نثارناز
سينيئر رڪن
پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ ساري دنيا جا سنڌي دوستو، اڄڪلهه سنڌ سلامت جا ڪافي ساٿي شو بز واري شعبي ۾ ان ٿِي رهيا آهن، ساحل رام رکيو رنجيت انڊيا ۾ شو بز ۾ ان آهي ته اسان جي سنڌ سلامت جا ٻه ساٿي هڪ اسان جو مين ڪئميرا مين ادا عبدالغفور سمون عرف شينهن سمون ۽ ٻيو اسان جي سنڌ سلامت جو ڪارڪن ساٿي ادا امين سمون، گُذريل ڏينهن سنڌ جي شهر هوسڙي ۽ ميٽ کاڻ گنجي ٽڪر سسئي پنهون واري گيت تي ماڊلنگ ٿي، جنهن ۾ سنڌ سلامت جي نوجوان ڪارڪن امين سمون پنهون جو تاريخي ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته سندس ڀا جو ڪردار ادا عبدالغفور سمون ادا ڪيو جڏهن ته سسئي جو ڪردار حيدرآباد شهر جي اڀرندڙ فنڪاره نالو وسري ويو اٿم ان ادا ڪيو، جيئن عبدالغفور سمون انهي گيت جي شوٽنگ ڏسڻ جي مونکي دعوت ڏني، مون وري انهي شوٽنگ ڏسڻ جي دعوت سنڌ جي بهترين شاعره محترما زيب نظاماڻي کي ڏني، زيب نظاماڻي صاحبه جا لک ٿورا جو هُو حيدرآباد مان شوٽنگ ڏسڻ لا ڪهي آئي۔ پيش آهن انهي گيت تي ٿيل ماڊلنگ جون تصويرون، ان سلسلي ۾ ٿورائتو آهيان هن گيت جي ماڊلنگ ڪرائيندڙ ڪشش ٽي وي جي ڊائريڪٽر محترم غلام مصطفى ساريو صاحب جو جنهن هن گيت جي ماڊلنگ جون تصويرون ڪڍڻ جي اجازت ڏني۔
سنڌ سلامت جا ساٿي عبدالغفور سمون کي ته سڃاڻندا هوندا هن دفعي توهان سنڌ سلامت جي نوجوان ساٿي محترم امين سمون جو به ديدار ڪري سگهو ٿا، پنهون جي مرڪزي ڪردار ۾
سنڌ سلامت جا ساٿي عبدالغفور سمون کي ته سڃاڻندا هوندا هن دفعي توهان سنڌ سلامت جي نوجوان ساٿي محترم امين سمون جو به ديدار ڪري سگهو ٿا، پنهون جي مرڪزي ڪردار ۾
سنڌ سلامت جو نوجوان ساٿي محترم امين سمون پنهون جي تاريخي ڪردار ۾
سسئي جو ڪردار ادا ڪندڙ اڀرندڙ سنڌي فنڪاره
سسئي پنهون واري گيت جي ماڊلنگ واري سيٽ تي سنڌ سلامت جو جهونو نثارناز ۽ سنڌ مشهور شاعره ۽نثر نويس محترما زيب نظاماڻي صاحبه انتهائي خوشگوار موڊ ۾
سنڌ سلامت جو ڪئميرا مين عبدالغفور سمون ۽ سسئي جو ڪردار ادا ڪندڙ سنڌي فنڪاره
سسئي پنهون جو ڪردار ادا ڪندڙ سنڌ سلامت جو ساٿي محترم امين سمون ۽ سنڌي فنڪاره ساٿ ساٿ آهن
سسئي جو ڪردار ادا ڪندڙ فنڪاره سسئي جي والده جو ڪردار ادا ڪندڙ نظيران سومرو سان گڏ