هڪڙو هو بادشاه ، ان جي وقت ۾ ملڪ تمام گهڻو سکيو ستابو هو ۽ بادشاه به عدل۽ انصاف وارو هو. ماڻهو خوب محنت ڪندا هئا. شهر کان ٻاهر ڪم تي وڃڻ لاء کين ٻيڙيء ذريعي وڃڻو پوندو هو يا وري گهڻو پري کان وڪڙ ڪري ويندا هئا. پوء بادشاه ماڻهن جي سهولت لاء ڳوٺ ٻاهران هڪ پل ٺهرائي ڇڏي جتان ماڻهو هاڻي سولائي سان ۽ تڪڙو ايندا ويندا هئا ۽ بادشاه مان گهڻو خوش ٿيا.
ڪجه وقت کانپوء بادشاه جي خزاني ۾ کوٽ ٿي پئي ۽ پنهنجي وزير سان صلاح مشورو ڪيائين ته کوٽ کي ڪيئن پورو ڪجي. وزير بادشاه کي صلاح ڏني ته پل تان گذرندڙ هر ايندڙ ويندڙ کان هڪ رپيو ٽيڪس وصول ڪجي. بادشاه کي اها ڳاله نه وڻي ۽ وزير کي چيائين ته ائين ڪرڻ سان ماڻهو ناخوش ٿيندا ۽ گهڻو شور مچائيندا. وزير چيو ته اها منهنجي ذميواري آهي ۽ پوء شاهي پڙهو گهمرائي هر ايندڙ ويندڙ کان هڪ رپيو ٽيڪس وصول ڪندا رهيا ۽ ماڻهن ڪوبه شور ڪونه ڪيو. بادشاه حيران ٿيو ته ماڻهو ڇو احتجاج نه ٿا ڪن ؟
ڪجه وقت کانپوء اها ٽيڪس ٻيڻي ڪئي وئي ۽ بادشاه سوچيو ته هاڻي ماڻهو ضرور شور ڪندا ۽ احتجاج ڪندا پر ايئن ڪونه ٿيو وڌندي وڌندي اها ٽيڪس ڏهوڻ تائين پهچي وئي پر ماڻهن ڪوبه شور يا احتجاج ڪونه ڪيو. بادشاه حيران هيو ۽ حڪم ڪيائين ته پل جي ٻنهي پاسي هڪ هڪ سپاهي بيهاريو وڃي جيڪي 10 رپيا ٽيڪس سان گڏ ٻه پادر به هڻڻ شروع ڪيا. ٻئي ڏينهن ماڻهو بادشاه جي درٻار ۾ ڪٺا ٿيا ۽ شور ڪيائون . هاڻي بادشاه وزير کي گهرائي چيو ته ماڻهو ته احتجاج پياڪن ۽ اوهان جي ڳاله غلط ثابت ٿي ته ماڻهو ڪونه ڪڇندا. پر وزير بادشاه کي چيو ته اوهان انهن کي گهرائي انهن جي ڳاله ته ٻڌو.
بادشاه ماڻهن کي گهرائي انهن کان پڇيو ته اوهان ڇو ٿا احتجاج ڪيو ته ماڻهن عرض ڪيو ته بادشاه سلامت اوهان پل ٺهرائي اسان تي وڏو احسان ڪيو ، وري اوهان هڪ رپيو ٽيڪس هنيو جيڪو به اسان ڏنو ، وري اوهان ٽيڪس ٻيڻو ڪيو اهو به اسان خوشي خوشي ڏيندا رهياسون اوهان ٽيڪس ڏهوڻو ڪيو ته به اسان ڏيندا رهياسون. پر هاڻي اوهان 10 رپيه ٽيڪس سان گڏ سپاهين هٿان ٻه ٻه پادر به پيا هڻايو اهو به اسان کي منظور آهي . پر مهرباني ڪري اسان تي هڪ ٿورو ڪريو جو سپاهين جو تعداد وڌايو جيئن اسان کي جلدي جلدي پادر هڻن ڇو ته رش هئڻ ڪري اسان جو گهڻو وقت پيو برباد ٿي. بادشاه ماڻهن جي اها شڪايت ٻڌي پنهنجي مٿي کي پڪڙي سوچ ۾ پئجي ويو .........
هيء ڪهاڻي پڙهي مونکي شدت سان احساس ٿيو ته هي ته ان قوم جو قصو آهي جنهن ۾ ايڪو ۽ ٻڌي نه هجي ۽ اها قوم پنهنجي تباهيء جي پاڻ ذميوار هجي ........... مان سوچيان پيو ............. ڪٿي هيء اسان جي ملڪ جي ڪهاڻي ته ناهي .............