سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن سچل ڳوٺ ڪراچي ۽ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي سهڪار سان سنڌ ۾ آيل مها ٻوڏ متاثرين جي سار سنڀال لاء لڳل سچل ڳوٺ جي ڪئمپن ۽ ڀرپاسي جي گهرن ۾ رهندڙن متاثرين لاء امداد جي ڪمن ۾ مدد ڪندڙ امدادي ڪارڪنن ۽ ڊونرس کي مڃتا ايوارڊ ڏيڻ جي سلسلي ۾ 8 جنوري 2010 تي روشن تارا اسڪول سچل ڳوٺ ۾ پروگرام ڪيو ويو. هن پروگرام ۾ سچل ڳوٺ ۽ ڪراچيء جي مختلف علائقن مان وڏي انگ ۾ مردن ، عورتن توڙي ٻارڙن شرڪت ڪئي.
ٻوڏ دوران سنڌي ماروئڙن کي ڪراچيء ڏانهن اچڻ واري سڏ کانپوء تقريبن 8500 هزار ماڻهن سچل ڳوٺ جي مختلف اسڪولن ۾ قائم ڪئمپن ۾ پناه ورتي هئي. ان کانسواء گهرن ۾ به 5000 ماڻهن رهائش اختيار ڪئي هئي. سِگا جي ٽيم ان سموري وقت ۾ مختلف ڊونرس کان مددد وٺي مفت رهائش جو انتظام ، مفت خوراڪ ، سامان ۽ مفت ميڊيڪل ڪئمپ ۽ دوائن جو بندوبست ڪيو. ان سموري عرصي ۾ مختلف سياسي ۽ سماجي تنظيمن به حصو ورتو. سنڌ سلامت به وقت به وقت پنهنجي فورم تان مدد جي درخواست ڪندي رهي هئي.
جيتوڻيڪ پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ سنڌ سلامت بابت بريفنگ لاء ادا طاهر سنڌيء کي خصوصي دعوت ڏنل هئي پر ڪجنهن ذاتي مجبوريء سبب هو اچي نه سگهيو. پروگرام لاء ٺاهيل بئنرس ادا ابو ذين جي ڪيل ڪوششن سان ٺاهيا ويا هئا. جيڪي هيٺ ڏجن ٿا.
پروگرام جو خاص مهمان سِگا جو چيئرمين ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ صاحب ۽ خاص مهمانن ۾ عبرت گروپ جو سرواڻ قاضي اسد عابد ، هئنڊز جو چيف ايگزيڪيوٽو ڊاڪٽر شيخ تنوير احمد جن هئا.
پروگرام جي باقائده شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ٿي جيڪا روشن تارا اسڪول جي ٻارڙن پيش ڪئي. انکانپوء شاه جا بيت ، ڀليڪار ٽيبلوز به پيش ڪيا ويا. مهمانن کي گلدستا پيش ڪرڻ کانپوء سچل ڳوٺ ڊولپمينٽ ڪميٽيء جي چيئرمين غلام رسول ٻٻر مهمانن کي ڀليڪار ڪئي. تنهن کانپوء سِگا سچل ڳوٺ جي جنرل سيڪريٽري ڪرم الاهي چنه رليف ڪئمپن ۾ سِگا پاران ڪيل خدمتن جي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي.
پروگرام دوران مختلف ڊونرس ۽ سهڪاري امدادي ڪارڪنن کي مڃتا شيلڊس ڏنيون ويون جيڪي مختلف مهمانن جي مبارڪ هٿن سان ڏنيون ويون. مڃتا ايورڊ وٺڻ وارن شخصيتن جي لسٽ هيٺ ڏجي ٿي :
ايوارڊ حاصل ڪندڙن جو تعارف
سنڌ ۾ آيل مها ٻوڏ متاثرين جي سهائتا لاءِ سگا سچل ڳوٺ شاخ جي خدمتن ۾ ڪجهه مخير شخصيتن مالي مدد ڪئي، ڪن مختلف قسم جو سامان ڏنو، ته ڪن وري پنهنجو بي بها وقت ڏنو. انهن سڀني جي سهڪار کان سواءِ اسان لاءِ هي ڪيمپون هلائڻ ناممڪن هيو.
