ڪٿي هيء اسان جي ملڪ جي ڪهاڻي ته ناهي ...........

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏21 جنوري 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [justify]هڪڙو هو بادشاه ، ان جي وقت ۾ ملڪ تمام گهڻو سکيو ستابو هو ۽ بادشاه به عدل۽ انصاف وارو هو. ماڻهو خوب محنت ڪندا هئا. شهر کان ٻاهر ڪم تي وڃڻ لاء کين ٻيڙيء ذريعي وڃڻو پوندو هو يا وري گهڻو پري کان وڪڙ ڪري ويندا هئا. پوء بادشاه ماڻهن جي سهولت لاء ڳوٺ ٻاهران هڪ پل ٺهرائي ڇڏي جتان ماڻهو هاڻي سولائي سان ۽ تڪڙو ايندا ويندا هئا ۽ بادشاه مان گهڻو خوش ٿيا.

    ڪجه وقت کانپوء بادشاه جي خزاني ۾ کوٽ ٿي پئي ۽ پنهنجي وزير سان صلاح مشورو ڪيائين ته کوٽ کي ڪيئن پورو ڪجي. وزير بادشاه کي صلاح ڏني ته پل تان گذرندڙ هر ايندڙ ويندڙ کان هڪ رپيو ٽيڪس وصول ڪجي. بادشاه کي اها ڳاله نه وڻي ۽ وزير کي چيائين ته ائين ڪرڻ سان ماڻهو ناخوش ٿيندا ۽ گهڻو شور مچائيندا. وزير چيو ته اها منهنجي ذميواري آهي ۽ پوء شاهي پڙهو گهمرائي هر ايندڙ ويندڙ کان هڪ رپيو ٽيڪس وصول ڪندا رهيا ۽ ماڻهن ڪوبه شور ڪونه ڪيو. بادشاه حيران ٿيو ته ماڻهو ڇو احتجاج نه ٿا ڪن ؟

    ڪجه وقت کانپوء اها ٽيڪس ٻيڻي ڪئي وئي ۽ بادشاه سوچيو ته هاڻي ماڻهو ضرور شور ڪندا ۽ احتجاج ڪندا پر ايئن ڪونه ٿيو وڌندي وڌندي اها ٽيڪس ڏهوڻ تائين پهچي وئي پر ماڻهن ڪوبه شور يا احتجاج ڪونه ڪيو. بادشاه حيران هيو ۽ حڪم ڪيائين ته پل جي ٻنهي پاسي هڪ هڪ سپاهي بيهاريو وڃي جيڪي 10 رپيا ٽيڪس سان گڏ ٻه پادر به هڻڻ شروع ڪيا. ٻئي ڏينهن ماڻهو بادشاه جي درٻار ۾ ڪٺا ٿيا ۽ شور ڪيائون . هاڻي بادشاه وزير کي گهرائي چيو ته ماڻهو ته احتجاج پياڪن ۽ اوهان جي ڳاله غلط ثابت ٿي ته ماڻهو ڪونه ڪڇندا. پر وزير بادشاه کي چيو ته اوهان انهن کي گهرائي انهن جي ڳاله ته ٻڌو.

    بادشاه ماڻهن کي گهرائي انهن کان پڇيو ته اوهان ڇو ٿا احتجاج ڪيو ته ماڻهن عرض ڪيو ته بادشاه سلامت اوهان پل ٺهرائي اسان تي وڏو احسان ڪيو ، وري اوهان هڪ رپيو ٽيڪس هنيو جيڪو به اسان ڏنو ، وري اوهان ٽيڪس ٻيڻو ڪيو اهو به اسان خوشي خوشي ڏيندا رهياسون اوهان ٽيڪس ڏهوڻو ڪيو ته به اسان ڏيندا رهياسون. پر هاڻي اوهان 10 رپيه ٽيڪس سان گڏ سپاهين هٿان ٻه ٻه پادر به پيا هڻايو اهو به اسان کي منظور آهي . پر مهرباني ڪري اسان تي هڪ ٿورو ڪريو جو سپاهين جو تعداد وڌايو جيئن اسان کي جلدي جلدي پادر هڻن ڇو ته رش هئڻ ڪري اسان جو گهڻو وقت پيو برباد ٿي. بادشاه ماڻهن جي اها شڪايت ٻڌي پنهنجي مٿي کي پڪڙي سوچ ۾ پئجي ويو .........

    هيء ڪهاڻي پڙهي مونکي شدت سان احساس ٿيو ته هي ته ان قوم جو قصو آهي جنهن ۾ ايڪو ۽ ٻڌي نه هجي ۽ اها قوم پنهنجي تباهيء جي پاڻ ذميوار هجي ........... مان سوچيان پيو ............. ڪٿي هيء اسان جي ملڪ جي ڪهاڻي ته ناهي .............
    [/justify]
     
  2. نويد احمد ڪلوڙ

    نويد احمد ڪلوڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    468
    ورتل پسنديدگيون:
    206
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    ڪنٽري مينيجر، سماجي ورڪر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي سنڌ
    جواب: ڪٿي هيء اسان جي ملڪ جي ڪهاڻي ته ناهي ...........

    هيء ڪهاڻي پڙهي مونکي شدت سان احساس ٿيو ته هي ته ان قوم جو قصو آهي جنهن ۾ ايڪو ۽ ٻڌي نه هجي ۽ اها قوم پنهنجي تباهيء جي پاڻ ذميوار هجي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    ادا ڳالهه ته بلڪل ٺيڪ ٿا ڪيو اسان جي قوم به ان موضي مرض جو شڪار آهي۔
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڪٿي هيء اسان جي ملڪ جي ڪهاڻي ته ناهي ...........

    ادا وساڻ، بي شڪ هي اسانجي ئي ديس جي ڪهاڻي آهي، هي پياري ملڪ جي ڪهاڻي آهي، اسين سڀ گڏجي سڏجي هن ملڪ جا افعال پنهنجي اکين سان ويٺا ڏسون پوءِ به ڪجهه اسانجا ئي سڄڻ دوست پنهنجن مٿن جي بجاءِ اکين تي ڪارا ۽ ساوا پٽڪا ٻڌي آزاديءَ جا جشن ملهائي رهيا آهن ۔۔۔

    رب اسانجي دوستن کي عقل سليم عطا ڪري ۔۔۔ آمين
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ڪٿي هيء اسان جي ملڪ جي ڪهاڻي ته ناهي ...........


    وڏي ڳالهه ٿئي وئي يار پادر هڻڻ لا۽ وري ٻيا به پيا سپاهي گهرن

    آهي ته ڪهاڻي پنهنجي

    سدائين گڏ
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڪٿي هيء اسان جي ملڪ جي ڪهاڻي ته ناهي ...........

    يار فقير جي هيڏي هوڏي نهاريندين ته اها ڳاله ضرور نظر ايندي

    مونکي ته پڪ سان اها اسان جي ئي ڪهاڻي ٿي لڳي۔
     
  6. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: ڪٿي هيء اسان جي ملڪ جي ڪهاڻي ته ناهي ...........

    ادا بلڪل سچ پيو چوين اهڙو هشر اسان سانئي آهي
    هر روز ڪي نون ٽيڪس، لڳايون ويٺا آهن
    اسان پاڻ ۾ ڍنڍورو پٽي ء چپ ٿي ٿا وڃون
    پوء اسان سان ائين ٿيڻ گهرجي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    ڪا ٻڌي ڪو ايڪو ڪا مشترڪه جدوجهد
    جي لاء ڪابه ڪوشش ڪون ٿا ڪريون

    اسان سان ائين ٿيڻ گهرجي
    اهو وقت پري نه آهي جو ان کان به برو هشر ٿيندو

    الله رحم ڪري۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڪٿي هيء اسان جي ملڪ جي ڪهاڻي ته ناهي ...........

    بس يار عرس اسان ته دعا ئي ڪري سگهون ٿا۔ باقي ڳاله ته پڌري پٽ پئي آهي۔
     
  8. ممتاز علي بجير

    ممتاز علي بجير
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 فيبروري 2010
    تحريرون:
    253
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: ڪٿي هيء اسان جي ملڪ جي ڪهاڻي ته ناهي ...........

    ادا وساڻ اوها ونڊ سوچي سمجهي ڪئي آهي انهي ۾ ڪوبه شق ناهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو