• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ننڍڙي ڪوشش۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۔۔۔ شاعري

جواب: ننڍڙي ڪوشش۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۔۔۔ شاعري

سنڌ سلامت فورم جي موقف بابت ته سائين نثار ابڙو جن وضاحت ڪري ڇڏي ۔۔ ڪجهه مشورن بابت به صلاح پڇيائون۔۔ پر اها ڳالهه سموري سنگت قبول نه ٿي ڪري۔۔
حالانڪه اهڙن بحثن سنڌ سلامت فورم کي ڪافي نقصان رسايو آهي۔۔ ڪافي دوست ڪاوڙجي ويا ڪجهه کي تنبيهون ڪيو ته انهن ٻيهر رخ نه ڪيو ڪي دوست ته فعال هجڻ باوجود اهڙن بحثن ۾ حصو نه اٽڪائيندا آهن هميشه پيغامن جي صورت ۾ مون کي اهڙن بحثن کان روڪيندا آهن۔۔ الغرض ته چاهيندي به اهڙن بحثن کي روڪي نه سگهيو ويو آهي جو فورم کي وڌيڪ نقصان جو انديشو رهي ٿو۔۔۔
پر جيڪڏهن اسان جي فطرت ۾ مذهب ايترو حاوي آهي ته ڇا اسلام سيڪشن ۾ رڪاوٽ وجهڻ کان پوءِ اهي بحث ڪنهن ٻئي سيڪشن نه ٿيندا ۔۔۔ جهڙوڪ هن موضوع کي ڏسو۔۔۔
ڪيڏي نه خوبصورت شاعري آهي پر ان تي آيل منهنجو ئي جواب 99 فيصد مذهبي ۽ صرف هڪ فيصد شاعري جي راءِ تي ٻڌل آهي۔۔

ادا رشيد بلڪل اوهان صحيح پيا چئو ته مذهبي بحث سبب سنڌ سلامت تان ڪيترا ئي دوست پاسي ٿي ويا آهن
جڏهن ته هن فور م جو بنيادي مقصد سنڌ سان پيار ۽ سنڌيت جي پرچار آهي۔ اهو سڀني دوستن جي علم ۾ آهي ته
جڏهن مذهبي سيڪشن ۾‌ (ان اپروو) وارو سسٽم هيو ته اهڙي قسم جا بحث اٽڪل نه جي برابر هيا۔
جيڪڏهن ڪو دوست ڪنهن ٻئي سيڪشن ۾ مذهبي موضوع ونڊ ڪندو هيو ته انکي فوري طور اسلامي
سيڪشن ۾ موو ڪري ان اپرو و ڪيو ويندو يو۔۔۔
باقي ان جي باوجو ڪو دوست خواه مخواه ڪنهن ٻئي موضوع تي مذهبي ڪمينٽس ڏيندوته ان جو مقصد عام
ماڻهون به سمجهي سگهي ٿو۔۔۔۔


نوٽ؛۔
(( مٿي ڏنل جواب ۾ مذهبي ڪمينٽس يا موضوع مان مراد اهڙا موضوع يا ڪمينٽس جنهن جي وجهه سان ڪائي نفرت جنم وٺي)))



۔
 
جواب: ننڍڙي ڪوشش۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۔۔۔ شاعري

ادا وڏا! منهنجي شروع کان اها ئي ڪوشش آهي ته سنڌ سلامت تي مذهبي بحث نه ٿئي، ڇو ته ان جو نتيجو توهان پاڻ ڏسندا رهيا آهيو۔۔ مون محرم جي پهرئين عشري ۾ صرف اهي ونڊ‌ ڪيا هئا جيڪي انهن ڏينهن جي اندر مناسبتون هيون، اهي بحث لاءِ هر گز نه هئا، حالانڪه ڪن دوستن انهن کي بحث جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ مناسب حد تائين بحث ٿي جنهن کان بعد اهو سڀني جي اڳيان واضح ٿيو ته مظلوم تي روئڻ جائز آهي باقي ماتم کي ڪن دوستن مڃيو ڪن نه مڃيو، زنجير يا رت ڪڍڻ جي ماتم تي به اهو واضح ٿيو ته اهو عقيدت جي بنياد تي آهي، جيئن حضرت اويس قرني رضه جن ڪيو، ڪن دوستن انهن ڏينهن ۾ به بحث جو سلسلو وڌائڻ‌ لاءِ يزيد جي تعريف ۾ ونڊ‌ ڪيا پر ۔۔۔۔۔۔ [-x
باقي شروعاتي ڏينهن کان وٺي انهن ڏينهن تائين منهنجي ڪوشش اها ئي آهي ته هتي اهڙا موضوع يا تحريرون ونڊ نه ڪجن جيڪي ڪنهن جي دل ڏکائڻ‌ جو سبب ٿين۔۔۔ :-ss
توهان پاڻ نوٽ ڪيو هوندو ته 11 محرم گذرڻ کان بعد اسلامي سيڪشن ۾مست جي اچ وڃ گهٽ ٿي وئي۔۔۔۔ ^#(^
ڇو ته منهنجو مقصد بحث نه پر صرف مناسبت جي حساب سان مواد ونڊ‌ ڪرڻ هو ۽ حق جي ڳالهه کي سڀني تائين پهچائڻ‌ هو۔۔ نه ته هتي ته ڪيترائي اهڙا دوست آهن جيڪي فقط بحث جو مقصد ذهن ۾ رکي موجود رهن ٿا۔۔۔ :-??
سڀني دوستن کي به منهنجي اها ئي گذارش آهي ته هتي پاڻ‌کي ملي جلي رهڻو آهي، بحث وغيره کان پاسو ڪريو۔۔ پنهنجا پاڻ ۾ آهيون، سنڌي آهيو، ڀائر آهيون۔۔۔

مست شال جڙيو هجين۔۔۔ادا اوهان بلڪل سهي فرمايو۔۔۔منهنجي خيال ۾ ته سائين نثار جن به سهي ٿا چون۔
ادا مذهبي بحث اسان ڪڏهن به ڪون ڪيو آهي۔ ۽ نه ئي ڪنهن سان ڪرڻ پسند ڪندا آهيون۔
پنهنجو ڪم سنڌسلامت تي آهي۔۔۔سنڌي ٻولي ۽ سنڌي قوم مطلب جيئي سنڌ۔
(ها ادا اگر اسانجي عقيدي تي جيڪڏهن ڪوبه ماڻهو آڱر کڻندوته اسان ان جي آڱر ڪٽڻ جي ڪوشش ڪنداسين ۽ ڪٽي وجهنداسين (مثال)
هتي فورم تي مان جيڪو ڏٺو آهي۔۔۔ته اسانجي عقيدي تي روز حمله ٿي رهيا آهن۔۔۔اسان پڙهي به جواب ڪون ٿا ڏيون ان جو مطلب اهونه آهي ته اسان وٽ جواب ڪون آهن، اسان وٽ جواب آهن پر اسان سنڌسلامت کي ٿا ڏسون۔
ادا هتي ڪجھ ماڻهو آهن۔۔۔جيڪي صرف ۾ صرف اسلامي بحث ڪرڻ ۽ ڪرائڻ جي چڪر ۾ ويٺا آهن۔۔۔۔انهن جو ڪم ئي نفرت ڦهلائڻ آهي۔۔۔۔وڌيڪ سڄي سنڱت جي صلاح سان ملي ڪري هلبو۔
 
جواب: ننڍڙي ڪوشش۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۔۔۔ شاعري

ادا درويش شاعري ته صفا من موهي ۽ دل کي گهايل ڪري ڇڏيو تمام بهترين ونڊ آهي ادا

سدائين گڏ
 
جواب: ننڍڙي ڪوشش۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۔۔۔ شاعري

واه واه ادا درويش بهترين لفاظي ۽ هموار ڪافيو ته جيئن پڙهڻ‌ وارا موهجي وڃن
اهو ڄاڻي خوشي ٿي ته هي توهان جي پنهنجي شاعري آهي۔

دعا آهي ته الله تعالي اوهانکي اڃان وڌيڪ توفيق ۽ منزل عطا ڪري۔۔

آمين۔
 
Back
Top