زنده قومون ۽ سڄاڻ معاشرا پنهنجي محسنن ۽ بي لوث خدمتگارن جا هميشه قدردان رهيا آهن. ڇو نه اسان به مهذب معاشرن جي روايت کي برقرار رکندي، سگا سچل شاخ جو مانُ وڌائيندڙ ڪجهه شخصين کي تعريفي شيلڊون ڏئي سندن خدمتن کي ساراهيون. سگا شاخ طرفان سندن اها مڃتا يقينن ٻيهر کين اسان طرف موڙيندي.
امدادي ڪيمپن جي هن مانڊاڻ کي مچائڻ لاءِ تمام گهڻن همدردن جو ساٿ رهيو ، پر ڪجهه شخصيتن جو خاص ذڪر ڪرڻ تمام ضروري آهي، جن جي ڪري اسان هن اهم ۽ يادگار ڪم کي احسن طريقي سان نڀائي سگهياسين:
1. ٻوڏ متاثرين لاءِ امدادي سرگرمين ۾ تمام گهڻو تعريف جو ڳو ۽ گهڻ رخو ڪردار سگا جي سينيئر ساٿي ۽ سچل ڳوٺ جي بااثر شخصيت جناب تاج محمد وساڻ جو رهيو. يقينن سندس سهڪار کان سواءِ هي ڪيمپون بهتر نموني هلائڻ مشڪل هيو.
2. سگا جو سينيئر ساٿي جناب گاجان خان بلوچ، جنهن جي معرفت سڀ کان پهرين سگا کي کنڊ، چانور ۽ گيهه جي وڏي کيپ ملي.
3. روڪ رقم ۽ سامان ڏيارڻ ۾ سگا شاخ جي نوجوان ساٿي ۽ سنڌ سلامت جي مينيجنگ ايڊيٽر جناب محمد سليمان وساڻ تمام گهڻو سهڪار ڪيو،. هنن نه فقط پاڻ پر مختلف ڊونرس کان ، سوئي سدرن گيس جي وومين ايسوسيئيشن ، سوئي سدرن گيس جي آفيسرس ايسوئيشن ، سوئي سدرن گيس جي آء ٽي ۽، بلنگ ۽ ميڊيڪل ڊپارٽمينٽ کان به سهڪار ورتو. سندس قدر ڪرڻ تمام ضروري آهي.
4. سانئڻ ڊاڪٽر شيرين ناريجو جن جو گهربل ضرورت مطابق سامان ۽ اناج پهچايو
5. ۽ سندن ور جناب ڊاڪٽر مصطفيٰ سهاڳ اسان کي ڪارائتو سامان ڏيڻ ۾ تمام گهڻي مدد ڪئي.
6. پروفيسر شفقت الله کوسو جي معرفت گورنمينٽ جناح ڪاليج ناظم آباد جي استادن، سگا کي قيمتي سامان ڏنو ۽ ويهه هزار روڪ به ڏنا.
7. سگا گلشن حديد شاخ جي جنرل سيڪريٽري جناب خادم حسين ڪانڌڙو جي معرفت نه صرف اسان کي کاڌي پيتي جو سامان ۽ روڪ رقم ڏني پر کوڙ ساريون دوائون به ڏنيون جن سان ميڊيڪل ڪيمپ قائم ڪري سگهياسين ۽ اڃان به دوائون پيون آهن جن کي بعد ۾ استعمال ڪيو ويندو.
8. سگا يوٿ ميمبر مهراڻ خان چنا جي ڪم کي ساراهڻ گهرجي جنهن ڪيمپ جي پهرين ڏينهن کان وٺي آخري گهڙيءَ تائين مسلسل بنا ناغي جي ڪم ڪيو. روشن تارا اسڪول واري ڪيمپ ۾ سامان جي ورهاست، رڪارڊ رکڻ ۽ خريداري وغيره ڪرڻ ۾ ان جي مدد کان سواءِ مون لاءِ ڏاڍو ڏکيو هيو.
9. روشن تارا اسڪول جي شاگرد عبداللطيف چنا جي معصوم خدمتن کي ساراهڻ گهرجي هي ٻار ڪيمپ جي پهرين ڏينهن کان وٺي آخري گهڙيءَ تائين مسلسل بنا ناغي جي ڪم ڪيو. روشن تارا اسڪول واري ڪيمپ ۾ سامان جي ورهاست ۽ خريداري وغيره ڪرڻ ۾ انهن ٻنهي جي ساٿ کان سواءِ مون لاءِ ممڪن نه هيو.
10. عوامي جمهوري پارٽي جي جناب حريف چانڊيو جي سهڪار کي به مڃتا ڏيڻ گهرجي. سندس سهڪار سان اسان کي ڊاڪٽر شيرين ناريجو ۽ ڊاڪٽر مصطفي سهاڳ جهڙا سخي مليا ۽ ڪجهه ٻين همدردن کان به سامان توڙي رقم ڏيارڻ ۾ سهڪار ڪيو ۽ ٻوڏ متاثرين کي سامان جي ورهاست ۾ پڻ مدد ڪئي.
11. سگا ساٿي جناب سراج احمد ڀٽو جي سهڪار ڪري اسان ٻوڏ متاثرين کي علاج معالجي جون سهولتون احسن طريقي سان مهيا ڪري سگهياسين. ان کي به مڃتا ملڻ گهرجي.
12. شاخ جي سگا خواتين ميمبرز ، ٻوڏ متاثرين ٻارن توڙي عورتن جي ديني توڙي دنياوي تربيت ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. سگا سچل ڳوٺ شاخ سگا جي اها واحد شاخ آهي جنهن اهڙي سکيا جو بندوبست ڪيو. سگا خواتين ميمبرز نه صرف تربيت وارو پروگرام هلايو پر عيد جي موقعي تي ٻين ڇوڪرين ۽ خواتين کي ساڻ ڪري ٻوڏ متاثر عورتن ۽ ٻارڙين کي چوڙيون پارايون، ميندي لڳائي ۽ ٻيا عيد گفٽ ڏنا. سندن گروپ ليڊر طاهر هارون ڀٽو کي ايوارڊ پيش ڪجي ٿو.
13. سرڪاري عمدار ڊي ڊي او روينيو جناب محمد خان رند سرڪاري طور ٻوڏ متاثرين جي سار سنڀال، کاڌي پيتي ، علاج معالجي، رجسٽريشن ۽ باعزت طريقي سان سندن واپسيءَ واري ڪم ۾ تمام گهڻو سهڪار ڪيو.
14. مختيار ڪار جناب مهر علي چاچڙ
15. اسسٽنٽ مختيارڪارجناب محمد اقبال جو سهڪاري ڪردار به ساراهه جوڳو رهيو.
16. عوامي آواز اخبار جي شاهه محمد چنا جي سهڪار کي به ساراهڻ گهرجي جنهن لاڳيتو ٽن ڏينهن تائين عوامي آواز اخبار ۾ ۽ سندس زير اثر ٻين سنڌي توڙي اردو اخبارن ۾ پهرين صفحي تي نمايان طور سگا سچل ڳوٺ شاخ جي خدمتن بابت اشتهار ڇاپيو ۽ شاخ جي مدد لاءِ اپيل ڪئي. سندس ان ڪاوش سان اسان کي سچل کان ٻاهر ڪافي شهرت ملي.
17. سگا ساٿي ۽ سچل ڳوٺ ڊولپمينٽ ڪاميٽي جي وائيس چيئرمين جناب حاجي علي حسن سومري، پرائمري اسڪول سچل ڳوٺ جي ڪيمپ ۾ ترسيل ٻوڏ متاثرين جي تمام گهڻي خدمت ڪئي. سندن کاڌي پيتي، علاج معالجي ۽ واپسيءَ جو به جوڳو بندوبست ڪيو. ان کان علاوه سومري صاحب سگا جي ٻين خدمتن ۾ پڻ سهڪار ڪيو.
18. سگا سچل شاخ جي نائب صدر جناب سيد منظور احمد شاهه پڻ سگا جي سينيئر ساٿي جناب غلام سرور ڀٽو ۽ سيتا ننگر ريزيڊنس ويلفيئر ايسوسئيشن جي ساٿين سان گڏجي سيتا ننگر ڳوٺ ۾ ٻوڏ متاثرين جي تمام گهڻي خدمت ڪئي. ان ڪيمپ ۾ سگا شاخ جي ٻين ساٿين جو پڻ کيس ڀرپور تعاون حاصل رهيو.
19. جنا ب عبدالرئوف بلوچ سيتا ننگر ڪيمپ
20. جناب محمد سلطان سولنگي سيتا ننگر ڪيمپ
21. ڳوٺ جي سماجي ورڪر ۽ پيپلز پارٽيءَ جي جنرل سيڪريٽري جناب محمد ابراهيم ڀٽي، ڪيمپن ۾ رهندڙ ٻوڏ متاثرين جي تمام گهڻي خدمت ڪئي . ان کان علاوه پاڻ سگا جي ڪمن ۾ به گهڻو سهڪاري رهيو.
22. مها ٻوڏ جي متاثرين جي سچل ڳوٺ ۾ مدد، نه صرف سنڌ گريجوئيٽس ايسوسئيشن ۽ مختلف سماجي تنظيمن ۽ سياسي جماعتن ڪئي پر سچل ڳوٺ جي عام ماڻهن جو به انفرادي طور بي مثال ڪردار رهيو، سچل ڳوٺ جي رهواسين کي مڃتا ڏيندي سچل ڳوٺ جي نمائنده تنظيم ” سچل ڳوٺ ڊولپمينٽ ڪاميٽي“ کي به يادگار شيلڊ ڏجي ٿي.
روشن تارا اسڪول سچل ڳوٺ جي چيئرمين تاج محمد وساڻ آيل مهمانن جا ٿورا مڃيندي روشن تارا اسڪول جي خدمتن جي تفصيلي ڄاڻ ڏني ۽ مهمانن کي اپيل ڪئي ته اسڪول لاء 800 گزن تي مشتمل پلاٽ لاء ٺهندڙ بلڊنگ لاء مدد ڪئي وڃي. ڊاڪٽر شيرين ناريجو صاحبه پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ڪنهن به ورڪر يا ڊونر پنهنجي ڀائرن جي مدد ان ڪري ڪئي هئي جو هو اسان جا پنهنجا هئا ۽ اهو انسانيت جي ناتي اسان سڀني جو فرض هو. ڊاڪٽر شيخ تنوير احمد چيو ته اهو ڪم جيڪو 7 آگسٽ ڇان شروع ڪيو ويو هو اهو اڃان ختم ناهي ٿيو. سخت سرديء سبب اڄ به ٻوڏ ستايلن جا ٻاررا ڪئمپن ۾ مري رهيا آهن . هن چيو ته اسان کي ماڻهن جي مڪمل آبادڪريء تائين اسان کي سندن ساٿ ڏيڻ کپي. سابق صوبائي وزير ۽ پ پ پ جي اڳواڻ عبدالحڪيم بلوچ سِگا ۽ سچل ڳوٺ ، ماروئڙا ڳوٺ ، ايوب ڳوٺ ۽ سيتا نگر جي ماڻهن کي سلام پيش ڪندي چيو ته سندن هن ڏکئي وقت ۾ ڪيل ڪم تعريف کان بالاتر آهي.
خاص مهمان قاضي اسد عابد سِگا جي ڪيل ڪوششن تي کين سلام پيش ڪندي سموري سنڌ واسين کي اپيل ڪئي ته تعليم ۽ صحت طرف خاص ڌيان ڏنو وڃي ته جيئن اسان ترقيء جي ميدان ۾ مقابلو ڪري سگهون. قاضي صاحب سگا کي يقين ڏياريو ته هو بغير ڪنهن لالچ جي تعليم لاء پنهنجون ۽ عبرت گروپ جون خدمتون سگا لاء پيش ڪندو. عبرت پاران تعليمي هفتي ملهائڻ ۽ ان جي ڪاميابيء تي به هن سنڌي عوام جا ٿورا مڃيا. پنهنجي صدارتي تقرير ۾ ڊاڪٽر سليمان شيخ انهن سڀني ماڻهن جا ٿورا مڃيا جن ڏکين گهڙين ۾ پنهنجي سانگيئڙن جو ساٿ ڏنو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪم اڃان پورو ناهي ٿيو اسان کي پنهنجي ماڻهن جي ٻيهر آبادڪاريء واري ڪم ڏانهن خاص ڏيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. پاڻ چيائون ته سگا تعليم جي مد ۾ جيڪي ڪوششون ورتيو آهن ان جو ثبوت روشن تارا اسڪولن جو اهي شاخون آهن جيڪي جاگيرداريء جي اثر هيٺ رهندڙ علائقن ۾ به بهترين ڪم ڪري رهيون آهن. ڊاڪٽر صاحب چيو ته دوست اسان جو ساٿ ڏين ته اسان روشن تارا اسڪول فائونڊيشن جو قيام عمل ۾ آڻيون جنهن جو ڪم صرف ۽ صرف تعليم لاء هجي.

پيش آهن تقريب جون تصويرون :