منهنجي تعليم ايم ايس سي ايل ايل بي آهي، ڪنهن نياڻي جي اک جو ڳوڙهي ڏسي تڙپي پوندي آهيان ، ڪوشش ڪندي آهيان ته ان اک جي ڳوڙهي کي ڌرتي تي ڪرڻ کان روڪيان، انسان ذات جي خدمت کي پنهنجو نصب العين سمجهندي آهيان، سنڌ ڌرتي جي ڄائي آهيان سنڌ منهنجي ما آهي، ۽ سنڌ ڌرتي تي جبر ظلم ۽ ڏاڍ کي روڪڻ جي خواهش مند آهيان، انهي خواهش کي عملي جامون پهرائڻ لا گُذريل پنجن سالن کان ناري ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن ٽنڊو محمد خان ۽ بدين جي پليٽ فارم تان پاڻ پتوڙي رهي آهيان، دوکيبازن سان به وفائن سان نڀايو اٿم ، ڇو جو وفائون ئي دوکيبازي جو انت آڻين ٿيون۔ دنيا جي هر شي سان نڀاهه ڪري ويندي آهيان پر ڪوڙ سان سخت نفرت آهي، ڇو جو ڪوڙ دنيا هر هر برائين جي پاڙ هوندو آهي۔ سنڌ سلامت جي هن خوبصورت منزل جو پتو اسان جي شهر ٽنڊو محمد خان جي يگاني ۽ فقيراڻي طبيعت رکندڙ محترم نثار ناز ڏنو نثار ناز کي پنهنجو وڏو ڀا سمجهندي آهيان۔ سنڌ سلامت جا سمورا ميمبر توڻي جو مونکي ڪونه سڃاڻندا هوندا، پر آئون ادا عبدالرشيد سمون ، ادا نثار ابڙو، ڀا اسد مست ، ادا محمد سليمان وساڻ، ادا وحيد ڦلپوٽو فقير، ادا علي علي ، ادا ممتاز علي وگهيو، ادا طاهر سنڌي جي لکڻين کان بخوبي واقف آهيان، ان کان علاوه سنڌ سلامت جا سمورا ڀائر منهنجي لا انتهائي احترام جي لائق آهن ڇو جو انهن اسان جي جيجل سنڌ ڌرتي جي خدمت سنڌ سلامت جي اڱڻ تان ڪئي آهي۔ آئون به توهان جي سٿ ۾ شامل ٿي هڪڙي ڪارڪن جي حيثيت سان پنهنجي ڪچي ڦڪي لکڻين سان سنڌ ڌرتي جي خدمت ڪرڻ ٿي چاهيان ۔ توهان جي ساٿ جي منتظر [/JUSTIFY]
    سنڌ سلامت سان ساٿ نڀايون
    اچو ته پنهنجو پاڻ ملهايون (شبانه امتياز)​
     
    14 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: آئون شبانه امتياز سمون ، پنهنجو تعارف ٿي ڪرايان ته:

    ادي اوهان جو تعارف پڙهي تمام گهڻو سٺو لڳو۔۔۔۔اسان اوهانکي هن محنتي اڱڻ تي اوهانکي ڀليڪار ٿا چئون
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    جواب: آئون شبانه امتياز سمون ، پنهنجو تعارف ٿي ڪرايان ته:

    ڀيڻ! توهانکي سنڌ سلامت جي هن سٿ ۾ ڀليڪار چئون ٿا! ڀيڻ توهانجون سوچون، جفاڪشون ۽ وڪالت جي قابليت جو انصاف کان ڪوه پري معصوم ، لاچا ۽ بيوس سنڌي ضرور فائدو وٺندا ۽ خوشي آهي ته توهان پنهنجي امڙ ڌرتي جي ڄائي، پنهنجو فرض سمجهي ميدان ۾ لٿي آهي ۽ دوستن کي به اميد پئدا ٿي آهي ته سندن حقن جي حفاظت هاڻ ڀيڻ شبانه جي هٿان ضرور ٿيندي ۽ توهان ڀائرن جي جائز مدد ۽ هن جدوجهد کان هرگز نه ڪيٻائيندا۔ آمين ثم آمين۔
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: آئون شبانه امتياز سمون ، پنهنجو تعارف ٿي ڪرايان ته:

