مست
سينيئر رڪن
جواب: سسئي پنهون جي عنوان تي هڪ گيت ماڊلنگ
سائين توهان جي سنڌ سلامت سان محبت جا اسين اکين ڏٺا شاهد آهيون۔۔۔۔۔ توهان جو عشق عروج تي آهي۔۔۔ الله تعالى توهان جي وانگر شل اسان کي به اوهان واري انهيءَعشق مان ذري نصيب ڪري ۔۔۔
پيارا ممتاز علي وگهيا شال جُڙيو هُجين سسئي پنهون جو داستان منزل جي حاصلات لا انسانن لا هڪڙو وڏو درس آهي، شاهه سائين سسئي جي ڪردار کي تمام عظيم تر ڏُکن ڏولائن سان ويڙهاند ڪرڻ وارو ڏيکاريو آهي، پر اسان جي دوستن ڪي ٽي اين جي بينر جي سائي هيٺان هن گيت تي ماڊلنگ ڪئي آهي، جيڪي به اهڙا گيت ماڊلنگ ٿيل هوندا سي سنڌ سلامت جي شوبز جي زينت بنائي مونکي تمام گهڻي خوشي ٿيندي آهي، مزي جهڙي ڳالهه اڃان اهو گيت ۽ ماڊلنگ ايڊيٽنگ جي مرحلي ۾ آهي پر سنڌ سلامت جي اڱڻ کي اهو اعزاز حاصل آهي ته انهي خوبصورت گيت جي ماڊلنگ جو احوال تصويرن سميت توهان سڀني ساٿين سان ونڊ ڪيو، ادا ڪڏهن ڪڏهن اهڙن ماڊلنگ جي سيٽن تي نوجوان پڻ مونکان سوال ڪندا آهن ته سائين توهان جي عمر کي ڏسي حيرت ۾ پئجي ويندا آهيون ته اهو ڪهڙو سبب آهي جو هن عمر ۾ توهان پنهنجي ڳچي ۾ ڪئميرا لٽڪايو ڪوريج ڪندا آهيو ته کين جواب ڏيندو آهيان ته ادا اهو سنڌ سلامت سان منهنجي بي لوث عشق جو ڪمال آهي جو گرمين يا سردين ۾ سنڌ سلامت لا جفاڪشون ڪندو آهيان۔ توهان منهنجي همت افزائي ڪئي توهان جو ٿورائتو آهيان۔
سائين توهان جي سنڌ سلامت سان محبت جا اسين اکين ڏٺا شاهد آهيون۔۔۔۔۔ توهان جو عشق عروج تي آهي۔۔۔ الله تعالى توهان جي وانگر شل اسان کي به اوهان واري انهيءَعشق مان ذري نصيب ڪري ۔۔۔