• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

v زاهد

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
اي زاهد​
ڪوڙ کي سچ جي لباس ۾ ڇو لڪائين ٿو ؟
باطن ۾ بغاوت ته ظاهر ۾ زاهد چوائين ٿو

ڪڏهن پنهنجي خلوتن جو خيال ڪري ڏس؟
تون پاڻ ڇا آهين؟ ٻين کي ڇا سمجهائين ٿو؟

او‌! بتن جي بازار جا سڀ کان وڏا خريدار
ڪافريء سندو فتوى ٻين تي ڪيئن لڳائين ٿو؟

لڪي لڪي لوڪ کان تو لعنتون ٿي لاٿيون
سري عام را ز کلڻ تي اڄ ڇو شرمائين ٿو ؟

خدا جي معافي کانپوءِ به ڪهڙو منهن کڻندس؟
هر خيال ۾ اچي جو تون منکي لڄائين ٿو

تون مسلمان به آهين ته تون مومن به آهين
پوءِ محفلن ۾ ويهي نينگريون ڇو نچائين ٿو ؟

جيڪو هر ڪنهن جا ڍڪ ڍڪي سو غيرتمند
پوءِ ننگ پنهنجا ڍڪي ٻين ڏي ڇو واجهائين ٿو؟

اٿي ڪر تون قائم قيامت پنهجي اندر اي _” ڏاڏل
مهديء جا منتظر تون ظلم خلاف ڇو لنوائين ٿو؟​
 
جواب: v زاهد

هن نظم ۾ ڏاڏل وجدان ۾ اچي ويل ٿو لڳي ۔۔۔ سماج جي ڪوڙن، ٻن منهن وارن لا اصل جهاد ڪيل ٿو ڏسجي ۔۔۔

منهن ۾ مسلمان اندر ۾ آذر جهڙا ماڻهون ئي انساني سماج لا ناسور هوندا هن جن لا لطيف سڳوري جي فتوا آهي ته؛

ٻاهر ٻولي هنج جي، اندر ڪارو ڪان
اهڙو ٺلهو ٿان، ڀنڃي ڇون ڀورا ڪجي۔

سلام آهي اهڙن انسان کي جي پنهنجي قلم ۽ ڏات ذريعي سماج جي ڪوڙن ظالمن سان مهاڏو اٽڪائن ٿا ۔۔۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: v زاهد

جيڪو هر ڪنهن جا ڍڪ ڍڪي سو غيرتمند
پوءِ ننگ پنهنجا ڍڪي ٻين ڏي ڇو واجهائين ٿو؟

سائين بهترين۔ زماني ۽ سماج کي اوهان سٺو وائکو ڪيو آهي

اوهان جي شاعري تعريف جي قابل آهي
 
جواب: v زاهد

آ اوهان مڙني مهربانن جو مشڪور آهيان جو کنڊڙيل لفظن جي تعريف ڪئي آهي
وسلام
 
جواب: v زاهد

اهياهڪ عالمگيرحقيقت آهي ته جنهن ٻولي ۾ انسان ماء جي لوليءَ مان ڳالهائڻ سکيوهجي جڏهن امڙ هٿن ۾ کڻي پيار سان منهن ۽چپ چمي سيکاريو ته چؤ منهنجا لعل بابا بابا امان امان نانا ماما چاچا ڀاؤ ۽ جڏهن هو ٿاٻڙجي ڪري پوندو هو ته ماء چوندي هئي، هئي منهنجا جاني، ما صدقي ۽ سيني سان لڳائي چوندي هئي الي منهنجي بابي کي ڪٿي ڌڪ لڳو آهي بيھ ته مان ماريان ٿي ٿي ان کي جنهن نه منهنجي بابي کي ڏڪ ڏنو آهي اها ٻولي انسان کان ڪڏهن ڪانه وسرندي جاڪي دوست ٻاهرينملڪن ۾رهندا آهن ته انهن جو چوڻ آهي اسان کي پرائي ديس ۾ جي ڪو پاڙيسري ملڪ يا اسان جي ٻولي ڳالهائيندڙ ملندو آهي ته اکين مان نير وهي ايندا آهن ۔
جيئن ته فطرتي لحاظ کان انسان اهو ڪهڙي به ٻولي يا نسل سان تعلق رکندو هجي پر

سائين اسانجي اکين ۾ ڳوڙها آڻي ۔۔۔ ڳالهه اچي ”پر“ تي کٽائي اٿوَ ۔۔۔ ڏسجي ته پر کانپوءِ ڪيترو پر آهي ۔۔۔؟
 
Back
Top