• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سسئي پنهون جي عنوان تي هڪ گيت ماڊلنگ

جواب: سسئي پنهون جي عنوان تي هڪ گيت ماڊلنگ

پيارا ممتاز علي وگهيا شال جُڙيو هُجين سسئي پنهون جو داستان منزل جي حاصلات لا انسانن لا هڪڙو وڏو درس آهي، شاهه سائين سسئي جي ڪردار کي تمام عظيم تر ڏُکن ڏولائن سان ويڙهاند ڪرڻ وارو ڏيکاريو آهي، پر اسان جي دوستن ڪي ٽي اين جي بينر جي سائي هيٺان هن گيت تي ماڊلنگ ڪئي آهي، جيڪي به اهڙا گيت ماڊلنگ ٿيل هوندا سي سنڌ سلامت جي شوبز جي زينت بنائي مونکي تمام گهڻي خوشي ٿيندي آهي، مزي جهڙي ڳالهه اڃان اهو گيت ۽ ماڊلنگ ايڊيٽنگ جي مرحلي ۾‌ آهي پر سنڌ سلامت جي اڱڻ کي اهو اعزاز حاصل آهي ته انهي خوبصورت گيت جي ماڊلنگ جو احوال تصويرن سميت توهان سڀني ساٿين سان ونڊ ڪيو، ادا ڪڏهن ڪڏهن اهڙن ماڊلنگ جي سيٽن تي نوجوان پڻ مونکان سوال ڪندا آهن ته سائين توهان جي عمر کي ڏسي حيرت ۾ پئجي ويندا آهيون ته اهو ڪهڙو سبب آهي جو هن عمر ۾ توهان پنهنجي ڳچي ۾ ڪئميرا لٽڪايو ڪوريج ڪندا آهيو ته کين جواب ڏيندو آهيان ته ادا اهو سنڌ سلامت سان منهنجي بي لوث عشق جو ڪمال آهي جو گرمين يا سردين ۾ سنڌ سلامت لا جفاڪشون ڪندو آهيان۔ توهان منهنجي همت افزائي ڪئي توهان جو ٿورائتو آهيان۔​

سائين توهان جي سنڌ سلامت سان محبت جا اسين اکين ڏٺا شاهد آهيون۔۔۔۔۔ توهان جو عشق عروج تي آهي۔۔۔ الله تعالى توهان جي وانگر شل اسان کي به اوهان واري انهيءَ‌عشق مان ذري نصيب ڪري ۔۔۔
 
جواب: سسئي پنهون جي عنوان تي هڪ گيت ماڊلنگ

مطلب ته امين سمان اسان کي توهان اولڊ لائن (پوڙهو شينهن ) قرار ڏئي ڇڏيو يار وڄائي ڇڏئي هڪڙو شينهن سمون عبدالغفور ئي ڪافي هو سنڌ سلامت تي ۔ اسان کي وري پ و ڙ ه و ش ي ن ه ن يار پوڙهو شينهن سو به سنڌ سلامت جو جهونو نثار ناز۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پوڙهو شينهن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اُف۔۔۔۔۔۔۔۔

سائنين نئو سال نئو لقب اوهان کي ته خوش ٿيڻ کپي چوندا آهين ته پوڙهو اٺ به ٻه ڪنواٺ لهي سو اسان چئون ٿا ته پوڙهو شينهن به ڏه ڪنواٺ لهي \:d/\:d/\:d/\:d/
 
جواب: سسئي پنهون جي عنوان تي هڪ گيت ماڊلنگ

سائنين نئو سال نئو لقب اوهان کي ته خوش ٿيڻ کپي چوندا آهين ته پوڙهو اٺ به ٻه ڪنواٺ لهي سو اسان چئون ٿا ته پوڙهو شينهن به ڏه ڪنواٺ لهي :d/:d/:d/:d/

پوڙهن اٺن تي ٻن ڪنواٽن جي جاءِ تي ٽيهه ٽيهه ڪنواٽ رکبا ته پوڙهي اُٺ جون رڙيون به راڄ ٻُڌندا آهن هاڻي شابس اٿئو اسان کي نئين سال ۾ پوڙهي شينهن جو لقب ڏيئي فري ۾ ان مٿان ڏهه ڏهه ڪنواٽون ٿا رکو لڳي ٿو اهڙا لقب ڏئي ڏئي منهنجي چيلهه چُٻي ڪرڻ جي چڪر ۾ آهيو. علي علي ۽ ادا امين سمان شل ڪو توهان جو ڀلو ٿئي.​
 
جواب: سسئي پنهون جي عنوان تي هڪ گيت ماڊلنگ

سائين توهان جي سنڌ سلامت سان محبت جا اسين اکين ڏٺا شاهد آهيون۔۔۔۔۔ توهان جو عشق عروج تي آهي۔۔۔ الله تعالى توهان جي وانگر شل اسان کي به اوهان واري انهيءَ‌عشق مان ذري نصيب ڪري ۔۔۔
شڪر آهي ڪنهن ته خُدا ڪارڻ اسان جي پاران شاهدي ڏني۔ ادا مست ڀلايون مٺا۔
 
Back
Top