    [JUSTIFY]

    ڏٺي ڏينهن ٿيام، ڪهه ڄاڻان ڪهڙا پرين،
    ولين جئن وريـــام، گـــوندر غم پريــــن جـــا۔

    منهنجي پياري ڀيڻ؛
    حق موجود؛
    رب العالمين اوهانجي عزت ۽ مان وڌائي ۔۔۔ رب العالمين اوهانکي ڪوسو واءُ نه ڏيکاري، رب العالمين اوهانکي سدائين وفائون عطا ڪري ۔۔۔ آمين

    اسانجي عزت افزائي ڪرڻ تي اوهانجا ٿورائتا آهيون ۽ سنڌ دوست اوطاق جي سنڌ دوست ڪارڪنن جي سٿ ۾ ڏاهي ڀيڻ جو واڌارو اسان لاءِ باعث فخر آهي ۔۔۔ خوشنصيب آهي ڀاءُ امتياز سمون جنهن کي اهڙي وفاشعار، ڪوڙ کان نفرت ڪندڙ سچ جي ساٿياڻي، همٿ واري ۽ ڏاهي پتني ملي آهي ۔۔۔ خوشنصيب آهي هي اڱڻ جنهن کي ايتري فهم واري ڀيڻ ملي آهي ۔۔۔

    منهنجي ڀيڻ هن اوطاق جي دوستن کي به سڃاڻو ۽ هن اوطاق جي مقصد ۽ فڪر کي به سڃاڻو، سنڌ جي ڀينرون هجن يا ڀائر، جنهن اونداهي دور مان گذري رهيا آهن ان جو اندازو تڏهن ئي ڪري سگهبو آهي جڏهن اسين ترقي يافته قومن جي زندگيءَ جو اڀياس ڪندا آهيون ۔۔۔

    هن وقت سنڌ پاڪستان جي گهاڻي ۾ اکين تي کوپا چاڙهي تيل ڪڍڻ ۾ مشغول آهي ۽ ڌاريا ان تيل کي دنيا جي مارڪيٽ ۾ وڪڻي ناڻو ڪمائي پاڻ کي آسودو ڪري رهيا آهن ۔۔۔ گهاڻي جو ڏاند اهو ئي پيو ڦري ۔۔۔ اهي ئي چڪر آهن، اهي ئي ڦيرا ۔۔۔ ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه ۔۔

    سنڌ جون نياڻيون ته ظلم جو شڪار آهن ئي آهن پر سنڌ جا پٽڙا به ڪو آرام ۾ ناهن ۔۔۔ اسان سڀني جا سور ساڳيا آهن ، اسين سڀ هڪ ئي بيماريءَ ۾ مبتلا آهيون ۔۔۔ اچو ته اسين سڀ گڏجي پنهنجا ويڇا وساري، مذهبي منافرتون ختم ڪري، ذات پات جا ويڇا وساري، ننڌ وڏايون ختم ڪري هڪ ٿي وڃون ۽ پنهنجي قوم جو ڌرتي امڙ جو مان مٿاهون ڪريون ۔۔۔

    گهر جي اڱڻ تي پوکيل باغ جي رکوالي اسين ئي ڪنداسون، اسين ئي انجي پرورش جا ذميوار آهيون، اسين ئي انجي گلن کي سڪڻ کان بچائي وٺڻ جا مهندار آهيون ۔۔۔ اچو ته پنهنجي ڏاهپ، پنهنجي ايڪي ۽ موجود وسيلن سان پنهنجي مادر وطن جي مان مٿاهين ڪرڻ ۾ سر توڙ ڪوشش ڪريون ۔۔۔ هر ميدان ۾ ۔۔۔

    ڀيڻ چوندا آهن ته ؛ ڌڻ ته ڌڻي نه ته وڪڻ کڻي ۔ انڪري اسين ئي ڌڻ آهيون، اسين ئي ڌڻي ۔۔۔ مالڪي ڪرڻ جي ذميواري اسان تي آهي ۔۔۔ توتي آهي ۔۔۔ مونتي آهي ۔۔۔ هُن تي آهي ۔۔۔ هِن تي آهي ۔۔۔ اچو ته هڪ ايڪائي ٿيون ۽ جڏهن مٺ بند ٿيندي آهي ته زوردار ڌڪ هڻڻ جي قابل ٿي پوندي آهي ۔۔۔

    اوهان جهڙيون ڏاهيون ۽ همٿ واريون ڀينرون اسانجي پاسي ۾ هونديون ته اسانجا حوصلا جوان رهندا ءٌ اسين ڏونگر ڏاري وڃڻ واري سگهه پئدا ڪري وٺنداسون ۔۔۔

    اوهانکي دل جي گهراين سان ڀليڪار ۽ تعظيمي سلام ۔۔۔ مٿي تي هٿ قبول ڪندا ۔۔۔

    شڪرگذار آهيون سنڌ جي ڏاهي، شاعر، ليکڪ، فلمنگار، موسيقار ۽ اداڪار سائين نثار ناز جا جنهن اوهانجهڙي سلڇڻي ڀيڻ سان ڏيٺ ڪرائي ۔۔۔

    منهنجي مــــداين جــــي ڪل پريان پيئي،
    ڪڏهن ڪوسا ڪون ٿيا، ڏوراپا ڏيئي،
    ساجـــن! سڀيئـــي، ڍڪــــج ڍول ڍلايـــون۔

    دعائن ۾ گڏ ۔۔۔
    [​IMG]


    سنڌ سلامت ساٿ سلامت[/JUSTIFY]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: آئون شبانه امتياز سمون ، پنهنجو تعارف ٿي ڪرايان ته:


    ادي شبانه امتياز سمون اوهان کي سنڌ سلامت جي اڱڻ تي ڀليڪار چئون ٿا

    سنڌي ٻولي ۽ سنڌيت جي پرچارڪ ۾ مشغول سنڌ سلامت جي ساٿ ۾ شامل ٿي اوهان قومي ٻڌيء جو ثبوت ڏنو آهي۔ سنڌ سلامت پنهنجي طرفان هڪ ننڍڙي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته سنڌ جي مسئلن ، سنڌ جي ڄاڻ ۽ سنڌيت کي انٽرنيٽ تي عام ڪجي۔

    اوهان جو سنڌ سلامت جي اڱڻ تي پير پائڻ اسان لاء خوشيء جو سبب بڻيو آهي۔ اوهان اڳ ۾ ئي سنڌ جي نياڻين لاء عملي ڪم ڪري رهيا آهيو جنهن لاء اوهان کيرون لهڻيون. اميد ڪنداسين ته اوهان سنڌ سلامت جي سرتين واري سيڪشن کي نواڻ ڏئي پنهنجي خيالن ۽ پنهنجي ڪوششن سان آباد ڪنديون۔

    باقي سائين نثار ابڙو اوهان کي کجي سان گڏ ٻاجهر جي ماني سان مهمان نوازي ڪري چڪو آآهي سو اسان پاران هي خوبصورت تحفو قبول هجي
    [​IMG]
     
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: آئون شبانه امتياز سمون ، پنهنجو تعارف ٿي ڪرايان ته:

    ڀيڻ شبانه امتياز سمون توهان کي سڀ کان پهرين ته سنڌ
    سلامت جي سٿ ۾ڀليڪار​


    ڀيڻ توهان جو تعارف پڙهي ڪري تمام گهڻي خوشي ٿي جو اهو ڏسي ڪري ته اسان جي سنڌ سلامت جي فورم تي هڪ ڀيڻ جو واڌارو ته ٿيو، ڀيڻ مان ته اهيو چوندس ته اسان جون ڀينر ۽ ڇوڪريون به هن سنڌ سلامت جي فورم تي ايتريون ئي هجن جيترا هن فورم سنڌ سلامت تي اسان ڇوڪرا آهيون مگر ڀيڻ خبر نه ڇو سنڌ سلامت جي فورم تي اسان جون عورتون تمام گهٽ پيون نظر اچن، جڏهن ته هي فورم هڪ پڙهيل لکيل ۽ سلجهل ماڻهن جو فورم آهي،ڀيڻ مون ته اهيو به ڏٺو آهي ته ماشاءالله سان اسان جون ڇوڪريون پڙهيل لکيل ۽ نيٽ به استعمال ڪندڙ آهن۔ اسان جڏهن فيس بڪ تي نظر ٿا وجهون ته اتي ته اسان جي ڇوڪرين جا وڏا هجوم موجود ٿا نظر اچن مگر هت سنڌ سلامت جي فورم تي ان جي نسبت افسوس ٿو ڪرڻو پوي،
    ڀيڻ اميد ته توهان پنهنجن ڪوششن کي جاري رکي ڪري توهان پنهنجن ٻين سهيڙين جي به رهنمائي ڪندا ۽ انهن سهيڙين کي به سنڌ سلامت تي وٺي ايندا۔
    ڀيڻ توهان اسان جون لکڻيون پڙهندا رهندا آهيو، اهيو پڙهي ڪري اسان کي اڃان به وڌيڪ خوشي ٿي، جنهن لاء اوهان جي مهرباني۔
    ڀيڻ اميد ته توهان به سنڌي ٻولي جي واڌ ويجهه لاء پاڻ پتوڙيندا،

    [​IMG]
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: آئون شبانه امتياز سمون ، پنهنجو تعارف ٿي ڪرايان ته:

    محترما شبانه امتياز سمون سان منهنجي دُعا سلام گُذريل ٻن سالن کان آهي، انتهائي شفيق، سدائين مُسڪرائيندي استقبال ڪندي آهي، جڏهن به کيس ڏٺم ته شهر ٽنڊو محمد خان جي روڊ رستن چوراهن تي انساني حقن جي لتاڙ خلاف عورتن ۽ مردن جي وڏي انبوهه ۾ بلند بانگ اهو ڳالهائيندي نظر ايندي آهي ته انسانيت تي ظلم ،ڏاڍ، وحشت قبول ڪانه ڪئي ويندي، ڪڏهن ڪڏهن ميڊيڪل ڪئمپن ۾ سڀ کان وڏي رضاڪار جي حيثيت سان هر ايندڙ ويندڙ ماڻهن سان انهن ميڊيڪل ڪئمپن جي اهميت ۽ افاديت جي باري ۾ ڄاڻ ڏيندي نظر آئي ، سنڌ جا ٻرندڙ مسئلا جنهن ۾ سنڌي ٻولي جو مسئلو، مهراڻ جي پاڻي جو مسئلو، ڪارو ڪاري وارو مسئلو ، ٻهراڙين ۾ قائم ڪيل اسڪولن ۾ استادن جي غير حاضري وارو مسئلو تي سدائين آواز اٿاريندي رهندي آهي۔ پنهنجي هڪڙي باقائده رجسٽرڊ ناري ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن اٿس، جنهن جون شاخون ٽنڊو محمد خان ضلع جي مختلف شهرن کان وٺي ضلع بدين ۾ پڻ آهن۔ پاڻ پنهنجي آرگنائيزيشن جي پليٽ فارم تان ڪافي سارا آگهي وارا پروگرام ڪيا اٿس، سندس انهن پروگرامن کي مون پڻ هيٺين ٿريڊن ذريعي توهان سنڌ سلامت جي ساٿين سميت پوري دنيا جي سنڌين سان پڻ وند ڪيو آهي۔
    http://www.sindhsalamat.com/showthread.php?t=2102
    http://www.sindhsalamat.com/showthread.php?t=3397
    http://www.sindhsalamat.com/showthread.php?p=20045
    http://www.sindhsalamat.com/showthread.php?p=22390
    http://www.sindhsalamat.com/showthread.php?p=42242
    http://www.sindhsalamat.com/showthread.php?t=4121
    الله کيس پنهنجي نيڪ مقصدن ۾ ڪاميابيون عطا ڪري ، مان پنهنجي ۽ ساري سنڌ سلامت سٿ پاران سنڌ سلامت تي ڀيرو ڀرڻ تي آجيان ڪندي کيس دل جي گهرائين سان ڀليڪار ٿو چوان ۽ اميد ٿو ڪريان شال سنڌ جي هي نياڻي سدائين سنڌ سلامت سان پنهنجو ناتو ۽ نينهن نڀائيندي رهي
     
  8. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: آئون شبانه امتياز سمون ، پنهنجو تعارف ٿي ڪرايان ته:

    ڀيڻ شبانه امتياز سمون توهان سنڌسلامت جي سٿ ۾ دل جي گهرائين سان ڀليڪار۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔


    [​IMG]
     
  9. محمد رمضان منڌرو

    محمد رمضان منڌرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2010
    تحريرون:
    762
    ورتل پسنديدگيون:
    39
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڀڳڙاميمڻ بدين
    جواب: آئون شبانه امتياز سمون ، پنهنجو تعارف ٿي ڪرايان ته:

    ادي توهان کي سنڌ سلامت جي هن سهڻي اوطاق تي سڪ ڀريو سلام ۽ خوش آمديد
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: آئون شبانه امتياز سمون ، پنهنجو تعارف ٿي ڪرايان ته:

    آء پنهنجي ڀيڻ شبانه امتياز سمون کي سنڌ سلامت جي اڱڻ تان ڀليڪار پيو ڪيان

    ادي اوهان جو تعارف پڙهي خوشي ٿي ۔ اوهان جو تعارف هڪ جامع تعارف آهي۔ اوهان جي تعليم ۽ ان کان به وڌيڪ اوهان جو عملي ڪم ان ڳاله جو يقين ٿو ڏياري ته سنڌ جون ڀينرون ، سنڌ جون مائرون سنڌ جي سينڌ سنوارڻ ۾ پوئتي ڪونهن۔ لطيف سرڪار ڇيو آهي :

    هتان کَڻِي هتِ، جن رَکِيو، سي رَسِيُون؛
    ساجَنُ سُونهن سُرتِ، وِکان ئِي ويجھو گھڻو

    سنڌ جي نياڻين ، سنڌ جي پٽن کي تڙپندو ڏسي اوهان ڪيئن نه تڙپندا ، اهو ڪو ڪٺور دل يا يزيد جي باقيات مان ئي هوندوجنهن جي دل نه جهرندي۔ اوهان دوکيبازن سان به وفا ڪري حسينيت جي ڪردار جي پوئواري ڪئي آهي۔

    جفائن جي بدلي ڪيوسين وفائون مگر هن زماني اسان کي نه سمجهيو


    اسان پنهنجي سرپرست ، اسان جي ڇپر ۽ ڇانو سائين نثار ناز جا به شڪر گذار آهيون جنهن جي ڪوششن سان اوهان جهڙيون ڀينرون سنڌيت جي پرچار ۾ مصروف هن ساٿ ۾ شامل ٿيون آهن۔ يقينن اسان اميد ڪنداسين ته اوهان جي تخليقن سان سنڌ سلامت جي هن فورم کي چار چنڊ لڳندا۔

    اسان کي اها به خوشي آهي جو اوهان اسان جي لکڻين کان ۽ اسان کان واقف آهيو۔ اسان ته ڪجه به ڪونه آهيون۔ اسان ته آڱر به ڪانه ڪَٽائي آهي جو شهيدن ۾ اچي شامل ٿيون۔ بس اها اوهان جي حسن نظر ، اوهان جي وڏائي ۽ اسان لاء عزت ڀري نگاه آهي۔

    ڀيڻ اوهان جي اچڻ سان يقينن اسان کي به اتساه پيدا ٿيو آهي ته سنڌ جون ڀينرون به اسان سان گڏ آهن۔ انشاء الله سنڌ سلامت جو هي اڱڻ سنڌي ٻوليء کي انٽرنيٽ جي دنيا جي معراج تي پهچائيندو۔

    وَڃِين ڇو وَڻِڪارِ؟ هتِ نه ڳولئِين هوتَ کي؛
    لِڪو ڪِينَ لَطِيفُ چئي، ٻاروچو ٻِئي پار؛
    ٿِيءُ سَتِي، ٻَڌُ سَندِرو، پِرتِ پُنهونءَ سين پارِ؛
    نانئَي نيڻَ نِهارِ، تو ۾ ديرو دوستَ جو
     
  11. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    144
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: آئون شبانه امتياز سمون ، پنهنجو تعارف ٿي ڪرايان ته:

    ادي اوهان کي هن محبتي اڱڻ تي دل جي گهراين سان ڀليڪار چئون ٿا۔۔۔
     
  12. جهاندادسمون

    جهاندادسمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,730
    ورتل پسنديدگيون:
    117
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    جواب: آئون شبانه امتياز سمون ، پنهنجو تعارف ٿي ڪرايان ته:

    ادي شبانه مونکي ڀلجي ويا
     
  13. جهاندادسمون

    جهاندادسمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,730
    ورتل پسنديدگيون:
    117
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    جواب: آئون شبانه امتياز سمون ، پنهنجو تعارف ٿي ڪرايان ته:

    [​IMG]
     
  14. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: آئون شبانه امتياز سمون ، پنهنجو تعارف ٿي ڪرايان ته:

    ادي توهان کي سنڌ سلامت فورم تي دل جي گهراين سان ڀليڪار ٿا چئون..................
     
  15. Rashid

    Rashid
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    24
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: آئون شبانه امتياز سمون ، پنهنجو تعارف ٿي ڪرايان ته:

    اسلام عليڪم،
    ڀيڻ شبانه امتياز سمون اوهان کي هن سنڌ سلامت جي هن سهڻي اڱڻ تي ڀليڪار چئون ٿا ادي اوهان جو تعارف پڙهي تمام سٺو لڳو ۔
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  16. غلام مرتضى وساڻ

    غلام مرتضى وساڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    191
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: آئون شبانه امتياز سمون ، پنهنجو تعارف ٿي ڪرايان ته:

    منهنجي پاران به ادي شبانه کي ڀليڪار
     
  17. شبانه امتياز سمون

    شبانه امتياز سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    87
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: آئون شبانه امتياز سمون ، پنهنجو تعارف ٿي ڪرايان ته:

    ادا جهانداد توهان جي مهرباني جو ايترو مان ۽پيار ڏنو اميد ته هميشه ائين هي عزت ڏيندا۔
     
  18. شبانه امتياز سمون

    شبانه امتياز سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    87
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: آئون شبانه امتياز سمون ، پنهنجو تعارف ٿي ڪرايان ته:

    ادا توهان ناراض نه ٿيو ۽ ڇو ٿا رويو هن ڀيڻ کي معاف ڪجو دير سان جواب جي لاء۔
     
  19. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: آئون شبانه امتياز سمون ، پنهنجو تعارف ٿي ڪرايان ته:

    بلڪل شبانه بابا جهانداد سمون اسان جي سموري سنڌ سلامت جو ڪنگ مطلب بادشاهه سلامت آهي توهان کيس پنهنجي تعارف ۾ ياد ڪونه ڪيو هو، حالانڪه جهانداد سمون سنڌ سلامت تي مونکان به اڳ جو ميمبر آهي۔
     
  20. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: آئون شبانه امتياز سمون ، پنهنجو تعارف ٿي ڪرايان ته:

    سڀ کان پهريائين ته مان دير سان ادي کي آڌر ڀاءُ ڪرڻ تي معزرت خواه آهيان اصل ۾ مان آئوٽ آف ڊسٽرڪٽ هوس .
    ڀيڻ شبانه امتياز سمون کي سنڌ سلامت جي اڱڻ تان ڀليڪار پيو ڪيان

    ادي اوهان جو تعارف پڙهي خوشي ٿي ۔ان ڳاله تي هاڻي يقين ٿو اچي ته سنڌ جون ڀينرون ، سنڌ جون مائرون سنڌ جي ترقي ۾ پوئتي ڪونهن .

    ادي توهان کي خبر آهي ته مان فقير ماڻهو آهيان سو هي فقيراڻو تحفو قبول ڪجو

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    ادي هڪ دفعو ٻيهر مان اوهان کي سنڌ سلامت فورم جوائن ڪرڻ تي خوش آمديد ٿو چوان

    سدائين گڏ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو