ڏاڏل شينو
سينيئر رڪن
اي زاهد
ڪوڙ کي سچ جي لباس ۾ ڇو لڪائين ٿو ؟
باطن ۾ بغاوت ته ظاهر ۾ زاهد چوائين ٿو
ڪڏهن پنهنجي خلوتن جو خيال ڪري ڏس؟
تون پاڻ ڇا آهين؟ ٻين کي ڇا سمجهائين ٿو؟
او! بتن جي بازار جا سڀ کان وڏا خريدار
ڪافريء سندو فتوى ٻين تي ڪيئن لڳائين ٿو؟
لڪي لڪي لوڪ کان تو لعنتون ٿي لاٿيون
سري عام را ز کلڻ تي اڄ ڇو شرمائين ٿو ؟
خدا جي معافي کانپوءِ به ڪهڙو منهن کڻندس؟
هر خيال ۾ اچي جو تون منکي لڄائين ٿو
تون مسلمان به آهين ته تون مومن به آهين
پوءِ محفلن ۾ ويهي نينگريون ڇو نچائين ٿو ؟
جيڪو هر ڪنهن جا ڍڪ ڍڪي سو غيرتمند
پوءِ ننگ پنهنجا ڍڪي ٻين ڏي ڇو واجهائين ٿو؟
اٿي ڪر تون قائم قيامت پنهجي اندر اي _” ڏاڏل”
مهديء جا منتظر تون ظلم خلاف ڇو لنوائين ٿو؟