سسئي پنهون جي عنوان تي هڪ گيت ماڊلنگ

'سنڌ سلامت شوڀز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏30 ڊسمبر 2010۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    [JUSTIFY]پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ ساري دنيا جا سنڌي دوستو، اڄڪلهه سنڌ سلامت جا ڪافي ساٿي شو بز واري شعبي ۾ ان ٿِي رهيا آهن، ساحل رام رکيو رنجيت انڊيا ۾ شو بز ۾ ان آهي ته اسان جي سنڌ سلامت جا ٻه ساٿي هڪ اسان جو مين ڪئميرا مين ادا عبدالغفور سمون عرف شينهن سمون ۽ ٻيو اسان جي سنڌ سلامت جو ڪارڪن ساٿي ادا امين سمون، گُذريل ڏينهن سنڌ جي شهر هوسڙي ۽ ميٽ کاڻ گنجي ٽڪر سسئي پنهون واري گيت تي ماڊلنگ ٿي، جنهن ۾ سنڌ سلامت جي نوجوان ڪارڪن امين سمون پنهون جو تاريخي ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته سندس ڀا جو ڪردار ادا عبدالغفور سمون ادا ڪيو جڏهن ته سسئي جو ڪردار حيدرآباد شهر جي اڀرندڙ فنڪاره نالو وسري ويو اٿم ان ادا ڪيو، جيئن عبدالغفور سمون انهي گيت جي شوٽنگ ڏسڻ جي مونکي دعوت ڏني، مون وري انهي شوٽنگ ڏسڻ جي دعوت سنڌ جي بهترين شاعره محترما زيب نظاماڻي کي ڏني، زيب نظاماڻي صاحبه جا لک ٿورا جو هُو حيدرآباد مان شوٽنگ ڏسڻ لا ڪهي آئي۔ پيش آهن انهي گيت تي ٿيل ماڊلنگ جون تصويرون، ان سلسلي ۾ ٿورائتو آهيان هن گيت جي ماڊلنگ ڪرائيندڙ ڪشش ٽي وي جي ڊائريڪٽر محترم غلام مصطفى ساريو صاحب جو جنهن هن گيت جي ماڊلنگ جون تصويرون ڪڍڻ جي اجازت ڏني۔
    سنڌ سلامت جا ساٿي عبدالغفور سمون کي ته سڃاڻندا هوندا هن دفعي توهان سنڌ سلامت جي نوجوان ساٿي محترم امين سمون جو به ديدار ڪري سگهو ٿا، پنهون جي مرڪزي ڪردار ۾[/JUSTIFY]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    سنڌ سلامت جو نوجوان ساٿي محترم امين سمون پنهون جي تاريخي ڪردار ۾

    [​IMG]

    [​IMG]

    سسئي جو ڪردار ادا ڪندڙ اڀرندڙ سنڌي فنڪاره

    [​IMG]
    سسئي پنهون واري گيت جي ماڊلنگ واري سيٽ تي سنڌ سلامت جو جهونو نثارناز ۽ سنڌ مشهور شاعره ۽‌نثر نويس محترما زيب نظاماڻي صاحبه انتهائي خوشگوار موڊ ۾

    [​IMG]
    سنڌ سلامت جو ڪئميرا مين عبدالغفور سمون ۽ سسئي جو ڪردار ادا ڪندڙ سنڌي فنڪاره

    [​IMG]

    [​IMG]

    سسئي پنهون جو ڪردار ادا ڪندڙ سنڌ سلامت جو ساٿي محترم امين سمون ۽ سنڌي فنڪاره ساٿ ساٿ آهن

    [​IMG]
    سسئي جو ڪردار ادا ڪندڙ فنڪاره سسئي جي والده جو ڪردار ادا ڪندڙ نظيران سومرو سان گڏ​
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سسئي پنهون جي عنوان تي هڪ گيت ماڊلنگ

    اڃان ڪافي ساريون تصويرون رهن ٿيون انهن مان ڪجهه تصويرون

    [​IMG]

    [​IMG]
    عبدالغفور سمون اصل ڪم کي کڻيو بيٺو آهي
    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    سسئي پنهون واري گيت جي ماڊلنگ جو اختتامي منظر نامون​
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سسئي پنهون جي عنوان تي هڪ گيت ماڊلنگ

    سائين نثار ناز،،، ادو امين سمون ماڊلنگ به ڪندو آهي اها اسان کي خبر نه هئي، توهان جي مهرباني سان سنگت کي اها خبر پئجي وئي، تمام بهترين تصويرون آهن، توهان جي ڪوششن جي جيتري به تعريف ڪجي گهٽ آهي، غفور سمون ته اونئين به شينهن آهي سو ڪم کي ته کڻندو۔۔۔۔ سائين جي بادشاهي جو خير۔۔​
     
  4. محمد رمضان منڌرو

    محمد رمضان منڌرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2010
    تحريرون:
    762
    ورتل پسنديدگيون:
    39
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڀڳڙاميمڻ بدين
    جواب: سسئي پنهون جي عنوان تي هڪ گيت ماڊلنگ

    تمام زبردست تصويرون آهن
    ونڊڻ جي مهرباني سائين
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سسئي پنهون جي عنوان تي هڪ گيت ماڊلنگ

    سائين نثار سمون صاحب
    سائين عبد الغفور سمون صاحب
    ۽ اداڪار سمون صاحب
    ڀانيان ٿو اداڪاره صاحبه به سمون صاحبه
    بحرحال
    سڀ سمن جو خير
    مولا سڀ کي سلامت ۽ آباد رکي
     
  6. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سسئي پنهون جي عنوان تي هڪ گيت ماڊلنگ

    ادا محمد رمضان لک لائق توهان جي همت افزائين جو انتهائي مشڪور ۽ ممنون آهيان۔
     
  7. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سسئي پنهون جي عنوان تي هڪ گيت ماڊلنگ

    سائين سسئي ۽ پنهون جو قصو هڪ مشهور قصو آهي، جنهن قصي کان سنڌ جو ٻچو، ٻچو واقف آهي۔ سنڌ جي سدا حيات شاعر ۽ مفڪر حضرت شاه عبدالطيف ڀٽائي رح تي سسئي کي خوب ڳايو آهي، ۽ سسئي تي سڄا سار پنج سر چيا اٿس۔۔۔ سر سسئي،، سر آبري،،، سر معذوري،، سر ديسي،، سر ڪوهياري،، ۽ انهن مڙني سرن ۾ شاه صاحب سسئي جي ڏکن ڏاکڙن ۽ سورن جو ذڪر ڪيو آهي، ۽ نه صرف سندس ڏکن ڏاکڙن جو ذڪر ڪيو اٿس پر انهن سرن ۾ انسان کي سخت محنت ،جدو جهد ، جاکوڙ ڪرڻ ۽ پنهنجي منزل ڏانهن وڌڻ جو بهترين سبق پڻ ڏنو اٿس، پوء جنهن جي جيڪا منزل هجي، ( اها روحاني هجي يا پوء دنياوي ) شاه صاحب چوي ٿو ته اي ورن واريو، مڙسن واريون، توهان ڀلي پوئتي موٽي وڃون ، پر مان پنهنجي ور بنا، مڙس کانسواءِ ،پنهنجي منزل ماڻڻ کانسواءِ پٺتي نه ورنديس، ۽ هن هيڏي ساري اڙانگهي جبل جو ( مشڪل دنيا جو ، مشڪل سفر جو، مشڪل منزل جو ) مان ته ترو به ڳولينديس، ۽ مون کي جتن سان ته تر جيترو به نينهن چنڻ نه ٿو ڀڄي، ( حقيقي منزل کان تر جيتو به پري ٿيڻ مون کان نه ٿو پڄي۔ )
    وَريتـيُون! وَرو، آئُون نه وَرَندِي وَرَ ري؛
    جاڏي هنَ جَبَلَ جو، تانگھيندِيَسِ تَرو؛
    جَتَنِ ساڻُ ذَرو، نِينهن نِبيرِڻُ نه ٿِئي.​

    http://www.youtube.com/watch?v=mp937cDnkDA
    http://www.youtube.com/watch?v=IMGyNnXoMbY
    http://www.youtube.com/watch?v=zxZp8Q6GNWs
    سائين نثار ناز صاحب سسئي پنهون جو ڪردار ته تمام وڏي ڳالهه آهي۔ جنهن ۾ خاص طور سسئي جو ڪردار تمام وڏي ڳالهه آهي، جنهن کي صحيح طور ادا ڪرڻ به هڪ بيمثال ڪوشش آهي، جيڪا هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه آهي، مگر ادا هت سسئي پنهون جو ڪردار ادا ڪندڙ سنڌ سلامت جي ساٿي محترم امين سمون صاحب ۽ سندس ساٿي سنڌي فنڪارا ( شايد توهان ان جو نالو ناهي لکيو ) جن جو سسئي پنهون تي ڪيل ڪم سٺي ڪوشش آهي، ۽ ان سان گڏ توهان جي به مهرباني جو توهان اهڙن ڪمن کي کنيو بيٺا آهي۔ جنهن لاء اوهان جي مهرباني ۽ ٿورا۔
    ويٺي وَرِ نه پَوَنِ، سُتي مِلَنِ نه سُپِرِين؛
    جي مَٿي رَندَنِ رُئَنِ، ساڄَنُ مِلي تن کي​



