ننڍڙي ڪوشش۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۔۔۔ شاعري

'سنڌي شاعري' فورم ۾ عمران درويش سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏2 جنوري 2011۔

  1. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    اوطاق ونڊيل هن شعرن کي
    لفظن سان سجائڻ‌موهي ٿو


    دوستو هي منهنجي ننڍڙي ڪوشش آهي پڙهي پنهنجا قيمتي ڪمينٽس ونڊ يندا


    [​IMG]


    تنهنــــجي سونهن جي ڇا تعريف ڪــجي
    تنـــــهـنـــــجو پاڻ سـنوارڻ مـــــــوهــــــي ٿـــو


    نـظــــرن جي مـــــلــڻ سان مُرڪــي پوڻ
    تنــهــنـــــــــــجو شــرمــا ئـــــــــڻ مـــــــــــوهـي ٿـــــــو


    گلڙن کان حســــــــــين تنهنجي چـــــهري کـي
    شـــــرمـــــــا ئـــي لــــــــڪــــــــا ئـــــــڻ موهــــــي ٿو

    ٻيو ڪـجهه نه کپي تون سامهون هــجــين
    تنــــــهنـــــــــــــجو اکڙيون ملائڻ مـــــــــوهي ٿـــــــو

    پنــــهــــنجون پيار ڀريون ڳالهيون دل جون
    نــيـڻـــــــن ســان ٻــــــــــُڌائــــــڻ مـــــوهـــــي ٿـــــــو

    دل هـــر هــر رُسَــــــــڻ جــــــــي راهه ڏسي
    تـنـــهــنــــــجـــــو پــرچــــــا ئــڻ مــــوهــــــي ٿــــــــــــــو

    درويش اوجـــاڳا ڪــــــــــيئن ڪـــــــــــري
    تنهنــــــــــجو خـــواب َسجائــــڻ موهـــي ٿــــــو

    تحرير عمران درويش سومرو

    .
    .
    .
    .
    .
    .
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ننڍڙي ڪوشش۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۔۔۔ شاعري

    ادا درويش مهرباني

    اسان کي ته توهان جو سنڌ سلامت سان ڪيل پيار موهي ٿو۔


    ادا بهترين ڪوشش ، سهڻي ڊزائن ، پياري شاعري ۽ اوهان جا احساس
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ننڍڙي ڪوشش۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۔۔۔ شاعري

    ابا درويش هيءَ آپبيتي آهي يا جڳ بيتي ۔۔۔ جي آپبيتي آهي ته پوءِ الله خئير ڪندو، اسانجون دعائون اوهان سان گڏ آهن، جو ان حالت ۾ دعائون ئي ڪم ڪنديون ۔۔۔ پنهنجي ڪئي جو نه ويڄ نه طبيب

    هي اهڙو مرض آهي جنهنجو علاج به مرض ۾ ئي آهي ۔۔۔۔ هاڻ جي مرض ڇڏائبو ته موت ۽ جي نه ڇڏائبو ته قيس ۔۔۔ ۽ جي مرض سان سمجهوتو ٿي وڃي ته نثارابڙو ۔۔۔۔ 51 سالن ۾ 15 سالن جو ڇوڪرو ۔۔۔

    منهجون دعائون اوهان سان گڏ آهن ۔۔۔ شاعريءَ جي وزن يا تڪبنديءَ جي خبر ته سائين ناز کي پوي باقي پاڻ اوهانجي خيال تان نثار ۔۔۔

    واه واه ٿي وئي ۔۔۔ مان به چوان ته اڄڪلهه درويش ڀلا الائجي آهي ڪٿي ۔۔۔۔؟ هاڻ خبر پئي ته ڪٿي به نآهي ۔۔۔
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ننڍڙي ڪوشش۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۔۔۔ شاعري

    تمام بهترين شاعري آهي ادا عمران درويش

    لاجواب ونڊ

    سدائين گڏ
     
  5. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: ننڍڙي ڪوشش۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۔۔۔ شاعري


    ادا سليمان وساڻ‌صاحب وڏي مهرباني جو اوهان منهنجي ننڍڙي ڪوشش کي ٻه اکر تعريف جا لکڻ جوڳو سمجهيو۔۔
    دعا ۾ ياد۔
     
  6. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: ننڍڙي ڪوشش۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۔۔۔ شاعري

    سائين هي جڳ بيتي آهي جي منهنجي مٿان عشق جي افت آئي ته به انڪاري ڪو نه ٿبو۔۔
    ڀلا جي عشق جو اهو فائدو آهي ته
    ته پو ايڪيهن سالن جو عمران درويش ته اڃان ڄائو ئي ڪونهي۔۔
    اسان سدا اوهان جي صحبت ۾ گڏ آهيون۔۔ ۽ دعا آهي ته الله پاڪ هن ساٿ کي ايئن ئي سلامت رکي۔۔۔ باقي رهي ڳالهه غير حاضر رهڻ جي ته مون پنهنجي شروع واري ڏينهن ۾ هڪ موضوع ونڊ ڪيو هيو ته برائي مهرباني مذهبي بحث کان پاسو ڪيو وڃي پر هر هر انکي وڌندڙ ڏسي پنهنجي طبيعت موجود ٿورو پاسي تي ٿي وياسون۔۔ ڇو ته هن دور ۾ مذهبي بحث جو نتيجو فقط فساد ۽ نفرتن جو وڌڻ آهي۔۔ هلندڙ دور ۾ ٿيندڙ مذهبي
    بحثن جو بنياد ضد آهي۔۔ هر ڪو ان ڳالهه جي ڪوشش ٿو ڪري ته ماڻهون انجي عقيدي موجوب هلن ڇو ته
    هو پنهنجو پاڻ‌کي حق جي راهه تي هلندڙ سمجهي ٿو ۽ ساڳي ئي سو چ انجي مخالف را رکندڙ جي به آهي۔۔۔۔۔
    هن وقت ٿيندڙ بحث فقط ضد جي بنياد تي آهن۔۔۔۔ جنهن کي پورو ڪرڻ‌جي لا هرڪو پنهنجي پنهجي عقيدي
    موجوب ڪتاب پڙهي ڳالهيون سامهون آڻي ٿو ڀلي ڪنهن جي ڳالهه ۾ 100 سيڪڙو سچائي ئي ڇونه هجي پر انجو
    مخالف ضد تحت پنهنجي عقيدي کي سچو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش جاري رکندو آهي تنهن ڪري منهنجو
    عقيدو اهو آهي ته جيڪو عقل بالغ هئڻ باوجود هڪ دفعو سمجهائڻ سان نه سمجهي ته انکي بار بار سمجهائڻ
    انڌي اڳيان روئڻ برابر هوندو آهي۔ چوندا آهن ته جيڏو الله تيڏو ان ۾ آسرو ، الله تعالي اميدن جو مرڪز آهي جنهن ڏينهن انجو اشارو ٿيندو ته سڀني جا پول پڌرا ٿي ويندا ۽ جيڪڏهن گذريل وقتن ۾‌ٿيندڙ مذهبي بحثن مان ڪجهه ڪونه وريو آهي ۽ هرڪو پنهنجي پراڻي عقيدي تي اهو سوچي قائم آهي ته هن جو عقيدو سڀ کان درست آهي ته پو ايندڙ وقت ۾‌ به ٿيندڙ مذهبي بحثن مان ڪجهه ڪونه ورندو۔۔ نتيجو فقط نفرت ۽ فساد پيدا ٿيندو آهي۔۔ ۽
    منهنجي نظر ۾ سنڌ سلامت تي ڪوبه اهڙو دوست نه آهي جيڪو هن هيرن جهڙي فورم تي ڪنهن قسم جي
    نفرت پيدا ٿين پسند ڪندو۔۔۔ الله تعالي هن فورم جي سونهن کي سدا شاد ۽ آباد رکي (آمين)

    مذهبي بحث تي منهنجو ونڊيل پهريون موضوع۔۔

    http://www.sindhsalamat.com/showthread.php?t=5544
    ۔
    ۔
    ۔
    ۔
    ۔
    ۔
    ۔
     
  7. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: ننڍڙي ڪوشش۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۔۔۔ شاعري

    ادا فقير ڦلپوٽه پسند ڪرڻ جي وڏي مهرباني اوهان دوستن جا اهڙا ڪمينٽس منهنجي لا حوصله افضائص
    جو سبب بڻجن ٿا۔

    مهرباني۔۔۔

    سدائين گڏ
    ۔
    ۔
    ۔
    ۔۔۔۔۔۔
     
  8. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ننڍڙي ڪوشش۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۔۔۔ شاعري

    درويش بابلا! زبردست شاعري آهي، هي ننڍڙي ڪوشش نه آهي، پر دلي ڪوشش آهي، دل کي ايئن ٿو لڳي ته توهان جي دل جي ڳالهه ٻڌي اٿس،۔۔
    درويش سائين سٺو ٿيو جو عشق جي مرض ۾ اڃان مريض نه ٿيا آهيو، ڇو ته هي مرض ڏاڍو ڏکيو آهي۔۔
     
  9. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ننڍڙي ڪوشش۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۔۔۔ شاعري

    [justify]
    درويش سائين اوهان جي ڳالهين مان سهمت آهيون۔۔۔ پر ڇا ڪجي، دوست پنهنجي ضد کي ڪٿي ٿا ڇڏين، ڪٿي پٺي ڏئي ڀڄيو وڃن ڪٿي وري پنهنجي ڳالهه ٻين تي مڙهڻ‌جي ڪوشش ڪن ان ڪري مان به بحثن ۾ هٿ وجهڻ‌ڇڏي ڏنو آهي۔۔ ​
    [/justify]
     
  10. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ننڍڙي ڪوشش۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۔۔۔ شاعري

    ادا درويش اوهانجي شاعري ته اسان عاشقن کي موهي ٿي، تمام بهترين شاعري جنهن جي لفظن ۾ تعريف ڪرڻ ناممڪن آهي، ۽ ان سان گڏ ڊزائين۔
     
  11. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: ننڍڙي ڪوشش۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۔۔۔ شاعري


    ادا مست لک ٿورا جو اوهان منهنجي هن ڪوشش کي ننڍڙي جي ڪيٽاگري مان ڪڍي مٿاهون مرتبو ڏنو۔۔۔۔
     
  12. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: ننڍڙي ڪوشش۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۔۔۔ شاعري

    ٻيو ڪـجهه نه کپي تون سامهون هــجــين
    تنــــــهنـــــــــــــجو اکڙيون ملائڻ مـــــــــوهي ٿـــــــو


    ادا تمام بهترين شاعري ونڊ ڪئي اٿو
    ڇا اها توهان جي پنهنجي شاعري آهي؟؟؟؟؟

    ته واقعي لاجواب آهي
    بهترين لفاظن جي تمام سٺي نموني جوڙ جڪ ٿيل آهي

    ادا توهان جي شاعريء ۾ بلڪل ميچوئرٽي آهي
    الله توهان کي اڃان به ڳتي وڌائي۔۔۔۔آمين

     
  13. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ننڍڙي ڪوشش۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۔۔۔ شاعري

    [justify]
    حوالو درويش ؛
    محترم دوست، مست ۽ درويش سائين، اميد ته جڙيل هوندا ۔۔۔

    ڇا مخالفت ۾ ايندڙ بحث يا ليک اوهانکي پسند ناهن ۔۔؟ يا وري مورڳو مذهب تي ايندڙ سڀ ليک اوهانکي پسند ناهن ۔۔۔؟

    جيتري حد تائين تعلق آهي درويش جو ته بيشڪ هن دوست ڪڏهن به مذهبي بحث يا ڪو ليک ونڊ ناهي ڪيو، باقي رهيو مست ته اسانجي هن دوست ته محرم جا 10 ڏينهن هن اوطاق تي سنڌ جي سمورين اخبارن ۾ ڇپيل مذهبي ليک ونڊ ڪيا هئا ۔۔۔

    دوستو! حقيقت روز روشن ته اها آهي ته اسين سنڌي ٻن يا ڪئي قسمن جي گروهن ۾ ورهايل آهيون ۽ هر مذهبي گروهه پاڻکي حق تي چويٿو ۔۔۔ ڪروڙين سنڌي مذهبي فرقن ۾ آهن ۔۔۔ ڇا ان کان ڪو انڪار آهي؟

    سنڌ سلامت تي هڪ ڪمرو آهي دين اسلام جو، ڇا اهو ڌاڳو صرف ڏسڻ لاءِ آهي يا خانا پوريءَ لاءِ آهي ۔۔۔؟

    مٿين سوالن ۽ حقيقتن جي جواب کانپوءِ سوال اهو آهي ته ڇا سنڌ سلامت تي هر طرف جي دوستن جا ليک نه ايندا ۔۔۔؟ ۽ جڏهن ليک ايندا ته ڇا انهن جا جواب نه ايندا ۔۔۔؟

    انجي جواب ڳولهڻ کانپوءِ اها خبر پوي ٿي بيشڪ هر طرف کان ليک به ايندا، سوال به ايندا ته جواب به ايندا ۔۔۔ هاڻ اسانجو ڪم ڇا آهي؟؟؟ يا ته انهن سوالن ۽ جوابن ۾ پاڻ حصو اٽڪايون يا وري انهن کي ڇڏي ڏيون ۔۔۔ ان تي اسانکي پورو پورو اختيار آهي ۔۔۔

    سنڌ سلامت جي سڀني دوستن کي اهو عرض آهي ته جيڪڏهن هو مذهب تي ايندڙ ليک پڙهن يا نه پڙهن، انهن ۾ حصو وٺن يا نه انجو کين پورو پورو اختيار آهي ۽ حسب معمول سنڌ سلامت جي انتظاميه انهن جي راءِ کان يا انهن جي سوالن جوابن کان بنهه الڳ هڪ حيثيت رکي ٿي ۔۔۔

    هي فورم سنڌي زبان جي واڌاري ۽ سنڌ ۽ سنڌيت جي پرچار لاءِ سمجهيو وڃي ٿو ۽ ان راءِ سان انتظاميه کان وٺي سڀ رڪن به سهمت آهيون ۔۔۔ انڪري سنڌ سان لاڳاپيل هر شئي ونڊ ٿيندي رهندي پر ان ونڊ کي اسان ڪيتري موٽ ڏيونٿا ۔۔۔ اهو اهم آهي ۔۔۔

    منهنجا عزيز دوستو! ڇا ڪجي حقيقت کان منهن موڙي نٿو سگهجي ته مذهب اسانجي زندگيءَ جو حصو آهي ۽ مذهب ۾ فرقا به پنهنجي جاءِ تي موجود آهن ۽ جي فرقا آهن ته انهن فرقن جا ليک به ايندا ۔۔۔

    هاڻ جيڪڏهن اوهان چاهيو ته هن فورم جي صلاح مشورن ۾ سڀ دوست اهو چون ته مذهب جو ڪمرو بند ڪري تالو لڳايو وڃي ته اهو به ممڪن آهي ۔۔ جمهور جي راءِ کي اوليت هوندي ۔۔۔

    باقي اسانکي گهرجي ته معلوماتي، تحقيقي ۽ ڪنهن فرقي جي مخالفت ڪرڻ کان بغير حق ۽ سچ جي ڳالهه کي ڦهلايون ته جئين قبلا درست ٿي سگهن ۔۔۔ ۽ علمي روشني وڌي سگهي ۔۔۔

    باقي هن اوطاق ۾ موجود تمام سهڻا ڪمرا موجود آهن، جت هر هڪ ڪمري جي فطرت مطابق دوست اچن ٿا ۽ پنهنجي ڳالهه چئي وڃن ٿا ۔۔۔ اسانکي پنهنجي پنهنجي پسند ۽ سمجهه آهر ان ڪمري ۾ وڃي پاڻ ملهائڻ گهرجي ۔۔۔ ضروري ناهي ته مذهب ۾ وڃي اسين پاڻ اٽڪايون ۔۔۔

    سو حرف آخر ته اسانکي دل برداشته يا دوستيءَ کان منهن موڙڻ بجاءِ پنهنجي ذات ۽ ڏات کي سنڌ جي ڀلي ۽ سنڌ جي آجپي لاءِ استعمال ڪريون ۽ هن اڱڻ ذريعي پنهنجي ڏات جي جوت جلائي پاڻ ملهايون ۔۔۔

    سنڌ اسان سڀني جي آهي ۽ هيءَ اوطاق به اسان سڀني سنڌين جي آهي ۔۔۔ بنا ڪنهن مذهبي مت ڀيد جي ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت اسانجو نعرو آهي ۔۔۔

    رب العالمين اسانکي سنڌ جي آجپي جي ويڙهه ۾ سرخرو ڪري ۽ قومي فرضن نڀائڻ جي سگهه عطا ڪري ۔۔۔ آمين
    [/justify]
     
  14. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: ننڍڙي ڪوشش۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۔۔۔ شاعري

    نه سائين ان ڳالهه کان ڪوبه انڪار نه آهي۔۔

    سائين جيڪڏهن اسان ان ڪمري ۾ قرآن شريف جي تلاوت، حمد و نعت ۽ الستي ليکن سان سجايون۔
    ڇوته جيڪو ماڻهون بحث ڪرڻ جي لا تيار ٿئي ٿو ته پهرين اهو پڪو پهه ڪري ٿو ته سندس عقيدي ۾‌لچڪ
    ناهي آڻڻي۔۔ جيڪڏهن ٻنهي بحث ڪرڻ وارن جي اها سوچ هوندي ته پو ان بحث سان نفرت ۽ فساد کان علاوه ڪجهه نه ورندو۔۔۔

    سائين جيئن مون مٿي عرض ڪيو ته اسلامي سڪيشن
    کي قرآن شريف جي تلاوت، حمد و نعت ۽ الستي ليکن جي لا مختص ڪيو وڃي باقي ايندڙ موضوع ( ان اپروو) ڪيا وڃن ته اهڙي ڪنهن به قسم جي صورتحال پيدا نه ٿيندي جنهن سان ڪنهن ( مذهبي فرقن) جون پاڻ ۾‌
    نفرتون وڌن۔۔۔۔۔۔


    اميد ته منهنجي ڏنل سادن جوابن مان ڪنهن جي دل آزاري نه ٿي هوندي۔۔
    ۔
    ۔
    ۔
    ۔
    ۔
    ۔
     
  15. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ننڍڙي ڪوشش۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۔۔۔ شاعري

    دوست اوهانجي صلاح قابل غور آهي ۔۔۔ پر الستي ليک جي ٿورڙي وضاحت ٿي وڃي ته بهتر ۔۔۔؟
     
  16. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: ننڍڙي ڪوشش۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۔۔۔ شاعري

    سائين مهرباني۔۔۔۔
    سائين اهڙا ليک جن ۾ قدرت جي ڪارنامن جي تعريف ڪئي وئي هجي۔۔ الله پاڪ تي نالن جي فضليت۔ سان سرشار
    مضمون هجن، نهن سڀني کي سميٽي لکڻ جي ڪوشش ڪئي ته سيکڙاٽ سوچ لفظ "الستي ليک" کي چونڊيو۔۔۔
    باقي جيڪڏهن غلط آهي ته انسان خطا جو گهر آهي۔۔۔۔ معافي طلب۔
     
  17. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: ننڍڙي ڪوشش۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۔۔۔ شاعري

    لک لائق ادا عرس پريو صاحب جو پنهنجي ننڍڙي ڪوشش مان شعر جي چونڊ ڪري ورجايو۔۔

    جي ادا بلڪل هي مون سيکڙاٽ ذهن جي ننڍڙي ڪوشش آهي۔۔

    پسند ڪرڻ جي مهرباني ۔۔۔
    سدائين گڏ۔۔۔
    ۔

    ۔

    ۔
     
  18. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ننڍڙي ڪوشش۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۔۔۔ شاعري

    [JUSTIFY]
    ادا وڏا! منهنجي شروع کان اها ئي ڪوشش آهي ته سنڌ سلامت تي مذهبي بحث نه ٿئي، ڇو ته ان جو نتيجو توهان پاڻ ڏسندا رهيا آهيو۔۔ مون محرم جي پهرئين عشري ۾ صرف اهي ونڊ‌ ڪيا هئا جيڪي انهن ڏينهن جي اندر مناسبتون هيون، اهي بحث لاءِ هر گز نه هئا، حالانڪه ڪن دوستن انهن کي بحث جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ مناسب حد تائين بحث ٿي جنهن کان بعد اهو سڀني جي اڳيان واضح ٿيو ته مظلوم تي روئڻ جائز آهي باقي ماتم کي ڪن دوستن مڃيو ڪن نه مڃيو، زنجير يا رت ڪڍڻ جي ماتم تي به اهو واضح ٿيو ته اهو عقيدت جي بنياد تي آهي، جيئن حضرت اويس قرني رضه جن ڪيو، ڪن دوستن انهن ڏينهن ۾ به بحث جو سلسلو وڌائڻ‌ لاءِ يزيد جي تعريف ۾ ونڊ‌ ڪيا پر ۔۔۔۔۔۔ [-X
    باقي شروعاتي ڏينهن کان وٺي انهن ڏينهن تائين منهنجي ڪوشش اها ئي آهي ته هتي اهڙا موضوع يا تحريرون ونڊ نه ڪجن جيڪي ڪنهن جي دل ڏکائڻ‌ جو سبب ٿين۔۔۔ :-ss
    توهان پاڻ نوٽ ڪيو هوندو ته 11 محرم گذرڻ کان بعد اسلامي سيڪشن ۾مست جي اچ وڃ گهٽ ٿي وئي۔۔۔۔ ^#(^
    ڇو ته منهنجو مقصد بحث نه پر صرف مناسبت جي حساب سان مواد ونڊ‌ ڪرڻ هو ۽ حق جي ڳالهه کي سڀني تائين پهچائڻ‌ هو۔۔ نه ته هتي ته ڪيترائي اهڙا دوست آهن جيڪي فقط بحث جو مقصد ذهن ۾ رکي موجود رهن ٿا۔۔۔ :-??
    سڀني دوستن کي به منهنجي اها ئي گذارش آهي ته هتي پاڻ‌کي ملي جلي رهڻو آهي، بحث وغيره کان پاسو ڪريو۔۔ پنهنجا پاڻ ۾ آهيون، سنڌي آهيو، ڀائر آهيون۔۔۔
    [/JUSTIFY]
     
  19. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    144
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ننڍڙي ڪوشش۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۔۔۔ شاعري

    جيتري تعريف ڪجي اوتري گهٽ۔۔۔
    تمام بهترين۔۔
     
  20. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ننڍڙي ڪوشش۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۔۔۔ شاعري

    سنڌ سلامت فورم جي موقف بابت ته سائين نثار ابڙو جن وضاحت ڪري ڇڏي ۔۔ ڪجهه مشورن بابت به صلاح پڇيائون۔۔ پر اها ڳالهه سموري سنگت قبول نه ٿي ڪري۔۔
    حالانڪه اهڙن بحثن سنڌ سلامت فورم کي ڪافي نقصان رسايو آهي۔۔ ڪافي دوست ڪاوڙجي ويا ڪجهه کي تنبيهون ڪيون ويون ته انهن ٻيهر رخ نه ڪيو ڪي دوست ته فعال هجڻ باوجود اهڙن بحثن ۾ حصو نه اٽڪائيندا آهن هميشه پيغامن جي صورت ۾ مون کي اهڙن بحثن کان روڪيندا آهن۔۔ الغرض ته چاهيندي به اهڙن بحثن کي روڪي نه سگهيو ويو آهي جو فورم کي وڌيڪ نقصان جو انديشو رهي ٿو۔۔۔
    پر جيڪڏهن اسان جي فطرت ۾ مذهب ايترو حاوي آهي ته ڇا اسلام سيڪشن ۾ رڪاوٽ وجهڻ کان پوءِ اهي بحث ڪنهن ٻئي سيڪشن نه ٿيندا ۔۔۔ جهڙوڪ شاعري سيڪشن ۾ آندل هن موضوع کي ئي ڏسو۔۔۔
    ڪيڏي نه خوبصورت شاعري آهي پر ان تي آيل منهنجو ئي جواب 99 فيصد مذهبي ۽ صرف هڪ فيصد شاعري جي راءِ تي ٻڌل آهي۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو