• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت جي سهڪار سان سِگا سچل ڳوٺ طرفان مڃتا اوارڊ تقريب

جواب: سنڌ سلامت جي سهڪار سان سِگا سچل ڳوٺ طرفان مڃتا اوارڊ تقريب

سڄي سنگت جا شڪر گذار جن هي رپورٽ پڙهي پنهنجا رايا ڏنا۔ سنڌ سلامت هاڻي سچل ڳوٺ ۾ گهڻي مقبوليت ماڻي آهي۔ سگا سان گڏ انهن سڀني سڄڻن کي سلام جن مروئڙن جي ٻوڏ دوران واهر ڪئي،

سچل جون گهٽيون سنڌي سڄڻن سان ڀريل آهن۔

سائين اوهان جي به مهرباني

اوهان سڄي پروگرام دوران منهنجو پورو پورو ساٿ ڏنو۔
 
جواب: سنڌ سلامت جي سهڪار سان سِگا سچل ڳوٺ طرفان مڃتا اوارڊ تقريب

ادا سليمان صاحب سٺو ونڊ آهي۔ پر پهريان اسان کي به جيڪڏهن خبر هجي ها ته بنا پڇي ٺڪا اچين ڪيون ها۔
 
ادا مهرباني

ادا هن دفعي معافي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ باقي آئينده سموري سنگت کي دعوت عام ڏبي ۽ سنڌ سلامت تي ٿريڊ ٺاهي ڏبي۔
 
جواب: سنڌ سلامت جي سهڪار سان سِگا سچل ڳوٺ طرفان مڃتا اوارڊ تقريب

اهو بلڪل به سچ آهي ته سچل ڳوٺ ۾ داخل ٿيندي ئي پنهنجائپ جو احساس شروع ٿي ويندو آهي۔۔ پنهنجا ماڻهون ۽ پنهنجيون ڳالهيون۔۔۔ ڪراچي شهر وارو ڊپ ته لڳندو ئي نه آهي۔۔ سلجهيل ۽ پڙهيل لکيل ماڻهون جيڪي پنهنجي سنڌي ثقافت کي چاهيندي خوب سجايون ويٺا آهن۔۔۔
مان ته جڏهن به ويو آهي واپسي ته دل نه چوندي آهي۔۔ ان ماڳ تي سنڌ سلامت پنهنجي سهڪار سان پنهنجي ثقافتي ميڙاڪو ڪيئن نه لڳرائي۔۔۔ وري جو اسان جا سنڌي سوڀر جوان جيڪي وڌي وڌي پنهنجي سنڌين جي ڏکي مرحلي مدد ڪن ته انهن کي ڇو نه شاباش ڏجي۔۔
مون خود ادا سليمان وساڻ ۽ سندن سگا وارن دوستن کي ٻوڏ جي ڏتڙيل ماڻهن لاءِ درد رکندي ڪم ڪندي ڏٺو۔۔ امداد هجي يا راشن ۔۔ انهن ڏتڙيل ماڻهن لاءِ ڪيمپن ۾ رهائيش کاڌي پيتي جي بندوبست کان وٺي ۔۔ نادرا ٽيم کي راضي ڪري وطن ڪارڊ لاءِ ڪيمپس لڳرائڻ ۔۔ مختلف طبقي جي ماڻهن کي سهائتا لاءِ راضي ڪرڻ اهي ڪم ڏکيا هجڻ سان گڏو گڏ وقت ۽ محنت گهرن ٿا۔۔۔ جن به اهڙا جتن ڪيا اهي ان شاباش لائق هيا ان ڪري انهن لاءِ سنڌ سلامت سگا سان سهڪار ڪندي اهو ميڙاڪو مچايو۔۔۔
مون کي ان ميڙاڪي ۾ شامل نه ٿيڻ جو افسوس ته آهي پر خوشي ان ڳالهه جي به آهي ته اتي سنڌ سلامت جي انتظاميا ۽ رڪن فعال آهن ۔۔ ۽ سنڌين کي سجاڳي ڏيارڻ ۾ رڌل آهن۔۔۔ ادا سليمان، مرتضى ۽ ادا نويد جس لهڻن جن اهڙو ميڙاڪو سجائي پاڻ ملهايو۔۔ منهنجي طرفان پڻ کين کين لک واڌايون ۽ شاباشون۔۔۔
 
ادا سليمان تمام بهترين ڪم۔۔۔مان اوهان جو ونڊ ڪيل سڀ تصويرون ڏٺيون تمام بهترين ڪم۔اوهانجي محنت کي اسان جو اٿهي بيهي ٻنهي اٿن سان سلام سنڌسلامت جي حوالي سان هر ننڍي وڏي شهر ۾ پروگرام ۽ بينرن لڳائڻ گهرجن۔
سنڌسلامت تي تقريبن هر ڪنڊ ۾ رهندڙ سنڌي هتي موجود آهن۔۔انهن کي گهرجي ته هو پنهنجي پنهنجي علائقي ۾ سنڌسلامت جا بينر سينڱاري هڻڻ جيئن سنڌسلامت جي خبر هر ننڍي توڙي وڏي کي خبر پئي۔۔۔مان پڻ جڏهن ڳوٺ ويس ته هتان بينر ڪجھ ٺاهي کڻي ويندس۔۔انشاالله
ادا سليمان مولا وڏي حياتي ڏي اوهانکي۔۔۔وري به اوهان کي اٿهي بيهي ٻنهي اٿن سان سلام
 
ادا رشيد اوهان جا لک لائق

سچل ڳوٺ هميشه سنڌي ماڻهن لاء هڪ مضبوط قلعي وارو رول ادا ڪيو آهي۔ اڄ به مان نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ پاران گل حسن ڪلمتيء جي ڪتاب ” عشق جون ڳليون “ جي مهورتي تقريب جيڪا ارينا ڪلب ڪراچيء ۾ ٿي اتي سچل ڳوٺ جي دوستن جي تمام جهجهي تعداد ۾ هئڻ ڪري پنڊال ڀرجي ويو۔

هميشه ڪراچيء ۾ ٿيندڙ سنڌي پروگرامن ۾ سچل ڳوٺ جا ماڻهو گهڻي تعداد ۾ حصو وٺي ان کي ڪامياب ڪندا آهن۔ ٻوڏ متاثرين جي وڏي تعداد سچل ڳوٺ جو رخ ڪيو هو ۽ ان قسم جا انتظام ڪرڻ به ڪي سولا ڪونه هئا پر سلام انهن دوستن کي ، انهن همدردن کي جن هن درد کي پنهنجو سمجهي جيڪو به نيڪ ڪم ڪيو اسان جو ان کي سلام آهي۔

سنڌ سلامت جو ميلو مچائڻ ۾ اوهان دوستن جو جيڪو مثبت ڪردار رهيو آهي ان لاء اوهان دوستن کي سلام باقي اسان ته مڙئي ٽيڪ تي پيا هلون۔ سگا جي مثبت ڪردار کان سڀ واقف آهن ۽ اسان اميد پيا ڪيون ته هو سدائين سنڌين جي مدد ۾ اڳڀرا رهندا۔

سچ پڇو ته دوست اوهان کي هن پروگرام م ڏاڍو ياد ڪندا رهيا۔ اوهان جا لک ٿورا جو نيٽ سهولت نه هوندي به اوهان سهڻن لفظن سان ياد ڪيو۔​
 
جواب: سنڌ سلامت جي سهڪار سان سِگا سچل ڳوٺ طرفان مڃتا اوارڊ تقريب

ادا سليمان تمام بهترين ڪم۔۔۔مان اوهان جو ونڊ ڪيل سڀ تصويرون ڏٺيون تمام بهترين ڪم۔اوهانجي محنت کي اسان جو اٿهي بيهي ٻنهي اٿن سان سلام سنڌسلامت جي حوالي سان هر ننڍي وڏي شهر ۾ پروگرام ۽ بينرن لڳائڻ گهرجن۔
سنڌسلامت تي تقريبن هر ڪنڊ ۾ رهندڙ سنڌي هتي موجود آهن۔۔انهن کي گهرجي ته هو پنهنجي پنهنجي علائقي ۾ سنڌسلامت جا بينر سينڱاري هڻڻ جيئن سنڌسلامت جي خبر هر ننڍي توڙي وڏي کي خبر پئي۔۔۔مان پڻ جڏهن ڳوٺ ويس ته هتان بينر ڪجھ ٺاهي کڻي ويندس۔۔انشاالله
ادا سليمان مولا وڏي حياتي ڏي اوهانکي۔۔۔وري به اوهان کي اٿهي بيهي ٻنهي اٿن سان سلام

ادا عاشق همت افزائيء لاء مهرباني

يقينن اوهان به سنڌ سلامت لاء ائين ئي ڪري سگهو ٿا جيئن گهڻي کان گهڻا سنڌي انٽرنيٽ جي هن اوطاق جا مهمان ٿين
 
Back
Top