    [​IMG]
     
  8. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سسئي پنهون جي عنوان تي هڪ گيت ماڊلنگ

    ادا طاهر سنڌي افسوس جو فنڪاره سمون ڪانه هُئي جيڪڏهن ائين هُجي ها ته ضرور مونکي سندس نالو به ياد هُجي ها، انهي شوٽنگ ۾ آپا زيب نظاماڻي سنڌ جي وڏي شاعره به ساڻ هُئي، ان کان علاوه سسئي جي امڙ جو ڪردار ادا ڪندڙ آپا نظيران سومرو صاحبه به ساڻ هُئي انهن جا نالا ته تو کنيا ڪونه لڳي ٿو ته توکي سمن سان ڪا خاص محبت آهي جو رڳو هن پوسٽ کي صرف سمان ئي سمان پوسٽ ڪري ڪامينٽس ڏنا آهن۔ هينئر هينئر عبدالغفور سمون جو فون آيو آهي ان انهي فنڪاره جي ذات جيڪا ٻُڌائي آهي اصل منهنجا تاڪ لڳائي ڇڏيا آهن، جيڪڏهن مان انهي فنڪاره جو نالو ۽ ذات لکندس ته ڪاوڙجي پوندين ان ڪري ان ذات واري موضع کي في الحال تالو لڳايون ٿا، ۽ توهان جا ٿورا ٿا مڃون ته توهان اسان کي دعائون ڪيون۔ مهرباني۔
     
  9. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سسئي پنهون جي عنوان تي هڪ گيت ماڊلنگ

    سڀ ڪم زبردست ٿيل آهي، تعريف کان چڙهيل آهي پر ان فنڪاره مطلب اداڪاره جي ذات ڀلا ٻڌائڻ ۾ طاق ڪيئن لڳندا ۔۔۔ سمجهه ۾ نه آيو ۔۔۔ ؟ سيد ذات جون ڇوڪريون پڻ اداڪاري ڪن ٿيون ۽ ٻيا ڪم پڻ ڪن ٿيون ۔۔۔ ذات ناهي ڏات جو وهي سو لهي ۔۔۔

    سائين ناز تمام سهڻو ڪم ٿيو آهي پر گيت ضرور ٻڌرائجو ۔۔۔ لک ٿورا، ۔۔۔
     
  10. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: سسئي پنهون جي عنوان تي هڪ گيت ماڊلنگ

    سائين تمام بهترين تام لاجواب پر جهوني جي ديد جو چڪر آهي يا وري سچ ۾ فوٽو تي سال 2007 نظر اچي رهيو آهي لڳي ٿو تصوير ڪڍڻ مهل ڪيمرا جي ڊيٽ ۽ ٽايم درست نه ڪيو ويو هو
     
  11. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سسئي پنهون جي عنوان تي هڪ گيت ماڊلنگ

    هاهاهاهاها
    سائين ٺيڪ آهي نه ئي ٻڌايو ڀلا خير آ
    هاهاهاها
     
  12. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: سسئي پنهون جي عنوان تي هڪ گيت ماڊلنگ

    ادا طاهر سائين نالو ٻڌائي يا نه ٻڌائي پر ڳاله ته هلي وئي آهي ها ها ها ها =))=))=))=))
     
  13. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سسئي پنهون جي عنوان تي هڪ گيت ماڊلنگ

    سائين نثار ناز سلام

    اوهان کي لک شابسون جو سنڌ سلامت اسٽوڊيو ۾ هڪ نئون رنگ کڻي پهتا آهيو۔ ادا امين سمون بلڪل سنڌ جو هڪ جوڌو لڳي رهيو آهي۔ فوٽوگرافي زبردست ٿيل آهي۔

    اوهان سموري سنگت کي سلام
     
  14. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سسئي پنهون جي عنوان تي هڪ گيت ماڊلنگ

    [justify]پيارا ممتاز علي وگهيا شال جُڙيو هُجين سسئي پنهون جو داستان منزل جي حاصلات لا انسانن لا هڪڙو وڏو درس آهي، شاهه سائين سسئي جي ڪردار کي تمام عظيم تر ڏُکن ڏولائن سان ويڙهاند ڪرڻ وارو ڏيکاريو آهي، پر اسان جي دوستن ڪي ٽي اين جي بينر جي سائي هيٺان هن گيت تي ماڊلنگ ڪئي آهي، جيڪي به اهڙا گيت ماڊلنگ ٿيل هوندا سي سنڌ سلامت جي شوبز جي زينت بنائي مونکي تمام گهڻي خوشي ٿيندي آهي، مزي جهڙي ڳالهه اڃان اهو گيت ۽ ماڊلنگ ايڊيٽنگ جي مرحلي ۾‌ آهي پر سنڌ سلامت جي اڱڻ کي اهو اعزاز حاصل آهي ته انهي خوبصورت گيت جي ماڊلنگ جو احوال تصويرن سميت توهان سڀني ساٿين سان ونڊ ڪيو، ادا ڪڏهن ڪڏهن اهڙن ماڊلنگ جي سيٽن تي نوجوان پڻ مونکان سوال ڪندا آهن ته سائين توهان جي عمر کي ڏسي حيرت ۾ پئجي ويندا آهيون ته اهو ڪهڙو سبب آهي جو هن عمر ۾ توهان پنهنجي ڳچي ۾ ڪئميرا لٽڪايو ڪوريج ڪندا آهيو ته کين جواب ڏيندو آهيان ته ادا اهو سنڌ سلامت سان منهنجي بي لوث عشق جو ڪمال آهي جو گرمين يا سردين ۾ سنڌ سلامت لا جفاڪشون ڪندو آهيان۔ توهان منهنجي همت افزائي ڪئي توهان جو ٿورائتو آهيان۔[/justify]
     
  15. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سسئي پنهون جي عنوان تي هڪ گيت ماڊلنگ

    ادا نثار ابڙا جنهن دوست کي مون جواب ڏنو اهو سمجهي ويو هوندو ته ان ماڊلنگ سنڌي فنڪاره جي ذات ڪهڙي هوندي، باقي ذات واري ڳالهه تي سنڌ سلامت جي جهوني جو تالو لڳل آهي سو ته کلندو ئي ڪونه، گيت ڀلي آن ايئر ٿئي ان کان پو ضرور دوستن سان سنڌ سلامت جي پليٽ فارم تان ونڊ ڪبو۔ توهان جي همت افزائين جو دل سان ٿورائتو آهيان۔
     
  16. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سسئي پنهون جي عنوان تي هڪ گيت ماڊلنگ

    موسمي ٻٽيرا علي علي ڪهڙي ڳالهه هلي وئي آهي جو ڏند ڪڍي ها ها ها ها پيو ڪرين۔ ڪجهه اسان کي به خبر پوي۔
     
  17. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سسئي پنهون جي عنوان تي هڪ گيت ماڊلنگ

    ادا سلامت جي اسٽوڊيو کي سينگارڻ اسان سڀني دوستن جو فرض آهي، شوبز جو ته اهو اصول آهي ته ان جو هر رنگ نئون هُجي۔ انهي اصول تي عمل پيرا ٿي سنڌ سلامت جي اڱڻ لا پنهنجي فرض جي ادائگي ڪئي آهي ۔ واقعي ادا امين سمون سنڌ جو جوڌو لڳي رهيو آهي ۽ تمام خوبصورت پڻ لڳي رهيو آهي۔ توهان جا ادا امين سمون لا اهي نيڪ جذبات هتان ادا امين جي ضرور مشاهدي ۾ ايندا اميد ته ادا امين سمون انهي باري ۾ پنهنجا ڪامينٽس ضرور لکندو لک لائق جو توهان اسان جي غريباڻي محنت کي پنهنجي همت افزائين جي لفظن سان پيار ڀري ڀيٽا ڏني۔
     
  18. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سسئي پنهون جي عنوان تي هڪ گيت ماڊلنگ

    پيارا دوستو ڪجهه تصويرون اڃان
    به آهن دل چوي ٿي ته توهان سان ونڊ ڪري ڇڏيان۔

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    ڪيئن لڳا توهان کي هي فوٽو۔

    [​IMG]

    هن گيت جي ماڊلنگ جو هدايتڪار محترم غلام مصطفى ساريو
     
  19. امين سمون

    امين سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    47
    ورتل پسنديدگيون:
    23
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: سسئي پنهون جي عنوان تي هڪ گيت ماڊلنگ

    ادا سڀني دوستن جي مهرباني جن پسند ڪيو۔۔۔ خاص ڪري ادا نثار ( old lionجو ،جن ايتري عزت ڏياري
     
  20. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سسئي پنهون جي عنوان تي هڪ گيت ماڊلنگ

    مطلب ته امين سمان اسان کي توهان اولڊ لائن (پوڙهو شينهن ) قرار ڏئي ڇڏيو يار وڄائي ڇڏئي هڪڙو شينهن سمون عبدالغفور ئي ڪافي هو سنڌ سلامت تي ۔ اسان کي وري پ و ڙ ه و ش ي ن ه ن يار پوڙهو شينهن سو به سنڌ سلامت جو جهونو نثار ناز۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پوڙهو شينهن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اُف۔۔۔۔۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو